اي ڪم ڪميڻن
رئيس محراب خان هر دؤر ۾، حڪومت جو حصو رهيو آهي. ضياء جي دؤر ۾ رئيس وسان ڪين گهٽايو، دل کولي حڪمرانن جي مدد ۽ خدمت ڪئي ۽ سنڌي ماڻهن کي، ڪوڙَنِ، ڦٽڪن ۽ جيلن جي زينت بڻايو. چونڊن ۾ جڏهن عوام کيس ووٽ نه ڏنو ۽ حڪومت رئيس محراب خان جي هٿ مان هلي وئي، تڏهن رات وچ ۾ رئيس محراب خان “قومپرست” ٿي “سنڌين جي بقا” لاءِ وڙهندڙ جون دعوائون ڪندڙ وڏيرن جي چوياري جو چڱو مڙس ٿي اسٽيج تي تقرير ڪري رهيو آهي. رئيس محراب خان حڪومت خلاف گھڻو ڪجھ ڳالهايو، پر سندس آخري جملا ذهن کي جنجھوڙي رهيا آهن. واقعي!؟ هيءُ محراب خان ائين ئي ڪندو؟ جيئن چوي ٿو. نه قطعي نه! مون کي ان وقت رئيس محراب خان رڍ جي کل ۾ لڪل بگهڙ ٿي لڳو. چاپلوس ماڻهو رئيس محراب خان جي قومپرستي جا ڍڪ ڀري رهيا هئا. لائوڊ اسپيڪر ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو. اسٽيج تان ڪنهن چيو ته “رئيس محراب خان سنڌي ماڻهن جو همدرد ۽ نجات ڏياريندڙ سنڌ جو سورمو آهي”
بگهڙ رڍن جي حفاظت نٿا ڪري سگهن. پنڊال ۾ مون کان وڏي آواز نڪري ويو.
“اڙي اهيو ڇا چيئي!؟” هڪ ڪامريڊ اکيون ڦوٽاري مُڇن کي وٽ ڏيندي هڪل ڪندي چيو “بڪواس ٿو بڪين، زبان ڪٽي ڇڏيندوسانءِ.”
ها! رئيس محراب خان قوم جي ڳچيءَ ۾ ويڙهيل ڪارو نانگ ۽ سوئر........ مان سچ ٿو چوان.
پويان ڌڪ لڳو، منهنجي رڙ ۽ سچ لائوڊ اسپيڪر جي ڪوڙ ۾ دٻجي ويو خبر ناهي ته ڪامريڊ ڪيتري وقت تائين مون کي ماريندا رهيا. جڏهن اکيون کليون ته پاڻ کي پنڊال کان پري ٻنيءَ ۾ ستل ڏٺم. ڌڪن ۽ مُڪن سبب سڄو بدن سور ڪري رهيو هيو، وات ۽ نڪ مان رت وهي چڪو هو. آءُ آهستي گوڏن تي هٿ ڏئي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر مٿي کي چڪر اچي ويو ۽ وري زمين تي ڪِري پيس. ڪيترو وقت بيهوش رهيس! سا خبر مون کي نه پئي پر اکيون ٻيهر تڏهن کليون جڏهن منهن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا پيا.
“پٽ تون اڪيلي سِر محراب خان سان ڪونه پڄي سگهندين! اچي پاڻي جا ٻه ڍُڪ پيءُ” ڪرڙ وڍ ماڻهو مون کي ٽيڪ ڏئي اٿاريو.“ابا وري به رب جا احسان، پير زور هيئي جو جيئرو بچيو آن، نه ته محراب خان خلاف ڳالهائڻ وارا اسين زمين ۾ دفن ڏٺاسين، ائين نه ڪبو آهي، پنهنجيءَ جوانيءَ تي رحم کاءُ”.
ڪيترو وقت خاموش رهجي چاچا....ڪيترو وقت؟
“ابا تنهنجي مرضي!” ائين چئي اهو نامعلوم شخص اٿي هليو ويو. مون وري اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، آهستي آهستي اٿيس وات ۽ نڪ مان وهندڙ رتُ اگهي روڊ ڏانهن وڌڻ لڳس. لائوڊ اسپيڪر اڃا ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو.“اسين هر طرح سان سنڌي قوم جو تحفظ ڪنداسين” ۽ موٽ ۾ مڌهم آواز ۾ تاڙيون ۽ “آڻينداسين آڻينداسين انقلاب آڻينداسين” جا نعرا ٻڌي رهيو هيس. هڪ زوردار نعرو لڳو “محراب خان زنده باد”.
محراب خان مرده باد مون کان بي اختيار نڪري ويو، پر هاڻي ته رستو هيو ۽ ڪو به ڌڪ هڻڻ وارو“ڪامريڊ” ڪونه هيو.
