فقير ي رنگ...؟
ڌرتيءَ جي گولي تي رهندڙ ماڻهن جو سُکُ ڦٽائيندڙ انتها پسندي، لساني، ذات پرستي جي ور چڙهيل ڪيترين ئي قومن امن پسند انسانن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ڏٺو وڃي ته اسان جي سنڌ ڌرتي صدين کان امن پسند ۽ صوفين جي سر زمين رهي آهي جنهن کي خبر ناهي الائي ڪهڙي ظالم جي نظر لڳي آهي جو ڏينهون ڏينهن فتنا ۽ فساد وڌندا پيا وڃن ۽ هر گهر توڙي گهٽيءَ مان بارود جي بوءِ اچي رهي آهي. ان قسم جي سڀني معاملن ۽ مرحلن جو حل لطيفي صوفيانا فڪر ۾ آهي جيڪو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام توڙي حضرت صوفي شهيد شاهه عنايت ۽ شهيد مخدوم بلاول جهڙين عظيم هستين جي ٻڌايل واٽ تي عمل ڪرڻ آهي.
هاڻوڪي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ تعلقي وارهه جي شهر لالو رائنڪ ۾ آرام ڪندڙ وقت جي بزرگ هستي حضرت فقير هدايت علي “تارڪ” نجفي جي فيض سان فيضياب ڏاهو ڏات ڌڻي فقير سگھڙ عبدالخالق عرف مولابخش شيدي جي هن ڪتاب جي اشاعت تاريخ ۾ پهريون قدم آهي جو هن شهر جي ڪنهن سگھڙ جي ڏات جو اڻ ملهه خزانو ڇپجي سنڌ واسين جي هٿن تائين پهچي ۽ پوءِ ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ واسي توڙي هن شهر لالو رائنڪ جا سماج سڌارڪ، صحافي، سياستدان، عالم، اديب، ڏاها، مفڪر، سُگھڙ ۽ شاعر ڪهڙي موٽ ڏين ٿا اهو وقت کان پهرين ٻڌائڻ غير ضروري آهي.
هن ڪتاب ۾ سگھڙ، شاعر عبدالخالق عرف مولابخش شيدي جي شخصيت ۽ فن بابت مختلف دوستن پنهنجا ويچار ونڊيا آهن جڏهن ته مان سندس ئي خواهش جي پورائي خاطر فقيري فلسفي بابت ڪجهه اوهان آڏو عاجزانه الفاظ سامهون رکان ٿو جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ اوهان جي قيمتي راءِ جو اُلڪو تادير قائم ۽ دائم رهندو.
هن دؤر تي نظر ڦيرائجي ٿي ته اڄ ڪلهه جيڪو گيڙو ڪپڙا پائي، ڪنٺو هجيس ڳچيءَ ۾، ڪُندري هجيس هٿ ۾، سُلفي هجيس ساڻ، ڀنگ جي ڪري ڀينگ ۽ چرس کي ڪري چٽ، تو تارو در در وڄائيندو وتي، نه پڙهي نماز ۽ نه رکي روزا، ڏاڙهي هجيس پوٺو ۽ مُڇون هنجس ماڪڙ وانگي مُلن توڙي ڏاڙهي وارن تي ٽوڪ ڪندڙ هجي، اهڙي ماڻهوءَ کي سنڌ جا گهڻا اٻوجهه انسان، فقير صاحب سڏيندا آهن! مگر ويچارن کي خبر ئي ناهي ته، فقير جي معنى ڇا آهي ۽ فقير ڪنهن کي سڏجي؟
فقير ۾ چار اکر آهن: ف - ق - ي - ر:
ف: معنى فاقو، فضليت، فڪر ۽ فنا.
ق: معنى قناعت، ۽ قرب.
ي: معنى يادگيري الله جي ۽ يقين.
ر: معنى رياضت ۽ رضا تي راضي.
يعني فقير انهيءَ کي چئبو آهي جيڪو بُکون ڪاٽي يعني روزا رکي، فضيلت وارو هجي، ڪنهن تي به ٽوڪ بازي نه ڪري ۽ پنهنجي هستيءَ کي فنا ڪري، جيڪي وٽس هجي انهيءَ تي قناعت ڪري ۽ قادر جو قرب هجيس. رياضت يعني بندگي ڪري ۽ رازق جي رضا تي هر دم راضي رهي.
جنهن به فقير ۾ اهي مٿيون خوبيون نه هجن ته انهيءَ کي فقير سڏڻ عظيم گناهه آهي. اهڙي بدڪار کي پينو ۽ گداگر سڏجي ته بهتر ٿيندو.
