ٽيهه اکري
“اَلنَّبِيُّ اَولى بِاالمُؤمِنِينَ” ڏي نظر ڪري نهار،
پرين سمجهڻ پري هي بلڪل آ بيڪار،
مان پنهنجي مار، ته آ من ۾ محب “مولابخش” چئي.
ب: بي بڪواس بڇڙي نه ادا ڪر اختيار،
ڪجهه ته ڳالهيون ڪريم جون ويهي يار ويچار،
تڪليف اچي توکي ٿو سک وڃي سرڪار،
روئي زارئون زار، تون مالڪ مڃاءِ “مولابخش” چئي.
ت: تي تنهنجي عمر ساري آهي نه ته عذاب،
سواءِ ساجن جي سِڪَ، جَي ڪيئي خيال خراب،
“وَلَواَنَّهُم اِذْاظَّلَمُوْآ اَنْفُسَهُمْ جَائُوڪ” آ خالق ڪيو خطاب،
اهو نرمل نواب، لاهيندو مشڪل “مولابخش” چئي.
ث: ثي ثواب گناهه جي ڳالهه نه ڪر شل راڻو ٿئي راضي،
عمر ساريءَ جي عبادت جي توري تارازي،
ته هڪ احسان بدلي ان جي ملڪيت وڃي ماضي،
اتي ڪاوڙيل قاضي، محب مڃائيندو “مولابخش”چئي.
ج: جيم جهان سڄي تي آهي عربيءَ جو احسان،
ڪارڻي لولاڪ ڪري آ قادر ڏنو قرآن،
نه ته ڪير ڏسي ها ڪمزورن کي نفعو ۽ نقصان،
آ فڪر لاٿو فرقان، مسڪينن جو “مولابخش” چئي.
ح: حي حبيب ڪبريا چيائين مرسل آ مهربان،
رئوف رحيم رب سڏي آهي باريءَ ٻڌايو بيان،
“وما ارسلنٰک الا رحمة للعالمين” ٿو فرمائي فرقان،
ان جو هر انسان، آ سدا مادح “مولابخش” چئي.
خ: خي خوف خدا جو ڪر بندا بيهودي بڪ نه بڪ،
آهي “نَورُ عليٰ نورُ” محمد ٿو ڇا لاءِ ڪرين شَڪ،
“قدجآءَ کُم مِن الله نورُ” تون ورائي ڏس ورق،
هي سالڪاڻو سبق، مون کان سک”مولابخش” چئي.
د: دال ديرو دلبر جو ادا اندر تنهن جي آهي،
جاچي ڏس جانب کي هيئين ساڻ هنڊائي،
“النبي اولى بل مؤمنين” ڇڏيئي سائين سڻائي،
هي هٿان وقت وڃائي تون مٺانه ڇڏ “مولابخش” چئي.
ذ: ذال ذڪر ذوق سان ڪر تون ضعيفن ضمان،
صَلِ عَليٰ جو سيني ۾ سدا سانڍي رک سامان،
ته ملي ويندئي محب وٽان دردن جو درمان،
اهڙي پر احسان، ٿيندئي محشر ۾ به “مولابخش” چئي.
ر: ري رياضت رياء جي ڇڏ ڪر صاف سڄڻ سينو،
آڪڙ وڏائي ڇڏ “شيدي” چوي ڪڍي قلب مان ڪينو،
الفت رک اندر ۾ ته ٿيندئي من مدينو،
باقي بي عقل بي دينو مورُ نه بچندو “مولابخش” چئي.
ز: زي زيارت ظاهري جن ماڻي محبوبن،
سي صحابي صحبتي ادا آهن عجيبن،
ادخل الجنت الاالحبيب ڪيو ڪوٺي قريبن،
هي نيڪي نصيبن آ ملندي “مولابخش” چئي.
س: سين سچا سردار سان ها ابابڪرؓ و عمرؓ،
سين سچا سردار سان ها عثمانؓ و حيدرؓ،
سين سچا سردار سان ها شبيرؓ و شَبَرؓ،
سين سچا سردار سان سگدر مڙئي “مولابخش” چئي.
ش: شين شافي شهنشاهه محب آهي محشر جو،
شفيع المذنبين آهي والي آب ڪوثر جو،
ڏسُ ڏنو ڏاتر آهي ڏِسُ ڪَلام پڙهي قادر جو،
گهورائو گهر گهر جو، مور نه ٿي “مولابخش” چئي.
ص: صاد صحبت ڪر سراسر سيدِ ثقلين سان،
درود پڙهي داور ڏسيو جيئن نبِي الحَرَمَين سان،
۽ عزت ملي افلاڪ کي نرمل جي نعلين سان،
ائين محب هر مسڪين سان، ڪندو ماڙ “مولابخش” چئي.
ض: ضاد ضعيفن ضمان، ذمي آ سارو هي سنسار،
انهن تي عنايت جو آ احمدصه کي اختيار،
آدم کان عيسيٰ تائين هوندا سڀ بندن کان بيزار،
اتي بخشائيندو بدڪار، مڙئي “مولابخش” چئي.