“زنده باد” نعري جي پويان مون کي لالڻ چرياڻ نظر آيو. لعل بخش عرف لالڻ!! سهڻو نوجوان، ذهين جنهن ايم اي سوشيالاجيءَ فرسٽ پوزيشن ۾ ڪئي هئي. اڄ شهر جي گھٽين ۾ پيل گند جي ڍيرن جي زينت بڻيل آهي، ڪيڏانهن ويس اُها مرڪ؟ جنهن ۾ هڪ طوفان لڪل هو، محبت، پيار ۽ پنهنجائپ وارو طوفان. ڪيڏانهن ويس اهي نيريون اکيون؟ جن ۾ محبت جون ڇوليون هڻندڙ سمنڊ هيو. ڪيڏانهن ويس ڳاڙهو ڳٽول بدن؟ اهي سڀ شيون لالڻ کان ڪنهن کسيون هيون؟ رئيس محراب خان، ها رئيس محراب خان!. جنهن لالڻ جي سهڻي سدا ملوڪ زال زينت به کسي ورتي هئي. اهو ڏينهن ڀلا ڪيئن وسرندو؟ جنهن ڏينهن رئيس محراب خان لالڻ کي چيو ته، “لالو سڌو ٿي هل نه ته خراب نتيجو ڀوڳڻو پوندءِ، اهي سياسي چالبازيون ۽ منهنجون گلائون بند ڪر نه ته....................”
“پر رئيس هر ماڻهو کي ڳالهائڻ جو حق آهي ۽ اهيو حق تون مون کان نٿو کسي سگهين.”
“شايد تون.............” رئيس محراب خان چپ ٿي ويو، پر ٻئي ڏينهن لالڻ گم هيو. ڏينهن ڏينهن ۾ پورو مهينو لالڻ کي ٿي ويو پر ماءُ جي نظر اڃا در ۾ کُتل هئي، زال اڃا مڙس لاءِ واجهائي رهي هئي. هو ٻئي ڄڻيون بي خبر هيون پنهنجي اڪيلي وارث لالڻ کان.
آسمان تي ڪارا ڪڪر ڊوڙون پائي رهيا هئا، کنوڻ تجلا ڏئي رهي هئي، مينهن زور سان وسي رهيو هو. هو ٻئي ڄڻيون ڪوٺِي ۾ ڊپ وچان هڪ ٻي کي ڀاڪر پائي چنبڙي پيون هيون. ٻاهر تيز نيسارا وهي رهيا هئا، ڪنهن ڪنهن وقت زوردار ڌماڪو پئي ٿيو، ڪنهن جي جاءِ جي ڀت ڪرڻ جو آواز، ڌماڪو هيو، انهن ڪچن گهرن وارن لاءِ جن جون جايون برسات جي سَٽَ سهڻ جهڙيون نه هيون. اوچتو در کڙڪيو . لالڻ جي ماءُ ۽ زال ڇرڪ ڀري هڪ ٻئي کان اکين ئي اکين ۾ پڇڻ لڳيون،“ڪير ٿي سگهي ٿو؟ هن برسات ۾!؟ ڪير هوندو!؟ شايد لالڻ هجي. ماءُ جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي، هوءَ کٽ تان هيٺ لٿي، هڪ ٻيو ڌماڪو ٿيو، لالڻ جي ماءُ ڏڪي وئي، هن پنهنجي پناھ جي ڀت ڪِرندي ڏٺي، ڀت نه ڪري ڄڻ هِن جي مٿي تان ڪنهن رئو لاهي ننگو ڪري ڇڏيو.
لالڻ جي ماءُ ڏڪندڙ وِکن سان اڳتي وڌي. پر هي ڇا!؟ چار ماڻهو ڪريل ڀت پار ڪري گھر ۾ داخل ٿي چڪا هئا. لالڻ جي ماءُ جون اکيون ڪروڌ وچان ڳاڙهيون ٿي ويون. هو اڳتي وڌي، ڄڻ هن ۾ نئين قوت، نئين جوت ۽ نئون رت پيدا ٿي پيو هجي. “ڪير آهيو!؟” لالڻ جي ماءُ هڪل ڪئي. ماڻهو ويجها ٿيندا ويا. “هٿيار!!؟؟” لالڻ جي ماءُ کان ڇرڪ نڪري ويو. هن ڊوڙي وڃي ڏانداري کنئي ۽ مڙس ماڻهوءَ واري هڪل ڪندي چئني ماڻهن ڏانهن ڊڪي. پر ڪلاشنڪوف جي برسٽ، لالڻ جي ماءُ کي هميشه لاءِ سمهاري ڇڏيو، لالڻ جي ماءُ پٽ تي ۽ زال رات جي رهزنن جي گرفت ۾ مضبوط هئي، رڙيون بند هيون، آسمان تي ٺڪاءَ هيا، هر ماڻهو پنهنجيءَ ۾ پورو هيو ۽ آسمان ڌرتي تي ٿيندڙ ظلم کي ڏسي ڏڪي به رهيو هيو ۽ زور زور سان رڙيون ڪري روئي به رهيو هيو. آسمان وڏا وس ڪيا ته رئيس محراب خان جي حويلي تباھ ٿئي پر رئيس جي حويلي ته لالڻ جي زال زينت جي رڙين، سڏڪن، آهُن کان مضبوط ۽ آسمان کان وڌيڪ طاقتور هئي.
صبح جو سج اڃا ڪڪرن ۾ لڪل هيو، ائين لڳي رهيو هيو ڄڻ ڌرتيءَ تي ٿيل ظلم کي سج نٿو ڏسڻ گھري، يا هو زينت جو اگهاڙو جسم ۽ لالڻ جي ماءُ جو لاش ڏسڻ جي قوت نه پيو رکي. سج ڪڪرن جي پردي پويان اکيون پوري هلندو رهيو ۽ ٻه لاوارث لاش اسپتال جي زينت بڻجي ويا.