حضرت ابراهيم بن ادهم جي وقت ۾ هڪڙي فقير پنهنجي تنگ گذران بابت شڪايت ڪئي ته حضرت ابراهيم بن ادهم فرمايس ته: “شايد توهان فقيري مفت ورتي آهي”، “فقير وراڻيو ته: فقيري ڪا پئسن سان به وٺبي آهي ڇا”؟ حضرت ابراهيم بن ادهم فرمايس ته: “هائو! اسان فقيري ڳولي ۽ تونگري پيش ڪئي سون، ٻين تونگري ڳولي ۽ فقيري نه لڌي.
حضرت اويس قرنيجو قول آهي فقير جو پاڻي کوهه ۾، ماني غيب ۾ هوندي آهي. فقير جو نه دنيا وطن آهي، نه عقبى جاءِ آهي.
حضرت بشر حافي جو قول آهي ته فقير ٽن قِسمن جا آهن:
1. هڪڙا اُهي جيڪي اصل سوال نه ڪندا آهن، جيڪو ڪجهه ٻيو ڏيندو اٿن سو به نه وٺندا آهن، اهي آهن روحاني فقير. اهي جو ڪجهه رب العالمين کان گهرندا آهن، سو انهن کي ڏيندو آهي. انهن جي دعا يا انهن جو سوال هميشه قبول پوندو آهي.
2. ٻيا اُهي جيڪي پاڻ سوال نه ڪندا آهن پر جيڪڏهن ڪو ڏيندو اٿن ته وٺندا آهن. اهي آهن توڪلي ۽ وچين درجي جا.
3. ٽيان اُهي آهن جيڪي صبر ڪري ويهندا آهن ۽ پنهنجي مستيءَ ۾ گم هوندا آهن ۽ دم دم ۾ الله تعالى جي يادگيري رکندا آهن. ڏيڻ، وٺڻ، کائڻ، پيئڻ طرف ڌيان نه هوندو اٿن.
حضرت جنيد بغدادي جو قول آهي ته جڏهن ڪو فقير ڪنهن حاڪم يا بادشاهه وٽ وڃي ته پڪ ڄاڻ اهو چور آهي. جيڪڏهن وري ڪنهن دنيا دار وٽ وڃي ته پڪ ڄاڻ ته اهو ٺڳ آهي. ڇو ته جيڪڏهن فقير کي نعمت نه آهي ته همت آهي، جي دنيا نه آهي ته آخرت آهي.
حضرت بوعلي سينا قلندر جو شعر آهي ته:
زهد و تقوى چـيست اي مرد و فقير،
لاطمع بودن ز سلطان و امـير.
زهد ۽ پرهيزگاري ڇا آهي اي مرد فقير، لاطمع ٿيڻ بادشاهن ۽ اميرن کان.
حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري فرمائن ٿا ته: فقير پاڻ کي فقيريءَ ۾ تونگر ڏيکاري، پنهنجي بُک ڪنهن جي اڳيان ظاهر نه ڪري، ڏُک ۾ خوش ڏسڻ ۾ اچي ۽ الله جي مخلوق سان بُرائي جي بدلي نيڪي ڪري.
حضور حبيب ڪريم عربي ڄامﷺجن جو ارشاد آهي:
“اَلفَقرُ مِنّي وَ الفَقرُ فَخُرِي”
(فقيري مون مان آهي ۽ ان تي مون کي ناز آهي).
آقاءِ نامدار تاجدارِ مدينهﷺ جن فرمايو هر شيء جي هڪ ڪنجي آهي ۽ جنت جي ڪُنجي فقيرن ۽ مسڪينن سان محبت ڪرڻ آهي ۽ انهن تي ڪو به گناهه ناهي ڇو ته هو قيامت جي ڏينهن الله تعالى سان گڏ ويهڻ وارا آهن.
پاڻ ڪريمﷺحضرت ابوذر غفاري کي فرمايو ته:
اي ابوذر فقيرن جوکِلڻ عبادت آهي، انهن جي خوش طبعي تسبيح آهي ۽ انهن جو سمهڻ صدقو آهي. الله پاڪ انهن ڏانهن هر ڏينهن ۾ ٽي سؤ ڀيرا نگاهه فرمائي ٿو. جيڪو شخص فقيرن ڏانهن 70 ستر قدم کڻندو ته الله تعالى هر قدم جي بدلي ان لاءِ 70 حج مقبول لکندو ۽ جيڪڏهن ڪو شخص انهن وٽ طعام کڻي وڃي گڏجي کائيندو ته هي ان لاءِ قيامت جي ڏينهن وليمو هوندو.