ط: طُئي طلب طاهر واري چئه پرور پڄائي،
جيئري واڳون جانب ڏي شل واحد ورائي،
ملاقات مدنيءَ سان مونکي قسمت ڪرائي،
مولا ملائي، مونسان محب “مولابخش” چئي.
ظ: ظُئي ظاهر باطن وارن جو آ عربي پاڪ امام،
خلقي خالق ڪيس حوالي قادر ڪل ڪمام،
سوا لک انبياءَ ڪيو سڄڻ جي سيرت کي سلام،
ان آقا جو احترام، آ مڙني فرض “مولابخش” چئي.
ع: عين عربي ڄام جو تون ادا مڃ احسان،
جنهن جانب ڪري جڳ تي راضي آهي رحمان،
هڪ گناهه عيوض اڳ هو ختم ٿيندو خاندان،
ڏس نظر ڪري نادان، ڇا مِهر ٿي ٿئي”مولابخش”چئي.
غ: غين غلاميءَ جي دعويٰ ڇڏ تون گولو ٿي گذار،
هل حڪم حبيب جي تي جو سڻايو آ سرڪار،
نقش قدم نورُ عَليٰ جو ادا تون ڪر اختيار،
ته پرور ٻيڙا پار، ڪندئي محبوب محابي”مولابخش”چئي.
ف: في فدا فقير چئي ڪر تون تن من تاجدار تان،
اڙين اٻوجهن جو سهارو آ تنهن سچي سردار تان،
پيءُ ماءُ قربان ڪجن ڪل ان ننگي ننگدار تان،
دل گهرئي دلدار تان، مِٽَ به قربان “مولابخش” چئي.
ق: قاف قادر هٿ قلم آ هر ٻانهيءَ جي ٻار جو،
جي حساب هادي ڪري ڪنهن بي عمل بدڪار جو،
ڪو نه بچي ڪو سگهي ها ڏمر ڏسي ڏاتار جو،
پر ٿيو قرب قربدار جو مڙني مٿان “مولابخش” چئي.
ڪ: ڪاف ڪريم جي ڪري آ راضي رب ستار،
جو ولسوف جو واعدو ڪيائين عربيءَ سان اقرار،
تڏهن شڪليون نه ٿو مٽائي ڏسي ڏوهه ڏاتار،
ڪجهه ويهي ڪر ويچار، مدنيءَ جو “مولابخش” چئي.
ل: لام لطف لعلڻ جا، جُملي هن جهان تي،
جاچي ڏس جڳ جڙيو آ عربيءَ جي احسان تي،
“لولاڪ لما اظهرتُ الربوبيت” فڪر ڪر فرمان تي،
ساٿ جي اميد سلطان تي، رک محشر ۾ “مولابخش” چئي.
م: ميم محبوب خدا جو آ مان مٿي مولا ڪيو،
عرشِ اعظم تي ويو ڪو ڳوٺ ٻڌي ڳولا ڪيو،
يا چنڊ چيري ڪو ڏيکاري گڏ ٽيهه ٻٽيهه ٽولا ڪيو،
نه ڀيلا ٻوٿ ڀولا ڪيو محبوب سان”مولابخش”چئي.
ن: نون نازل نرمل نبيءَ تي آ قادر ڪيو قرآن،
سو “قَدجَآءَ کُمُ مِّنَ اللهِ نُورُ” ٿو فرمائي فرقان،
۽ “سِرا جاً منيرًا آهي فهميدي لاءِ فرمان،
تون به ادا رک ايمان، ته ملندئي مانُ”مولابخش”چئي.
و: واو واحد آ وڌايو ڏس مصطفيٰ جي مان کي،
يٰس ۽ مزمل ڇا لکن شاههِ امم جي شان کي،
پوءِ طاقت ڪهڙي تنهن جي لکڻ بندي وس بيان کي،
حوران ملائڪ غلمان کي، آ ڪهڙي مجال “مولابخش” چئي.
هه: هي هدايت بڻجي آيو حضرت پاڪ حضور،
جڳ ساري کي جانب ٻڌايو داور جو دستور،
نقشِ قدم نور نبيءَ جي آ مالڪ جو منشور،
سو ڀورل ڀرپور، موجان ڪرائيندو”مولابخش”چئي.
ء: الف الستي راز الاهيءَ جو محب آهي مختيار،
ٿيو ٿيندو جو پتو پرينءَ کي ڏنو آهي ڏاتار،
۽ لڪل راز رهبر کي ڏنا غيب جا ڪل غفار،
انهيءَ جي آڌار، ٿو هلي هي ملڪ “مولابخش” چئي.
ي: يي يتيمن يار جو آهي اڄ ڀي ادا احسان،
ڪيئن ڪيان عذاب انهن تي ٿو چوي قادر منجهه قرآن،
تون جو آهين عربي اتي احمد انهيءَ آستان،
مَندن کي به مان، چيو مالڪ ڏيندس “مولابخش”چئي.