لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

شاهي ذوق شيديءَ جو

ڪتاب ” شاهي ذوق شيديءَ جو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي لوڪ ادب جي اهم صنف سگهڙائپ سان واسطو رکندڙ سگهڙ شاعر عبد الخالق عرف مولا بخش شيديءَ جي ڪلام جي هن مجموعي جو مرتب ۽ سنواريندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري آهي. عبدالخالق عرف مولا بخش شيدي شاهاڻو شوق رکندڙ محبتي ماڻهو، شاعريءَ سان گڏ شاهه صاحب جو شيدائي آهي. هي ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي، هي سٻاجهو ۽ صدورو سگهڙ توڙي سالڪ آهي. سگهڙ پائي جي صنفن جي سُڃاڻ رکندڙ، ڳجهارت جو ڳولائو منجهس ڏورن کي ڳولڻ جو ڏانءُ سمايل آهي. هنر ۾ هوشيار ۽ سينگار جو سرجڻهار آهي سندس ڪتاب ۾ گفتن جو گُن ۽ گُر ڀريَل آهي، ٻاجهاري ٻولن جو جهڙوڪ ٻج ڇٽيو هُجي.
Title Cover of book شاهي ذوق شيديءَ جو

سُگهڙ جي سڃاڻپ

سنڌ جي خوشبودار مٽيءَ مان لاتعداد املهه ماڻڪ انسانن جنم ورتو آهي. اهڙن انيڪ انسانن ۾ صوفين جي سرتاج ۽ فقيري فڪر جي علمبردار علامه سائين هدايت علي نجفي “تارڪ” جي ابدي آرماگاهه واري شهر لالو رونڪ جو ڏاهو ڏات ڌڻي سُگھڙ عبدالخالق عرف مولابخش شيدي به هڪ آهي.
سُگھڙ عبدالخالق عرف مولابخش شيدي جو جنم 20 سيپٽمبر 1964ع تي سندس بابي علي شير شيديءَ جي ڪکائين صحن تي ٿيو. پاڻ ديني تعليم جي ضروري ڄاڻ، قرآن پاڪ ۽ پرائمري جا پنج درجا لالو رونڪ شهر ۾ ئي شفيق استادن جي شفقت هيٺ پڙهيو ۽ رشيد وڳڻ جي هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنائين. کيس قابليت جي بنياد تي 28 آڪٽوبر 1989ع دوران پوليس کاتي ۾ نوڪري ملي.
مرحوم سُگھڙ علي مراد ٿهيم جي صحبت کيس سُگھڙائپ جو ذوق ڏياريو ۽ لوڪ ادب جي فن جو باقائدي شاگرديءَ جو ڳانو قابل استاد سُگھڙ غلام قادر ڀٽو کان ٻڌرايائين.
سُگھڙ عبدالخالق عرف مولابخش شيدي سنڌ جي نمڪ ملهائيندڙ ڏات ڌڻين مان آهي جنهن پنهنجي رهبر استاد غلام قادر ڀٽو کي فني مڃتا طور سال 2002ع ۾ تاج پوشي ڪرائي سونو تاج پارايو ۽ هڪ ڀيرو وري 2015ع ۾ سلات جي باني ۽ جاکوڙي سُگھڙ عاجز رحمت الله لاشاري سان گڏ سندس استاد غلام قادر ڀٽو کي به چانديءَ جو تاج پارايو. سُگھڙ عبدالخالق عرف مولابخش شيدي سُگھڙ سان گڏ هڪ سماج سڌارڪ ۽ هڏڏوکي انسان پڻ آهي سماجي خدمتن جي اعزاز ۾ لالورائنڪ جي سياسي، سماجي، ادبي ڌرين کيس کوڙ ڀيرا تقريبون پڻ ڪوٺايون آهن.
سلات پاران ڄامشورو ۾ 12 ڊسمبر2015ع تي صاحب ڪتاب سُگھڙن جي مان ۾ ڪوٺايل ملڪ گير ڪنوينشن ۾ ڪتابن جي خالق سُگھڙن کي پٽڪا پارائڻ ۾ مولابخش شيدي جو مُک ڪردار هو.
سندس لوڪ ادب خدمتن جي اعتراف طور سُگھڙن جي نمائنده تنظيم “سلات” ۽ ٻين ادارن پاران مليل مڃتا سرٽيفڪيٽن ۽ ايورڊن جون تصويري جهلڪيون ۽ عڪس هن ڪتاب ۾ محفوظ ڪيا ويا آهن جيڪي پڻ ڏسي سگهجن ٿا.


سگھڙ محمد عالم مهر
ضلع صدر: سلات
شڪارپور، سنڌ