مَدَح نامون
تڏهن ڪائنات جا ڪل نروار ٿيا هي نظارا.
مَلَڪَ فَلَڪَ ڪيا الله پيدا ۽ عرش عظيم،
حورون پريون غلمان هزارين مُڪا هادي پاڻ حليم،
تُنهنجي ڪري تونگر هي ڪيا آهن قرب ڪريم،
ٿئين ڇورن لاءِ شفادار تون دلبر دلارا،
ٿيو هي جهان تولئه خدا جو قسم خدارا.
تنهنجي درجو دربان جبرائيل جوان ٿيو،
ڪل ڪتابن ۾ ڀورل تنهنجو بيان ٿيو،
توريت، زبور، انجيل، ڪلمون ۽ قرآن ٿيو،
لک لائق لعلڻ ڪري اچي ٿئين اڙين آڌارا،
ٿيو هي جهان تولاءِ خدا جو قسم خدارا.
سوا لک کان سائين تنهنجو مٿانهون مان ٿيو،
سدرة المنتهى کان مٿي تنهنجو مٺا مڪان ٿيو
افضل اعلى الاهي تنهنجو شهنشاهي شان ٿيو،
منجهيل مون پارن کي آهن سائين تنهنجا سهارا،
ٿيوهي جهان تولئه خدا جو قسم خدارا.
جِتي جاءِ ناهي جوڌن جي اُتي جُتيءَ جي ٿي جاءِ،
لاٿئي پئي لعلڻ ته اتي پالڻهار چيئي ته پاءِ،
عرش کي عزت ڏي اها رازق جي هُئي راءِ،
سوا لک انبياءَ کان ڪيئي قادر قرب قرارا،
ٿيو هي جهان تولئه خدا جو قسم خدارا.
سواءِ سڄڻ تنهنجي برباديون هجن ها،
زمين و زمن نه وري هتي آباديون هجن ها،
نه هي جوڙ جڪ جڳ جي نه نڪاح شاديون هجن ها،
تنهنجي ڪري سڀ ٿيا هي سج چنڊ ستارا،
ٿيو هي جهان تولئه خدا جو قسم خدارا.
ڇڏي شڪ “شيدي” سڀ گوهر جي گفتار ڪيو،
مالڪ جي محبوب جي سڀ پرينءَ جي پرچار ڪيو،
ثنا سيد سچي جي، عمر يڪي سڀ يار ڪيو،
پوءِ ڪندا پنج ٻارنهن اچي ٻاجهه ڀلارا،
ٿيو هي جهان تولئه خدا جو قسم خدارا.