سخاوت
اي بزرگ مان تنهنجي ڪا مدد ڪري سگهان ٿو؟ شايد توکي چيلھ ۾ سور آهي!!؟
پوڙهو شخص بيهي رهيو، پنهنجي چيلھ تي ڏنل هٿ پنهنجي اکين مٿان ڏئي مون کي غور سان ڏسڻ لڳو، شايد هو مون کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
اي نوجوان ڇا تون هن شهر جو آهين؟ جنهن شهرجي ماڻهن کي نڀاڳيِءَ ننڊ مان اٿارڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان.
ها بزرگ! مان هن ئي شهر جو آهيان ۽ منهنجا ابا ڏاڏا، پڙڏاڏا ۽ انهن جا به پڙ ڏاڏا هن ئي شهر جي مٽيءَ ۾ دفن ٿيل آهن.
هون! پوڙهو پٽَ تي ويهي رهيو ۽ هٿ جي اشاري سان مون کي به ويهڻ لاءِ چيو.
اي نوجوان! صدين کان هن شهر ۾ رهندڙ ماڻهو ئي هن شهر جا اصلي وارث آهن. انهيءَ حوالي سان تون به هن شهر جو مالڪ آهين؟
ها اي بزرگ!.... هي منهنجو ئي شهر آهي، مان ئي هن شهر جو اصلي مالڪ آهيان.
ڀليل آهين اي نوجوان، هي شهر تنهنجو ضرور آهي پر هن وقت تون مالڪي جي دعوا هٿ کڻي ويو آهين.
اهو ڪيئن اي بزرگ.
ڏس نوجوان تون ڪڏهين اهيو سوچيو آهي ته تنهنجي شهر جي چوڌاري ٻاهريان لڏي آيل ماڻهو ڪير آهن!؟
نه اي بزرگ! مون ان پاسي ڪڏهن سوچيو به ناهي.
ته پوءِ اي راھ وڃائيندڙ نوجوان! تون مالڪ ته نه ٿئين نه، تون ته اهو چوڪيدار به نه رهيو آهين، جيڪو رات جو خطرو نه ڏسندي به چوندو آهي،“هوشيار جاڳندا رهو” هتي ته اهي ٻاهريان ماڻهو تنهنجي شهر کي ڳڙڪائڻ چاهين ٿا ۽ تون بي خبر!؟ افسوس آهي تنهنجي مالڪي جي دعوا تي! تنهنجي شهر تي قبضو پيو ٿئي ۽ تون اڻڄاڻ بنجي پيو رستا لتاڙين!
پر اي بزرگ! شهر جي حفاظت لاءِ اسين پنهنجا چوڪيدار چونڊي ڇڏيا آهن.
اي مورک! انهن ۾ گھڻائي ته ويڪائو چوڪيدارن جي آهي، جيڪي تنهنجي حفاظت جي بهاني چورن جا رکوال بڻجي، تن جي مفادن جي پالنا ڪري رهيا آهن. توکي يقين نٿو اچي ته وڃ ۽ وڃي پنهنجي چونڊيل چوڪيدارن جي بيٺڪ جي در وٽ بيهه، توکي هر صبح جي پهر انهن ويڪائو چوڪيدارن جي ڪمرن مان ٻاهريان آيل ماڻهن جي عورتن جي نڪرڻ جي سُڌ پوندي، جيڪي سڄي رات تنهنجي چونڊيل چوڪيدارن اڳيان پنهنجو جسم پيش ڪري صبح جو نوڪري جو آرڊر يا تنهنجي شهر جي ڪنهن زمين جي ٽڪري جي پرمٽ وٺي اند ئي اندر ۾ تنهنجي چونڊيل چوڪيدارن کي گاريون ڏيندي پنهنجي گهرن ڏانهن موٽنديون آهن.
اي بزرگ! اها اسان جي مجبوري آهي، ڇو ته هو ڪيترن سالن کان چوڪيداري ڪندا پيا اچن ۽ وڏا تجربيڪار آهن ۽ هر وقت اسان جي حفاظت جي دعوا پيا ڪندا رهيا آهن، ڀلا ٻيو آهي به ته ڪو نه !!!!؟؟؟.
اي مت جا موڙهيل نوجوان! تو وٽ ڏسڻ واري اها اک ئي ڪانهي، تنهنجي شهر ۾ اهڙا مانجهي مڙس مٿير به رهن ٿا جيڪي پنهنجي وت ۽ وس آهر تنهنجي شهر لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن، پر افسوس جو تنهنجي شهر جي ماڻهن انهن کي ناهي سڃاتو. تنهنجي ماڻهن انهن جي قربانين عيوض تن جي راهن ۾ ڪنڊن جي سيج سجائي ڇڏي آهي، انهن جي رستي تي گلائُن ۽ غلط ڳالهين جون کاهيون کوٽيون ويون آهن.
اي بزرگ! اهي شهر ۾ ته نه ملندا، ڇو ته برائي عيوض ڀلائي ڪندڙ صرف آسمان ۾ رهي سگهن ٿا.
