تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ جي سماجي ۽ طبي تاريخ

جيئل اوڏ جي ھن تحقيقي ڪتاب ۾ سنڌو ماٿر جي بڻ بڻيادي ۽ اوائلي ويدڪ ۽ سناتن ڌرم جي ڄاڻ، جوهر ۽ سَتي ٿيڻ جي سبب، مذهبن جو تقابلي جائزو، مختلف مذهبن مُردن کي ٿانيڪو ڪرڻ جا طريقا، مشھور شخصيتن جا اصلي ۽ عرفيت وارا نالا، ذاتين جون پاڙون، شھرن جي نالن جي پٽاڻ، وڻ ٽڻ، ٻوٽن جو تعارف، فائدا ۽ حڪيماڻي ڄاڻ جي واکاڻ ڪيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 92
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جيئل اوڏ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Sindh Ji Samaji aen Tibbi Tarekh

پيلو عرف مسواڪ (کبڙ) (Soleoide Salvadora persica)

هن کي لاطيني زبان ۾ Soleoide Salvadora عربي اراڪ، فارسي ۾ درخت مسواڪ بنگالي ۾ چهوٽا پيلو سنڌي ۾ کبڙ، هن جي ڦل کير پيرون چوندا آهن، هن کي ڄار بہ چيو ويندو آهي. هي ڪلراٺي زمين جو وڻ آهي، هي وڻ سدائين سائو رهندو آهي، ڪتي ۽ چيٽ جي مھينن ۾ هن وڻ ۾ مٽڪ ۽ پيرون ٿيندا آهن. اٺ لاءِ هن جا پن طاقتور غذا آهي، ڄار جا پن ۽ پارون ڪمائتيون آهن. هي وڻ سنڌ پنجاب، صوبہ سرحد ۽ ايران جي خشڪ علائقن ۾ ٿئي ٿو. هن وڻ جي پاڙ ڏندڻ ڏيڻ لاءِ استعمال ۾ ايندي آهي. هن وڻ جي کل کي جوشانده طور ڪم ۾ آندو وڃي ٿو ٿو. هن جو ڦل ڪاسر رياح مدر بول ۽ ملين طبع آهي. ڄاريون ٿڙ ۾ جام آهن اُهي ننڍين ننڍين ڀٽن دڙن ۽ وارياسي نرم زمين ۾ جام اڀرن پر ٿڙ ڪري مٿي ڪونہ بيھن ۽ زمين سان لاڳو چوڌاري ڪجهہ دائري ۾ سوڙهيون پکڙيل هونديون آهن. انھن جو ٿڙ چٽو ظاهر نہ هوندوآهي ٽاريون بہ زمين سان لڳيون پيون هونديون آهن ۽ مٿان بہ پاڻ ۾ ڳتيون پيون هونديون آهن جن کي “ٻٿون” چون. هنن جا پن ڊگهيرا مائيدار پٿن جي ورائڻ سان ٻرڪي ڀڄي پوندا آهن. اهي پن اُٺ ٻڪري جام کائينديون آهن. ڏهرن ۽ سخت زمين ۾ ڄاريون ٿين جن کي ست اٺ ڦوٽ هيٺيان ٿڙ ٿئي ۽ مٿان ٽاريون ڪڍي وڻ وانگر ٿين جن کي “هيڪل گوديون” چون. اهي ڪنٺي ۾ جام ٿي. خاص ڪري ڳوڙهيار، اوٺا، لوڻيو، مٺاتڙ، ڪانھيو کڏي حيات هاليپوٽو ۾ جام ٿين.
ٿري عام طور کبڙيون بہ چون پر حقيقت ۾ انھن ۾ ٿورو تفاوت آهي، ڄاريون اُهي آهن جن جا پيرون مٺا ٿين ۽ کبڙيون اُهي آهن جن جا پيرون کارا ٿين. ڪي پيرون ڳاڙها ۽ ڪي پيلا بہ ٿين جي ماڻھو آڻي پاڻ بہ کائين ۽ شھرن ۾ وڪڻندا بہ آهن ۽ ڪجهہ سڪائي بہ رکندا آهن جن کي “ڪوڪڙ” چون ڪوڪڙ پاڻ بہ کائين ۽ مال کي کارائين. کبڙ جي ڪاٺي مضبوط ۽ چيڙهي ٿئي ان کي اڏوهي ۽ سرو ڪونہ کائي جنھن ڪري عمارتن جي ڏانوَ جي آهي. غريب ماڻھو کٻڙ جي ڪاٺي مان کٽولن جا پاوا، ايسون، اُپرا، پينگها ٺاهن در دريون کوهن جون ڪوهڙون ۽ ڀوڻ وغيرہ ٺھن. اٺن ۾ هڪ بيماري ٿيندي آهي جنھن کي “پانءِ” کاڄي چون، ان لاءِ کٻڙ جون سڪل ڪاٺيون ساڙي ان جي رک گڏ ڪري دلي ۾ پاڻي سان گڏي باھہ تي ڪوسو ڪن ان کي “پاھہ” چون پوءِ کٻڙ جي آلي ڪاٺي ڏيڍ فوٽ هٿ ڪري ان جي هڪ پاسي کي ڏندڻ وانگر ييا برش وانگر ڪُٽي ٺاهين، ان برش سان اُها پاھہ اٺ جي سموري بدن تي لڳائيندا ويندا آهن، انکي چون “اُٺ نوريو” آهي، سڪڻ بعد تيل مکي ڇڏين تہ اها بيماري ختم ٿي ويندي آهي.