سينگار
عجب سونهن عجيب جي سهڻا سڀ سينگار,
ڀورل جي ڀِروَن ۾ آهي عجب وڏو اسرار،
نيڻ نشيلا نرمل جا آهن نُور ڀريا نروار،
چانڊوڪي وڃي چنڊ جي، جي مُرڪ ڪري منٺار،
عينن ۾ عجيب جي، آهي جوڙ وڏو جنسار،
لب لعل گلابي لعلڻ جا ها گلڙن وڌ گلزار،
دندان مبارڪ دلبر سان ڇا لڳي چيهه سندي چمڪار،
ٻولي ٻڌي ٻهڳڻ جي ڪوئل ڇڏي ڪوڪار،
ڪندو پرين ٻيڙا پار، محشر ۾ “مولابخش” چئي.
آئين عربي نه هيئي ڪمي ڪا سينگار کان،
سَرَوَ قد تنهنجو حُسُن تکو تلوارَ کان،
خاص کوڻين بس ڪئي تو دادلي دلدار کان،
ڪارا ڪيس ڪاريهرن ڏسي ور هنيان وار کان،
عين نين عجيب آهن جڙيل وڌ جنسار کان،
مُنهن وڌ مهتاب کان ۽ سونهن وڌ گل و گلزار کان،
خوبي خوب ملي هميشه پالڻ هار جي پار کان،
حوران حيران ٿيون اتي ائين دلبر تنهنجي ديدار کان،
عربي منهنجو عرض اگهايو پارس ڪيم پڪار کان،
ملندي معافي “مولابخش” محب مٺي منٺار کان،
قربائتي قربدار کان ٿيندي شفا “شيدي” چوي.
-0-
سينگار
اچڻ ساڻ احمد کي هئا سوين ٿيل سينگار،
ڪهڙي ڪري ڪهڙي ڪريان ساراهه مان سردار،
روء زمين روشن ٿي هئي آمد ساڻ انوار،
بخش امت باري ڪيائين اچڻ ساڻ اظهار،
سينگار منهنجي سائينءَ کي، هُئا ڪرايا ڪلتار،
“مازَاغَ البَصر”جو سُرمون پائي پاڻ مُڪو پالڻهار،
سو سرسجدي ساجن ڪري آيو مالڪ در منٺار،
وضحى چهرو واحدَ چئِي آهي ساراهيو ستار،
منهن مقابل محبوب جي، ناهي مٽ چوڏهينءَ چنڊ چمڪار،
ڇا لکي”شيدي” سگهندو تنهن جي عينن جا اسرار،
لال گلابي لبڙن کان گهٽ آهي گلڙن جي گلزار،
وڌ ساري کان سنسار، آهي محب “مولابخش” چئي.
-0-
سينگار
وهه واهه حسن تنهن جو حبيب آهي آگي ڪيو اظهار،
والضحيٰ چهرو واحد آهي تنهن جو سينگاريو ستار،
چوڏهين جي چنڊ کان وڌ تنهنجي چهري ۾ چمڪار،
جي هٽائين پردو حسن تان ته مارين اُدگر اڪيچار،
ڪاريهر به ڪنڌ نوائي بيٺا ڏسن گيسو گُهنڊي دار،
لب مقابل لعلڻ تنهنجي ناهي گلڙن جي گلزار،
ڪوڪ ڪوئل جي ڪٿي، ڪٿي گوهر تنهنجي گفتار،
پسيني پاڪ پرين تنهنجي مچائي هر هنڌ آ هٻڪار،
اڃان سنواري وار ساجن جي سهڻل ڪرين سينگار،
ته زلفن جي زيب جو نه واسينگ سهن وار،
۽ روء زمين روشن ٿئي جڏهن مرڪ ڪن منٺار،
سو ئي آقا اڙين آڌار، ٿيندو محشر ڏينهن “مولابخش” چئي.
-0-
سينگار
اچڻ ساڻ عربيءَ کي هُئا سوين ٿيل سينگار عجب،
کلي خوشبو گل ڦل ۾، ۽ هر هنڌ ٿي هٻڪار عجب،
ڪارا ڪيس ڪاريهر کان، ۽ واسينگ وڌ وار عجب،
ڀروون پسي ڀورل جا، پئي بدر ٿيو بهار عجب،
عينن ۾ اسرارُ الاهي،هو ناز ڀرئي جي نروار عجب،
نوري نڪ نرمل جو، وچ روء سونهين رخسار عجب،
لب لال گلابن کان وڌ ها، شان ڀرئي جا شاندار عجب،
منهن مبارڪ مهتاب پسي، پيو جهڪي ڪري جهلڪار عجب،
انسان عاشق عربيءَ تي، جن ديوَ پريون ڌار عجب،
سوين سهڻا سلامي ساجن در،هت حسينن کاڌي هار عجب،
عربيءَ خاطر احسان ڪري، رب لاٿا اڙين جا آزار عجب،
لٽي دل دلبر ڪيو ديوانو، ڄام وڇائي ڄار عجب،
“مولابخش” ان جي آهي اصل کان اسان کي آڌار عجب،
اهو ڀورل کڻندو بار عجب، شهيدن محابي “شيدي” چئي.
تون سڄڻ تون سهڻو تنهنجو جت ڪٿ آهي جمال،
ملڻو ناهي”مولابخش” چئي ڪٿي تنهنجو محب مثال،
ڀرونِ سان برابر ٿيندو همسر ناهي هلال،
چنڊ اڪيلو عرش تي توکي ڏنو آجوڙو ذوالجلال،
تنهنجي تعريف ڪرڻ جي مونکي ناهي مجال،
بس ڀورل ڪر ڀال، شهيدن محابي “شيدي” چوي.
تون سڄڻ تون سهڻو تنهنجو حسن لاجواب،
تنهنجو جلوو پسي جهڪو ٿيو سورج سندو تاب،
جي اک کڻين اڀ تي ته ڪِري اڌو اڌ ٿي آفتاب،
جي سرنگ نه هجيس ها سامهون ته تجلو نه سهي ها تاب،
اهو اوڍر هو عربيءَ لاءِ يا هو حور لاءِ حجاب،
آ ثنا ڳائڻ ثواب تنهن محب جي “مولابخش” چئي.
تون سڄڻ تون سهڻو تنهنجو ڪائنات تي آڪرم،
شان لکڻ کان “شيدي” چوي هي قاصر آهي قلم،
مَس، درياءَ ،زمين، ڪاغذ ڪجن به لکي نه سگهبو نظم،
آهي اڃان شان اتم، منهنجي محب جو “مولابخش” چئي.