لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

شاهي ذوق شيديءَ جو

ڪتاب ” شاهي ذوق شيديءَ جو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي لوڪ ادب جي اهم صنف سگهڙائپ سان واسطو رکندڙ سگهڙ شاعر عبد الخالق عرف مولا بخش شيديءَ جي ڪلام جي هن مجموعي جو مرتب ۽ سنواريندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري آهي. عبدالخالق عرف مولا بخش شيدي شاهاڻو شوق رکندڙ محبتي ماڻهو، شاعريءَ سان گڏ شاهه صاحب جو شيدائي آهي. هي ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي، هي سٻاجهو ۽ صدورو سگهڙ توڙي سالڪ آهي. سگهڙ پائي جي صنفن جي سُڃاڻ رکندڙ، ڳجهارت جو ڳولائو منجهس ڏورن کي ڳولڻ جو ڏانءُ سمايل آهي. هنر ۾ هوشيار ۽ سينگار جو سرجڻهار آهي سندس ڪتاب ۾ گفتن جو گُن ۽ گُر ڀريَل آهي، ٻاجهاري ٻولن جو جهڙوڪ ٻج ڇٽيو هُجي.
Title Cover of book شاهي ذوق شيديءَ جو

ڏور بيت

هي گل آهن گوهر جا سونهن ڀريا سلطان،
آيا آهن ڏورانهين ڏيهن کان مور ٿي مهمان،
تون ساٿي سڄڻن لاءِ غير ڪڍ گمان،
ته اهي محب محشر ۾ ڪندئي اربيلا احسان،
مت نه وتائين مُنڌ جي برو ٿيو بيمان،
هو مري ويو مروان، هنن کي ملي شهادت “شيدي” چوي.

مراد: امير مسلم جي نينگرن جي ڳالهه آهي ته امير مسلم جي شهادت کان پوءِ ابن زياد اعلان ڪيو ته نينگرن کي گرفتار ڪري اچو حارث پليد نينگرن کي شهيد پيو ڪري ته اتي سندس گهرواريءَ جي ڳالهائڻ بابت سگھڙ جو بيت چيل آهي.

لفظي کول:
سٽ (1): گل -نيگر - گوهر - امير مسلم - سونهن ڀريا سلطان- نينگر.
سٽ (2): ڏورانهون ڏيهه - مدينو پاڪ - مور مهمان - نينگر
سٽ (3): ساٿي - مڙس کي ٿي مائي چئي - سڄڻ - نيگر.
سٽ (4): مُحبَ - نينگر - اربيلا - نينگر.
سٽ (5): مت - سمجهه- منڌ- اها عورت - برو بيمان- حارث.
سٽ (6): مروان - حارث

-0-

ڏور بيت
هي هاتڪ مردُ مجاهد کي شاهَه نٿو ڇڏي،
ڏسي ڏاهي ڏاهپ سان هيئن چيس وير وڏي،
ٻنهي جي ٻهڳڻ پوءِ گاڏي ڇڏي گڏي،
اڃان تونگر آهي تڏي، مرد جي “مولا بخش” چئي.

مراد: احد واري لڙائيءَ ۾ حضور پاڪﷺ جن جي چاچي حضرت امير حمزه جن جي شهادت کان پوءِ جڏهن کيس جسم مبارڪ جنت البقيع ۾ دفنائڻ لاءِ کڻي هليا هئا ته احد جبل سندن جسم سان گڏ هلڻ لڳو جنهن بعد جبل جي خواهش مطابق پاڻ سڳورن پنهنجي چاچي کي اتي ئي دفنايو.
سُگھڙ جو ان واقعي بابت ڏور جو بيت ڏنل آهي.

لفظي کول:
1. هاتڪ- حضور پاڪ - مردُ - جبل - مجاهد - امير حمزه.
2. ڏاهو- نبي ڪريم- وير - نبي ڪريم.
3. ٻنهين - احد جبل ۽ امير حمزه کي پاڻ گڏائي ڇڏيو.
4. تونگر - امير حمزه - مردُ - احد جبل


0-

ڏور بيت
آديسي آيو عجيب وٽ قادر جي ڪري،
ڪيائين حقيقت هوت سان ڀورل جي ڀري،
۽ سڻايائين سندي کي جونه پيو وير ڏي وري،
بيت بچي يا مري، آهي مقدر تي”مولا بخش” چئي.

مراد: محبوب ڪريم جي معجزي سان سڪل بنڊ مان سائو وڻ ٿي پيو ۽ ان مان ٽپڪو انب ڪريو جيڪو ريان بادشاهه جي ننڍي نياڻي کڻي کاڌو ته الله جي قدرت ان ڇوڪريءَ کي پيٽ ٿي ويو ۽ ڳالهائيندي ٻار ڄمي پيو ۽ ناني سان ڳالهائي نبي سائين جي نبوت جي شاهدي ڏئي چوي ته ڪلمون پڙهه(1).

