تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ جي سماجي ۽ طبي تاريخ

جيئل اوڏ جي ھن تحقيقي ڪتاب ۾ سنڌو ماٿر جي بڻ بڻيادي ۽ اوائلي ويدڪ ۽ سناتن ڌرم جي ڄاڻ، جوهر ۽ سَتي ٿيڻ جي سبب، مذهبن جو تقابلي جائزو، مختلف مذهبن مُردن کي ٿانيڪو ڪرڻ جا طريقا، مشھور شخصيتن جا اصلي ۽ عرفيت وارا نالا، ذاتين جون پاڙون، شھرن جي نالن جي پٽاڻ، وڻ ٽڻ، ٻوٽن جو تعارف، فائدا ۽ حڪيماڻي ڄاڻ جي واکاڻ ڪيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 92
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جيئل اوڏ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Sindh Ji Samaji aen Tibbi Tarekh

لاش کي قبر ۾ پورڻ جو طريقو

Early Indus Civilization
آمري دور وارا لوڪ پنھنجي مُردن کي ڪرونڊڙو ڪري پوريندا هئا. برفاني دور جي غارن مان دفن ٿيل هڏاوان پڃرا مليا، جن مان پتو پوي ٿو تہ اڄ کان چاليھه پنجاھہ هزار سال اڳ انسان پنھنجي مُردن کي باقاعدي زمين ۾ دفن ڪندا هئا، هو مردي جي گوڏن کي پيٽ سان ملائي ڇڏيندا هئا.
اهڙي طريقي سان مُردي جي پوزيشن اهائي ٿي ويندي هئي جيڪا ٻار جي پيٽ ۾ هوندي آهي. اهو بيان ڪيو آهي سبط حسن پنھنجي مشھور ڪتاب ماضي کي مزار صفحي 259 تي.
مھر ڳڙھہ جي تھذيب موهن جي دڙي کان اٽڪل 3 هزار ست سئو سال قديم آهي اتي کوٽائيءَ دوران معلوم ٿيو آهي تہ مُڙدن کي اوڪڙو ۽ ستل ٻنھي نمونن سان دفن ڪيو ويندو هئو. آمري دور وارا لوڪ مڙدن سان گڏ ضرورت جو سامان بہ رکي ڇڏيندا هئا. برفاني دور ۾ لاش جي مٿي هيٺيان پٿر جو وهاڻو رکيو ويندو هيو ۽ ڀرسان گوشت جا ٽڪرا هڏيون، شڪاري اوزار، سليقي سان رکيا ويندا هئا تہ جيئن مردو جڏهن ننڊ مان جاڳي تہ ان جي ضرورت جون سڀ شيون قبر ۾ موجود هجن.
سيد عباسي علي پنھنجي ڪتاب روح عصر صفحي 16 ۾ بيان ڪري ٿو تہ قديم زماني جا مصر ۽ مغول پنھنجي بادشاهن ۽ قبرن ۾ ان جي لاش سان گڏ کائڻ پيئڻ جون شيون برتن، هٿيار، گهوڙا، غلام ۽ ڪنيزون وغيرہ دفن ڪندا هئا. جيئن آخر ۾ انھن جي ڪم اچي سگهن.
ماضي ڪي مزار ۾ سبط حسن صفحي 271 ۾ بيان ٿو ڪري تہ مصري پنھنجي مردن جي قبر ۾ هڪ عدد ڪشي (ٻيڙي) ضرور رکندا هئا، اهڙيون ٻيڙيون پراڻن مقبرن ۽ اهرامن مان تمام گهڻي انداز ۾ مليون آهن.