ڪائنات جي ڪارڻي ۽ يتيمن جي يارﷺ فرمايو: قيامت جي ڏينهن الله تعالى فقيرن ۽ مسڪينن کي گهرائي چوندو ته پنهنجا چهرا صاف ڪيو ۽ انهن کي سڃاڻي وٺو جن دنيا ۾ توهان کي ڪو گرهه کارايو هجي يا ڪجهه پياريو هجي، يا ڪپڙو ڍڪايو هجي، يا توهانجو غم دور ڪيو هجي ته انهن کي جنت ۾ وٺي وڃو.
سرورِ ڪائناتﷺ جن جو فرمانِ عالي شان آهي ته فقراءَ جي دوستي اختيار ڪريو، ڇو ته انهن لاءِ الله وٽ دولت آهي، ائين نه ٿئي ته ان جي دولت سان محبت رکو. منهنجي آقاﷺ جو وڌيڪ فرمان مبارڪ آهي ته فقيرن ۽ مسڪينن سان محبت ڪرڻ رسولن جي اخلاق مان آهي ۽ انهن سان گڏ ويهڻ متقين جي اخلاق مان آهي ۽ انهن کان ڀڄڻ منافقن جي نشاني آهي.
اُمت جي خاص الخاص خير خواهه نبي سهڻيﷺ پنهنجي هڪ حديث ۾ ائينءَ به فرمايو آهي ته منهنجي اُمت جا فقير مالدارن کان اڌ ڏينهن اڳ ۾ جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ اهو اڌ ڏينهن 500 پنج سؤ سالن جو ٿيندو.
فقيري سراسر نياز آهي:
شروع ۾ ئي پڙهي آياسين ته جهانن جي سردار حضور حبيب ڪريم ﷺ جن فرمايو ته فقيري مون مان آهي ۽ مون کي ان تي فخر آهي. معراج جي موقعي تي جڏهن الله ڪريم کين فرمايو ته اي حبيب! مان ته تنهنجو ٿي ويس، مگر تو منهنجي لاءِ ڪهڙو تحفو آندو آهي؟ اسان جي آقا ۽ سچي سردار عرض ڪيو ته يا ربّ العالمين، مون اهو تحفو آندو آهي، جيڪو تو جلالہ وٽ ناهي! الله ڪريم فرمايو اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا مون ڪريم وٽ ناهي. پاڻ وڏي عجز ۽ ادب سان فرمايائون.
اي ربّ ذوالجلال! مون تنهنجي بارگاهه بي نياز ۾ پنهنجو”نياز” تحفو آندو آهي. اهائي ادا توکي پسند آهي ان تحفي پڄاڻان ربّ ڪريم ايترو ته راضي ٿيو جو پنهنجي حبيب کي ڪل ڪائنات جو مالڪ و مختيار ڪري ڇڏيائين، ايستائين جو خود پاڻ حبيب ڪريم ﷺ تي صلواتن جا نغما شروع ڪري ڏنائين ۽ پنهنجي ملائڪن کي پاڻ انهيءَ ڊيوٽيءَ تي لڳائي ڇڏيائين ۽ پاڻ انسان ذات مان فقط مؤمنن کي ان شغل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ چونڊيائين. مٿي فقير جي، جو ايڏي فضيلت بيان ٿي سا نصيب ٿئي ئي درِ مصطفى مان ٿي ۽ در رحمت مصطفى تڏهن کلندو جڏهن سندس دربار عاليه ۾ لاتعداد درودوسلام جا تحفا پيش ٿيندا.
اهي به نهايت دل جي حضور، خلوص ۽ محبت سان جي اسان اهو ورد محبت ۽ سراپا ادب ۽ نياز نوڙت سان جاري رکون ۽ دَرِ اقدس تي مقبول ٿي پئون ته ان فقيري مان ڪاونڊ ضرور ملي پوندي ۽ محبوبن جي محبت جو ذرو ملي پوندو ۽ پوءِ ٻئي جهان موچارا ٿي پوندا.
