تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ جي سماجي ۽ طبي تاريخ

جيئل اوڏ جي ھن تحقيقي ڪتاب ۾ سنڌو ماٿر جي بڻ بڻيادي ۽ اوائلي ويدڪ ۽ سناتن ڌرم جي ڄاڻ، جوهر ۽ سَتي ٿيڻ جي سبب، مذهبن جو تقابلي جائزو، مختلف مذهبن مُردن کي ٿانيڪو ڪرڻ جا طريقا، مشھور شخصيتن جا اصلي ۽ عرفيت وارا نالا، ذاتين جون پاڙون، شھرن جي نالن جي پٽاڻ، وڻ ٽڻ، ٻوٽن جو تعارف، فائدا ۽ حڪيماڻي ڄاڻ جي واکاڻ ڪيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 92
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جيئل اوڏ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Sindh Ji Samaji aen Tibbi Tarekh

ارجن (Terminalia Arjun)

ارجن وڻ، جنھن جو سائنسي نالو Terminalia Arjuna آهي، هڪ اهم طبي وڻ آهي، جيڪو ايورويدڪ، يوناني ۽ روايتي طب ۾ استعمال ٿيندو آهي. هي وڻ خاص طور تي ڀارت، پاڪستان، بنگلاديش ۽ سري لنڪا ۾ ملي ٿو ۽ دل جي بيمارين، رت جي گردش جي بھتري ۽ ٻين ڪيترين ئي صحت جي مسئلن لاءِ مفيد سمجهيو ويندو آهي. سنڌي طب ۾ بہ ان کي هڪ اهم جڙي ٻوٽي طور استعمال ڪيو ويندو آهي. ارجن هڪ وڏو، مضبوط ۽ سڌو سنئون وڌندڙ وڻ آهي، جيڪو عام طور تي 20 کان 25 ميٽرن جي اوچائي تائين پھچي سگهي ٿو. ان جا پن سائي ۽ ڊگها ٿين ٿا، جڏهن تہ ان جو ڇلڪو هلڪو ناسي ۽ سخت هوندو آهي. هي وڻ عام طور تي ندي، درياھہ ۽ تلائن جي ڪپ تي وڌڻ پسند ڪندو آهي ۽ پنھنجي خاص بناوت سبب ڪيترن ئي موسمي حالتن کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکندو آهي.
هن وڻ کي گجراتي ۾ ڪڊانو ساداڙو مھا شرط ساداهڙا (هندي ۾ انگريزي ڪوھہ) ارجنا 80 کان 85 فوٽ ڊگهو وڻ آهي. لاڙڪاڻو ميونسپل هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر جي آفيس در وٽ هي وڻ موجود آهي جيڪو اوچائي ۾ تمام وڏو آهي ڪجهہ وقت اڳ چوٽيءَ کان ڀڄي پيو آهي. (مون هن اسڪول مان تعليم پرائي آهي، ميٽرڪ 1962ع ۾ پاس ڪيم ان وقت بہ اهو وڻ تمام وڏو هيو ۽ هن کي اسان هريڙ جو وڻ ڪري چوندا هئاسي ڇو تہ هن جو ڦل سڪل وڏي هريڙ وانگر ٿيندو آهي).
طبعي خاصيتن جي لحاظ کان، ارجن وڻ جي ڇلڪي ۾ ڪيترائي اهم جزا موجود آهن، جيڪي انساني صحت لاءِ انتھائي فائديمند آهن. ان ۾ فليوونوئڊس، ٽيننز، ساپونينس ۽ معدني جزا جھڙوڪ ڪيلشيم، ميگنيشيم ۽ زنڪ شامل آهن، جيڪي دل، جگر، ڦڦڙن ۽ هاضمي جي نظام لاءِ انتھائي مفيد آهن. ارجن وڻ جي ڇلڪي کي خاص طور تي دل جي صحت لاءِ هڪ بھترين دوا سمجهيو ويندو آهي، ڇو تہ اهو دل کي مضبوط ڪرڻ، رت جي وهڪري کي بھتر بڻائڻ ۽ هاءِ بلڊ پريشر کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪندو آهي. طبي تحقيقن موجب، ارجن جو استعمال دل جي بيمارين جھڙوڪ انجائنا، هاءِ بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول جي سطح کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. کل جيتري قدر سفيد هوندي اوتري بھتر آهي، هن جا پن ڊگها