مصر ممي سازي ۾ تمام مشھور رهي ۽ هنن پنھنجن بادشاهن (فرعونن) ۽ شھزادين کي ممي بنائي اهرامن ۾ باحفاظت رکرائي ڇڏيون جيڪي هن وقت بہ موجود آهن. يونان جي مشھور مورخ هيروڊٽس پنجين صدي قبل مسيح جي مصر جو سفر ڪيو ۽ هن ممي سازي جو تفصيل هن ريت ڪيو آهي تہ ممي سازي ٽن قسمن جون شيون آهن:
1. تمام قميتي
2. وچولي قيمت واري تي معمولي درجي واري
ممين جي تياري جو طريقو هي هيو
ممي سازي سڀ کان پھريان هڪ اوزار سان مردي جو مغز نڪ جي رستي ڪڍندا آهن، مغز جو جيڪو حصو اندر رهجي ويندو هيو ان کي دوائن زريعي نڪ اندر دوائون وجهي خالي ڪيو ويندو هيو، پوءِ هڪ تيز پٿر سان پيٽ کي هڪ طرف اونھو سوراخ ڪڍندا آهن ۽ آنڊا ٻاهر ڪڍندا آهن. ان بعد لاش کي اندر ٻاهر کجيءَ جي شراب سان خوب ڌوتو ويندو آهي ۽ ان کي لوبان جو واس ڏيندا آهن ان بعد لوبان تيز پاٽ ۽ ٻين خوشبودار مسالن جو پائوڊر لاش جي اندر ڀريو ويندو آهي ۽ ان بعد لاش جا سمورا سوراخ سبيا ويندا آهن ان بعد لاش کي 70 ڏينھن نطرون (شوري) پاڻي جي اندر ٻوڙيو ويندو آهي. 70 ڏينھن کانپوءِ لاش کي غسل ڏنو ويندو آهي ۽ عمدہ ڪپڙي جون پٽيون لئي لڳائي لاش جي چوگرد ويڙهيون وينديون آهن. تڏهن لاش جا وارث لاش جي هڪ پيٽي ۾ جيڪا انساني شڪل جي هوندي آهي ۾ان ۾ رکندا آهن ۽ پيتيءَ جو ڍڪڻو بند ڪري مقبري ۾ دفن ڪري ڇڏيندا آهن.
ڪافرستان جي ماڻھن جو ماڻھو مري ويندو تہ ان جي چوڌاري زالون توڙي مرد ٻار توڙي ٻڍا بيھي ساز سرندا وڄائيندا آهن.
ڳائين ۽ ناچ ڪن ان کانپوءِ جبل جي دامن ۾ لاش کي ڪنھن ڪاٺ جي صندوق ۾ بند ڪري، ٻين جي ڀر وڃي پوري اچن. انھيءَ ڪم کان فارغ ٿيڻ کانپوءِ ڇا ڪندا جو ڪاٺ مان هڪڙو پتلو گهڙيندا ۽ پوءِ ڏاڍن دهلن دمامن سان سڀ گڏجي ڳائيندا وڄائيندا جلوس جي شڪل ۾ اهو پتلو وڃي قبر جي ڀر ۾ ٻين پتلن سان گڏ رکي ايندا.
چٽگانگن جو قبيلو “چڪما” پنھنجا مردا دفن ڪندو آهي 6 ڏينھن ماتم ڪن مرد مٽ مائٽ مٿا ڪوڙائين، ماتم جي آخري ڏينھن دعوت بہ ٿئي. مورنگ قبيلي وارن جو ڪو ماڻھو مري تہ ماتم ڪونہ ڪن، بلڪ نچن ڪڏن ۽ راڳ ڳائن، سندن عقيدو آهي تہ مرڻ کانپوءِ بہ ماڻھو وري جنم وٺي دنيا ۾ ايندو آهي، جيئن هندن جو عقيدو آهي، ضلعي چاغي جي اوڀر وارن حصن ۾ خانہ بدوش ننڍن ٻارن جي لاش کي دفن ڪرڻ کان پھريان ئي انھن تي چرٻي مليندا آهن ۽ اگر ملان دستياب نہ هوندو تہ هڪ بالغ ماڻھو لاش کي ڪفن کان سواءِ ڪپڙن سميت دفنائيندو هو.
بلوچستان جي ضلعي زوب جي باشندن ۾ رواج آهي تہ انھن جو ماڻھو غير مذهب جي هٿان ماريو وڃي ٿو يا پنھنجي هم مذهب کان ظلم جو نشانو بڻجي ماريو وڃي تہ ان کي “شھيد” چوندا آهن. ان جو لاش ڪپڙن سميت زمين تي رکي پٿرن سان ڍڪي ويندي آهي ان مٿان پٿرن جي هڪ جهوپڙي ٺاهي وڃي ٿي جنھن ۾ هڪ سوراخ ڪيو ويندو آهي تہ جيئن راهگير اندر ڏسي سگهن.