اي حق ۽ سچ جي راهه جا طالبو! گهڻي خفي ۾ نه پئو، ڊگهين ۽ اڙانگن واٽن ۽ ورن وڪڙن ۾ وڃي نه ڦاسو ۽ پنهنجي عمر عزيز جا ڏينهڙا ڏوجهرن ۾ نه وڃايو، بس ڏينهن رات ۽ پل پل قيمتي ڄاڻي ڪائنات جي ڪارڻي، شفاعت ڪبرى جي مالڪ، حوض ڪوثر جي ساقي، ڪل ڪائنات جي خالق و مالڪ ربّ ذوالجلال والاڪرام جي زورپياري حبيب حضور ڪريمﷺ جي ذات بابرڪات تي درود ۽ سلام پڙهڻ شروع ڪري ڏيو ۽ فقيري رنگ ۾ رنگجي وڃو.
عُلَمَاء ۽ فُـقَراَء:
علماء انهن کي چئجي ٿو، جيڪي انبياء جا وارث ۽ آثارِ محمدي على صاحبهاالصلواة والسلام جا تابع ۽ الله تعالى جا امين هجن. مطلب عالم اهو ئي آهي، جيڪو علم جي اطاعت ڪري ۽ عام مان خاص ٿئي ۽ فاضل اهو آهي، جنهن جو فيض درياء وانگر عام هجي ۽ دانشور اهو آهي، جيڪو پنهنجي نفس جو محاسبو ڪري ۽ ان جو مدعي ٿيل رهي. هي ڪم عامل علماء ۽ ڪامل فقراء جو آهي.
علم ٻه قسم آهي:
هڪ رحماني، ٻيو شيطاني ۽ حب دنيا، حرص، هوس، حسد، بدعت ۽ ضلالت آهي.
ارشاد نبويﷺ آهي:
“طَالِب ٌ مُذَڪَّر ٌ”
(الله جي طلب ڪرڻ وارا (عالم) مرد آهن).
ارشاد باري تعالى:
“وَالّذِينَ اُوتُواالعِلمَ دَرَجٰتٍ”
(جن ماڻهن کي (حق ۽ باطل، سچ ۽ ڪوڙ جي سڃاڻپ جو) علم ڏنو ويو، انهن جا وڏا درجا آهن.)
عالم اهو آهي، جيڪو عامل هجي، عامل معنى سڃاڻندڙ ۽ فرمانبردار، بنا عمل جي علم ائين آهي جيئن گڏهه تي آٿر.
ارشاد نبويﷺ:
“اَلعِلمُ نُڪتَةٌ وَڪَثرَتُهَا لِلعَمَل”
(علم ته هڪ نڪتو آهي (هڪ سڌي واٽ آهي جنهن سان هلي منزل تي پهچي وڃجي ٿو، باقي علم جي ڪثرت عمل لاءِ آهي. (يعني علم جي ڪثرت هڪ دنيا، هڪ جهان ۽ جهنگ آهي، جنهن ۾ گهڙي ڪري ماڻهو پيو رستو ڳولي).
ارشاد نبويﷺ آهي:
“اَلعُلَمَاءَ وَرَثَةُ الاَنبِيَاءِ”
عالم انبياءِ ڪرام جي ورثي جا وارث آهن. ان ڪري عالم ان طريقي (واٽ، نڪتي) جي پيروي ڪن ۽ حرص، لالچ، حسد، وڏائي، غرور، رياء، فسق ۽ فجورجي جهنگ ۾ ڦاِسڻ کان پري رهن.
ارشاد نبوي آهي:
“لولا الحسد في العلماء لصارو ابمنزلة الانبياءِ”
(اگر عالمن ۾ حسد (وارو مرض) نه هجي ته جيڪر اهي انبيائن جي منزل تي هجن)
حسد جو منڍ پاڙ دنيا جي لالچ آهي. ان ڪري علماء کي دنيا سان قطعي رغبت ۽ محبت نه هجڻ گهرجي، جيئن فقير دنيا کان لاتعلق هوندا آهن.
عالم ۽ فقير ۾ فرق:
جيڪو فقير آهي اهو عالم به آهي جيڪو عالم آهي اهو ولي آهي ۽ ولي هميشه واصل خدا هوندو آهي. پر هر عالم فقير نه هوندو آهي. عالم، طالب علم هوندو آهي ۽ فقير طالب المولى، عالم جي نگاهه حرفن ۽ سٽن تي هوندي آهي ۽ فقير جي نظر معرفت ۽ حضور تي. عالم چوي ٿو ته فقه جا مسائل ياد ڪريو. فقير چوي ٿو:
“اُذڪُرُو اللهَ ذِڪراً ڪَثِيراً”
(الله تعالى کي ڪثرت سان ياد ڪريو).
اکر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار،
اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا.
(شاهه لطيف)
فقير دنيا مافيها کان بيزار آهي. عالم چوي ٿو دنيا داري ۾ نيڪنامي آهي.
