ڪھاڻيون

اندر ڪارو ڪانءُ

جبار آزاد منگي جي ڪهاڻين جو جيئن ته حقيقي زندگي سان تمام ويجهو تعلق آهي، ان ڪري سندس ڪردارن ۾ سماجي ناانصافي ڪري ڪٿي بي وسي جو اظهار آهي ته ڪٿي وري حوصلي، همٿ ۽ ڏاهپ سان جستجو جو گسُ پڻ ملندو. ڪٿي ظالم جي شاطرانه چالن جو منظر آهي ته ڪٿي وري ظلم جي خلاف، ڪي پڙهيل لکيل منطق جي هٿيار سان عدالت جي ايوانن ۾ وڙهندڙ ڪردار به آهن، جيڪي پڙهندڙن جي دل ۾ اتساھ ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. مطلب ته سندس ڪهاڻين ۾ سماج جو حقيقي ۽ چٽو عڪس پسي سگهي ٿو.
Title Cover of book اندر ڪارو ڪانءُ

ويسر جو علاج

آءُ حڪيم روشن ضمير جي دواخاني ۾ جلاب جمال گھوٽي جون پُڙيون ٺاهي رهيو هيس ته پنجاھ سالن کان مٿي عمر وارو شخص، هڪ نوجوان سان اندر داخل ٿيو، ڏسڻ ۾ ڪنهن ڳوٺ جو چڱو مڙس پئي لڳو.
اي ڇوڪرا حڪيم صاحب آهي؟
جي ها اندر ويٺو آهي پر هو هينئر ڪنهن سان به ملي نٿو سگهي.
ڇو؟
حڪيم صاحب هڪ تجربي ۾ مشغول آهي.
تجربو! ڪهڙي قسم جو؟
جناب! ملڪ ۾ قبضي جي بيماري وبائي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، حڪيم صاحب جو چوڻ آهي ته جيسيتائين ملڪ جي ماڻهن مان قبضي جي بيماري نه ويندي، تيسيتائين ملڪ خوشحال نٿو ٿي سگهي.
ماڻهن جي قبضي سان ملڪ جي خوشحالي جو ڪهڙو واسطو؟ حڪيم صاحب جو دماغ سالم ته آهي نه؟
جناب! ڪڏهن روشن ضمير جو دماغ خراب ٿيو آهي ڇا؟ باقي جيسيتائين قبضي جو خوشحالي سان رهيو واسطو ان لاءِ حڪيم روشن ضمير جو فرمان آهي ته ماڻهن ۾ قبضي جي بيماري وڌي وڃڻ سبب ملڪ جو هر فرد پنهنجي جان بچائڻ لاءِ زور آزمائي ڪري رهيو آهي، ملڪ جي هر فرد کي پنهنجي ڳڻتي اچي ورايو آهي جنهن سبب هر ماڻهو انفرادي سوچ ۾ پئجي ويو آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو ملڪ اجتماعي طاقت وڃائي چڪو آهي. هي جلاب جمال گھوٽو پڻ حڪيم صاحب ان لاءِ ٺاهي رهيو آهي ته جيئن ملڪ جي هر فرد کي ڏيئي قبضي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺجي ۽ ماڻهو پنهنجي طاقت پنهنجي لاءِ نه پر ملڪ جي خوشحالي لاءِ استعمال ڪن.
خير هوندو! پر مون کي ته ملڪ ۾ اهڙي بيماري ڪٿي به نظر نه آئي، ملانس ٿو خبر پئجي ويندي قبضيءَ جي.
جناب! مون عرض ڪيو ته حڪيم صاحب اڄ ڪنهن سان به نٿو ملي سگهي.
اي ڇوڪرا شايد حڪيم وٽ نئون آيو آهين، تڏهن ته مون کي نٿو سڃاڻين!؟
