مناقبا
برادر آهي رسول جو بيشڪ علي اچڻ سان ملهايو ميدان آ.
هيون اکيون بند عجيب جون، جئين مُک پسان محبوب جو،
سلام ٻڌي سڄڻ جو، اتي شاهِ مردان ڪيو شڪران آ.
دُل دُل ۽ ذوالفقار موڪلي مولا ڏي هي فرمايو مصطفى ﷺ،
حقدار آهي اهو جو ڪندو ختم پورو قرآن آ.
تون ۽ مان جي چوڻ ساڻ وڃنس پرسڙي پيا،
جبرائيل کي سبق ڏئي ڪرايو پاس امتحان آ،
هر جنگ جو فاتح مشڪل ڪشا علي آ،
اسلام جو حامي وناصر ۽ قاتل ڪفران آ،
مولا علي جو شان ڇا “شيدي” ڪري بيان،
اڙين اٻوجهن جو آڌار۽ “مولابخش” تي مهربان آ.
-0-
مناقبو مولا علي
ولادت سان ئي بيت الله ٿيو آ مڪان عليءَجو،
ٻڌايان مان ڇا ڇا اوهان کي بيان عليءَجو.
الله جي گهر پاڪ ۾ عبادت ڪندي ڪندي،
راههِ خدا ۾ خير ڏيڻ آهي شان عليءَجو.
رُستمي داستان جهڙا سوين درسائين سلامي،
مَٽُ مُلڪَ ۾ نه آهي ڪوئي پهلوان عليءَجو.
خيبر جي جنگ ويلي ڪيئن مرحب جي گُرز سان،
مانگر کي ماري موري تي ڏس احسان عليءَ جو.
مان مڃان ٿو ته حاتم سخي ۽ عثمان غني هو
پر سخا ۾ مٽ نه ٿيندو ڪوئي سلطان عليءَجو.
قاتل تي ڪرم ڪيڏو آ مشڪل ڪشا ڪيو،
شربت پياريو ان کي آ فرمان عليءَجو.
آمد روانگي مولا جي ٿي رب پاڪ جي گهر ۾،
پوءِ ڇونه چوان الله آ ميزبان عليءَجو.
گرتاج شاهي ڇو نه هجي ڪنهن کي اي “شيدي”،
تنهن کان به مٿي “مولابخش” آدربان عليءَجو.
-0-
مناقبو مولا علي
ڪن ڏئي قصو ٻڌو هي شان علي آ،
الله جي گهر پاڪ ۾ ٿيو مهمان علي آ.
اول ته فاطمة بِنت اسد جي ٿي هيءَ رهي حالت،
تعظيم ڪري پئي تنهن جي جڏهن آيو ٿي سردار رسالت،
پڇا تي چيائين مون کي اهو فرمان علي آ.
ڪعبي ۾ تولد ٿيو جڏهن دلدار نبيءَ جو،
اکيون بند ڪري، ڪري پيو انتظار نبيءَ جو،
بُت ڪِينَ ڏِسبا اِهوئي اعلانُ علي آ.
سڃاڻپ لاءِ سائينءَ ڏي جڏهن آيو ابوجهل کڻي اجگر،
اڌو اڌ ڪري ان کي هو هڪ دم ڇڏيو حيدر،
بچپن کان غالب عدوء تي ذيشان علي آ.
نه شجاعت ۾ سڄڻ جي نه ڪو سخا ۾ ثاني،
هر طرح حامي حيدر سان آ هادي حقاني،
تڏهن ٿيو مدگار مرسل جو ۽ قاتلِ ڪفران علي آ.
“مولابخش” مولا عليءَ جو ثنا خوان به آهي،
ڀريءَ محفل ۾ ڀورل جو ڪندو بيان به آهي،
شهنشاهه “شيدي” چئي، مڙني تي مهربان علي آ.
-0-
مولا علي “مناجات”
اي مولا علي ٻڌ منهنجي سدا،
ڪر ڏکڙا ڏور تُون شيرِ خدا.
تون وليئن جو پرين آهين والي،
منهنجي جهولي ڇڏ نه تون خالي،
توهان مِڙني جا هن ٻول ٻُڌا، اي مولا عليٻڌ منهنجي سدا.
