ڪوجهيون ۽ ڪامريڊ
اميران پاڻ هن شادي ۾ شريڪ ٿي نه سگهنداسين.مون جواب ۾ چيو
پرڇو؟ تنهنجو پڳ مٽ يار آهي! تڏهن به نه؟
ان ڪري جو آفيس جي سالياني آڊٽ ڪندڙ عملو ويهين تاريخ کان اچي رهيو آهي جيڪو ڏھ ڏينهن رهندو، مان واندو ئي ڪونه هوندس، جڏهن ڳوٺ هلياسين ته مبارڪ ڏينداسونس.
جيئن تنهنجي مرضي.
هوئنن به عيد تي ته ڳوٺ هلنداسين.
ٺيڪ آهي.
آفيس جي آڊٽ ختم ٿي چڪي هئي ۽ عيد ۾ به ڪي ست اٺ ڏينهن بچيا هئا، آفيس ۾ ڪم گھڻو به نه هيو، جنهن ڪري ڳوٺ وڃڻ جو ارادو ڪيم، آفيس کان گھر آيس.
اميران جلدي تيار ٿي وٺ ته............ ڳوٺ ٿا هلون.
ڪجھ ضروري خريداري ڪرڻ کانپوءِ شام واري گاڏيءَ ۾ ڳوٺ لاءِ روانا ٿياسين.
صبح جو ساجهر ڳوٺ جي سرسبز ٻنين، کليل هوائن آڌرڀاءُ ڪيو، گھُٽيل ۽ ٻوساٽيل شهر جي زندگي کان هي زندگي ڪيڏي نه عظمت واري ۽ خوبصورت آهي. هتي ڪيڏو قرب ۽ محبت آهي، کليل ۽ صاف هوائون جيڪي اسان جي اندر ۾ هڪ نئون روح ڦوڪين ٿيون، گھر ۾ گھڙندي امڙ تي نظر پئي! اڇن وارن واري امان! جنهن جي اڇن وارن مان اڻ کٽ محبت، لاٽون ڪري ٻري رهي هئي، پنهنجي ڪمزور ٻانهن ۾ قابو ڪندي چمي ڏني،“ابا خوش آهين؟”
ها امان، تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي؟
ٺيڪ آهي پٽ، امان اميران تون به خوش آهين؟
امان... اميران به خوش آهي ۽ ها امان تون ڏاڏي به ٿيڻ واري آهين، مون اميران کي ڳالهائڻ جو موقعو ئي نه ڏنو. ڏٺم ته اميران شڪي ٿي رهي هئي.
ابا الله جا لک لک شڪر، امان اميران هيڏانهن اچ ڀرسان ويھ.
امان ادو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي؟
پٽ شهر ويو آهي، اڙي ابا خبر ٻڌي اٿئي؟
امان ڪهڙي؟
ڪريم زال کي طلاق ڏني آهي.
امان طلاق! منهنجا حوصلا ئي خطا ٿي ويا.
ها ابا، زال کي مار به ڏاڍي ڏيندو هيو.
“طلاق” سو به ڪريم، ڪامريڊ ڪريم! مان سوچ ۾ پئجي ويس. اهو ڪريم جيڪو چوندو هيو،“ اسين مرد ڌاڙيل آهيون، اسان عورتن جي حقن تي ڌاڙا هنيا آهن، هن معاشري ۾ جت مرد آزاد آهي، اتي عورت کي به آزاد هئڻ کپي، مرد وانگر هن جا به جذبا آهن، اسين انهن جذبن کي ساڙي خاڪ بڻائي، هوا جي تيز لهرن ۾ اڏائي ڇڏيون ٿا. اهو ڪريم جنهن کي جڏهن ڪاليج جي سالياني جشن ۾ “ڪاليج جو قومي هيرو” لقب مليو هو ۽ يونٽ جو آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو هو ان وقت جڏهن ڪريم تقرير ڪئي هئي ته هر طرف تاڙيون ۽ نعرا هيا ۽ مون کي چڱي طرح ياد آهي ته ڪريم تقرير ڪندي چيو هو ته “سنڌ جون، ڪاريون، ڪمارڙيون ۽ ظاهري سونهن کان محروم عورتون اسان جو عزتون آهن، اسان کي انهن ڪارين، ڪوجهين تي ناز آهي ۽ ڪرڻ کپي، ڇو ته انهن کي ظاهري سندرتا ته ڪونهي پر انهن جي سونهن انهن جي اندر ۾ آهي، جن کي ڪو پنهنجو نه ڪندو اسان انهن کي سهارو ڏينداسون، اسان انهن جا ساٿي ٿيون، اچو ته اڄ عهد ڪريون ۽ هن سنڌو جي پاڪ پوتر ڌرتي جو قسم کائي وچن ڪريون ته ڪارين ۽ ڪوجهين جا سهارا بڻجنداسين.”