ٻن مهنين کان پوءِ اوچتو لالڻ شهر ۾ ڏٺو ويو، اهو لالڻ جيڪو رئيس محراب خان جي ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجي چريو ۽ مڏو بڻجي ويو هو. وار وکريل اکيون ڏرا ڏئي ويل، ڳاڙهو ڳٽول بدن ڌڪن سان چچريل ۽ ڪارو ٿيل وجود جي بار کي گھليندو رهيو، زينت ۽ ماءُ کان بي خبر. هُن کي خبر نه رهي ته منهنجي امان ڪير آهي؟ زال ڪير آهي؟ ۽ ٻئي ڪٿي آهن؟ لالڻ هر شيءِ وساري ويٺو، هر شيءِ کان بي نياز سگريٽن جا ٽوٽا ميڙي، تن کي ڦاڙيندو شهر ۾ پيل گند جي ڍيرن جي زينت بڻيو ۽ رئيس محراب خان سنڌي قوم کي آزادي ڏيارڻ وارن جي اڳواڻي ڪري رهيو هيو.
لائوڊ اسپيڪر لڳل جيپ منهنجي پاسي کان زوزاٽ ڪندي نڪري وئي، جنهن ۾ ڪجھ ماڻهو ويٺل هيا، شايد رئيس محراب خان جا “ڪامريڊ ساٿي” هئا، لائوڊ اسپيڪر وسيلي اعلان ڪيو ويو ته، “سڀاڻي سنڌي قوم جو محسن، بي باڪ، هڏڏوکي، نه وڪامندڙ نه جهڪندڙ رئيس محراب خان حيدرآباد ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندو”. ان اعلان ۾ مون کي حافظ محمد خان جو مست ۽ نشي ڀريل چهرو نظر آيو. ڪاري ڏاڙهي، وڏين اکين وارو ، قرآن ۽ حديث شريف جو حافظ محمد خان. جڏهن به واعظ ڪندو هيو تڏهن هر ماڻهو جي دل کي سڪون ملندو هيو، هندو مسلمان سڀ حافظ جي عزت ڪندا ۽ حافظ کي ٻڌندا هيا. پر رئيس محراب خان کي حافظ تي ڪاوڙهوندي هئي.
مون کي واعظ ٻڌڻ جو شوق گھٽ آهي پر حافظ محمد خان جو واعظ ضررو ٻڌندو هيس، جڏهن حافظ واعظ ڪندو هيو، تڏهن نامعلوم طاقت مون کي مسجد طرف گهلي ويندي هئي، ان ڏينهن ماڻهو مون کي عجيب نظرن وچان ڏسندا هيا. اها ڪشش شاھ لطيف جي انهن بيتن ۾ هوندي هئي. اها ڇِڪَ انهي سچائي ۾ هوندي هئي جيڪا سچائي حافظ محمد خان هر واعظ ۾ بيان ڪندو هيو. پر رئيس محراب خان حافظ لاءِ نفرت جي باھ پنهنجي دل ۾ دکائيندو رهيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي اوطاق تي گهرائي حافظ کي بيعزتو ڪندو هو، پر حافظ رئيس جي دڙڪن کان نه ڊڄي سچائي کي بيان ڪندو رهندو هو. اڄ حافظ محمد خان مسجد ۾ واعظ ڪندي حيدرآباد ۾ ٿيل خونريزي جو ذڪر ڪيو ۽ تنبيھ ڪندي ايم ڪيو ايم کي چيو ته “ياد رکو قاتلو! خدا اوهان کي معاف نه ڪندو، اوهان مائرن جون هنجون خالي ڪريو ٿا، اوهين سنڌين جا گهر اجاڙيو ٿا، اسان جا گهوٽ گھايو ٿا، پر ياد رکو! عنقريب اوهان جي مٿان الله جو شديد عذاب نازل ٿيندو،اوهان جا گهر به اجڙي سگهجن ٿا. اهو ڏينهن پري ناهي جواوهان جا ماڻهو اوهان مٿان ئي شاهد بنجي بيگناھ قتل ٿيل انسان جي خون جا واڪا ڪندا، خدا اوهان سان ائين هڪ ڏينهن ضرور ڪندو. ڊڄو.....ڊڄو! ان ڏينهن کان، جنهن ڏينهن اوهان تي اهڙوڏکيو وقت ايندو، ان ڏينهن اوهان جو ڪو به ساٿي نه هوندو. اوهان انسان کي قتل ڪريو ٿا ۽ هاڻ انسان صبر نه ڪندو، هاڻ خون جي قطري قطري جو حساب ٿيندو. اي منهنجا مسلمان ڀائرو! اي ايمان وارؤ! ڪن کولي ٻڌو جي سنڌ وئي ته سڀ ڪجھ ويو، ايمان ويو، عزت ۽ آبرو وئي، جنهن سنڌ کي وساريو، تنهن خدا کي وساريو. اٿو ۽ اٿي پنهنجي تقدير پاڻ سنواريو، هي وڏيرا، پير ملان سڀ اوهان جا ويري آهن، قاتل ۽ جلاد آهن، جي اوهان جا هٿ اڃا به گوڏن تي رهيا ته اوهان کي خدا ڪڏهن به معاف نه ڪندو ۽ اوهانجي تقدير خدا به تبديل نه ڪري سگهندو ڇو ته قرآن مجيد، فرقانِ حميد ۾ ربُ العزت فرمائي ٿو؛
اِنَاللّه لا يغّر بقوما حتٰي يغّرُ مابا انفسهم
يعنيٰ “جيڪا قوم پنهنجي تقدير کي پاڻ نٿي تبديل ڪري، مان الله به ان قوم جي تقدير تبديل نٿو ڪري سگهان”.
