لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

شاهي ذوق شيديءَ جو

ڪتاب ” شاهي ذوق شيديءَ جو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي لوڪ ادب جي اهم صنف سگهڙائپ سان واسطو رکندڙ سگهڙ شاعر عبد الخالق عرف مولا بخش شيديءَ جي ڪلام جي هن مجموعي جو مرتب ۽ سنواريندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري آهي. عبدالخالق عرف مولا بخش شيدي شاهاڻو شوق رکندڙ محبتي ماڻهو، شاعريءَ سان گڏ شاهه صاحب جو شيدائي آهي. هي ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي، هي سٻاجهو ۽ صدورو سگهڙ توڙي سالڪ آهي. سگهڙ پائي جي صنفن جي سُڃاڻ رکندڙ، ڳجهارت جو ڳولائو منجهس ڏورن کي ڳولڻ جو ڏانءُ سمايل آهي. هنر ۾ هوشيار ۽ سينگار جو سرجڻهار آهي سندس ڪتاب ۾ گفتن جو گُن ۽ گُر ڀريَل آهي، ٻاجهاري ٻولن جو جهڙوڪ ٻج ڇٽيو هُجي.
Title Cover of book شاهي ذوق شيديءَ جو

پنهنجي پاران

الله سائين جا احسان جنهن مون نا چيز کي ڏات ڏني ۽ هن سماج ۾ سر خرو ڪيو. رب پاڪ جا لک شڪرانه ڪيان جيڪا طلب منهنجي هئي سا سهڻي پرور پاڪ پوري ڪئي. جيڪو منهنجو حال آهي سو مان پنهنجي پرين اڳيان پيش ڪريان ٿو. هيءَ ساري عنايت منهنجي مٺڙي مالڪ سائينءَ جي آهي. جنهن هن سهڻي سنڌ سون ورني زمين تي اعليٰ قدر انسان پيدا ڪيا جن مان اسان کي فاعدي جي منزل جا رستا پڻ کُلي ويا آهن. جو هن راهه ۾ پانديئڙا به لعلون لهن ٿا. جن پنهنجي دل ۽ دماغ کان ڪم وٺي. حسين هيرن جي ماڳ تي پهچي ڪري پنهنجون خالي جهوليون پڻ ڀرن ٿا. اهو سڀ ڪم پيار محبت جوئي آهي. جڏهن جنهن کي الله عشق ڏئي ٿو. پوءِ ڪنهن جي به ذات تي ڏات ناهي.
منهنجا سهڻا سائين مان شاعريءَ جي شروعات 98-1997ع کان ڪئي. تڏهن علي مراد ٿهيم سگهڙ اسان جي شهر لعلورائنڪ ۾ رهندو هو. جنهن جي صحبت ۾ اچي ڪري سگهڙائپ جو فن شروع ڪيو استاد علي مراد ٿهيم مون کي نئوديرو ضلع لاڙڪاڻو وٺي ويو اتي رهندڙ استاد غلام قادر ڀٽو سان ملايو جنهن استاد غلام قادر ڀٽو کي چيو ته عبدالخالق عرف مولا بخش شيديءَ کي توهان سگهڙائپ جو ڳانو ٻڌو ۽ پنهنجو شاگرد ڪيوس.2000-01-01ع تي مون کي ڳانو ٻڌي ڪري مٿي تي شفقت جو هٿ ڦيرائي ڪري چيو ته پٽ هاڻي تون سگهڙائپ جو فن جاري رک جو 2002-02-15 استاد غلام قادر ڀٽو کي سون ۽ چانديءَ ۽ هيرن سان جڙيل ڇهه (6) تولا جو تاج علامه فقير هدايت علي نجفي (تارڪ) هفت زبان شاعر عامل ڪامل اولياءُ جي درگاهه تي پڻ تاج پوشي ڪئي وئي 2002-08-14 ۾ استاد غلام قادر جي دعائن ۽ شفقت سان ۽ استاد غلام قادر جي زيرنگراني ۾ سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي جماعت تعلقه وارهه جو صدر مقرر ڪيو ويو.
