هندستان جي ڪجهہ يادگار جوهرن بابت ڄاڻ
اڪثر حالتن ۾ سموري گهرو عورتن کي باھہ جي مچ ۾ ساڙي ڀسم ڪيو ٿي ويو تہ جيئن هو فاتح جي قبضي ۾ اچڻ کان اڳي ئي وڃي پرلوڪ پڌارجن. هن رواج کي “جوهر” سڏيو ٿي ويو. جلال الدين اڪبر هڪ ڀيري هڪ هندوعورت کي مڙس سان گڏ چکيا تي چڙهڻ کان روڪڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پر تڏهن بہ عورت ٻرندڙ مچ ۾ پاڻ اڇلائي پنھنجو انت آندو. هڪ ٻي عورت جنھن کي جنھن ستي ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ صلاح مشورا ڏنا ٿي ويا تہ هن پنھنجي آڱر کي باھہ جي ڄڀيءَ ۾ ساڙي کين ثابت ڪري ڏيکاريو تہ آگ انھن تي ڪو اثر ڪونہ ٿي ڪيو. جن جو مڙسن گڏ سڙي مرڻ لاءِ ارادو اٽل هيو. وجئه ننگر ۾ تہ راجائن جي مرڻ تي سندس پَٽَ راڻيءَ بجاءِ مڙني زالن درجنن جي حساب سان گڏجي پاڻ ٿي جلايو. ستي ٿيڻ يا ڏاگهہ چڙهڻ لاءِ شھر يا ڳوٺ ٻاهران خاص قسم جا مڪان ٺھيل هئا، جن کي ستين جو آستان يا ستين جو ٿاڪ سڏيو ٿي ويو، هي آستان اڪثر ڪري تلاءَ واھہ يا دريا جي ڪناري اڏيا ويندا هئا. ستين جي يادگار طور ستين جي آستان لڳ پٿر کڙا ڪيا ويندا هئا، جن کي “ستين جا پٿر” يا “سردان” سڏيو ويندو هو. هنن پٿرن تي عورتن جي ميندي رتل هٿن جا نشان اڪريل هوندا آهن ۽ ٻئي هٿ ٻانھن سميت اُڀا کڙا ڪيل ڏٺا ويندا آهن. پٿرن تي سندن پتيءَ جو ۽ پنھنجو نالو نقش ٿي ڪيو ويو.
پھريون جوهر چتور ڳڙھہ
تاريخ ٻڌائي ٿي تہ چتور ڳڙھہ ۾ 3 وڏا جوهر ٿيا. راڻي پدمڻي جي وقت م جيڪو پھريون جوهر ٿيو، اهو تمام مشھور ٿيو ۽ هن بابت “فلم پدماوتي نالي بہ ٺاهي ويئي آهي جنھن فلمي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي. راڻي پدمني راجا رتن سنگهہ والي چتور جي ٻي گهر واريءَ جو نالو آهي جيڪا تمام حسين ۽ جميل هئي. علاءُ الدين خلجي “دهليءَ جو والي” هيو جنھن جي دل چاهيو تہ بدمني کي هٿ ڪيو وڃي. راجا رتن سنگهہ جي پھرين راڻي جو نالو ناگ متي هو. 1303 _ 28 جنوري تي علاءُ الدين خلجي وڏي لشڪر سان چتور تي چڙهائي ڪري آيو ۽ راجپوتن کي چيو تہ شڪست تسليم ڪيو ۽ راڻي پدمڻي منھنجي حوالي ڪيو.
راجا رتن سنگهہ شڪست قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنھن تي علاءُ الدين خلجي چتور جي قلعي تي چوڌاري گهيرو ڪيو ۽ پنھنجي فوج کي حڪم ڏنو تہ منجنيقن ذريعي قلعي کي ٽوڙيو وڃي.
راجپوتن اندران قلعي جا دروازا بند ڪري ويھي رهيا. 8 مھينا قلعي تي خلجيءَ جو محاصرو رهيو ان بعد قلعي جي اندر کاڌي پيتي جي ڪمي ٿي تہ راج رتن سنگهہ قلعي جا دروازا کولرائي ڇڏيا، علاءُ الدين خلجيءَ جي فوج قلعي ۾ ڪاهي پئي دهلي جي سلطان جي فوج تمام وڏي هئي ان ڪري راجپوتن جي هار ٿئي. پر هي ڀڳا ڪونہ ۽ وڙهندي سر ڏنائون. هوڏانھن عورتن باھہ جو وڏو مچ ٻارايو ۽ ان ۾ جلي خاڪ ٿيون. علاءُ الدين خلجيءَ لڙائي بعد قلعي ۾ آيو پر هن کي سڙيل خاڪ کان سواءِ ڪابہ ساھہ واري شيءِ ڪانہ ملي.