اي منهنجا ڀائرو! خدا جي ڏنل هدايت تي هلو ۽ پنهنجي تقدير جا مالڪ پاڻ ٿيو، پنهنجي تقدير پاڻ سنواريو، نڀاڳ جي ننڊ سمهڻ ڇڏي ڏيو، هي وقت جاڳڻ جو آهي، سرِ مٿان ڪلاشنڪوف هجن، موت مٿان هجي ۽ اسين ننڊ ۾ هجون، اهو ڪم ڪميڻن جو آهي. شاعرن جو سرتاج شاھ عبداللطيف ڀٽائي فرمايو آهي ته
“اي ڪم ڪميڻن، جيئن سمهن پير ڊگها ڪري،
ننــــــــــڊون نڀـــــــــــــــــاڳن کـــــي، او ڀالا اچــــــــــــن،
لوچيـــــــن ڪيـــــــن لطيف چئي، هاري لئه هوتن،
سي پنهون ڪوھ پڇن، جي سنجهي رهن سمهي”.
۽ ان ڏينهن رئيس محراب خان کي حافظ محمد خان جي جواني تي رحم آيو، شايد ان لاءِ ته هو حق ۽ سچ چئي رهيو هو.
“حافظ صاحب اڄوڪي واعظ منهنجي دل ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو آهي، اڄ تو منهنجيون اکيون کولي ڇڏيون آهن، دل چئي ٿي ته هاڻي وڌيڪ وقت............... اچي هي چانھ پيو” محراب خان جمعي جي شام حافظ محمد خان کي اوطاق تي گهرائي چيو، “حافظ توجهڙا مولوي جيڪڏهن سنڌ ۾ رهيا ته اهو ڏينهن پري ڪونهي جو سنڌي ماڻهو پاڻ ڀرا ٿي وڃن”.
هاڻي روز حافظ محمد خان جون ڪچهريون رئيس محراب خان سان ٿينديون رهيون، چانھ جا دؤر روز هلندا رهيا. هڪ ڏينهن.......... حافظ محمد خان کي چانھ مختلف لڳي، هن ڍُڪ ڀريندي رئيس کي چيو “رئيس اڄ چانھ ۾ اهو مزو، اهو سُرور، اُها لذت ڪانهي.
“ها حافظ صاحب اڄ چانھ ۾ آفيم مليل ناهي”. رئيس شيطاني مُرڪ مرڪيو.
“ جي!!!!!؟ ” حافظ کان ڇرڪ نڪري ويو.
“جي ها” رئيس وري شيطاني مرڪ مرڪندي چيو “حافظ تون چئن مهينن کان اعليٰ قسم واري آفيم مليل چانھ پيتي آهي، انڪري اڄ هي چانھ جيڪا خالص کير جي آهي سا توکي نٿي وڻي.
حافظ محمد خان جون ٽنگون ڏڪڻ لڳيون، اکيون ڦاٽي ويس، اُن ڏينهن کانپوءِ حافظ محمد خان ڏاڙهي ڪوڙائي ڇڏي، چرس، آفيم ۽ هيروئن پيئندو رهي ٿو. اڄ به شهر جي صندلن تي نشي ۾ مست ملنگ ٿي حافظ محمد خان ويهي واعظ ڪندو آهي، پر هاڻي ان ۾ اهو سرور،اهو سوز،اُها ڪشش، اُها سچائي نه رهي آهي. اڄ حافظ نڌڻڪو، اڌ چريو، موالي ٽڪي ٽڪي جو محتاج، هر ماڻهوءَ اڳيان هٿ ٽنگي پنندو۽ شهر جون گھٽيون رلندو رهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن سنهي ٿلهي شيءِ به چوري ڪندي پڪڙجي پيو ۽ ڀريءَ بازار ۾ ماڻهن جي مار به جهليائين. حافظ محمد خان ڀنگ جا پيالا پي مست بنجي نعرا هڻندو رلندو رهي ٿو ۽ رئيس محراب خان سنڌي قوم جو همدرد ۽ اڳواڻ ٿي سنڌين جي تقدير سنوارڻ لاءِ اسٽيج تي ويٺو آهي ۽ “ڪامريڊ” نعرا هڻي رهيا آهن. “ڪير رکندو لوئيءَ مانُ”، “محراب خان، محراب خان”.
لوئيءَ جي لڄ ۽ محراب خان!!!؟ محراب خان ته لوئيون لاهيندڙ خانُ آهي. اڄ به قائمان جي لٿل لوئي، هُن جا ڳوڙها، هُن جون سِسڪيون مون کي ياد آهن. اڄ به قائمان جو حويلي جي هڪ ڪمري جي پکي ۾ لڙڪيل جسم جنهن جا پير زمين تي پيل هئا، مونکي ياد آهي، جنهن کي خودڪشي قرار ڏنو ويو. قائمان جي خودڪشيءَ رئيس محراب خان جي ٻوٿ تي چڙهيل حياءَ جو نقاب لاهي ڇڏيو، پر رئيس کي ڪير چوي تهنهنجي حياءَ جي پردي پويان بيغيرتي لڪل آهي، تنهنجي ڪوڙيل ڏاڙهي مان جڏهن اڇا وار ڪَرُ کڻي نڪرندا آهن، تڏهن تنهنجي اڇن وارن مان حوس ۽ جنس پرستي چمڪي اٿندي آهي. تون حوس پرست، نياڻن جون ننڊون حرام ڪندڙ، تن جو لڄون لٽيندڙ ۽ ڳاڙها ڳٽول ڇوڪرا کڻي هلندڙ رئيس محراب خان آهين. پر هتِ ته هر ڪنهن جا وات سبيل آهن انهن ڪامريڊن وانگيان جيڪي تنهنجا ڪڏهن منظور نظر هئا، جن کي ساڻ کڻي تون سير ڪندو هئين، جن تنهنجي گستاخي ڪرڻ تي مون کي اڌ مئو ڪيو آهي.
