لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

شاهي ذوق شيديءَ جو

ڪتاب ” شاهي ذوق شيديءَ جو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي لوڪ ادب جي اهم صنف سگهڙائپ سان واسطو رکندڙ سگهڙ شاعر عبد الخالق عرف مولا بخش شيديءَ جي ڪلام جي هن مجموعي جو مرتب ۽ سنواريندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري آهي. عبدالخالق عرف مولا بخش شيدي شاهاڻو شوق رکندڙ محبتي ماڻهو، شاعريءَ سان گڏ شاهه صاحب جو شيدائي آهي. هي ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي، هي سٻاجهو ۽ صدورو سگهڙ توڙي سالڪ آهي. سگهڙ پائي جي صنفن جي سُڃاڻ رکندڙ، ڳجهارت جو ڳولائو منجهس ڏورن کي ڳولڻ جو ڏانءُ سمايل آهي. هنر ۾ هوشيار ۽ سينگار جو سرجڻهار آهي سندس ڪتاب ۾ گفتن جو گُن ۽ گُر ڀريَل آهي، ٻاجهاري ٻولن جو جهڙوڪ ٻج ڇٽيو هُجي.
Title Cover of book شاهي ذوق شيديءَ جو

لوڪ گيت

اجرڪ ٽوپي وارا سڀ گڏجي هڻو سنڌ جا نعرا،
ننڍا وڏا پڪا پوڙها سهڻي سنڌ جا سهارا.

آبرو عزت اجرڪ ٽوپي آهي شان اسان جو،
لڄ لوئي آهي محبت سندس مان اسان جو،
اجرڪ ٽوپي پائڻ وارا آهن پرين منهنجا پيارا،
سڀ گڏجي هڻو سنڌ جا نعرا.

سنڌ سهڻي کي جوڙيو جانب رب جبار،
مهراڻ جي موتين جي لهن ٿا سالڪ سهڻا سار،
سنڌي سهڻا سڀ جهڙا آهن دوست منهنجا دلدارا،
سڀ گڏجي هڻو سنڌ جا نعرا.

ڪيان ساهه صدقو سنڌ تان جنهن ڏنو جنم جوڙ جڳ ۾،
مڙين کان “مولابخش” وڌيڪ آهين ڀاڳ ۾،
ڏسي ٿو “شيدي” جڳ ۾ وليئن جانوري نظارا،
سڀ گڏجي هڻو سنڌ جا نعرا.


-0-

اکڙين بابت (بيت)
آنک اکيان ڪن، عجب اشارا عام،
چرپر ڪرڻ سان ڏين، پيار سندا پيغام،
چوڪس چاهه دونن درنگ وجهن دام،
شهزادن کي شڪار ڪرڻ جا، ڪڙول اٿن ڪام،
نيڻ کڻن ناز سان جهڪائي وجهن جام،
عينين اڳيان ڪيئي، سجدا ڪن سلام،
ڪسڻ لاءِ ڦاسائين ٿيون، صبح توڙي شام،
اڳ عجيب سندا لوچين لائيون لغام،
نيڻن ڪنول ڪيف ڪشي وچ غضب آ غمام،
ٿي قيد وڃن قرب ۾ گهورائون هڻي گام،
انهن بلوري بام، سان ڪيئي مست ٿين “مولابخش” چئي.


-0-

سڀ چئو گڏجي جيئي سنڌ جيئي سنڌ
سنڌ اسان جي سوني آهي،
وري ان تي ڪاهي ڪوني آهي،
پوءِ ڇو ڍر ڪئي يار توني آهي،
ڏسو ڪيڏو ٿي ويو آ اسان وٽ انڌ.
سڀ چئو گڏجي جيئي سنڌ جيئي سنڌ
ٿي ڌرتي سان ويو ڌاڙو آهي،
اڄ اسان وٽ مُک آچر سومر جاڙو آهي،
تڏهن ته روز پٽن جي دل ۾ راڙو آهي،
جيجل کي جان ڏئي ڪٽائڻو آهي ڪنڌ.
سڀ چئو گڏجي جيئي سنڌ جيئي سنڌ
ڪنداسي نه امڙ کان جان پياري،
سڀ سورهيه ڪٺي ٿيون هاري ناري،
تحريڪ هلائي تن سان ڪيون جنگ جاري،
نصر من الله وفتح قريب ايهو راهه وٺو رند.
سڀ چئو گڏجي جيئي سنڌ جيئي سنڌ
ڪڏهن نه ڪڏهن دشمن سان دنگ ٿيندو،
مددگار هر دم اسان سان هادي هوندو،
فاتح فتح اسان کي ڏاتار ڏيندو،
“مولابخش” ماءُ کي جڏ جان ڏينداسي جِندُ.