اي اونداهي منزل ڏانهن وک وڌائيندڙ راهي! اهي نه توکي آسمان جي بلندين تي ملندا نه ئي پاتال ۾. اهي صرف ۽ صرف انسانن جي وچ ۾ ملندا.
پر انهن کي ڪيئن سڃاڻجي؟ اي بزرگ.
اي مورک! تون پنهنجي لطيف کي به وساري ڇڏيو آهي!؟ جنهن اهڙن ماڻهن جو نشانيون پنهنجي سُرن ۾ ڏسيون آهن.
سُڪا منهن سندن، پيرين پراڻا کيٿڙا،
سا جوءِ ڏوري آئيا، سونهان جت منجهن،
ڳجها ڳجهيون ڪن، تهان پرانهين پنڌ جون.
اي بزرگ اهڙن ماڻهن وٽ اسانجي پيٽ گذر جو ڪوبه وسيلو ناهي اهڙن ماڻهن جي هٿ ۾ بي روزگارن لاءِ نوڪريون ناهن ، ته پوءِ ڪيئن اسان انهن جو ساٿ ڏيون جيڪي خود بکيا رهن ٿا.
نوڪريون ۽ روزگار!!! صفا چريو آهين. اي نوجوان ڇا تو اڄوڪي اخبار پڙهي آهي؟
ها بزرگ! مون هڪ نه ست اٺ اخبارون پڙهيون آهن.
ڇا تو نوڪرين جا اشتهار به پڙهيا آهن. نوجوان!
ها بزرگ! ڇو ته مون کي نوڪري جي تلاش آهي، مان اخبار روز پڙهندو ئي ان ڪري آهيان ته اڄ ڪهڙو اشتهار شايع ٿيو آهي.
اي نوجوان! توکي انهن اشتهارن ۾ ڪا انوکي ڳالھ نظر آئي؟
نه بزرگ مونکي اهڙي ڪا ڳالھ محسوس نه ڪئي جيڪا مون کي انوکي لڳي، ڇا توهان ٻڌائي سگهو ٿا؟
اي بنا سوچ وار نوجوان! ڪن اشتهارن ۾ تنهنجي شهر جي اصلي مالڪن لاءِ ڪابه جاءِ نه هئي، ڪن اشتهارن ۾ صرف هڪ يا وڌ ۾ وڌ پنج جايون هيون.
ها! اها ڳالھ ضرور هئي بزرگ.
ته پوءِ ٻڌاءِ وقت جون واڳون سنڀالڻ جا خواب ڏسندڙ بي عمل نوجوان! ته تنهنجي شهر ۾ گھڻا بي روزگار آهن؟
اي بزرگ لکن جي تعداد ۾.
اي عقل جا انڌا نوجوان! مون کي اهو ٻڌاءِ ته اهي نوڪريون ڪنهن کي ملنديون؟ سڀني بيروزگارن جو مسئلو حل ٿي ويندو؟ ڇا سڀني جي پيٽ جي باھ وسامي ويندي؟
نه بزرگ نه! اهي نوڪريون انهن کي ملنديون جن وٽ سفارش هجي يا رشوت ڏيڻ لاءِ جام ڏوڪڙ هجن.
تو وٽ اهي ٻئي شيون آهن؟
نه مون وٽ ته صرف اعليٰ تعليم جي ڊگري آهي.
ته پوءِ مورک! ڇو ٿو پنهنجو وقت وڃائين، نوڪري جي تلاش ڀلي ڪر، پر ياد رک نوڪري جي پويان ڊڪندي ڊڪندي پنهنجي شهر جي ماڻهن کي متان وسارين، ائين نه ٿئي جو نوڪري پويان ڊڪندي شهر ۽ شهر جا ماڻهو توکان ڏور ٿيندا وڃن پوءِ نه تنهنجو شهر تنهنجي لاءِ هوندو نه نوڪري هوندءِ. ها جيڪڏهن توکي نوڪري نه به ملي تڏهن به پنهنجي علم ۽ عقل کي شهر جي ماڻهن جي ڦٽل نصيب سنوارڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏج، ڇو ته اهي ٻئي شيون تو وٽ امانت آهن. ڇا تون نٿو ڄاڻين ته نوڪرين جا حسين خواب ڏيکاري توکي تنهنجي شهر جي ماڻهن کان پري ڪيو وڃي ٿو؟
پر اي بزرگ ان ئي اخبار ۾ شهر جي حاڪم جو بيان هو ته“بيروزگارن لاءِ پنجاھ هزار جايون پيدا ڪيون وينديون.”
