گجراتي لوڪ ادب، ستي جسما اوڏڻ
“اڏيو جو اوڏن، سو ڍينگهر ڍلو مَ ٿئي”
ٻيا اوڏ کاٽر Pond Diggers جيڪي کاٽي کڻي، کوھہ واھہ ۽ تلاءَ تيار ڪندا آهن، انھن کي کاٽر اوڏ چيو وڃي ٿو. آلي مٽيءَ لاءِ گڏهن تي پاکڙا رکي انھن تي مٽي رکي پورهيو ڪيو ويندو آهي، انھن کي اوڏڪي ٻولي ۾ (جيترين) چيو ويندو آهي. ۽ ڪوڏر بہ ٻي نموني جي ٿئي منھن وٽ سنھي ۽ مٿي ٿوري ويڪري ٿئي ان کي پاوڙا چيو ٿو وڃي. کاٽيءَ واري ڪم واري ناگوري ڪوڏر هوندي آهي جيڪا وڏي ۽ ويڪري هوندي آهي، ڪوڏر جي ٻن لپن سان گڏھہ وارو ٻورو ڀرجيو وڃي. شرط آهي تہ ڪوڏر هلائڻ وارو بہ طاقت ور مڙس هجي ڇو تہ ڪوڏر زمين تان ڀري ڇاتي تائين کڻي مٿي گڏھہ جي ٻوري ۾ وجهڻي آهي.
جئي سمھا سڌراج گجرات جي بادشاھہ ڪرنا (Karna) جو پت 1094ع ۾ ڄائو، هن جي والد جڏهن وفات ڪئي تہ هي تمام ننڍڙو هو ان ڪري سندس والدہ راڻي مينلا ديوي پنھنجي نگهبانيءَ ۾ حڪومت هلائي، راجا سڌراج 49 سال حڪومت ڪئي. هي سولنڪي گهراڻي جو ستون بادشاھہ هو هن کي ڪا بہ پٽاڻي اولاد ڪانہ ٿي. نظر جڏهن جسما تي پئي تہ هن جي حسن کيس گهائي وڌو ۽ ٿورو وڌي وڃي چيائين تہ مون سان شادي ڪر مان توکي پٽ راڻي بڻائيندس، تون هن اوڏڪي ڪم لائق ناهين. جسما چيس تہ مان شادي شدہ آهيان ۽ اهو ڪم مان نہ ٿي ڪري سگهان. سڌراج ڪاوڙ ۾ اچي جسما جي منڊي مڙس کي قتل ڪرائي ڇڏيو. مڙس جي مرڻ کانپوءِ جسما خنجر کڻي پنھنجو پيٽ ڦاڙي وڌو ۽ مري ويئي هڪ ٻئي هنڌ لکيل آهي تہ مڙس جي مرڻ کانپوءِ جسما ڪاٺيون هٿ ڪري وڏو مچ ٻاري ان آڙاھہ ۾ پنھنجو پاڻ کي اڇلائي ستي ٿي. دراصل جسما اوڏڻ هڪ اپسرا (حور) هئي جيڪا ڪام ڪنڊالا نالي شيءِ جي بددعا ڏيڻ سان ڌرتي تي ٻيو جنم ورتو ۽ هڪ منڊي ۽ بد شڪل ڪم ڪرڻ واري پورهيت سان شادي ڪئي.
اصل ۾ رشي پاڻ ان تي موهت ٿيو هيو ۽ کيس شادي لاءِ چيو، هن جي انڪار تي رشي هن کي شراپ ڏنو، جسما ڪروڌ ۾ ڀرجي بد دعا ڏني تہ تنھنجو بہ ٻيو جنم ڌرتيءَ تي ٿيندو ۽ منڊو اوڏ بہ تون هوندين مان توسان شادي تي ڪنديس. ٻنھي جو ڌرتي تي ٻيو جنم ٿيو ۽ جسما ان منڊي اوڏ سان شادي ڪئي ۽ آخر تائين ان سان وفادار رهي. جسما اوڏڻ مرڻ وقت راجا سڌراج سولنڪي کي بد دعا ڏني تہ تون پنھنجي پٽ جي اولاد لاءِ سڪندين ۽ لاوارث مرندين، ٻيو تہ Sahasra linge تلاءُ جيڪو تو کوٽرايو آهي ان ۾ پاڻي نہ ڀربو، جيستائين مايو ڍيڍ تلاءُ ۾ ٻڏي پنھنجي قرباني نہ ڏيندو.
12 ٻارهين صدي ڌاري اوڏ راجپوت قبيلي هڪ مندر تعمير ڪيو ۽ جسما اوڏڻ جي ياد ۾ ان جو نالو جسما ديوي مندر رکيو ويو. 1982ع ۾ شانتا گانڌي جسما اوڏڻ جي نالي سان اسٽيج ڊرامو پرفارم ڪيو. 1926ع ۾ هندوستان خاموش فلم “ستي جسما” هومي ماسٽر تيار ڪئي، جنھن ۾ گوهر ماما جي والا ۽ خليل ليڊنگ رول ڪيا. 1976ع ۾ گجراتي فلم “ستي جسما اوڏڻ” ٺاهي ويئي، جنھن کي ڊائريڪٽر ڪيو چوندرا ڪانت سنگهاني، ڳانا ڪانتي اشوڪ ۽ ميوزڪ مھيش نريش ڏني.