آءُ رڙهي رڙهي ٿڪجي پيس ۽ رستي تي بيٺل وڻ هيٺان ويهي رهيس. پر اڃا به منهنجي ذهن تان اهي نقش مٽجي نه سگهيا آهن، اڃا به رئيس محراب خان جو ڪيل فيصلو منهنجي ذهن جي ڪاڳر تي چٽيل آهي.
اُن ڏينهن وارو فيصلو جنهن ڏينهن قائمان جي تقدير، قائمان جي عزت، آبرو ۽ قائمان جي جسم جي رڳ رڳ رئيس محراب خان پنهنجي حوالي ڪئي هئي.
اوطاق ۾ڳوٺ جي ماڻهن جا هُشام گڏ هيا، هڪ طرف ڪاري ٿيل قائمان جا مائٽ ۽ پيءُ ته ٻي طرف مقتول ڪاري وهاب جا مائٽ ۽ پيءُ هئا.
“ها ته ڪارو قتل ڪيو ويو، ڪاري زنده آهي ۽ قتل ڪندڙ تنهنجو پٽ احمد ٿاڻي ۾ بند آهي” رئيس محراب خان قائمان جي پيءُ نبن ڏانهن ڏسندي چيو.
“ها ڀوتار” نبن هٿ ٻڌندي چوڻ شروع ڪيو “منهنجي ڇَوري احمد وڏا وس ڪيا پر ڪاري يعنيٰ منهنجي ڌيءُ قائمان ماري نه سگهيو”.
“نبو ڪوڙ ٿو ڳالهائي ڀوتار” وهاب جو پيءُ اٿي بيٺو “جي ڪاري مارڻي هجين هان ته ماري وجهن هان، ڪاري گهر ۾ موجود هوندي به ماري نه سگهيا. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته نبو وارن منهنجي پٽ کي ڄاڻي واڻي قتل ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڌيءُ تي الزام هڻي جان ڇڏائي رهيا آهن. رئيس ان جو فيصلو صاف ٿيڻ گهرجي.”
“مون کي سڀ پروڙ آهي رمضان! مان ڄاڻان ٿو ته تنهنجي پٽ جو خون ڪيئن ٿيو آهي؟ ڳالهيون پنهنجي زبان سان پاڻ اڇيون ڪريونه ته............. پوءِ سمجهو ٿا!؟” رئيس رعب وجهندي ٻنهي ڌرين کي سخت لحظي ۾ چيو ۽ ٻه چار گاريون به ڏنائين.
“رئيس اسان جا ابا آهيو، سڀ ڪجھ اوهان جي وس آهي” رمضان هٿ ٻڌي چيو “ بس ايترو عرض آهي ته منهنجي پٽ جو خون نه لوڙهجو”.
“ها رمضان تون دلجاءِ ڪر، هن در وٽان انصاف ئي ملندوآهي”. رئيس وهاڻي تي ٽيڪ ڏيندي چيو، “نبو! ڇا ٿو چئين؟ ڳالھ سڌي ڪر نه ته منهنجي قهر جي تو کي خبر آهي، منهنجا زمين ۾ پوريل وري ڪڏهن به اٿي ناهن سگهيا.”
“ڀوتار ابو آهين تو اڳيان ڪهڙو ڪوڙ هڻون! منهنجي ڇوري ٿوري ڳالھ تي هيڏو ممڻ مچايو آهي، بس توهان جي پاڇي جي پناھ ۾ آهيون، مڙئي پارت اٿوَ.” نبن ٽوپ لاهي رئيس جي پيرن تي رکيو.
“اڙي کڻ ٽوپ ۽ وڃي هٿيڪو ڪر، خون جو بدلوخون آهي” رئيس ، نبن جي ٽوپ کي ٿُڏو هڻندي چيو.
“ابو آهين جيئن وڻئي تيئن فيصلو ڪريو، مون کي اڳواٽ ئي قبول آهي”. نبن ٽوپ کڻندي چيو.
“رمضان! تون چئه، تو کي به فيصلو مڃڻو پوندو!”
“سائين! ڪڏهن اوهان جي ڪيل فيصلي جو اڄ تائين ڪنهن انڪارڪيو آهي، جو مان ڪندس!؟” رمضان عاجزي وچان چيو.
“نبو! ڳالھ سڌي ۽ پيرائتي ڪجان. قتل ڪيئن ٿيو” رئيس ان وقت جاھ جلال ۾ ٻڏي چڪو هو.
“سائين! ٽيون ڏينهن منهنجي ڇوري احمد ۽ رمضان جي ڇوري وهاب وچ ۾ ٻني تي ڏندي چڪي ٿي پئي ۽ پوءِ...........................”
“اڙي نبو! ڇا تي ڏند ڏنائون” رئيس جملو ڪٽيندي نبن کان پڇيو.
