مُهاڳ
شيدي قبيلو سنڌ جو پراڻو قبيلو آهي. سندس نسب قنمبر سان آهي ۽ سندس نسبت وري محبوبن جي عاشق اصحابي حضرت بلال رضي الله عنه جن سان آهي توهان ڏسو هن قوم ۾ دليري، ديانتداري، فرمانبرداري، وفاداري اهي چارئي خوبيون موجود آهن اهي چارئي خوبيون حضرت بلال ۾ اهي چارئي خوبيون حضرت قنمبر ۾، اهي چارئي خوبيون سنڌ جي ڏهيسر جرنيل سنڌ تي شهيد ٿيندڙ مرد مجاهد هوش محمد عرف هوشو شيدي ۾ به موجود هيون.
آئون اها به ڳالهه ڪندو هلان ته دليري ۽ پهلواني ۾ ٻيراني جو الله وسايو شيدي ان جا پٽ پاڏو شيدي گهيٽو شيدي ۽ گهمڻ شيدي جيڪي قداور ۽ پهلوان انهيءَ تر ۾ مشهور هئا وري ڄام خاندان جو خاص نوازيل پهلوان ڪريم بخش شيدي پهرين جوڙ جو ملهه ٿي گذريو آهي جنهن جو قد بت لباس ۽ پٽڪي ٻڌڻ جو انداز ئي نرالو هو ۽ اهي سڀ پنهنجو پاڻ ملهائي ويا. هتي ڳالهه اضافي لکڻ جي ضرورت نه هئي پر ڪن سببن جي ڪري لکڻ ضروري آهي، اها هي آهي ته ڪافي ماڻهو پنهنجون ذاتيون مٽائي ڇڏيندا آهن پر آئون انهن کي عاجزانه التجا ڪندس ته هي ذاتيون نه بدلائن ڇو ته سنڌ جون جيڪي به ذاتيون آهن اهي وڏيون معتبر قدر شناس ذاتيون آهن.
مون تقريباً 32 سؤ ذاتين تي هڪ وڏو بيت ٺاهيو آهي ٻيا به تقريباً ويهارو کن ڪتاب لکيا آهن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جو رسالو (شاهه جو گنج) مرتب ڪيو آهي جنهن ۾ ٽوٽل اٺ هزار بيت ڏنل آهن.
ادي مولا بخش سان منهنجو ايترو پراڻو تعلق ناهي صرف چند سال ٿيا جو اسان جي تنظيم “سلات” جو ميمبر ٿيو. “سلات” جي باني عاجز صاحب به سندس قدر داني ڪئي ۽ پاڻ به بهترين قدردان ماڻهو آهي اسان جو به پوءِ واسطو ٿيو پر توهان يقين ڪريو ته سندس ملڻ جلڻ ۾ ايتري ته محبت ملي جو جهڙوڪ ڪافي سالن کان پراڻو واسطو هجي. توهان ڏسو دنيا ۾ جيڪي به ماڻهو محنت ڪندا آهن انهن کي خدا پاڪ انهيءَ محنت جو اجر ضرور ڏيندو آهي ۽ اهي پنهنجي منزل ماڻي انهيءَ اوچي درجي تي پهچي ويندا آهن. ۽ انهن کي الله تعالى اُهو مقام ڏيندو آهي جنهن جو ٻانهو تصور به نٿو ڪري سگهي.
موقعي جي مناسبت سان اها ڳالهه به لکڻي پيئي. ته عاجز رحمت الله لاشاري صاحب به هڪ بهترين سگهڙ آهي. پر هن ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي ته هي تمام بهترين قاري، تمام سهڻو نعت خوان ۽ دور جي حساب سان ميڊيا جو نمائندو به آهي. الله تعاليٰ ۽ سندس حبيب جي مٿس مهرباني آهي.