ضلعي زوب جا باشندہ پنھنجي پارسا ماڻھن جي قبرن تي احترام کان ڊگها ڊگها بانس جا لڪڙا کوڙيندا آهن. ڪاسي ۽ ڪوئٽه جا سيد پنهجي ماڻھن جي قبرن تي احترام کان وڏا وڏا بانس جا لڪڙا کوڙي ڇڏيندا آهن.
جين فئيرلي پنھنجي ڪتاب (The lion river the indus) ۾ لکيو آهي تہ تبت ۾ انھن جاين کي جتي مردن جون آخري رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون تہ ان کي “آسماني دفن” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هي علائقو سياحن لاءِ ممنوع آهي، آخري رسمن طور تبت ۾ لاشن کي ٽڪر ڪري فضا ۾ اڇلائي ڳجهن کان کارايو وڃي ٿو هي رواج تبت ۾ صدين کان هلندو اچي ٿو ۽ اتان جي عوام جو عقيدو آهي تہ ڳجهون مئل انسان جي روح کي جنت ۾ کڻي وڃي پھچائين ٿيون.
پارسي قوم جي مکيہ شاستر اوستا ۾ “وينديداد” جو حڪم ڏنل آهي تہ مئل جو لاش پھاڙي يا ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي نيو وڃي جتي مٿس سج جا ڪرڻا بنا ڪنھن رڪاوٽ جي پئجي سگهن ۽ ماس کائيندڙ پکي پکڻ جي بہ اتي اچ وڃ هجي پکي گوشت کائي وڃن پر هڏا جئن سلامت رهجي وڃن ۽ ان لاءِ لاش کي رسين سان مضبوط ڪيو وڃي، جنھن ڪجهه مدت کانپوءِ شايد ٻارنھن مھينن بعد هڏا جي هن وقت خشڪ ۽ گوشت کان صاف ٿي ويا هوندا. جمع ڪري اهڙي ڪنھن چيز ۾ سنڀالي رکيا وڃن، جيئن پٿر يا ڳچ ۾ پر جي ميت جا مائٽ سخت غريب آهن تہ پوءِ جوڙيءَ جي ڪپڙن جي ڳنڍ ٻڌي ڪٿي ڪٿي دفن ڪيا وڃن. هن قسم جي هڏن سانڍڻ واري هنڌ کي “استو دان” چيو ٿي ويو.
پروفيسر گيگر ڄاڻائي ٿو تہ پارٿوا Parthava قوم جا آڳاٽا ماڻھو پنھنجي مئن کي پکين اڳيان اڇلائيندا هئا ۽ پوءِ باقي هڏا بچندا هئا تن کي ميڙي جمع ڪري دفن ڪري ڇڏيندا هئا. مسٽر هيڊن (Hedin) پنھنجو ڪتاب لزئنسن هماليه ۾ ٿٻيٽ جو شھر ۽ لھاسا جي مندرن اندر مئن جي ڪريا ڪرم جي طريقي بابت ٻڌائي ٿو تہ لاش مٿان ٻاڻيون پڙهي پوءِ خاص قسم جي ڪاسائي قوم جي فرد حوالي ڪيو ويندو آهي جيڪو لاش کي پھاڙيءَ تي کڻي وڃي وڍي ڪپي ٽڪر ٽڪر ڪري ڳجهن کي کارائيندا آهن. باقي هڏا صاف ۽ خشڪ ڪري جنڊ يا جانڊھہ ۾ پيھي ٻورو ڪري پوءِ اٽي ۾ ڳوهي ملائي ۽ ڳوڙهيون ٺاهي پکين کي کارائي ڇڏيندا آهن.
پروفيسر محبوب علي چنہ مڪلي ٽڪري جو سير ۾ ڄاڻايو آهي تہ مڪلي قبرستان ۾ 10 لکن کان بہ مٿي قبرون آهن جتي حاڪم، عالم، درويش، امير، وزير دفن ٿيل آهن، تحقيق مطابق مڪلي ٽڪريءَ جي ڊيگهہ ساڍا 13 ميل آهي.