“ڀوتار!” نبو ٿڌو ساھ ڀريو. ڀوتار! ٽيھ روپيا وهاب جا مون واري ڇوري ڏانهن هيا، اهي گهرڻ آيو ۽ منهنجي ڇوري ڏيڻ کان انڪار ڪيو. بس ان تي ڏند ڏنائون.
هون! پوءِ. رئيس ويٺلن تي نظر ڦيرائي.“ ها اڳتي هل نبو”
“بس ڀوتار! مون واري ڇَوري، الائي ڪهڙي طرح ريجهائي، رمضان جي پٽ وهاب کي ڇن ۾ وٺي آيو، ٻئي گھڻي دير تائين ڪچهري ڪندا رهيا........ اسر ويل مون وارو ڇَورو احمد مون وٽ آيو ۽ وهاب کي قتل ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي. ڀوتار! ابو آهين..... منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، پر ٻچو آهي انڪري چيومانس ته توکي بچائڻ لاءِ ڪجھ نه ڪجھ ته ڪرڻو آهي، ان ڪري ڀوتار منهنجي ئي صلاح تي ڇوري پوليس کي هٿ ڏئي ڪارو ڪاري جو بيان ڏنو آهي........ ڳالھ ايتري آهي سائين.”
هون!! محراب خان گهري سوچ ۾ پئجي ويو، “چئبو ته بي گناھ ماڻهو ماريو اٿَوَ، نبو تنهنجو ڇورو تڏهن ڇُٽندو، جڏهن منهنجي فيصلي کي ٻئي ڌريون قبول ڪنديون.”
ها! بادشاھ اسان کي توهانجو هر فيصلو اکين تي آهي. رمضان ۽ نبن چيو.
ڳالهيون هلنديون رهيون، ڪنهن وقت نبن جي ڌر پئي ڳالهايوته ڪنهن مهل رمضان جي ڌُر.
فيصلي جي گهڙي اچي وئي، رئيس مڇن کي هٿ سان تاءُ ڏيندي فيصلو ٻڌايو.“نبو توکي خون جي عيوض هڪ لک روپيا ڏنڊ ۽ قائمان جو سڱ رمضان وارن کي ڏيڻو پوندو، منظُور!!؟”.
“ها سائين مون کي قبول آهي، منهنجي قبر وارو ابو به ڏنڊ ۽ سڱ ڏيندو.” نبن فيصلومڃيندي ڀوتارکي چيو.
“رئيس وڏا هڪڙو عرض آهي.” رمضان اٿي بيٺو.
“ها! چئه ڇا ٿو چوڻ چاهين؟ اڃا ڪا ڳالھ رهجي ويئي آهي ڇا؟” رئيس سخت لهجي ۾ رمضان کان پڇيو.
“سائين! قائمان جو سڱ مان ڪاڏي ڪندس. پٽ هڪڙو هيو سو به هنن.........!” رمضان اوڇنگارون ڏيندي روئي پيو.
“اڙي رمضان! رنن ونگيان نه رو!” رئيس ڇڙٻ ڏيندي رمضان کي چيو.
“جي بابا سائين! بس دل جو اوٻر هيو جيڪو ٻاهر نڪري آيو” رمضان ڪلهي تي پيل رومال سان ڳوڙها اگهندي رئيس کي چيو.
“ ته پوءِ قائمان سان تون ئي شادي ڪر” رئيس ڪنڌ کي جهٽڪو ڏيندي طنزڀريل جملو رمضان تي وهائي ڪڍيو.
“ڀوتار اڇي ڏاڙهيءَ ۾!؟ نه! ڀوتار نه! مان ڌيءُ جيڏيءَ سان شادي نه ڪندس.” رمضان پنهنجي فيصلي کان رئيس کي هٿ ٻڌي آگاھ ڪيو.
“چئبو ته توکي منهنجو فيصلو قبول ڪونهي؟” رئيس جي گونجندڙ آواز ماڻهن کي خاموش ڪري ڇڏيو، ان وقت ائين لڳي رهيو هو ڄڻ سڀني ماڻهن کي نانگ سنگهي ويو هجي. پر وري به خاموش پاڻي ۾ رمضان ئي پٿر اڇلايو. “ڀوتار! قائمان سان مان شادي نه ڪندس”.
“هون!” رئيس ڪجهه سوچي رمضان ڏانهن ڏٺو، “رمضان توکي فيصلو قبول ڪرڻو پوندو.”
“سائين! مان نياڻي جي زندگي ڇو تباھ ڪيان!؟ هُن نماڻي نينگريءَ ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي؟” رمضان اڳتي وڌي وڃي رئيس جي پيرن تي هٿ رکيا.
“رمضان! تون شادي ڀلي نه ڪر پر قائمان جو سڱ توکي ضرور ملندو.” رئيس پنهنجي آخري فتويٰ ٻڌائي.
“ڀوتار ابو آهين پر.........................” رمضان اڳتي ڪُڇي نه سگهيو.
“پر ٻر کي ڇڏ رمون! نبوءَ وارن کي سبق ڏيڻ لاءِ قائمان جو مٿو منهنجي روبروڪوڙيو ويندو ۽ اُها مٿي ڪوڙيل نبوءَ جي ڇوري، مٿو اگهاڙو ڪري ڳوٺ جي هر هڪ گهر مان هٿ ٽنگي خيرات پنندي! منهنجو آخري فيصلو آهي. قبول اٿئي ته ٺيڪ آ، نه ته نبوءَ جو ڇورو هوندءِ ٻاهر ۽ پوءِ............ ۽ پوءِ مان ذميوار ناهيان.” رئيس رمضان کان پنهنجو ڪنڌ ڦيرائي ڇڏيو.
