لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

شاهي ذوق شيديءَ جو

ڪتاب ” شاهي ذوق شيديءَ جو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي لوڪ ادب جي اهم صنف سگهڙائپ سان واسطو رکندڙ سگهڙ شاعر عبد الخالق عرف مولا بخش شيديءَ جي ڪلام جي هن مجموعي جو مرتب ۽ سنواريندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري آهي. عبدالخالق عرف مولا بخش شيدي شاهاڻو شوق رکندڙ محبتي ماڻهو، شاعريءَ سان گڏ شاهه صاحب جو شيدائي آهي. هي ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي، هي سٻاجهو ۽ صدورو سگهڙ توڙي سالڪ آهي. سگهڙ پائي جي صنفن جي سُڃاڻ رکندڙ، ڳجهارت جو ڳولائو منجهس ڏورن کي ڳولڻ جو ڏانءُ سمايل آهي. هنر ۾ هوشيار ۽ سينگار جو سرجڻهار آهي سندس ڪتاب ۾ گفتن جو گُن ۽ گُر ڀريَل آهي، ٻاجهاري ٻولن جو جهڙوڪ ٻج ڇٽيو هُجي.
Title Cover of book شاهي ذوق شيديءَ جو

پهاڪي جا بيت

بي قدر ۽ بي عقل کان ڀڄي ٿي بيزار،
تون محبت ڪندين مورک سان هو ترت ڪندو تڪرار،
اڳلي جي احسان جو نه وائڙو ڪندو ويچار،
ڪندين “شيدي” ڇا شمار مذڪور تنهن جو “مولابخش” چئي.

بي قدر ۽ بي عقل جون ٻڌ ڳالهيون يار ٻه ٽي،
مورک ڇا ڄاڻي ماڻڪ کي جو وجهي هٿ هٽي،
ماکيءَ کي به ملائيندو هو وڃي وههَ وٽي،
پٽيو نه ايندو پٽي، محبت سان “مولابخش” چئي.

بي قدر ۽ بي عقل هي ٽول هڪ ئي ٽل،
قدر ڪندو قدردان آهي عقل جي هو هل،
جنهن عقل ناهي انسان کي سو جهلبو نه ڪنهن جهل،
جي چڱائي چويس ته چڙي پوندو ڳهلو آهي ڳل،
منهنجي راءِ ٿي “مولابخش” چئي ته پاڻ تنهن کان پل،
متان گهوڙا گهوڙا گهل، ڪرين شڪي ٿي “شيدي” چئي.



-0-

عاقل ۽ بي عقل
عاقل ۽ بي عقل اٿئي ههڙي ريت حساب،
عاقل پنهنجي عقل آڌر ڪندو کولي خطاب،
بي عقل بڇڙو اتي ڏيندو جوڙي يار جواب،
عقل نه ايندو اوڳي کي توڙي ٻڌبس ڪنڌ ڪتاب،
تون ڏينس محبت “مولابخش” چئي هو ڪندو شور شتاب،
رڍ اڳيان رباب ڇيڙ نه ويهي “شيدي” چوي.

ڇيڙنه ويهي “شيدي” چوي ڪنهن سان دوست حال دلي،
منهن جا مٺڙا اندر جا ڪارا ڪيئي ماڻهون ويندئي ملي،
ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري هو کسڪي ويندئي کلي،
جنهن ڪنڌ آهي ڪِلي، تنهن سان مل نه “مولابخش” چئي.

سَري نه جن ريءَ ساءِ، سي سامهين هجن سڄڻ،
ويهي گڏ ورنهه ڪن وڌ مٺا ماکيءَ مکڻ،
ڏيان ڪين ڏسڻ، ڪنهن ماڻهو کي “مولابخش” چئي.

سري نه جن ريءَ ساءِ، سي پرين نه ٿين پري،
اهڙو قرب الله شال قادر ڪنهن سان ڪري،
جيئن مرڪي “مولابخش” چئي ڀاڪر وجهن ڀري،
ته ذڪر ذري ذري، ڪيان شڪراني جو “شيدي” چوي.