ٻيو جوهر راڻي ڪرناوتي چتور ڳڙھہ 1534ع
راڻي ڪرناوتي جنھن راڻي سنگرام سنگهہ سان شادي ڪئي، جيڪو راڻا سانگا جي نالي سان مشھور هيو جنھن جو واسطو راجپوت سسوڊيا گهراڻي سان هيو. هن کي ٻہ پٽ وڪرماجيت ۽ اُڌي سنگهہ نالي هيا. هن پنھنجي حڪومت وڌائڻ شروع ڪئي ۽ لوڌي خاندان سان مھاڏو اٽڪايو ۽ 1518ع ۾ لوڌي فوج کي تباهي ڏني.
راڻا سانگا لڙائيءَ ۾ زخمي ٿي پيو ۽ هن جو هڪ هٿ تلوار جي وار سان ڪٽجي پيو ۽ هڪ تيرهن جي گوڏي ۾ لڳو ۽ هڪ ڄنگهہ کان منڊو ٿيو. هي هڪ اک کان اڳ ۾ ئي ڪاڻو هيو پر پوءِ بہ لڙاين ۾ وڙهڻ کان بس ڪين ڪئي. تاريخ ٻڌائي ٿي تہ هن جي جسم تي ترارن جا 80 گهاءَ هئا.
گجرات جي حاڪم قطب الدين بھادر شاھہ ميواڙ تي ڪاهيو ان وقت راڻي ڪرناوتي ميواڙ تي حڪومت ڪندي هئي، هن سڀني راجپوت راجائن کي مدد ڪرڻ لاءِ چيو. راجپوتن جواب ۾ چيو تہ اسان مرڻ گهڙي تائين توهان جو ساٿ ڏينداسين. راڻي کي خبر هئي تہ اسان جي فوج طاقت گجرات جي حاڪم کان بلڪل گهٽ آهي ۽ هو وڏي لشڪر سان اچي رهيو آهي ۽ اسان مقابلو نہ ڪري سگهنداسي، پر پوءِ بہ دشمن سان وڙهيا ۽ ڀڳا ڪونہ ۽ پنھنجا سر قربان ڪري ڇڏيا. اهڙي طرح راجپوتن کي شڪست ٿي، چتور جي عورتن راڻي ڪرنا وتي سان گڏجي پاڻ کي مچ جي آڙاھہ ۾ ٽپو ڏيئي جوهر ڪيو.
چتور ڳڙھہ جو ٽيون جوهر
مغل حاڪم اڪبر 1568ع ۾ بھار جي مند ۾ ميواڙ کي فتح ڪرڻ جو خيال ڪيو، ان وقت ميواڙ جي 53هين حاڪم ۽ ميواڙ جي خاندان راڻا سانگا ۽ راڻي ڪرناوتي جي چوٿين پٽ راڻا اُڌي سنگهہ جي حڪومت هئي.
راڻا اُڌي سنگهہ پنھنجي ڪائونسل گهرائي صلاح ورتي جنھن ۾ ڪائونسل فيصلو ڪيو تہ اُڌي سنگهہ پنھنجي خاندان، عورتن ۽ شھزادين سميت پناھہ لاءِ پھاڙن ڏانھن نڪري وڃي. ڪائونسل جي فيصلي تحت اُڌي سنگهہ قلعي مان نڪري ويو پويان ٻہ بھادر جنگ جو جئيمل ۽ پتا Patta 8000 بھادر راجپوتن سان گڏجي مقابلو ڪندا. هوڏانھن فتح حاصل ڪرڻ لاءِ اڪبر اجمير ويو ۽ خواجہ کان ڪاميابي لاءِ دعاگو ٿيو. جئي مل ۽ پتا سسرڊيا حساب ڪيو تہ پنھنجو لشڪر ڪيترو آهي ۽ دشمن ڪيترو سگهارو آهي ۽ جيت ناممڪن آهي انڪري جوهر جو فيصلو ڪيو ويو ۽ جوهر جو سامان اڳ واٽ مھيا ڪري پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکي ڇڏيائون.