اي خيالي دنيا جي رهڻ وارا نوجوان! انهي خيالي سخاوت جي پويان ڊوڙندي تون پنهنجي زندگي ته وڃائيندين ۽ ان سان گڏ پنهنجي شهر جي ماڻهن جي نصيب کي به سنواري نه سگهندين. هينئر مون کي تون اهو هرڻ لڳي رهيو آهين جيڪو پاڻي جي تلاش ۾ صحرا جي حسين روپ جي دوکي ۾ اچي، پنهنجي حياتي وڃائي ڇڏيندو آهي. تنهنجي شهر جي حاڪم تو جهڙن لاءِ روزگار کي دوکيباز صحرا جو روپ ڏنو آهي، ڇو ته تنهنجي حاڪم ڄاڻي ورتو آهي ته شهر ۾ ماڻهو گھٽ پر هرڻ گھڻا رهن ٿا. جيڪي جيڪڏهن سوچ ۽ سمجھ ڌارين ته هوند حاڪم جو ڇٽ پٽ تي اچي ڪري، ان ڪري ئي تنهنجي حاڪم تو جهڙن نوجوانن کي هرڻ جو روپ ڏئي رڃ ۾ ڊوڙڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي. ڇا توکي خبر ناهي ته هي دنيا آخر ڪار توهان نوجوانن جي آهي؟
ان جو مطلب اهيو ٿيو اي بزرگ! ته اهو صرف ڪوڙ ۽ دوکو آهي؟
ها انهي ڪوڙي، خيالي ۽ منافقي واري سخاوت ئي ته مون کي وڏو درد ڏنو آهي، اخبار ۾ نوڪرين واري خبر پڙهي ائين لڳم ڄڻ تنهنجي شهر جي حاڪم منهنجي چيلھ ته زوردار لت وهائي ڪڍي هجي، ان ڪري ئي مان تنهنجي ڳوٺن جي ماڻهن کي جاڳائڻ وڃان ٿو، ڀَوُ اٿم ته جيڪڏهن تنهنجي حاڪم اهڙي ڪا ٻي سخاوت ڪئي ته پوءِ منهنجو نالو نشان ئي گم ٿي ويندو. چڱو مان هلان ٿو.
ائين چئي اهو بزرگ لٺ جي سهاري اٿيو ۽ مان حيرت وچان کيس ڏسڻ لڳس.
اي بزرگ ويندي ويندي پنهنجو نالو ته ٻڌائيندو وڃ ۽ اهيو به ٻڌاءِ ته وري ڪٿي توسان ملي سگهبو؟
اي ايندڙ وقت جا نوجوان! منهنجو نالو جادم جکرو آهي ۽ مان تڏهن ئي توکي هن شهر ۾ ملندس جڏهن تنهنجو شهر باقاعده تنهنجو هوندو، جڏهن ڪو به روزگار جي ڳڻتي ۾ نه ڳرندو، جڏهن تنهنجي حاڪم جو ڇٽ پٽ تي اچي ڪرندو ۽ جڏهن تنهنجي شهر جي اندر ڪو به ٻاهريون ماڻهو نه هوندو.
جادم جکرو!؟ شاھ لطيف جي سُرَ بلاول وارو جادم جکرو؟
بزرگ ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي. ها!
تون پنهنجي سڃاڻپ واري اک کي تيز رک، تنهنجو اجتماعي نفعو ۽ اجتماعي نقصان ڪهڙو ۽ ڇا ۾ آهي؟ وڃ اول انهيءَ بيماري تي سوچ، ڳوڙهو ويچار ڪر،انهيءَ بيماريءَ جو علاج ڪنهن وٽ آهي؟ اهو ڪم تون ڪري سگهين ٿو.
اي شاھ لطيف جا سورما! مان اڪيلو ائين ڪري سگهان ٿو؟
اي نوجوان! تون اڪيلو ڪٿي آهين، صحرا ۾ ڊوڙندڙ سهڻا هرڻ تنهنجا آهن، تنهنجي شهر جا ڦٽل نصيبن وارا ماڻهو تنهنجا آهن، ڏينهن جي روشني ۾ بي دردي سان بي انصافي جا ستم سهندڙ تنهنجا آهن. تنهنجي شهر جي جيل ۾ تنهنجي حاڪم خلاف حق ۽ سچ ڳالھائيندڙ تنهنجا آهن، سڪل چهرن، ڦاٽل ڪپڙن وارا، پيرن اگهاڙا ۽ پيٽ بکيا تنهنجا آهنن، مٽيءَ مان ٺهيل ۽ مٽي هاڻا ماڻهو به تنهنجا آهن، تون اڪيلو ناهين، وڃ ۽ وڃي انهن بيراڳين سان مِلُ، جن جبل مٿي باهڙي ٻاري آهي.
جادم جکرو ائين چئي روانو ٿي ويو ۽ مان هن جي چيل ڳالهين تي سوچيندو رهيس . هن جي ڇڏي ويل قدمن جي نشانن کي غور سان ڏسندو رهيس. ڏٺم ته بزرگ جادم جکرو هڪ هٿ چيلھ کي ڏئي ۽ ٻي هٿ ۾ لٺ کڻي اکين کان ڏور ٿيندو پئي ويو. مون کي شهر جي حاڪم جي نوڪرين واري سخاوت ياد آئي،جنهن سپڙ سخي جادم جکري جي چيلھ کي زوردار لت وهائي ڪڍي هئي.
نصيرآباد 26 سيپٽمبر 1994
سنڌ رنگ ڊائجسٽ جنوري 1999 ۾ شايع ٿي.