منهنجو سهڻا سائين سلطان به تون،
منهنجو اربيلا آن ايمان به تون،
مان تنهنجي دَرَ جو گولو گدا، اي مولا عليٻڌ منهنجي سدا.
ساري جڳ ۾ ٿو توکي چاهيان مان،
تنهنجو شان مولا ٿو ڳايان مان،
تون ناهين اسان کان جاني جُدا، اي مولا علي ٻڌ منهنجي سدا.
“مولابخش” آهي سهڻا سام تنهنجي،
لڙ لڳو هي “شيدي” آ غلام تنهنجي،
هيءَ منهنجي اگهايو نماڻي نِدا، اي مولا علي ٻڌ منهنجي سدا.
-0-
مناقبو شانِ اِمام حسين
بيشڪ سيد آهين صابر صبر وارو،
تو حسين هنيو حق جو نعرو،
تنهنجو اصغر، اڪبر، هيو سائين سهارو،
غازيءَ جو گوهر آهين ،تون پرين پيارو.
ٿيو يزيد منڪر جو، آهي منهن ڪارو،
ٿئين ڪربلا ۾ ڪامل سڄڻ تون سوڀارو.
دين خاطر دلبر ڪيو، تو قربان ساٿ سارو،
نبي پاڪَ جي نُور جو، تون آن سهڻا ستارو.
“مولابخش” کي ڪر عجيب اشارو،
شهيدن صدقي “شيدي” کي ڏيکار محب منارو.
-0-
ڀٽائيءَ کي ڀيٽا
تو ڀٽائي تي ڀورل، گل و گلستان ڏٺم،
وحدت واري وائيءَ جو، ڪامل قرآن ڏٺم،
رهَبَر رسالن ۾، تنهنجا فرمايل فرمان ڏٺم،
صدين جا سهڻا تنهنجا، دستاويز ٿيل داستان ڏٺم،
هيرا موتي سجايل، سونهن ڀريا سلطان ڏٺم،
منافقن جا توتي ورندڙ ايهي ايمان ڏٺم،
مِڙني تي مُرشد تنهنجا لکين لائق احسان ڏٺم،
سائلن کي تو وٽ ملندڙ سُکن جا سامان ڏٺم،
“مولابخش” جا تو در پورا سمورا ارمان ڏٺم،
کولي دري خان ڏٺم شفا ملندي”شيدي” چوي.
سهڻا لطيف تو جيجل جو جيءُ جياريو،
هِند، سنڌ ۾ تنهنجو نرمل آهي نعرو،
پنجتن پاڪ جو آهين پيارو،
غريبن اميرن جو تون سهڻا سائين سهارو،
سنڌ سهڻيءَ ۾ آهين ستارن ۾ ستارو،
ملڪ ۾ مشهور آهي تنهنجو نوري نظارو،
تنهنجي در آيا دلبر لٿن من جو مونجهارو،
“مولابخش” جو مڙني کان ڪيئي ڀاڳ ڀلارو،
پائي ڳچيءَ ڳل ڳارو سگهڙ آيو صحن تي.
-0-
سچل کي سلامي (بيت)
درازن ۾ دلبر تو هنيو نرمل آ نعرو،
بيشڪ سچ سچل سڄڻ تنهنجو سارو،
رنگ به رنگي درازن ۾ ڏٺو سي نوري نظارو،
هر دم هر جاءِ هو هو هو جو هونگارو،
“مولابخش” بيشڪ ڀاڳ ٿي ڀلارو،
پائي ڳچيءَ ۾ ڳارو، سگهڙ آيو ٿي صحن تي.
-0-
سائين مهتاب علي شاهه جي شان ۾“منقبت”
مهتاب شاهه ڪر ڪا نگاهه،
کول اسان جي تون ڪا واهه.
پاڻ ڪجانءِ ڪو پنهنجو ڪرم،
منهنجو رکجانءِ ڀورل ڀرم،
کول اسان جي تون ڪا واهه.
هيڻو منهنجو حال آهي،
توکي منهنجو سوال آهي،
کول اسان جي تون ڪا واهه.
“شيدي” پيو ٿو توکي پڪاري،
مٺا “مولابخش” کي ڇڏ نه وارث وساري،
کول اسان جي تون ڪا واهه.