شادي پر......
مون چيو ڪٿي آهي ساڙهي!؟ ممڙن وانگر وتين ٿو ڪنڊن ۾ لڪندو.
مون وري به ڪو جواب نه ڏنو ۽ هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ ڪمري کان ٻاهر نڪتس.
ڪهڙو وري اڄ کنڊ جو جهاز ٻڏو اٿئي جو منهن سُڄايو ٿو وتين؟ جواب ڇو نه ٿو ڏين؟ وات ۾ مڱ پئجي ويا اٿئي ڇا؟ نجمه پويان ايندي چيو.
مون وري به جواب نه ڏنو، ڇو ته مون کي خبر آهي منهنجي جواب ڏيڻ سان مون سان ڪهڙو حشر ٿيندو، نه بچندو ڪو گھر جوٿانوُ، ٽپڙ، پوءِ نقصان ئي نقصان. مان نقصان جي ڀَوَ کان هميشه چپ رهندو آهيان. جڏهن به جهيڙو ٿيندو آهي ته دعائون ابي مرحوم کي ڏيندو آهيان، جنهن مون کي پنهنجي ڀائٽي پرڻائي، ڀلا بابي ۽ چاچي کي ڪهڙي خبر ته اسان جي مرڻ کان پوءِ پويَن جو ڇا حشر ٿيندو؟ هو ته پراڻين ريتن کي ڇڏڻ وارا نه هيا، هنن اهو سمجهيو ته گھر جي شيءِ گھر ۾ سونهين ۽ ننڍي لاءِ ئي نجمه منهنجي نالي ٿي چڪي هئي، شادي جي شروعاتي دور ۾ ته نجمه کي جيئن چوندو هيس تيئن ڪندي هئي، پر جنهن ڏينهن کان هن جو ڀاءُ SDM ٿيو آهي، تنهن ڏينهن کان هو مون سان ائين ڳالهائيندي آهي، جيئن مان هن جي زال هجان، ۽ مان پاڻ کي زال جي زال سمجهي چپ رهندو آهيان، هڪ سنڌي ماستر هڪ SDM اڳيان ڪهڙي حيثيت ٿو رکي، ائين نه ٿئي جو جيل جي هوا کائڻي پوي، ڇو ته مان جڏهن SDM صاحب کي گهر واري جي ڪرتوتن جي دانهن ڏيڻ ويو هيس ته، هن اهي لفظ چيا هيا،“ماٺ ڪري وڃي گھر ويھ، جيل جو منهن ڏسڻو اٿئي ڇا؟” اهو ڏينهن ۽ هي ڏينهن مان چپ چاپ نجمه جون اخلاق ڀريون ڳالهيون ٻڌندو رهندو آهيان.
مون کي ماني آڻي ڏي. مون کٽ تي ويهندي نجمه کي چيو.
مون ڪهڙي ڳالھ ڪئي ۽ تون وري ماني ٿو گهرين؟ اڳ ۾ جواب ڏي پوءِ ماني.
چڱو هاڻي بند ڪر اها بڪواس ماني آڻي ڏي نه ته وري.............
الائي ڇو اڄ مون کي ڪاوڙ ورتو ته، ڪڍانس ٿو مار پوءِ جيڪو ٿيو ماشاالله....
نه ته تون وري ڇا ڪندين؟ هلين ٿو ادي ۽ منهنجي سهاري ۽ ڏين ٿو دڙڪا! نجمه عورت جي نالي جي احترام کان ٽپي چڪي هئي.
ڀاڻھين ڪهڙي جاگير آڻي ڏني آهي، جيڪا تنهنجي مائٽن شادي ۾ ملڪيت ڏني هئي سا موٽائي ڏين، مون کي نه کپي.“ڪڪڙ ڪورين جو نالو وڏيري جو” مان جو ڪنن تائين قرض ۾ ڀرجي ويو آهيان اهو صرف ۽ صرف تنهنجي اجائي خرچن ڪري. ڪاوڙ هينئر مون تي به چڙهي چڪي هئي.
اصلي مون کي سونا هار پارايا اٿئي، جو ڪنن تائين قرض ۾ ڀرجي ويو آهين، پنهنجا به ڪرتوت ڏس.
عزت جي ماني ته نصيب ٿئي ٿي نه، مان ڪهڙا ڪُڌا ڪرتوت ٿو ڪريان، سٺو ڪپڙو جان تي نصيب ٿئي ڪونه، رڳو نيلامي سوٽ پايان ٿو ٻيو ڇا ٿو ڪريان.