ارشاد نبويﷺ آهي:
“اَلدُّنيَا جِيۡفَةٌ وَطَالِبُهَا ڪِلَابُ”
(دنيا ڍونڍ آهي، ان جا چاهيندڙ ڪُتا آهن. (ڪهڙو عقلمند پاڻ کي ڪتو ٺاهيندو).
فرمان مبارڪ آهي:
“الدنيا ڪنيفة الادٰم”
(يعني دنيا ماڻهوءَ جو پاءِ خانو آهي)
ڪهڙو عقلمند ۽ هوشمند ڪاڪُوس کيسي ۾ کڻندو ۽ ٽِجوڙين ۾ لڪائي رکندو؟.
دنيا ٽن فرقن ۾ ونڊيل آهي:
• هڪ اهل دنيا: يعني دنيا جا طالبو يا دنيا وارا دنيادار، انهن کي جنس جي اعتبار سان کدڙو (يعني نر نه مادي) قرار ڏنو ويو آهي. اهي رامٽيريل يعني جهنم جو ٻارڻ آهن.
• ٻيا اهل علم: اهي جنت جي نعمتن ۽ هار سينگار جا طالب آهن. انهن کي عورتن ۾ شمار ڪيو ويو آهي.
• ٽيان آهن اهل فقر: اهي فقط پنهنجي مولى جا طلبگار آهن. ٻي هر ڪالذت ۽ نعمت ڇڏي وصال يار جي مهم ۾ محو آهن، انهن کي مرد قرار ڏنو ويو آهي. مرد هميشه مهم ۾ رڌل هوندو آهي ۽ عورتون ۽ ٻار کدڙا سڀ پوئتي بي کُٽڪا (دنيا جي) گهرن ۾.
• عالم چون ٿا: خوب پڙهو، ڏاها ٿيو۽ بادشاهن جا مصاحب ٿيو، حڪومت جا حصيدار ٿيو.
• فقير چوي ٿو: توڪل کي پنهنجو شعار ٺاهيو ۽ الله تعالى سان خوش رهو.
• عالم چون ٿا: علم صرف ۽ نحو پڙهو، اهي عِلم اصول ۽ ڏاهپ وارا آهن.
• فقير چوي ٿو: علم لدني (معرفت ربي واري) جو هڪ حرف پڙهڻ به ڪافي آهي. ارشاد باري تعالى آهي:”وعلمنا من لدنا علما” الله تعالى انهن کي پنهنجي اسرار ۽ معرفت واري علم مان سيکاريو آهي.
عالم پنهنجي ڏاهپ ۽ دانشوري ۽ شعور جا دنيا ۾ ڪِلا کوڙين ٿا، مگر فقير عاشق ۽ چريا آهن ۽ هر وقت حضور ۾ حاضر آهن.
سهڻي لطيف فرمايو:
الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
ڀوريون ڀُتارسين، کليو کير پيئن،
مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.
(شاهه لطيف)
عالمن کي پنهنجي علم تي ناز ۽ فخر هوندو آهي، هو پنهنجي علم جا ڏونڪا وڄائي دنيا ۾ مشهوري ماڻين ٿا ۽ پاڻ کي درگاهه جو دادلو ۽ سچو ٻانهو ڀانئين ٿا.
فقير پاڻ کي لڪائي هميشه يار جي ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهي مسُتغرق ۽ محو رهن ٿا ۽ علم باطني حاصل ڪن ٿا ۽ ڊڄندا رهن ٿا، فخر ۽ وڏائي کان سهڻي لطيف فرمايو:
سڱ پسي سرهي نه ٿي، متان هوت نه پنهنجو ڪن،
دادليون درگاهه تي، ويٺيون رت روئن،
لکين لوڌائي ڇڏيون، ٻانهيون ٻاروچن،
اهي ڪيئن پرين پسن، زور جنين کي ذات جو.
فقيرن وٽ بظاهر ڪا ڌن دولت نه هوندي آهي، مگر عالمن جو ملاحظو فرمائي سگهجي ٿو، بي ثمر فقيرن جو حال ڏسي سهڻي لطيف سائين فرمايو.
ثمر جنين نه ساڻ، هوت حمايتي تن جو،
ڪري ڇيڄ ڇپر ۾، پنهون ايندو پاڻ،
ٿيندي ريجهه رهاڻ، لحظي منجهه لطيف چئي.
فقير خادم آهن، عالم مخدوم آهن، خادم مخدوم کان افضل هوندو آهي، عربي ڄام جو فرمان آهي: “سيد القوم خادمهم”. قوم جو خادم ئي قوم جو سردار هوندو آهي.