جي ها سائين حڪيم روشن ضمير وٽ مون کي آئي ڏھ مهينا مس ٿيا هوندا.
اي ڇوڪرا! دنيا جي لاءِ روشن ضمير جا دروازا بند ٿي سگهن ٿا پر اسان جي لاءِ نه، ڇو ته اسانجو واسطو هميشه هر گھڙي ۽ هر هنڌ روشن ضمير سان ئي آهي.
ائين چئي هو ۽ نوجوان ڪمري اندر هليا ويا، مون پڪ سمجهيو ته اڄ يا ته هن همراھ ۽ نوجوان جو خير ڪونهي يا حڪيم مون تي مڇرجي پوندو، ڇو ته روشن ضمير جي ڪمري ۾ بنا اجازت وٺڻ جي ،صرف اهي ماڻهو وڃي سگهن ٿا، جن کي دنيا جا ماڻهو “چريو” چوندا آهن، هي همراھ مون کي چريو ته نه لڳو، هي ته سياڻن جو سربراھ ٿي لڳو. منهنجو شڪ غلط نڪتو، همراھ ۽ نوجوان حڪيم جي ڪمري ۾ وڃي ويهي رهيا.
آءُ جمال گھوٽي جي پڙيون ٺاهڻ ۾ لڳي ويس، ايتري ۾ حڪيم روشن ضمير مون کي ڪمري ۾ اچڻ لاءِ سج جي روشني تي هلندڙ گھنٽي وڄائي سڏ ڪيو، آءُ ڪمري ۾ داخل ٿيس ته منهنجي حيرت جي حد نه رهي، ڏٺم ته اهو همراھ پٽ تي اوڪڙو ويٺو آهي ۽ نوجوان جي هٿ ۾ سڪل چمڙي جو پادر آهي جنهن سان هو همراھ جي مٿي تي تارون وارا ڌڪ هڻي رهيو آهي.
“پٽ هيڏانهن اچ”حڪيم روشن ضمير مون کي پيار وچان سڏيندي چيو،“هن نوجوان کان پادر وٺ ۽ پٽ تي اوڪڙو ويٺل شخص جي تارؤن وارا ست سڌا پادر هڻ.
آءُ پنهنجي استاد حڪيم روشن حڪيم جو چوڻ وٺندي ست پادر ان شخص جي تارؤن تي وسايا. هو پٽ تان اٿيو ۽ کيسي مان ڦڻي ڪڍي مٿي تي باقي بچيل وارن کي ٺاهي دواخاني مان نڪري ويو. آءُ پهريون ڀيرو پادرن وسيلي علاج جو طريقو حڪيم روشن ضمير کان سکيو، پر هي علاج ڪهڙي بيماري بابت هو، اها ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ مون حڪيم کان پڇيو.
حڪيم صاحب ان شخص کي ڪهڙي بيماري هئي؟ ڇا مرگهي هيس؟
نه پٽ ان شخص جي بيماري مرگهي جي بيماري کان وڌيڪ خطرناڪ آهي.
ته پوءِ پڪ هن جي ميڄالي ۾ ڪنهن وڏي ڪيڙي جنم ورتو هوندو؟ ائين نه حڪيم صاحب.
ائين به ناهي پٽ.
پوءِ حڪيم صاحب توهان ئي ٻڌايو ته ان شخص کي ڪهڙي بيماري آهي.
پٽ ويسر جي.
ويسر جي حڪيم صاحب!!؟
ها پٽ اهو شخص پاڻ ڪابه طاقت نٿو رکي، پر اسان جي ملڪ جا ماڻهو ڪڏهن محبت وچان ۽ ڪڏهن ڊپ وچان پنهنجي طاقت جو ڪڻو ڪڻو گڏ ڪري انهي کي طاقتور بڻائيندا آهن.
حڪيم صاحب اهيو سمجھ ۾ نه آيو ته ماڻهو هن سان محبت به ڪن ٿا ۽ ڊپ به.