سري نه جن ريءَ ساءِ، تن سان رسجي ڪهڙيءَ ريت،
هو جهيڙن تون جهڪو ٿي ڪر حال حقيقت هيءَ ته،
توکٽيو به مون کٽيو ،آهي جانب منهنجي جيت،
پرين ساڻ پريت، ڪر شان ساري “شيدي” چوي.

سري نه جن ريءَ ساءِ، تن جو خود ئي رک تون خيال،
هو ڪاوڙجن ڪنهن ڳالهه تي ته تون هيڻو ڪر حال،
متان پَوَئي لاپرواهي مان وڃي جيءَ جنجال،
ڳڻي اها ڳالهه تون محب مڃاءِ “مولابخش” چئي.



-0-

من محتاجيون جن سان
من محتا جيون جن سان تن سان سينو نه ساهجي،
سلو صحبت وارو اتي رياضت ڪري راهجي،
وڌي جڏهن وڏو ٿئي ته پوءِ ونڊجي ۽ ورهائجي،
ٺاهه اهڙو ٺاهجي، جيئن ملي مان”مولابخش” چئي.

من محتا جيون جن سان، تن سان آڪڙ ڪرنه ادا،
اهو فرمان فرمايو آهي نبيءَ نُورُ الهديٰ
فرمانِ رسول آهي سمجهه فرمانِ خدا،
جنهن عمل ڪيو ان تي اهو سکيو هوندو سدا،
باقي غفلت وارا گندا، ماڻهو هوندا “مولابخش” چئي.

من محتا جيون جن سان تن کان پل نه ٿجي پري،
محبت ونڊڻ “مولابخش” چئي اچجي ڪشالا ڪري،
يا گهرائي کين گهر پنهنجي پائجن ڀاڪر ڀري،
يا ته ذڪر ذري ذري، ڪر شوق مان تن جو”شيدي” چئي.


-0-

گفتي/ نصيحت جا بيت
گذر غريبي گُڻُ ڀلو آ، تون پُرجهي کڻ پير،
ڪوري ڪس قلب مان، ادا مڙئي ڪڍ مير،
نوائي پنهنجي نفس کي، سڌو وٺائج سير،
لآ اِلٰہ جي لڙهه لڳي نه گود ويهار ڪو غير،
الا الله جي الفت ۾ هيئون پنهنجو هير،
ٻيو عشق عربيءَ جو ڀلو اٿئي ڀير،
واعدو ولسوف جو ڏس، هئو ڪرڻ وارو ڪير،
سوا محبت محب جي، “شيدي” ڇا جو آهين شير،
هتي سڏائين ٿو سير، ماسو به ناهين “مولابخش” چئي.

گذر غريبي گُڻُ ڀلو آ، تون تڪڙ ڇڏ تمام،
تُندي تڪبر هٺ وڏائي، ڪر هستي هوڏ حرام،
“اِنَّ اللهَ مَعَ الصّٰبِرينَ” جو تون ادا ٻَڌِ احرام،
ته سدا توکي سلام، ڪندا ماڻهو”مولابخش” چئي.


-0-

نصيحت جا بيت
مٽي آهين مٽي ٿيندين، آ هتي تنهنجو ماڳ،
ننڊ غفلت ندوريءَ مان، سُتا ٿيءُ سُجاڳ،
نواءِ نفس نا فرمان کي، ته ڳائي رنداني راڳ،
پوءِ ڀائو مٿي ماڳ، ملندئي مان”مولابخش” چئي.

مٽي آهين مٽي ٿيندين، آخر مٽي تنهنجو گهر،
بي بقا تي بانور ڪري، ڪافي کيون ٿي ڪر،
حملا ڪري هيڻن تي، اٿئي تپائي ڇڏيو تر،
ڪن کان هٿ کس هيلهه ڪيئي، ڪن جون پڳون لاٿئي پر،
ڇڏ پاسو شيطان جو، ڪجهه واحد ڏانهه به ور،
ڪجهه ڏاتر کان به ڏر، ته ملندئي مان “مولابخش” چئي.

مٽي آهين مٽي ٿيندين آهي مٽي تنهن جو مڪان
ڪني قطري مان قادر توکي، افضل ڪيو انسان،
احسن صورت ڏئي عربيءَ خاطر، آ هتي ڏنو مان،
“شيدي” ڪر شڪران، مالڪ جو “مولابخش” چئي.