عالم دنيا لاءِ جيئي ٿو، فقير پاڻ ماري ابدي زندگي حاصل ڪري ٿو، ارشاد گرامي آهي: مُوۡتُوۡا قِبۡلَ اَنۡ تَمُوۡتُوۡا.
سهڻي لطيف فرمايو:
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
هونداسي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.
***
مرڻ ۾ مُسلم جن، واحد تن نه وسري،
مٿي سڳر ڪاپڙي، نانگا ننڊ نه ڪن،
نيڻ سدائين تن، اوجاڳي اُجاريا.
***
مَري، جيءُ نه ماڻيين، جانب جو جمال،
ٿئيين هوند حلال، جي پند اها پاريين.
عالم جان سان زنده آهي ۽ فقير دل سان، عالم الله تعالى کي دلين سان سڃاڻن ٿا ۽ اهڃاڻن جو سهارو وٺن ٿا، مگر فقير الله تعالى کي بنا دليل جي بغير چون و چُرا جي سڃاڻن ٿا ۽ سدائين حضور ۾ حاضر رهن ٿا.
عالم صاحب مرقوم (لکيل تي نظر رکندڙ) هوندو آهي، فقير صاحب نظر (الله تعالى جي اسرارن تي نظر رکندڙ) هوندو آهي.
عالم بي اختيار هوندو آهي دليلن کانسواءِ، مگر فقير بنا دليلن جي با اختيار هوندو آهي. عالم جا درجا بلاشڪ تمام وڏا آهن، مگر فقير چوي ٿو ته عالم سلوڪ ۽ تصوف جي راهه کان بي خبر آهي، عالم جي نظر دنيا ۽ ان جي لذتن تي آهي، فقير جي نظر خوف ۽ عقبى تي آهي.
عالم چوي ٿو ته آخر ۾ جنت ڪهڙي نه مسرت جي جاءِ آهي پر فقير چوي ٿو ته الله تعالى جي لقا ۽ محبوب جي ديدار کانسواءِ سڀ ڪجهه فحش ۽ خواري آهي. عالم چوي ٿو فقير احمق ۽ ديوانو آهي، فقير چوي ٿو عالم الله تعالى کان پري ۽ دنيا کي ويجهو آهي، عالم چون ٿا منطق ۽ حڪمت جو علم پڙهڻ ڀلو آهي. فقير چوي ٿو الله تعالى جي ذڪر ۽ حمد و ثنا ۽ ان جي ياد کانسواءِ رهڻ زندگي ضايع ڪرڻ آهي.
عالمن وعظ ۽ نصيحت ڪري ڪتاب لکي انبار لڳايا، مگر ڪنهن نصيحت حاصل نه ڪئي. مگر فقير جي هڪڙي گفتي سان تقدير بدلجي وڃي ٿي.
ارشاد گرامي آهي:
“لِسَانُ الفُقَراءَ سَيفُ الرَّحمَان”
فقيرن جي زبان الله تعالى جي تلوار آهي، جنهن دل کي چاهين، الله جي ذڪر سان حلال (ذبح)ڪري وجهن. (ذاڪر ڪري وجهن).
عالم جاڳندي عبادت ڪري ٿو، مگر فقير جي ننڊ به عبادت آهي، ڇو ته سندس قلب جاڳندڙ ۽ زندهه آهي.
ارشاد نبويﷺ آهي:
“اِنۡ عَيۡنَايَ تَنَامَانِ وَلَايَنَامُ قَلۡبِيۡ”
(منهنجو اکيون ننڊ ڪن ٿيون ۽ دل جاڳندي رهي ٿي).
نبي پاڪﷺ فرمايو:
هر هڪ شيءِ جي صفائي آهي ۽ دل جي اجرائي الله تعالى جي ذڪر سان آهي.
سهڻي لطيف فرمايو:
تن تسبيح، مَن مڻيون، دل دنبورو جن،
تندون جي طلب جون، وحدت سر وڄن،
وحده لاشريڪ لہ، اهو راڳ رڳُن،
سي سُتائي سونهن، ننڊ عبادت ان جي.
مطلب ته فقيري، درد ۽ غم ۾ ڀريل رهڻ، رات ڏينهن خون جگر ساڙڻ، فقر فاقه ۽ بک ۾ رهڻ ۽ مصيبتن تي صبر ۽ شڪر ڪرڻ جو نالو آهي.
