لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

شاهي ذوق شيديءَ جو

ڪتاب ” شاهي ذوق شيديءَ جو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي لوڪ ادب جي اهم صنف سگهڙائپ سان واسطو رکندڙ سگهڙ شاعر عبد الخالق عرف مولا بخش شيديءَ جي ڪلام جي هن مجموعي جو مرتب ۽ سنواريندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري آهي. عبدالخالق عرف مولا بخش شيدي شاهاڻو شوق رکندڙ محبتي ماڻهو، شاعريءَ سان گڏ شاهه صاحب جو شيدائي آهي. هي ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي، هي سٻاجهو ۽ صدورو سگهڙ توڙي سالڪ آهي. سگهڙ پائي جي صنفن جي سُڃاڻ رکندڙ، ڳجهارت جو ڳولائو منجهس ڏورن کي ڳولڻ جو ڏانءُ سمايل آهي. هنر ۾ هوشيار ۽ سينگار جو سرجڻهار آهي سندس ڪتاب ۾ گفتن جو گُن ۽ گُر ڀريَل آهي، ٻاجهاري ٻولن جو جهڙوڪ ٻج ڇٽيو هُجي.
Title Cover of book شاهي ذوق شيديءَ جو

چانهه ۽ لسيءَ جو مناظرو

اول ساراهه سائين جي، جو آ صاحب رب ستار،
پوءِ مير مڪي جي واليءَ جي، جو آ اڙين جو آڌار،
عربي صدقي انسانن جي ٿو لهي سار سنڀار،
ڪري قرب ڪلتار، ٿو شرم رکي “شيدي” چوي.

شرم رکي “شيدي” چوي، آ جوڙي جوڙ جبار،
مالڪ جي ملڪ ۾، آهي چهچٽو چوڌار،
چوٻول هيو چانهه جو، ۽ لسي ڌم ڌار،
بيهي وچ بازار، هي مذڪور ٻڌم “مولابخش” چئي.

چانهه: مذڪور ٻڌم “مولابخش” چئي چيس چانهه چسڪيدار،
ته لسي لڙ ڇڏي ڏي، نه گندي ڪر گفتار،
مون سان ته ماڻهن جا، ڏاڍا پڪا آهن پيار،
تون هوٽل تي هڪ وار، اچي ڇڪ ڏس “شيدي” چئي.

لسي: اچي ڇڪ ڏس “شيدي” چوي پوءِ انڌي ڪندينءَ اعتبار،
ڇا محبت آهي ماڻهن ۾ پوءِ ٻڍو هجي يا ٻار،
لسي پي لٺ ٿي پوءِ ٿا ڇوڙن ڌڻ ڌنار،
پوياڙيءَ جو به پيار ڪندا شهزادا آهن، “شيدي”چوي.

چانهه: ڪندا شهزادا آهن “شيدي” چئي پر پرديسي به پيار،
هوٽلن تي ته هر دم آهن انهن کي اختيار،
ٻهه وٺن ٻاڙ خاطر يا چڱا وٺن ڪي چار،
تون ته بنائين بيمار، ٿي شام وارن کي “شيدي”چئي.

لسي: شام وارن کي “شيدي” چوي هيءَ نصيحت هجي نروار،
اندر ڳاري عوام جو تو انڌي ڪيو آهي آزار،
نه نر ڇڏين نوجوانن کي ۽ ڪرين شگر بي شمار،
تنهنجو هاڻي تڪرار، نٿو مون سان ڇوري ٺهي “شيدي” چئي.

چانهه: نٿو ڇوري ٺهي “شيدي” چوي تنهن جو مونسان هڻڻ مٿو،
ڪي هير جي اچن هيڪل ته ڪي جوان ڪري جٿو،
مون سواءِ مردن کي اڄ نانءِ اچي ئي نٿو،
تون کڻي ويڙهائين کٿو، ٿي محبت وارن کي “مولابخش”چئي.

لسي: محبت وارن کي “مولابخش” چئي تو کري وڌو آ کاري،
نه ته ڪير ڦاسي ها ڪني توسان پئجي ان پساري،
احسان مڃ ابي جو جنهن جي لڳي آهين لاري،
نه ته موچڙن سان ماري موڳي وجهانءِ ها “مولابخش”چئي.

چانهه: موچڙن سان ماري وجهندينءَ ڀوڳڙن ۾ ڀيڻ،
هڪ ابو آهي اسان جو ۽ ادي ساڳيا آهن سيڻ،
ليلائي لسيءَ کي روئي نير وهائي نيڻ،
وسار ادي ويڻ ته محبت ڪريون “مولابخش” چئي.