هيڏي ساري پگهار ڪيئي ڪاڏي؟
ڏس نجمه، ڪجھ سوچ پگهار 2 هزار روپيا، راشن، ٻارن جي پڙهائي جو خرچ، ٻيو گهر ۾ ڇا نٿو کپي، آخر 2 هزار ڪيئن پورا پوندا؟. مون ٿڌو ٿيڻ مناسب سمجهيو.
هو پاڙي واري زرينه ڏس ڪيڏو هار سينگار ڪري ٿي، نوان ڪپڙا هر روز پائي ٿي، هن جي مڙس جي به ته پگهار تنهنجي پگهار جيتري آهي.
هو ته آهي اڪائونٽس کاتي ۾، جتي رشوت ئي رشوت آهي، پوءِ هن جي گھر واري ڪيئن نه ڪپڙا ۽ هار سينگار ڪندي. مان سنڌي ماستر ڇا ٿو ڪري سگهان، ان هوندي به توکي ڪو ڏک ته ڪونه ڏنو اٿم.
طاقت نه هيئي ته شادي نه ڪرين ها؟ زال غريب هجڻ جو مهڻو ڏنو.
اها منهنجي غلطي ناهي، پر جي اها خبر هجي ها ته تون اڳتي هلي ڪلارڪ جي ڌيءُ مان SDM جي ڀيڻ ٿيندينءَ ته يقين رک مان شادي ته ڇا پر تنهنجو نالو به نه وٺان ها.
توکي ته منهنجي ڀاءُ جي نوڪري جو پيٽ ۾ سور آهي.
مون کي پيٽ ۾ سور ڇو پوندو؟ مان چوندس ته الله ڀاڻھين کي اڃا وڌيڪ رشوت خور ڪري ۽ تون مون سان وڙهندي رهين.
مان تنهنجو جيئڻ جنجال ڪيو آهي جو مهڻا ٿو ڏين.
جيئڻ جنجال ته ڇا؟ پر تو ته منهنجو جيئڻ ئي حرام ڪيو آهي. گھر ۾ اچڻ لاءِ قدم ئي نه ٿا کڄن، افسوس! اڄ بابو ۽ چاچو نه آهن نه ته هي حشر ڏسي پنهنجو منهن مٿو پٽين هان. تو ڪيو ته خودڪشي ڪرڻ جهڙو آهي، پر ٻارڙن جا معصوم چهرا ٿا اڳيان اچن نه ته درياھ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏيان.
اوهان اڌ مغزي شاعرن ۽ اديبن جو ٻيو ڪهڙو ڪم آهي؟ رڳو ڪندا به خودڪشيون آهيو ٻيو ڇا ڪندا آهيو؟
اسان ته ٿياسين چريا، پر جي ڪو سياڻو هجي ۽ تو جهڙي ان جي زال هجي ته هو به خودڪشي ڪندو.
منهنجي توهين ڪرن جو توکي ڪو حق نه آهي .
چڱو هاڻي بڪواس نه ڪر، چپ ڪري ويهڻ نٿو اچئي ته هو...در کليو پيو آهي، وڃي ڀاءُ جو گھر وساءِ ۽ اهي ڳالهيون وڃي ان کي ٻڌاءِ.
هان.........هان !؟ تون مون کي گھر مان ٿو ڪڍين؟ مون کي؟ گهر مان ڪڍي تون خوش گذاريندين؟
جيڪو ٿيو اهو توڏانهن نه ڀائيندس.
چڱو مان وڃان ٿي، سنڀال پنهنجو گهر، ٻار ڄاڻ ۽ تون. باقي تون به آرام سان ڪين ويهندين. نجمه گھر مان نڪري وئي.
هونءَ اصل پينگهي ۾ ٿو لڏان، مڙئي ڪربلا آهي، مون چيو ۽ کٽ تي آهلجي پيس سوچيم ته سڀاڻي ڇا ٿيندو ۽ ٻين سان به اهڙو حشر هوندو جن اميرن جي گهرن مان شادي ڪئي آهي، جهڙو مون مٿان آهي؟ يا اهي اڃا وڌيڪ سکيا هوندا؟ مان پنهنجو پاڻ کان سوال پڇڻ لڳس.
فيبروري 1980 نصيرآباد