22 فيبروري تي اٽڪل 8000 عورتن پنھنجي پاڻ کي باھہ جي آڙاھہ ۾ اڇلي، جوهر ڪيو. ٻي ڏينھن زعفراني پٽڪن ٻڌل راجپوت سپاهين قلعي جا دروازا کولي دشمن آڏو بھادري سان وڙهيا ۽ پنھنجي جان جو نذرانو ڏنو.
اڪبر غصي ۾ اچي 40000 هزار هٿين خالين پوڙهن، مردن، عورتن ۽ ٻارن جو چتور ڳڙھہ ۾ ڪوس ڪرايو.
هن جوهر ۾ Patta جي امڙ ۽ 9 راڻين، 5 نياڻين (ڌيئرن) ٻن پٽن جوهر ڪيو جن جا نالا ڏجن ٿا: سجن ٻائي سوناگري (پتا جي ماءُ) جيوا ٻائي سولنڪي، مديحا ٻائي، سردار ٻائي راٺوڙ، جهاليا پدمڻي، رتن ٻائي، بگادي چوهاڻ، ڀڳوتي چوهاڻ، آشا ٻائي پرمار، ۽ ٻين سوين عورتن گڏجي جوهر ڪيو جنھن ۾ 8000 عورتن جو ذڪر اچي ٿو.
جوهر جي تاريخن تي چتور ڳڙھہ ۾ هر سال شاندار ميلو ملھايو ويندو آهي.
رنٿمبور (Ranthambore) جو جوهر 1301ع
1301ع ۾ دهليءَ جي سلطان علاءُ الدين خلجي رنٿمبور قلعي تي ڪاھہ ڪري آيو، ان قلعي جي حاڪم حڪمران همير چوهاڻ فيصلو ڪيو تہ مئي مارائي کانسواءِ قلعو خلجين جي حوالي ڪونہ ڪبو ۽ آخري دم تائين وڙهنداسي. علاءُ الدين تمام وڏي لشڪر سان چڙهي آيو هيو، جن ۾ هاٿي، قلعي ٽوڙڻ لاءِ منجنيقون بہ آنديون ويون. هوڏانھن همير جي وزير جاجا Jaja جوهر جون تياريون بہ مڪمل ڪرايون هيون ۽ پوءِ راڻين ڌيئرن ۽ ٻين همير جي مٽن ۽ مائٽ عورتن گڏجي جوهر ڪيو. همير ديو جي زال راني رنگ ديوي ۽ سندس ڌيءُ پدمالا بہ جوهر ڪري جان ڏني. قلعي جي مخصوص حصي ۾ وڃي جوهر ڪيو، ان جي ياد ۾ جتي جوهر ڪيو ويو هو، ان جو نالو “پدما تلاءُ” رکيو ويو آهي.
گواليار جو جوهر
شمس الدين التمس دهليءَ جو سلطان 1232ع ۾ گواليار تي ڪاھہ ڪئي. راجپوت عورتن التمش جي فوج جي هٿ اچڻ کان اڳ ۾ ئي جوهر ڪيو. جنھن جاءِ تي عورتن جوهر ڪيو اها گواليار علائقي جي اترين آخري پڇاڙي ۾ اهو جوهر تلاءُ يا (جوهر ڪنڊ، جوهر ٽينڪ) نالي مشھور آهي.
بنديل کنڊ جو جوهر
1634ع ڊسمبر اورنگ زيب وڏي لشڪر سان مڌيه پرديش جي شھر بنديلا (Bundela) تي ڪاھہ ڪري، ان کي فتح ڪيو. رهواسي عورتن جوهر ڪيو، جن عورتن جوهر ڪونہ ڪيو هو انھن کي زبردستي حرم ۾ داخل ڪيو ويو مردن کي زبردستي اسلام جي مذهب ۾ آندو ويو جن انڪار ڪيو سي قتل ٿي ويا.
ڪامپلي (Kampili) جو جوهر 1327ع
1327ع ۾ دهلي جي سلطان محمد بن تغلق اتر ڪرناتڪ جي ڪامپلي (Kampili) حڪومت کي شڪست ڏني ۽ هندو عورتن جوهر ڪيو.