لفظي کول:
1. آديسي - ننڍو ٻار - عجيب - نبي ڪري= قادر = الله حقيقت = ڳالهه ڪئي ڇوڪر - هوت - نبي ڪريم = ڀورل = حضرت ثيث ۽ سڻايائين - يعني ٻڌايائين - سندي کي- يعني ناني کي - وير - نبي ڪريم.


__________________
(1) هيءَ سگھڙن وٽ روايت هلندڙ آهي، مرتب جو جو سهمت هئڻ ضروري ناهي.


-0-


ڏور بيت
عرض ڪري عجيب کي جانب چيو جيئن،
ٻڌي ٻولي ٻهڳڻ جي کڻي تونگر ڪيو تيئن،
جوڙ جوڙيو جبار هو اتي اربيلن جو ايئن،
ڪيو ڪاملن هو ڪيئن، اهو مڙئي ٻڌايو “مولابخش” چئي.

مراد: امير مسلم جي نينگرن کي حارث پليد شهيد ڪيو الله جي قدرت سان ٻئي ڀائر ڀاڪر پائي پاڻيءَ ۾ اوڀارا هلڻ لڳا(1).

لفظي کول:
(1) عجيب - وڏو ڀاءُ - جانب ننڍو ڀاءُ
(2) ٻهڳڻ - ننڍو ڀاءُ - تونگر - وڏو ڀاءُ
(3) جبار - الله - اربيلا - ٻئي نينگر
(4) ڪامل به ٻئي - نينگر


__________________
(1) هيءَ سگھڙن وٽ روايت هلندڙ آهي، مرتب جو جو سهمت هئڻ ضروري ناهي.


-0-

ڏور بيت

موڳي مونکي محب آهي عجيب ڏنو اجل،
ويو جو وير وستي ڇڏي هاڻي ڪيئن ايندو ڪامل،
ٻڌي ٻولي ٻهڳڻ ڪيس ڀلائي ڀرجهل،
ائين نوازي نرمل، مير ڇڏيس “مولابخش” چئي.

مراد: حضرت امير عمر فاروق رضه جي خلافت واري دور ۾ هڪ پوڙهي عورت جو تيل هارجي پيو ۽ رستي ۾ روئي رهي هئي ته اتي سيدنا عمرفاروق رضه جن آيا جن زمين تي ديڙو لڳائي زمين سان ڳالهايو ته اي زمين جيڪڏهن مون عُمر رضه تنهنجي مٿان انصاف واري حڪومت ڪئي آ ته تيل واپس ڪر.
بس امير عُمر رضه جو چوڻ ۽ زمين جو تيل واپس ڪرڻ اها پوڙهي تيل کڻي خوش ٿي هلي وئي(1).

لفظي کول:
موڳو - ٿُڏو - محب - حضرت عُمر رضه - عجيب - به - حضرت عُمر رضه وير حضرت- عُمر رضه - ڪيئن ايندو- تيل - ڪامل - حضرت- عُمر رضه - ٻهڳڻ - حضرت عُمر رضه - ڀرجهل به- حضرت عُمر رضه - نرمل - حضرت عُمر رضه - مير به - حضرت عُمر رضه .

__________________
(1) حوالو: مراة المناجيح ص 381 جلد 8 – تحفة الطلاب – ص 229.

-0-

ڏور بيت
هيءَ پري اٿئي پارس جي پرينءَ چيس پونه،
قدر تنهنجي ڪامي، چيس ڪامل ڪيشي ڪونه،
ائين مورناهي “مولابخش” چئي جيئن تونگر چيو تونه،
ڪاٿي گل گوهر جا ۽ ڪاٿي مرد مٿو نه.

مراد: محبوب ڪريمﷺ جي وصال کان بعد نعلين مبارڪ حضرت علي
سلمان فارسي ؓ کي ڏي ته سلمان فارسي ؓ پنهنجي سرجو تاج ڪري ڇڏي(1).

لفظي کول:
پري - نعلين مبارڪ - پارس - نبي ڪريم- پرين - حضرت علي - ڪامي - حضرت سلمان - ڪامل - حضرت علي - ائين مُورُ ناهي - اصل ناهي - تونگر - حضرت - علي - گل گوهر جا - قدم نبي ڪريم جا - مردُ سلمان - شهنشاهه - محبوب مديني وارو.

__________________
(1) هيءَ سگھڙن وٽ روايت هلندڙ آهي، مرتب جو جو سهمت هئڻ ضروري ناهي.