باقي گهر ۾ رهي عيش ۽ عشرت سان ننڊون ڪرڻ عمدا کاڌا حلوا، پلاءَ، زردا، شربت ۽ ميوا کائي ٿلها متارا ٿيڻ وارا فقير نه ٿا ٿي سگهن.
ارشاد نبويﷺ آهي:
“لِڪُلِ شَيءِ مِفتَاحُ وَ مِفتَاحُ الجَنة حُبُ الفُقَراءِ”
(يعني هر هڪ شيءِ جي ڪنجي ٿئي ٿي، جنت جي ڪنجي فقيرن جي محبت ۽ انسيت آهي).
عالم عبادت جي مزدوري ثواب طلبي حاصل ڪري ٿو. فقير الله تعالى کان الله ئي طلبي ٿو يعني سندس لقا ۽ رضا جو خواهش مند آهي، عالم سٽن ۽ صفحن جو مطالعو ڪري ٿو ۽ فقير دل جو مطالعو ڪري ٿو ۽ رُخ محبوب پڙهي ٿو ۽ انوار تجليات جو مشاهدو ڪري ٿو. ان ڪري ان جو موت به حيات هوندو آهي.
سهڻي شاهه لطيف فرمايو:
جن کي دور درد جو، سبق سور پڙهن،
فڪر ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مطالعو ڪن،
پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسن پرينءَ کي.
***
جن وڃايو وجود، سي فاني ٿيا “في الله” ۾،
نه تن قيام، نه قعود ۾، نه ڪوڪن سجود،
جيلان ٿيا نابود، تيلان گڏيا بود کي.
***
فقير سخي آهي، سندن گودڙي مان سڀ ڪو پيو فيض وٺندو، عالم تنگ دل آهي. ٻئي نعرو هڻن ٿا: هل من مزيد. اڃان وڌيڪ کپي! عالم کي ظاهري علم ۽ دنيا. فقير کي لقا ۽ رضا.
عالِم جي دوستي عالم خلق ۽ علم سان، پر فقير جي دوستي الله تعالى سان هوندي آهي. ارشاد باري تعالى آهي: الله تعالى جا دوست (فقير) مرن نه ٿا بلڪ اهي هڪڙي گهر کان ٻئي گهر ڏانهن آندا وڃن ٿا. عالم پنهنجي حفاظت علم ۽ دولت سان ڪن ٿا، مگر فقير جي حفاظت خود خدا ڪري ٿو.
حديث قدسي آهي:
“اِن اَولِياءَ تَحتَ قُبائي”
(منهنجا دوست منهنجي (رحمت جي) چادر هيٺان (حفاظت ۾) آهن).
عالِم جو موت عالَمَ جو موت سمجهيو وڃي ٿو، مگر فقير جي موت لاءِ عربي ڄام فرمايو: الموت جسريوصل الحبيب الي الحبيب. يعني فقير لاءِ موت هڪ پُل آهي. جنهن تان گذري حبيب پنهنجي حبيب سان اچي ملي ٿو.
ارشاد باري تعالى آهي:
“وَاللهُ يَخۡتَصُّ بِرَحۡمَتِہٖ مَنۡ يَّشَاءُ وَاللهُ ذُوالۡفَضۡلِ الۡعَظِيۡم”
(الله تعالى جنهن کي، مرضي پويس پنهنجي رحمت سان خاص محبوب بنائي ٿو، اهو ئي وڏو فضل ڪرڻ وارو آهي).
شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ سُر رامڪلي ۾ فقيرن بابت فرمايو ته:
مُونا طُورسينا، سندا سناسين،
سجدي ۾ سيّد چئي، گوڏا گودڙين.
