مهاڳ
هونءَ ته حساس دل رکندڙ هر ماڻهو روزانو زندگي ۾ سامهون ايندڙ ڪجھ غير معمولي واقعن تي گهرائي سان سوچيندي پنهنجي اندر پيدا ٿيل ڪيفيتن جو پنهنجي مخصوص حلقي اندر صرف اظهار ئي ڪري سگهندو آهي. پر جبار آزاد منگي جهڙي ماڻهوءِ جي زندگي ۾ جيڪڏهن ڪو اهڙو منظر سامهون ايندو ته سندس اندر ۾ پيدا ٿيل آنڌ مانڌ جو اظهار سندس ڏاتِ سان قلم وسيلي شڪل وٺي هڪ ڪهاڻي جي روپ ۾ سامهون ايندو.
اهو ئي سبب آهي ته هن ڪتاب ۾ سندس لکيل ڪهاڻين مان ڪي اهڙيون ڪهاڻيون به آهن، جيڪي لفظن جو روپ وٺڻ کان پهرين زندگي جي حقيقي ڪردارن ۾ سامهون اچي چڪيون آهن.
جبار آزاد منگي جي ڪهاڻين جو جيئن ته حقيقي زندگي سان تمام ويجهو تعلق آهي، ان ڪري سندس ڪردارن ۾ سماجي ناانصافي ڪري ڪٿي بي وسي جو اظهار آهي ته ڪٿي وري حوصلي، همٿ ۽ ڏاهپ سان جستجو جو گسُ پڻ ملندو. ڪٿي ظالم جي شاطرانه چالن جو منظر آهي ته ڪٿي وري ظلم جي خلاف، ڪي پڙهيل لکيل منطق جي هٿيار سان عدالت جي ايوانن ۾ وڙهندڙ ڪردار به آهن، جيڪي پڙهندڙن جي دل ۾ اتساھ ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. مطلب ته سندس ڪهاڻين ۾ سماج جو حقيقي ۽ چٽو عڪس پسي سگهي ٿو.
جيئن ته جبار آزاد منگي بنيادي طور هڪ سياسي ۽ سماجي ورڪر آهي، ان ڪري پنهنجي ڪهاڻين ۾ رومانس ۽ تصوراتي اڏام جي بجاءِ زندگي جي حقيقي ڪردارن جي زبان وسيلي سماجي اڻ برابري جو اظهار ڪري ٿو.
جبار آزاد منگي جي ڪهاڻين ۾ سندس ذاتي مشاهدي جو عڪس پڻ ملي ٿو، ڇاڪاڻ ته هي تمام گهڻو وقت سياسي ۽ نظرياتي تنظيم جو هڪ ڪميٽيڊ ڪارڪن رهيو آهي ۽ هڪ حساس دل هئڻ ناتي تنظيم اندر ٿيندڙ ڀڄ ڊاھ جي سبب کي سمجهندي ويساھ گهاتي ڪندڙ موقع پرست ۽ وڪامندڙ سياسي اڳواڻ جي ڪردار تي پيدا ٿيل، پنهنجي اندر جي ڪاوڙ کي ڪهاڻي جي صورت ۾ اظهار ڪندي سڀني انقلاب دشمنن، قوم دشمنن ۽ عوام دشمنن لالچي ماڻهن کي پارٽي جي مخلص ڪارڪنن ۽ عوام اڳيان پڌرو ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪري ٿو ۽ ڪهاڻيءَ ۾ اهڙن ڪردارن کي پنهنجي منطقي انجام تي پهچائڻ جي پڻ ڀرپور ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو ته جيئن پڙهندڙ ۽ سياسي ڪارڪن نااميدي جي بيٺل گندي پاڻي ۾ غوطا کائڻ بدران نئين اتساھ سان اڳتي وڌي.
سنڌ جي سياسي منظر تي سندس گهري نظر هئڻ ڪري پنهنجي ڪهاڻين ۾ انقلاب جي دعوايٰ ڪندڙ ڪجھ انقلاب دشمن وڏيرڪي قومي تحريڪ جي حقيقي ڪردار کي به وائکو ڪندي نظر اچي ٿو ۽ رهبر جي روپ ۾ ڪنهن رهزن لاءِ زنده باد جي لڳندڙ نعرن جي موٽ ۾ هڪ حقيقي سياسي ۽ نظرياتي ڪارڪن جي ڪردار ۾ جرئت جو اظهار ڪندي هڪ عام ۽ سادي قومي ڪارڪن کي پڻ خبردار ڪندي نظر اچي ٿو.
هن ڪتاب ۾ جبار آزاد منگي هڪ منفرد انداز پڻ اختيار ڪندي نظر آيو آهي. جيڪو پراڻي وقت ۾ سندس لکيل اسٽيج ڊرامن ۾ تمام گھڻو ملي ٿو. اهو آهي ته حقيقت کي مزاحيه انداز ۾ پيش ڪرڻ. سندس پراڻن اسٽيج ڊرامن ۾ جيئن ته اڪثر موضوع سياسي ۽ سماجي رهيا آهن. هن ڪتاب ۾ پڻ هڪ ڪهاڻي ساڳي موضوع تي مزاحيه انداز ۾ ملڪ جي سياسي منظر نامي جو پوسٽ مارٽم ڪندي لکيل آهي. جنهن ۾ سندس جرئت کي سلام ئي ڪري سگهجي ٿو. ڪهاڻي جي ڪردارن ۾ عوام ته تماشائي آهي ئي آهي. جنهن جو هرڪو سياسي اڳواڻ مٿو ڪوڙيندو رهي ٿو، پر مٿو ڪوڙڻ جو حڪم ڏيندڙ ۽ ولايتي پاڪي ۽ ولايتي بليڊ جو بندوبست ڪندڙ ملائڪن کي به نه بخشيو اٿائين.
ائين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته جبار آزاد منگي پنهنجي ڪهاڻين ۾ هڪ حساس دل رکندڙ جرئتن سان ڀرپور هڪ سياسي ڪارڪن ۽ سماجي اڻ برابري ۽ ناانصافي خلاف انتهائي غصي جو اظهار ڪندڙ هڪ ڪهاڻيڪار آهي.
آخر ۾ ڌڻي در اها دعا آهي ته الله تعاليٰ کيس سدائين انهيءَ جرئت، همت ۽ ثابت قدمي تي قائم ۽ دائم رکي ۽ سندس تخليقون، جيڪي سماجي تبديلي لاءِ هڪ اهم هٿيار جي حيثيت رکن ٿيون، اهي تخليق ٿينديون رهن ۽ اڻ برابري، ناانصافي، ظلم، ڌوڪيبازي، موقع پرستي ۽ لالچ خلاف حق جو آواز گونجندو رهي.
[b] عنايت لوهار
[/b] نصيرآباد
02 مئي 2017