ڊگها گولائي مائل زيتون جي پنن وانگر ٿين ٿا. موسم بھار ۾ هن ۾ زرد رنگ جا گل ٿين ٿا ان جي ڇڻڻ بعد هريڙ جي شڪل پھلودار ميوو ٿئي ٿو جيڪو ڪاٺيءَ وانگر سخت ٿئي ٿو. ان ميوي مان ئي ان وڻ جي شناخت ٿئي ٿي. وڻ جي کل سفيد رنگ جي ٿئي ۽ ان کل کي رهڙ ڏيڻ سان ان مان کير نڪري ايندو آهي جنھن جو ذائقو تيز ۽ کٽو ٿئي، کل جو ٻاهريون رنگ اڇو ۽ اندر ۾ ڳاڙهي، گل پيلا زرد. مزاج گرم ۽ خشڪ مقدار خوراڪ هڪ ماشه کان 2 ماشه تائين. وڻ جي پئدائش جي جاءِ پنجاب خصوصن ڪانڳڙھہ صوبہ متحدہ وچ هندوستان راجپوتانا چهوٽا نالگ پور لنڪا ۽ برما.
هن جو جوشاندو کير ۾ تيار ڪري پيئڻ سان دل جي بيماري ۾ مفيد آهي. ارجن جي کل هڪ تولو کير ۽ هڪ پاءُ پاڻي ۾ ڪاڙهي پياريندا آهن، هن کي هوميوپيٿڪ مشھور دوا ڊيجي ٽيلس جي مقابلي ۾ پيش ڪندا آهن. پيشاب جي گهڻائي کي روڪي ٿو. ڪن جي سور ۾ هن جو پنن جو رس قطور ڪندا آهن. ڌڪ واري جاءِ تي هن کي مھٽڻ سان سور کان آرام ملي ٿو. هن جي جوشاندي سان ڦرڙيون ڦٽ ڌوئيندا آهن هن جي کل جو سفوف کير، ڳڙ يا پاڻي سان گڏ زخم لڳڻ ۽ هڏي ڀڄڻ / ڀڄي پوڻ جي صورت ۾ سفوف کارائيندا آهن. خون ڄمڻ ڪري جان تي ڳاڙها ۽ نيرا داغ پئجي ويندا آهن. آيو وريد م عام طور جوشاندو ٿي استعمال ۾ آندو وڃي ٿو معمولي ڌڪ ۾ وڻ جي کل کي پيھي ليپ ڪرڻ ئي ڪافي آهي. مدناپور بنگال ۾ هن جي کل خاڪي ڪپڙا رڱڻ جي ڪم آندي ويندي آهي. ارجن ۾ هيٺيان نمڪيات موجود آهن. ميگنيشم زنڪ، ٽامو ۽ ڪيلشم موجود آهي. ارجن دل جي سڪڙائو ۽ طاقت ۽ ريت ۾ بھتري پيدا ڪري ٿي. ذيابيطس ۾ مفيد آهي. موٽاپي کي گهٽ ڪري ٿو. انجائنا پيڪوٽورس ۾ مفيد آهي، جگر سي روس ۾ مفيد آهي پيشاب آور بہ آهي. وڌيڪ لاءِ اهو ٻڌايو ٿو وڃي تہ ارجنا وڻ جي ٿڙ جي کل دل جي مرض لاءِ تمام ڪارائتي شي آهي ۽ هن جو استعمال هندوستان ۾ بلڪل ڪرايو وڃي ٿو. هندستان جي نامياري ويد ويگاڀٽا پھريائين پھريائن ماڻھن کي ٻڌايو نہ وڻ جي ٿڙ جو پائوڊر دل جي مريضن لاءِ لاڀائتو آهي. تامل ناڊو ۾ ٿڙمان تيار ڪيل پائوڊر بوائل ڪري پاڻي سان استعمال ڪرڻ سان هنن جو مٿي جو سور ختم ٿيو وڃي ۽ ڏندن جا جراثيم مريو وڃن.
رواجي مقدار ۾ ارجن جو استعمال محفوظ آهي، پر گهڻي مقدار ۾ ان کي استعمال ڪرڻ سان ڪجهہ منفي اثرات ٿي سگهن ٿا. تمام گهڻو استعمال ڪرڻ سان بلڊ پريشر تمام گهٽ ٿي سگهي ٿو، جڏهن تہ ڪجهہ ماڻھن ۾ هاضمي جا مسئلا بہ پيدا ٿي سگهن ٿا. حامله عورتن ۽ ٿڃ پيارڻ واري مائرن کي بنا طبي ماهر جي صلاح مشوري جي ارجن جو استعمال نہ ڪرڻ گهرجي.
ارجن وڻ قدرت جو هڪ بھترين تحفو آهي، جيڪو صدين کان صحت جي بھتري لاءِ استعمال ٿيندو پيو اچي. جديد سائنسي تحقيق بہ ان جي فائدن کي تسليم ڪري ٿي ۽ ڪيترن ئي دوائن ۾ ان کي شامل ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ان کي صحيح مقدار ۾ ۽ طبي ماهر جي صلاح سان استعمال ڪيو وڃي، تہ اهو انساني صحت لاءِ انتھائي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.