فَکانَ ڪاَبَ قَوسَينِ اَو اَدنىٰ، ٿا نانگا ايئنءَ نِمن،
ڪُلُ مَن عَليَها فانٍ باقي ڪين بچن،
اَللهُ وَلِيُ اّلذين اٰمَنُو يُخرِجُهم مِنَ الظُلُمَاتِ اِلَي النّورِ
ٿا اهڙي پَر پُرن،
خَرَ مُوسىٰ صَعِقاً جوڳي جُنگ جلن،
مَازَاغَ البَصَرُ وَمَا طَغىٰ اهڙي روش رون،
مشاهدو محبوب جو اتي آديسن،
ري پسڻ ري سڻڻ ري وصال وِهن،
ري پُرڻ ري ٻولڻ ٿا اهڙي چال چلن،
سيد چوي سندين، تون ڪَلَ پڇين ٿو ڪهڙي؟
شاهه صاحب جن فرمائين ٿا ته سنياسي فقير جو مُراقبو طور سينا جبل تائين آهي. سيد فرمائي ٿو ته رِلي کڻندڙ جوڳي فقير جا گوڏا سدائين سجدي ۾ آهن. جيئن حضورﷺ جن خدا کي ٻن ڪمانن جيترو ويجها ويا بلڪ ان کان وڌيڪ، تيئن نانگا فقير اهڙي نموني خدا کي ويجهو پهچن ٿا. جيڪي زمين تي آهن سي سڀ فنا ٿيڻ وارا آهن، باقي ڪجهه نه بچندو سواءِ ذات الله جي. الله تعالى ايمان وارن جو دوست آهي ۽ انهن کي ڪڍي ٿو اونداهي مان، آڻي ٿو روشني ڏانهن. جوڳي فقير اهڙي رَوَشِ وٺن ٿا. جيئن حضرت مُوسى طورسينا جبل تي بيهوش ٿي ڪري پيو تيئن جوڳي فقير اهڙي طرح جلن ٿا ۽ اُتي آديسي فقيرن جو مشاهدو آهي. سواءِ ڏسڻ جي، سواءِ ٻڌڻ جي ۽ سواءِ وصال جي وهن ٿا. سواءِ هلڻ جي ۽ سواءِ ٻولڻ جي، اهڙي طريقي سان هلن ٿا. شاهه صاحب جن فرمائين ٿا تون انهن فقيرن جي ڪهڙي خبر چار ٿو پڇين؟
مُونا طُورسينا، سندا سناسين،
طالِبُ المَولىٰ مُذڪرَّ اي ڪلام ڪيائون ڪن،
سِڪَڻ کي سَڀين پَرين ٻجهي ڏنائون ٻَنّ،
الف آديسين، چونڊي رکيو چِتَ ۾.
يعني: سنياسي فقيرن جو مراقبو طورسينا تائين آهي. الله تعالى جا طالبو مذڪر آهن، اهو قول دل سان هنڊايائون. ڄاڻي ٻجهي ظاهري کي سڀني نمونن يا طريقن سان ترڪ ڪيائون، انهن آديسين الله جو اکر پسند ڪري پنهنجي دل ۾ رکيو.
راهه شريعت هليا تَفَڪرُّ طرَيقوُنِ،
حال حقيقت رسيا معرفتون ماڳُونِ،
نا سوت، ملڪوت، جبروت اِنام لَڌُونِ،
پس لاهوت لنگهئُون هاهوتا مٿي هليا.
يعني: اُهي فقير شريعت جي رستي تي هليا ۽ سندن طريقو فڪر آهي، حقيقت کي وڃي رسيا. معرفت انهن جي جاءِ آهي. ناسوت (سلوڪ جي پهرين منزل مطابق شريعت) ملڪوت (ٻي منزل مطابق طريقت) جبروت (ٽئين منزل مطابق حقيقت) هاهوت (چوٿين منزل مطابق معرفت) اي انعام اُنهن لڌو آهي. پوءِ لاهوت لامڪان کان لنگهي هاهوت جي منزل کان مٿي هليا ويا.
ياد گُرو ڪن گودڙيا ڀر بازار بيٺا،
پڙهن سُور سُبحان جي پِين تَهه پِيٺا،
جيلاهه مُنهن مِيٺا، تيلاهه نشا نينهن جا.
***
قوت ڪڙايا ڪاپڙي طعام نه طامائو،
سين هيائون سُڃ ۾ پهر نه پنيائو،
اَوسر آسائو، اُٿي گوندر گڏيا.
معنى: ڪاپڙي فقير جو قوت يعني کاڌو ڪڙائي آهي. هو طعام جا طمعدار نه آهن. سڃ ۾ سين هڻي ماڻهن کان ڪجهه نه گهريائون. ڏک جا طالبو ٿي ڌڻي تعالى سان ملي ويا.
وچين ويٺا رهن سانجهي رهن سمهي،
بُک مرندي بِکيا ڪنهن کان ڪين گهرن،
پيٽ نه هيرايائون پنهنجا چوري ساڻ چشن،
ڦڪي فقيرن، ماڳيا پني ماٺ جي.
***
ڪشي چيلهه ڪشا، ڏيل ڪيائون ڏٻرا،
لاهوتي لطيف چوي تن کي ڏيئي تسا،
گرو جي گسا، پاسي ڪن نه پاڻ کي.
***
طالب دعا
عاجز رحمت الله لاشاري
باني: سنڌ سُگھڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات”
مرڪزي دفتر: سيدآباد ڄامشورو، سنڌ
0301-3566707, 0346-3685474