پٽ اهو شخص وقت جو پٽ آهي، هو جڏهن به محسوس ڪندو آهي ته ملڪ ۾ راڪاس راڄ قائم ٿيڻ وارو آهي ته هو راڪاس سان وڃي ملندو آهي ۽ خود راڪاس بڻجي سوين ماڻهو ڳڙڪائي ڇڏيندو آهي انهي ڊپ کان ماڻهو هن کي طاقت ڏيندا آهن. جڏهن وري وقت جو ڪانٽو عوامي راڄ ڏانهن وڌندو آهي ته هي وري راڪاس جو وڏي ۾ وڏو دشمن بڻجي ڳيرن جي ٽولي ۾ شامل ٿي ويندو آهي. پٽ تو کي ته خبر آهي ته هتان جا ماڻهو ڳيرن سان محبت ڪن ٿا، جنهن محبت جي پاڇي ۾ ماڻهو هن کي طاقت ڏيندا آهن.
حڪيم صاحب پوءِ ته ماڻهو ئي منجهيل چئبا، جيڪي اهڙي پکي کي ڪڻو ڪڻو اناج گڏ ڪري بکيو رهڻ کان بچائن ٿا، جيڪو ڍنڍ جي ڪڏهن اورئين ڀر آهي ته ڪڏهن پرئين ڀر.
اها ڳالهيون صرف چريا ئي ڪندا آهن سياڻا نه. پٽ تون ماڻهن کي منجهيل ٿو چوين!؟ تون حق تي آهين پر اِهي منجهيل ماڻهو تنهنجي ڳالھ ٻڌندا ته توکي به چرين ۾ شمار ڪندا ۽ توکي خبر هئڻ گھرجي ته ماڻهو پاڻ کي سياڻو سمجهندا آهن ڇو ته هو وقت سان گڏ هلڻ سکيا آهن ۽ جيڪي وقت سان گڏ ناهن هلندا، انهن کي منهنجي دواخاني جو شاگرد سمجهي چرين جي چوياري ۾ شامل ڪري مٿس کِلون ڪندا آهن ۽ تون ڄاڻي ورتو هوندو ته منهنجي دوستي صرف چرين سان آهي.
پوءِ حڪيم صاحب ان همراھ کي ويسر جو مرض ته نه ٿيو؟
پٽ انهي شخص کي سؤ سيڪڙو ويسر جي بيماري آهي ڇو ته هو هميشه ماڻهن سان واعدا ڪندو آهي، ته “مان توهان جي ڏکن کي سکن ۾ تبديل ڪندس، مان توهان جي حقن لاءِ وڙهندس مان توهان جا مسئلا حل ڪندس” پر جڏهن هو طاقت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي تڏهن ماڻهن سان ڪيل واعدا ۽ ڳالهيون وساري ويهندو آهي.
حڪيم صاحب! ڄاڻي واڻي سڀ ڪجھ وساري ڇڏيندو آهي؟
نه پٽ! پوءِ ان کي قبضي ٿي پوندي آهي، جنهن ڪري هو پنهنجي طاقت پاڻ تي استعمال ڪندو آهي.
حڪيم صاحب هن سان گڏ جيڪو نوجوان هيو، اهو ڪير هو؟
اهو انهيءَ شخص جو پٽ هيو، جنهن پٽ کي هو پنهنجو جانشين بڻائڻ گهري ٿو.
حڪيم صاحب مون کي توهان جي شاگردي ۾ آئي ڏھ مهينا ٿيا آهن، مون انهن ڏهن مهينن ۾ انهيءَ شخص کي اڳ نه ڏٺو آهي.
پٽ! اهو شخص ڪڏهن ٻين سال ته ڪڏهن پنجين سال ، ڪڏهن ڪڏهن وري يارنهن سالن کانپوءِ علاج ڪرائڻ لاءِ مجبور ٿي ايندو آهي.
ائين ڇو حڪيم صاحب؟
پٽ هو پنهنجي ياداشت کي واپس آڻڻ لاءِ اهي علاج مجبور ٿي تڏهن ڪرائيندو آهي جڏهن چونڊن جو اعلان ڪيو ويندو آهي.
چونڊون! پادر سان علاج ۽ ويسر! حڪيم صاحب !! مون کي سمجھ ۾ ڪجھ به نه آيو.
پٽ اهو شخص پنهنجي عوام سان ڪيل واعدا وفا نه ڪندڙ سياستدان هو ۽ ان جو علاج روشن ضمير اهيو ئي تجويز ڪيو آهي.

نصيرآباد:29 سيپٽمبر 1994