مون کي چڱيءَ ريت اهو به ياد آهي ته جڏهن به ڪريم اخبار ۾ ڌيان طلب پڙهندو هيو ته ڪاوڙ وچان چوندو هيو ته،“ اسان مردن عورتن کي ٻار ڄڻڻ ۽ گهر جي ڪم ڪار ڪرڻ جي مشين سمجهيو آهي، عورت کي به حق آهن، ته مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هر وک تي گڏ هلي، افسوس اهڙي قوم تي آهي جيڪا عورت جي آزادي کي پسند نه ٿي ڪري.” اهو ڪامريڊ ڪريم جنهن موسى کي ڏاڍو ڳالهايو هو، جنهن زال کي طلاق ڏني هئي، ٻين سان وڙهڻ وارو اڄ خود انهي عمل کي پاڻ ورجايون ويٺو آهي، ائين ڇو ٿيو؟ ڇا جي ڪري ٿيو؟ منهنجي ذهن ۾ ڪافي سوال جنم وٺي رهيا هئا.
ابا ڪٿي ٿو وسين؟ امان خيالن جي دنيا کان ٻاهر آڻي ڇڏيو.
امان، مان ڪريم وٽان ٿي اچان ٿو، امان جي سوال جو جواب ڏئي نه سگهيس.
ڪريم جي گھر ۾ گھڙيس، خبر پئي ته ڪامريڊ پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو آهي، ڪمري ۾ داخل ٿيس ته ڪريم وڏي اڪير سان مليو. يار هيترا سارا ڏينهن گم ٿي وڃين ٿو، ڪجھ ڳوٺ جي به سار سنڀال لهندو ڪر، ته ڪير مئو ڪير بچيو. ڪريم“آزادي اعلان اسان جو” ڪتاب ميز تي رکندي چيو، جيڪو شايد هو مون کان اڳ پڙهي رهيو هيو.
مئن کي زنده ڪرڻ ۽ جيئرن کي مارڻ جو حق تو کي آهي، مان صرف توکان اهيو پڇڻ آيو آهيان ته تو جلدي شادي به ڪئي ۽ ڀاڄائي کي طلاق............
يار توکي انهن ڳالهين ۾ ڪنهن وڌو آهي، ڇڏ انهن بڪواس ڳالهين کي ڪي ٻيون خبرون چارون ڪر.
اهي بڪواس ڳالهيون نه آهن ڪامريڊ ڪريم! تو ڀاڄائي کي طلاق ڏني ڇو ؟
پاڻ واري ڀاڄائي تو ڏٺي هئي.
نه. مون مختصر جواب ڏنو.
تو پوءِ اهو سوال ئي نه پڇ.
مان ان سوال جو جواب ئي وٺڻ آيو آهيان.
يار انهن ڳالهين ۾ اجايو ٿو وقت وڃائين، ٻي ڀيري ٻڌائيندوسانءِ، تون پنهنجي خبر ڪر ته ڪم ڪيئن پيو هلي.
نه ڪريم پهريون منهنجي سوال جو جواب پوءِ ٻي ڳالھ.
ڀلا جيڪڏهن نه ٻڌايانءِ تو پوءِ؟
تو پوءِ ائين سمجهندس ته تون منهنجو دوست نه پر هڪ واٽ ويندڙ مسافر آهين.
تنهنجي ڀاڄائي ڪاري هئي؟
ڪاري!!!!؟؟؟ ڪنهن سان؟
اها ڪاري نه.... پر رنگ جي ڀوري نه هئي.
شادي کان اڳ تو ڀاڄائي کي نه ڏٺو هيو؟
نه ! امان جي پسند کي ترجيح ان ڪري ڏنم جو، امان تنهنجي ڀاڄائيءَ جي ساراھ ڪئي، تنهن تي اعتبار ڪيم، بيمار ابي جو اسرار هيو ته منهنجي مرڻ کان اڳ منهنجي شادي ٿئي، ۽ شادي مڱڻو سڀ هڪ هفتي ۾. ڏس نه جنهن عورت سان روح ئي نه ريجهي ،ان جي زندگي مان وڃائڻ جو ڪيئن سوچي سگهان ٿو.
تو هڪ عورت جونه پر ان جي سموري خاندان جو، پنهنجي امان ۽ ابي جو، روشن خيال پنهنجي دوستن جو روح به رنجايو آهي، تو صرف پاڻ کي خوش ڪيو، پنهنجي روح کي خوش ڪيو، حيف هجئي..... مون محسوس ڪيو ته منهنجو مغز ڦاٽي رهيو هيو، ڌرتي ڦري رهي آهي تيز تيز.... صرف سنڌ ڌرتي جو ٽڪرو. ڪريم جا چيل جملا مون کي ڪريم جي ڪمري مان ٻڌڻ ۾ آيا ،“ ڪاريون، ڪمارڙيون ۽ ڪوجهيون عورتون اسان جون عزتون آهن” مونکي ڪامريڊ ڪريم جي قول ۽ فعل ۾ زمين آسمان جيترو فرق ڏسڻ ۾ آيو، جيڪي پري کان پاڻ ۾ ملندي ڏسي سگبا آهن پر اصل ۾ اهو اکين جو دوکو هوندو آهي. شايد ڪامريڊ ڪريم به پنهنجي قوم جي ماڻهن سان اهڙي طرح گنڍيل آهي، جهڙي طرح پري کان آسمان ۽ زمين!!!
مون ڪامريڊ ڪريم کي غور سان ڏٺو، ڪامريڊ پنهنجيون اکيون ڪتاب “ آزادي اعلان اسانجو” کي ڏسڻ لاءِ جهڪائي ڇڏيون.
3 اپريل 1982نصيرآباد