لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

شاهي ذوق شيديءَ جو

ڪتاب ” شاهي ذوق شيديءَ جو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي لوڪ ادب جي اهم صنف سگهڙائپ سان واسطو رکندڙ سگهڙ شاعر عبد الخالق عرف مولا بخش شيديءَ جي ڪلام جي هن مجموعي جو مرتب ۽ سنواريندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري آهي. عبدالخالق عرف مولا بخش شيدي شاهاڻو شوق رکندڙ محبتي ماڻهو، شاعريءَ سان گڏ شاهه صاحب جو شيدائي آهي. هي ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي، هي سٻاجهو ۽ صدورو سگهڙ توڙي سالڪ آهي. سگهڙ پائي جي صنفن جي سُڃاڻ رکندڙ، ڳجهارت جو ڳولائو منجهس ڏورن کي ڳولڻ جو ڏانءُ سمايل آهي. هنر ۾ هوشيار ۽ سينگار جو سرجڻهار آهي سندس ڪتاب ۾ گفتن جو گُن ۽ گُر ڀريَل آهي، ٻاجهاري ٻولن جو جهڙوڪ ٻج ڇٽيو هُجي.
Title Cover of book شاهي ذوق شيديءَ جو

ڳجهارتون

[u][b]ڳجهارتون (سُر سسئي)[/b][/u]
• ڏيڻي: عضوي جي نر نالو ذات ٿيندس.
ڀڃڻيءَ جا بند:
عضوي جي: لڪير.
نر نالو: نصيب.
ذات: راهي

کول: لڪيرن ۾ نصيب لکيل آهي ته راهي ٿيندس.

• ڏيڻي: ذات نه نالو هو.
ڀڃڻيءَ جا بند:
ذات: جعفري.
نالو: آدم
کول: جا فري ڏٺم ته نالو آدم ئي نه هو.

• ڏيڻي: کڻ مال جي اڳيون ذات ٿئي.
ڀڃڻيءَ جا بند:
مال جي: کلي.
ذات: اوڏ
کول: کڻ کلي اوڏڙا ٿا وڃنين.

• ڏيڻي: ذات آئي ته نالو نه هو.
ڀڃڻيءَ جا بند:
ذات: سامت.
نالو: آدم
کول: سامت آئي ته ڪو آدم نه هو.


• ڏيڻي:توهان نه شهر، مان ذات ٿيندس.
ڀڃڻيءَ جا بند:
شهر: جهل.
ذات: راهي
کول: توهان نه جهليو مان راهي
ٿيندس

• ڏيڻي: وٺ مال جو ذات ٿئي.
ڀڃڻيءَ جا بند:
مال جو: چارو.
ذات: اوڏ
کول: وٺ چارو هُو اوڏڙا ٿئي

[u][b]ڳجهارتون (سُر سُهڻي)[/b][/u]
• ڏيڻي: جي ذات ڏٺئي ته مال جو ڪرين هان.
ڀڃڻيءَ جا بند:
ذات: ڪصر.
مال جو: ٿاهر
کول: جي درياءُ ۾ ڪصر ڏٺئي ته ٿاهر ڪرين هان

• ڏيڻي: نالي کي فقير جي ڏني هئي واڻڪي وڃي ها.
ڀڃڻيءَ جا بند:
نالو: درياءُ.
فقير جي: موج.
واڻڪي: هٽي
کول: جي درياءُ ۾ موج ڏٺي هُئي ته هٽي وڃي ها
ڳجهارتون (سُر مورڙو ميربحر)
• ڏيڻي: ڪپڙي جو نڪر هي به نالو ويندو فقيرن جو ڪير.
ڀڃڻيءَ جا بند:
ڪپڙي جو: پلاند.
نالو: بچل.
فقيرن جو: ٽولو
کول:پلاند جو نه ڪر هي بچل به ويندو پوءِ هن فقيرن جي ٽولي جو ڪير ڪندو.

• ڏيڻي: تون چور ڪپڙي جو وَهَٽَ جو گَاَههَ فقير جو ڇا ٿيندو.
ڀڃڻيءَ جا بند:
چور: ظالم.
ڪپڙي جو: وَرُ
وَهَٽُ: ڪچڙو.
فقير جو: ٽولو
کول: تون ظلم جي ور چڙهي وئين ته پوءِ هن ڪچڙي ٽولي جو ڇا ٿيندو.

ڳجهارتون (سُر ليلان چنيسر)
• ڏيڻي: شهر ليلان، وڃي نالو مرض ٿي.
ڀڃڻيءَ جا بند:
شهر: هٽڙي.
نالو: گدا.
مرض: گَرُ
کول: هٽ ڙي ليلان وڃي گداگر ٿيءُ

• ڏيڻي: مان جنگ جي ڪئي تون چور جي نه ڪر.
ڀڃڻيءَ جا بند:
جنگ جي: تُوبَ.
چور جي: ڦٽي
کول: مان توبهه ڪئي تون ڦٽي نه ڪر

• ڏيڻي: ڪتي جي نه ليلان، ڪاٺ جي ڪر.
ڀڃڻيءَ جا بند:
ڪتي جي: نڪر.
ڪاٺ جي: پينسل
کول: نڪر هتان وڃي پن سن ڪر

• ڏيڻي: مان ڇڏي تون ڪتي جي نه ڪر.
ڀڃڻيءَ جا بند:
مان: انا.
ڪتي جي: لوڌ
کول: پنهنجي انا ڇڏي، تون لوڌ نه ڪر.