-0-

آهين قيمت سندو قطرو
آهين قيمت سندو قطرو ته ڪر ڪو قيمتي ڪم،
ويهي سار واحد کي جو آ اعلى ذات اتم،
ڏوهارين تي ڀي ڏاتر ڏِس، ٿو قادر ڪري ڪرم،
تون منهن سڄائي ماڻهن تي نه گندا ٿيءُ گرم،
“اَلانسان سِرِي وَاَنا سِرُه” هي ڀائو رک ڀرم،
ڪر ادا پڪو اسم، مالڪ جو “مولابخش” چئي،

آهين قيمت سندو قطرو، پر ڪَلَ نه لَڌئي ڪائي،
غفلت ۾ عمر ساري، اٿئي ويهي يار وڃائي،
امر آهي الله جو ته، ڪر بُرن سان به ڀلائي،
ته سائين ڪندئي سڻائي، مشڪل ۾ “مولابخش” چئي،

آهين قميت سندو قطرو، رڳو پنهنجو سڃاڻج پاڻ،
“ونحن اقرب من حبل الوريد” اهو ڄاڻي ڇڏ تون ڄاڻ،
“الانسان سري وانا سره” تون اهو ادا سمجهه اهڃاڻ،
هي ملڪ جو مانڊاڻ، آ محبت خاطر “مولابخش” چئي.


-0-

جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي
جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي، ٻڌو نٿي ڇا ٻوڙا،
ڏاڍائيءَ جا ڏيهه ۾، گهمائين پيو گهوڙا،
ڪاڏي ويئي قريب تنهنجا، پڙ ڏاڏا پوڙها،
اهي کول نه غلط کوڙا شرارت وارا “شيدي” چوي.

جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي، ٿو جائي چوي جهان،
چڱائيءَ جو چڱو بدلو، آهي داتا ڏيندو دان،
برائيءَ وارو بيشڪ آهي، نسورو نادان،
ڇو ته ازل کان انهيءَ سان، شامل آهي شيطان،
ڀلائي جي ڀرنه وٺندو،ڪڏهن “مولابخش” مروان،
باقي شاڪر ڪندو شڪران، شفقت ڏسي “شيدي” چئي.

جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي، هي ڏاهن جو آهي ڏَس،
چڱائي لاءِ چيو خدا ٿئي، تون چڱو رک چس،
اهڙي ريت ادا توکي، ڪانه لڳندي ڪس،
“فَمَن يَّعْمَلْ مِثقالَ ذرةٍ خَيرًايَّره” گڙي وٺ گس،
پنهنجي اندر پس، ادا مطلب اهو “مولابخش” چئي.


-0-

جي ڀائين ڀلو ٿئي
جي ڀائين ڀلو پنهنجو، ته ڪر ڀلائي ڀاءُ،
هرو ڀرو هيڻن تي، تون خار نه ادا کاءُ،
چڱائيءَ جو چارئي پهر، ڪر ويري سان ورتاءُ،
متان مڻ سمجهين“مولابخش”چئي، اڃان پورو ناهي پاءُ.
هيٺائينءَ جو هرويلي ڪر انسانن سان اپاءُ،
ته نانگا تنهنجو نانءُ، لکبو شريفن ۾ “شيدي” چئي.

جي ڀائين ڀلو ٿئي ته، ڇڏ ڀُتَن ڪمن جي ڀر،
ويهي پنهنجي وجود ۾، تون سائين سائين ڪر،
ناحق نافرمان جي، نه ويريءَ جي ڪر تون ور،
الالله سان الفت رکي، اچ دوست ڌڻيءَ جي در،
آيا ٽيهه نه ٽار، ڪر پوري پنجن سان پيو پر،
ته سدائين توکي سر،ڪندو مالڪ “مولابخش”چئي.

جي ڀائين ڀلو ٿئي، ته ڪڍ ڪُڌا ڪردار،
مولا جي مخلوق کي، ادا ڏي نه آزار،
فخر فوقيت هٺ وڏائي، ڌڪي ڪر ڌار،
ته ساڻي رب ستار،ٿيندئي مشڪل ۾ “مولابخش” چئي.