“پر سائين نياڻي جو مٿو...........................” رمضان وري مُنجهي پيو.
“ها رمون! مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، اڄ کان پوءِ قائمان تنهنجي حوالي ۽ ها!جي تون شادي نٿو ڪرڻ چاهين ته پوءِ جيستائين قائمان زنده هوندي تيستائين مٿي تي پاڪي لڳندي رهنديس ۽ قائمان رهندي تنهنجي گهر ۾ پر پني کائيندي. اڙي نبو تون ڇا ٿو چوين؟ ” رئيس جو جلال ڏسڻ وٽان هيو. جيڪو هڪ ڀاءُ جي ڪيل ڏوھ جي سزا هڪ ڀيڻ کي ڏئي رهيو هيو
“بابا سائين! مون کي سڀ قبول آهي، رڳو پٽ ملي، نياڻيون هونءَ به پرايو گهر وڃي وسائينديون آهن، پيريءَ ۾ڪم ته پٽ ئي ايندا آهن.” نبن پٽ کي بچائڻ لاءِ نياڻيءَ کي ٽياس تي ٽنگڻ لاءِ تيار بيٺو هيو.
“ته پوءِ هيئنر ئي سڄي راڄ سامهون قائمان جو مٿو ڪوڙيو ويندو، نبو! وڃ ۽ وڃي قائمان کي وٺي اچ.” رئيس محراب خان پنهنجي فيصلي تي اٽل رهيو.
نبن ٽپ ڏئي اٿيو ۽ گهر ڏانهن وڌيو، جتي قائمان کي خبر هئي ته اڄ منهنجي تقدير جو فيصلو ٿيندو، هن کي خبر هئي ته ڀائر جڏهن خون ڪندا آهن تڏهن ڀينرون ئي قرباني جي ٽياس تي ٽنگبيون آهن، هوءَ ايندڙ فيصلي تي سوچي روئي رهي هئي.
“قائمان! اٿي توکي رئيس گهرايو آهي ۽ فيصلو ٿي ويو آهي.” نبن ڌيءُ کي چيو.
“ڪهڙو فيصلو ٿيو آهي؟” قائمان جي ماءُ مڙس کان پڇيو.
“قائمان جو مٿو ڪوڙي، ڳوٺ ۾ پنائڻ جو فيصلو. جيستائين قائمان حال حيات رهندي.” نبن رئيس جي فيصلي کان زال کي آگاھ ڪيو.
پيءُ جي واتان رئيس جو ڪيل فيصلو ٻڌي قائمان کي پنهنجو بدن وارياسي زمين وانگر ڀرندي محسوس ٿيو. هو رڙيون ڪري روئڻ لڳي. “بابا اهيو ظلم نه ڪيو، مون کي گولي هڻي ماري ڇڏيو پر منهنجو مٿو نه ڪوڙايو، بابا منهنجو ڏوھ ته ڪوئي ڪونهي پوءِ به ايڏي سزا ڇو؟ بابا.............بابا........ فيصلن ۾ سڱ چَٽي پوندي آهي، مونکي ان ۾ ڏيو، جي چاچي رمضان کي ڪا ٻي واھ ناهي ته بابا! مان چاچي رمضان سان به شادي ڪنديس پر اهيو ظلم مون تي نه ڪيو.” قائمان پيءُ جي پيرن تي ڪري ليلائيندي ۽ ٻاڪاريندي رهي پر پڻهس جي دل ۾ قائمان لاءِ ڪو به رحم نه هيو.
“قائمان! مون فيصلو قبول ڪيو آهي. سو به راڄ وچ ۾ ان تان هر گز نه هٽندس، مڙسن جي زبان هڪ هوندي آهي. نبن پنهنجي غيرت جو اظهار ان انداز ۾ ڪيو.
“امان................او امان! تون ئي بابي کي سمجهاءِ، تون ئي ڪجھ ڪر.” قائمان روئيندي ٻاڏائيندي رهي. پر ماڻس به خاموش هئي، ڇو ته هوءِ رئيس جي ظلم کان واقف هئي. نبن قائمان کي ٻانهن کان جهلي ڇڪيو.
“بابا مٿي تي رئو ته رکڻ ڏينم. قائمان نوِڙي پَٽَ تان رئو کڻي انهن وارن کي ڍڪيو، جيڪي وار گهڙيءَ پل کان پوءِ ڳوٺ وارن جي سامهون ڪوڙيا ويندا، هوءَ پيءُ پٺيان سڏڪا ڀريندي مقتل ڏانهن وکون کڻندي، هلندي رهي. اوطاق ۾ گهڙندي قائمان پنهنجو منهن رئي سان لڪائي ڇڏيو.
“نبو حجم تيار آهي، ڇوريءَ جو رئو لاهي هيڏانهن وٺي اچينس.” رئيس کي پنهنجي فيصلي تي فخر هيو.
نبن قائمان جي مٿي تان رئو لاهي هٿ ۾ جهليو. اڄ جيڪڏهن ڌرتي کي اکيون هجن هان ته هو ڦاٽي سڄي ڳوٺ وارن کي غرق ڪري ڇڏي ها. نياڻين جو مٿو ڍڪيندڙ پيءُ اڄ پنهنجي ڌيءُ جو رئو لاهي مٿو اگهاڙو ڪري ڇڏيو هو.
