لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

شاهي ذوق شيديءَ جو

ڪتاب ” شاهي ذوق شيديءَ جو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي لوڪ ادب جي اهم صنف سگهڙائپ سان واسطو رکندڙ سگهڙ شاعر عبد الخالق عرف مولا بخش شيديءَ جي ڪلام جي هن مجموعي جو مرتب ۽ سنواريندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري آهي. عبدالخالق عرف مولا بخش شيدي شاهاڻو شوق رکندڙ محبتي ماڻهو، شاعريءَ سان گڏ شاهه صاحب جو شيدائي آهي. هي ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي، هي سٻاجهو ۽ صدورو سگهڙ توڙي سالڪ آهي. سگهڙ پائي جي صنفن جي سُڃاڻ رکندڙ، ڳجهارت جو ڳولائو منجهس ڏورن کي ڳولڻ جو ڏانءُ سمايل آهي. هنر ۾ هوشيار ۽ سينگار جو سرجڻهار آهي سندس ڪتاب ۾ گفتن جو گُن ۽ گُر ڀريَل آهي، ٻاجهاري ٻولن جو جهڙوڪ ٻج ڇٽيو هُجي.
Title Cover of book شاهي ذوق شيديءَ جو

جنهن جو عشق الله سان

جنهن جو عشق الله سان، ازلئون آهي ادا،
“لاَخَوفُ عَلَيهِم” سي، بلڪل آهن بندا،
اوکي سوکيءَ ۾ انهن ڏي، آهي ڪندو خيرخدا،
اطاعت جو انهن جي، امر ڏنو نبيءَ نور الهديٰ،
جنهن شر پٺيان شيطان جي، جوڙي جاءِ جدا،
ڪيريندس ڪنڌ ڀر، تنهن کي اهي ڪمَ ڪُڌا،
نفس جا نهوڙي جنهن، ڪيا فقير ڪم فدا،
تنهن سان ساڻي سدا، آ مالڪ “مولابخش” چئي.

دُنيا ۾ دوستو آهي جنهن جو عشق احمد ڄام سان،
تنهن جو نروار نام ادا آهي اسلام سان،
تانگهه تنهن جي تن ۾، هوندي صلوٰة و سلام سان،
اهو نرمل جي نام سان، مشهور هوندو “مولابخش” چئي.