سنڌ جا سڀ سگهڙ سنڌي ٻوليءَ جا رکوالا آهن. خاص ڪري اسان جي تنظيم “سلات” جو سابق مرڪزي صدر مرحوم حسين بخش رڏ ته پنهنجو مٽ پاڻ هو جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ذات پرستي، مذهب پرستي، انا پرستي نه هئي. هن “سلات” جي سفر ۾ سندس جو اوچتو وڇوڙو نه رڳو “سلات” جي سگھڙن پر سموري سنڌ واسين لاءِ جيءُ جهوريندڙ سانحو آهي الله پاڪ کيس جنت ۾ اعلى مقام عطا فرمائي. (آمين)
بزرگ سگهڙن جهڙوڪ استاد هدايت علي رڏ، استام محمد مريد زهراڻي، استاد محمد ملوڪ عباسي، استاد محمد امين سنياسي، استاد محمد شريف ڏاهري جهڙن وڏن معتبر سُگهڙن جيڪو ٻوٽو پوکيو آهي ان جو اسان ڦل پيا کائون. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ وڏو سگهڙ ۽ سگهڙن جو سرتاج، سگهڙن جو سرمايو سڀئي سگهڙ سندس شاگرد ئي آهن.
حقيقت ۾ ڏسو ته سگهڙن پنهنجي سگهڙائپ جي فن سان گڏ اسان جي معاشري جي اصلاح ڪئي آهي ادب کي معيار بنايو آهي. وطن سان روحاڻو ناتو نڀايو آهي سنڌوءَ جي شهرن، شاهراهن، ماڳن مڪانن، ڍنڍن، ڍورن، جهرن جهنگن، ڏونگرن ڏولاون، ڏکن ڏاکڙن، جو ڌن جونجهارن، دودن، دليرن، ڏاهن، ڏاتارن، ڀٽن ڀانن مطلب ته سنڌ جي ڪِرت ڪهاوت، ريتن رسمن سماج جي هر شيءِ کي تمام سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. سنڌ جي سگهڙن سينگار کي اوج تي پهچايو. مطلب ته سگهڙ سنڌ جو سرمايو آهي. انهن ۾ ادو عبدالخالق عرف مولا بخش شيدي هن مانَ واري ماڙهو پنهنجي ڪتاب ۾ پنهنجو روحاني رنگ روحاني راز پنهنجو روحاني خزانو، قربائتو ڪلام گُڻن ڀريو گُن پنهنجو سالڪاڻو سلوڪ، سگهڙ پائي جي سوچ ۽ فڪر کي اُجاگر ڪيو آهي. سندس ڪتاب ۾ سگهڙ پائيءَ جون صنفون موجود آهن جنهن ۾ حمد، منقبت، نعت، سلوڪ، سينگار، هنر، ڏور، ڳجهارت، ڪافي، ڪلام مطلب ته ڪافي ڪجهه مواد شامل ڪيو آهي. اميد ته پڙهڻ وارن وٽان محبتي موٽ ملندي ۽ سندس حوصلو اڃان به وڌندو ۽ اڳتي وري ٻيو ڪتاب لکڻ لاءِ محنت ڪندو، آخر ۾ دعا آهي ته اسان جي هن مان واري سگهڙ دوست ادي عبدالخالق عرف محبتي ماڻهو مولا بخش کي مولا آباد رکي ۽ اسان جي شيدي ڀاءُ کي شل شاد رکي ۽ سُگھڙن جي نمائنده تنظيم سنڌ سُگھڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” جو هي قافلو سُگھڙن جي سرواڻ عاجز رحمت الله لاشاري سميت استاد گل حسن گل ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ روان دوان رهي ته جيئن فقير مولابخش وانگر سنڌ جي ٻين ڏاهن ڏات ڌڻين جا ڪتاب به اهڙي نموني سينگارجي، سنوارجي شايع ٿيندا رهن ۽ سنڌي قوم ان منجهان لاڀ حاصل ڪندي رهي.
(آمين ثم آمين)
سگهڙن جو خادم
محمد قاسم راهمون “پياسي”
ضلعي صدر: “سلات”
ساڪري ٿرپارڪر
26-01-2016