لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

شاهي ذوق شيديءَ جو

ڪتاب ” شاهي ذوق شيديءَ جو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي لوڪ ادب جي اهم صنف سگهڙائپ سان واسطو رکندڙ سگهڙ شاعر عبد الخالق عرف مولا بخش شيديءَ جي ڪلام جي هن مجموعي جو مرتب ۽ سنواريندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري آهي. عبدالخالق عرف مولا بخش شيدي شاهاڻو شوق رکندڙ محبتي ماڻهو، شاعريءَ سان گڏ شاهه صاحب جو شيدائي آهي. هي ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي، هي سٻاجهو ۽ صدورو سگهڙ توڙي سالڪ آهي. سگهڙ پائي جي صنفن جي سُڃاڻ رکندڙ، ڳجهارت جو ڳولائو منجهس ڏورن کي ڳولڻ جو ڏانءُ سمايل آهي. هنر ۾ هوشيار ۽ سينگار جو سرجڻهار آهي سندس ڪتاب ۾ گفتن جو گُن ۽ گُر ڀريَل آهي، ٻاجهاري ٻولن جو جهڙوڪ ٻج ڇٽيو هُجي.
Title Cover of book شاهي ذوق شيديءَ جو

ڪافي/ ڪلام

ڪافي
گهران ٿو رب کان دعا،ڪندو جاني نه جدا،
اها منهنجي آ صدا،پوري ڪندو شل خدا.

مون سان منهنجا ماروئڙا مولا ملائيندو،
ٻڏل ٻيڙو منهن جو مولا تار مان تاريندو،
اها منهنجي آ صدا پوري ڪندو شل خدا.

واهي منهنجا ڏکن ڏينهڙا ڏور ٿيندا،
قرب ڪري ڪکڙن تي اڱڻ شل ايندا،
اها منهنجي آ سدا پوري ڪندو شل خدا.

گڏجي خوشيون “مولابخش” سان ماڻيندا،
هو حيران ٿيندا مون کي ڏيهه مبارڪون ڏيندا،
اها منهنجي آ سدا پوري ڪندو شل خدا.


-0-

ڪافي
منهنجي دل جو ڌڻي تون دلدار آن،
تون لهندو سڄڻ سائين سار آن.

ڪيڏي مون سان تو ڪئي مهرباني،
تنهنجي قدمن ۾ هئي رکي جند مون جاني،
منهنجي ساهه جو سائين تون سرڪار آن،
تون منهنجي دل جو ڌڻي تون دلدار آن.

“مولابخش” جو تون آهين جيءَ جيارو،
تو پنهنجي اکڙين ۾ مونکي ويهاريو،
ڪيڏو “شيدي”ءَ سان ڪندو تون پيار آن،
منهنجي دل جو ڌڻي تون دلدار آن.

منهن مٺا منهنجا پرين مون کان منهن نه مٽاءِ،
اسان نانءُ ٻڌي نيڪي آيا سڄڻ تنهنجي آيا سي ساءِ،
بيواجبي ڪري نه ڀورل مونکي سهڻا ڪين ستاءِ،
پَر جي پئي آ ته پرچايون کڻي اهو ٻهڳڻ کولي ٻڌاءِ،
اچي نينهن نڀاءِ ته ملن مبارڪون “مولابخش” چئي.


-0-

ڪلام
پرديسي پيارا، وئين دل تون کڻي،
کسي دل منهنجي، وئين تون ڌاڙو هڻي.

واعدا پنهنجا ياد تون يار رکجانءِ،
محبوب ماضيءَ کي وساري نه ڇڏجان،
ڪيڏي منهنجي تو سان بات بڻي،
پرديسي پيارا، وئين دل تون کڻي.

توسان منهنجو آهي پيار پراڻو،
رس نه سهڻا ٿي سهڻا ٿي تون سياڻو،
تنهنجي منهنجي پيار کي ڄاڻي ٿو ڌڻي،
پرديسي پيارا، وئين دل تون کڻي.

پرين پيارا تون مونکي نه ڏکاءِ جانءِ،
ڪڏهن به “مولابخش” کي سهڻا نه ستائجانء،
چوي “شيدي” پرين توسان لڳي آهي اک جي اڻي،
پرديسي پيارا، وئين دل تون کڻي.


-0-

ڪلام
جند جان سڄڻ آ تنهنجي سهاري،
ڇڏجانءِ نه پرين پنهنجو پيار تون وساري.

اکڙين کي پرين آهي تنهنجو انتظار،
موٽي ڪڏهن ايندين منهنجا محب منٺار،
هاڻي دل ٿي سڄڻ پئي توکي ساري،
ڇڏجانءِ نه پرين پنهنجو پيار تون وساري.

مونکي ماڻهون ڏين ٿا مهڻا هزار،
ڪيا تن جا قبول مون آهن آزار،
اها ڳڻتي پئي ٿي جان کي ڳاري،
ڇڏجانءِ نه پرين پنهنجو پيار وساري.

اچي “شيدي”ءَ سان تون مل مٺا،
منهن جي خوش ٿي اڱڻ تي کل مٺا،
راهه لالوءَ ۾ “مولابخش”ٿو نهاري،
ڇڏجان نه پرين پنهنجو پيار وساري.