منهنجي پاڙيسري سگھڙ ارشاد عرضائي سان منهنجي پراڻي دوستي هئي جيڪو مون کي ڪافي عرصي کان چوندو رهيو ته تون اسان جي تنظيم ۾ اچ جنهن جي صحبت ۾ مون سنڌ سگھڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” ۾ ميمبر شپ ڪئي جنهن بعد بانيِءِ “سلات” عاجز رحمت الله لاشاري ۽ ارشاد عرضائي ۽ ٻين دوستن جي مهرباني سان تنظيم “سلات” جي پليٽ فارم تي ساڳيو ئي عهدو ڏئي ڪري تعلقه واره جو صدر مقرر ڪيو ويو. هن ناچيز تي قادر جا ڪروڙين قرب ۽ لک لائق آهن ۽ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم جي مرڪزي ۽ ضلعي سگهڙن ۽ عهديدارن جا هن ناچيز تي تمام گهڻا ٿورا آهن. منهنجي ايتري حيثيت نه آهي جنهن ڪري مون کي ايتري عزت آبرو بخشي وڃي مون کي جن دوستن ڪتاب شايع ڪرائڻ جا صلاح مشورا ڏنا جن مون سان ڪتاب جو سهڪار ڪيو آهي تن کي وسارڻ، جوڳو عمل نه آهي. جنهن ۾ باني چيئرمين سنڌ بلوچستان سگهڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” عاجز رحمت الله لاشاري صاحب جن تمام گهڻو ڪجهه سمجهايو ۽ ڪجهه هدايتون ڏنيون ته ادا توهان پنهنجو ڪتاب شايع ڪرايو انهيءَ ۾ بهتري اٿو. پوءِ سائين جن جي هدايت کي مد نظر رکي ڪري ڪتاب جي تياري ڪيم جنهن ۾ “سلات” ضلعي شڪارپور جو صدر محمد عالم مهر جنهن مون سان پوريءَ طرح سهڪار ڪيو ۽ مون سان ٻانهه ٻيلي ٿيو. جنهن کي مان فون ڪري چيو ادا محمد عالم مون ڪتاب ڇپائڻ جي تياري ڪئي آهي. توهان مهرباني ڪري پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ڪري مون سان ڪتاب کي سهيڙڻ لاءِ منهنجي مدد ڪيو جنهن فون تي ئي منهنجي گذارش قبول ڪئي. پنهنجي ڳوٺ وزير آباد تعلقه لکي غلام شاهه کان مون ناچيز ڏانهن روانو ٿيو. جو شام ڌاري مون وٽ اچي پهتو پوءِ مواد کڻي هڪ بوڪ کان ٻئي بوڪ تي لکيوسين ان جا مان ڪيترا ڳڻ ڳڻي ڪيترا ڳڻيا. مون نالائق سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي ڪري هن ڪتاب کي ڪتابي صورت تائين آندو اٿائين. شايد ته ايترا ٿورا مون مٿان ڪو پنهنجو به نه ڪري سگهي جيترا هن جا مون تي آهن. سندس کي الله سائين خضري حياتي ڏيندو ۽ ڏکڙن کان ڏور ڪندو. وڌيڪ وڙ ته عاجز سائين ڪيا جنهن ڪتاب کي سهيڙي، سموهي، پروف پڙهي، ترتيب ڏئي ڇپرائڻ جي قابل بڻايو.
الله پاڪ شال سڄي سنڌ ۾ سلات جي باني جهڙا لوڪ ادب جو درد ۽ سگهڙن لاءِ جاکوڙڻ جو فڪر رکندڙ حريصَ پيدا ڪري جيڪي هن وِک کي اڃا به اڳتي وڌائن. (آمين يا رب العالمين).

سگهڙ عبدالخالق عرف مولا بخش شيدي
شهر لالو رائنڪ
تعلقو وارهه ضلعو قمبرشهدادڪوٽ، سنڌ