قائمان جو ڪنڌ شرم ۽ حياءَ وچان جهڪي ويو، هوءَ خاموش ڳوڙها ڳاڙيندي رهي ۽ هيڏانهن رئيس محراب خان، جنهن وقت قائمان کي ڏٺو ان وقت رئيس جو شيطاني دماغ حرڪت ڪرڻ لڳو، رئيس جي اکين ۾ حوس چمڪي اٿي ۽ ڀاڙي ڪتي وانگيان پنهنجي زبان چپن تي ڦيرائي دل ۾ چيو “جوانڙي ته منُ آهي” ۽ اوچتو رئيس پلٽو کاڌو.
“ها رمضان! تون سڱ وٺڻ نٿو چاهين نه؟” رئيس جي ڳالھاءَ ۾ نرمي هئي.
“نه سائين! ۽ نه ئي نياڻي جو مٿو ڪوڙائڻ ٿو گهران، هيءَ تي منهنجي ڌيءُ آهي، نياڻيون نماڻيون هونديون آهن. ڏسو! رئيس ڪيئن هوءَ خاموش روئي رهي آهي.” رمضان جي اکين ۾ پاڻِ تري آيو ۽ هو اڳتي وڌي وڃي نبن کان رئو کسي قائمان جي مٿي تي رکندي نبن کي چيو “اڙي بيغيرت نياڻين جا مٿا ننگا نه پر ڍڪبا آهن، اڙي تون ڪهڙو پيءُ آهين!!؟ مون هن نياڻي جي صدقي تو کي پنهنجي پٽ جو خون معاف ڪيو، نه کپن مون کي ڏنڊ جا هڪ لک روپيا، اهي هن نياڻيءَ تان صدقو ٿيا.”
ان وقت قائمان کي پنهنجي پيءُ کان وڌيڪ تمام مٺو ۽ عزت وارو رمضان لڳو جنهن جي پٽ کي قائمان جي ڀاءُ احمد “ڪاري” جو الزام هڻي بي گناھ ماريو هو.
“رمضان! تو کي جس آهي جو ڇَوري قائمان جي عزت رکي اٿئي.” رئيس جو ائين چوڻ ۽ ماڻهن جو اوڇنگارن ۾ پوڻ. جن رئيس جو فيصلو ٻڌي، رئيس جي ڊپ کان پنهنجا ڳوڙها بند ٻڌي اکين ۾ روڪي ڇڏيا هئا. جيڪو بند رئيس جي جملي چوڻ سان ڀڄي پيو ۽ اوطاق ۾ ويٺل ڳوٺ جي ماڻهن جي دامن کي ٻوڙي ڇڏيو.
“اڙي جاهلو! مادين وانگر روئڻ ڇڏي ڏيو.” رئيس وري هڪل ڪئي ۽ وري هڪ ڀيرو راڄ ۾ خاموشي ڇائنجي وئي. ماڻهن جا ڳوڙها هڪدم سُڪي ويا. رئيس محراب خان ٻلي وانگر زبان ڦيرائيندي چيو “قائمان اصول موجب پيءُ جي گھر نٿي وڃي سگهي، ان لاءِ هوءَ اڄ کان وٺي منهنجي حويلي ۾ سام بڻجي زندگي گذاريندي.”
۽ ان ڏينهن کانپوءِ قائمان سام بڻجي حويلي اندر رهڻ لڳي. ڪجھ وقت کان پوءِ قائمان کي پيٽ هجڻ جي خبر حويلي کان ٻاهر ڳوٺ جي ماڻهن تائين اچي پهتي، ته هڪ سام پيل ڪنواري نياڻي ڪيئن پيٽ سان ٿي، ان راز جي ڳوٺ جي ماڻهن کي خبر هئي، پر هر ڪنهن جي وات تي رئيس محراب خان جي لت رکيل هجڻ ڪري ڪنهن به وات مان سچ نه نڪتو ته قائمان جي پيٽ ۾ رئيس محراب خان جو ئي تخم پلجي رهيو آهي ۽ هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو حويلي اندر قائمان جي خودڪشي ڪرڻ جي خبر، سڄي ڳوٺ جي ماڻهن تائين پهتي. پوليس ڪيس جي ڪارروائي ڪري لاش کي لاوارث قرار ڏنو، ڇو ته نبن پنهنجي ڌيءُ جي مالڪي نه ڪئي، نبن ڄاتو ٿي ته جيڪڏهن هو پنهنجي ڌيءُ جو وارث بنجي لاش وصول ڪندو ته پوءِ هُن مٿان اهڙو ڏينهن به ايندو، جو هُن جو لاش ڪنهن واھ يا زمين ۾ پيل پلال مان ڳوٺ وارن کي ملندو. اهڙو بي رحم ۽ سفاڪ شخص اسٽيج تي قوم جو همدرد ٿي قوم جي تقدير سنوارڻ جا عزم پيو ڪري.
پريان گاڏين جي جلوس ۾ رئيس محراب خان کي ڪامريڊ وٺيون پئي آيا، اُڀ ڦاڙ نعرا هيا. محراب خان زنده باد. منهنجي اڳيان جلوس گذري ويو، نعرن جي گونج ۾ هڪ ڀيرو وري مون کان نڪري ويو. “اهڙا ماڻهو سنڌي قوم جا دشمن آهن، غدار آهن جيڪي رئيس محراب خان کي قومپرست ليڊر ٿا چون. محراب خان مرده باد.............. مرده باد.”
نصيرآباد
18 مارچ 1986