ڪھاڻيون

اندر ڪارو ڪانءُ

جبار آزاد منگي جي ڪهاڻين جو جيئن ته حقيقي زندگي سان تمام ويجهو تعلق آهي، ان ڪري سندس ڪردارن ۾ سماجي ناانصافي ڪري ڪٿي بي وسي جو اظهار آهي ته ڪٿي وري حوصلي، همٿ ۽ ڏاهپ سان جستجو جو گسُ پڻ ملندو. ڪٿي ظالم جي شاطرانه چالن جو منظر آهي ته ڪٿي وري ظلم جي خلاف، ڪي پڙهيل لکيل منطق جي هٿيار سان عدالت جي ايوانن ۾ وڙهندڙ ڪردار به آهن، جيڪي پڙهندڙن جي دل ۾ اتساھ ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. مطلب ته سندس ڪهاڻين ۾ سماج جو حقيقي ۽ چٽو عڪس پسي سگهي ٿو.
Title Cover of book اندر ڪارو ڪانءُ

راڪاسي رهبر

هر سال وانگي هن سال به شهر ۽ ان جي آسپاس جي ڳوٺن ۾ موت جي راڪاس پنهنجي فوج سميت اچي خيما کوڙيا هئا، هر طرف موت جا منظر هيا، هر گھر مان خوشين جو ديوتا ڀڄي وڃي ڪٿي لڪو هو. هن سال به پوري علائقي ۾ دستن ۽ الٽين (گيسٽرو) جي بيماري پنهنجا بي رحم پاڇا پکيڙي موت جون لوليون ڏئي رهي هئي. علائقي مان صوبائي اسيمبلي ۾ چونڊجي ويل هڪ وڏيري ميمبر پاران موت جي راڪاس طرفان جاري ڪيل سرڪسي ڪرتبن تي تبصرا ڪيا ويا ۽ وڏيري اسيمبلي ميمبرن تي زور ڀريو هو ته منهنجي علائقي کي موضي مرض کان بچايو وڃي. اخبارون روز خبرون ڏينديون رهيون ته اڄ هيترا ڪي هيترا ماڻهو گيسٽرو وگهي مري ويا.
هوڏانهن شهر جا پئسي وارا ماڻهو، بي درد ۽ بي رحم ماڻهو ، خود غرض ۽ بدحواس ماڻهو روز دعوتن کائڻ ۾ مشغول هئا ۽ پنهنجي من اندر، اڌ مئل انسان کي مستي جا جام پياري وڌيڪ ماري رهيا هئا.
هر سال شهر جي سطح تي ڪم ڪندڙ ننڍڙين سماجي تنظيمن پاران غريب، مسڪين، نڌڻڪن ۽ موت جي راڪاس جي بي رحم اکين مان اٿندڙ موت جي شعلن جو وڌيڪ نشانو بنجندڙ، بي پهچ ماڻهو جي بچاءَ لاءِ مفت ڪئمپ هنئي ويندي هئي، جتي روزانو ڪيترن ئي مريضن جو علاج مفت ۾ ڪيو ويندو هو. جيڪي مريض موت جي راڪاس سان جنگ ڪري، اکين ۾ اکيون وجهي وڏي واڪي چوندا هئا ته “اي موت جا راڪاس تون هاڻي اسان جو ڪجھ به بگاڙي نٿو سگهين، ڇو ته اڄ اسان جا وارث، هن مٽيءَ مان ڳوهيل ماڻهو اسان جي جيئڻ جا جتن ڪري رهيا آهن. ياد رک اي موت جا راڪاس اسين هاڻ ڪونه مرنداسين، اسين زنده رهنداسين.”
اهي ارادا ۽ عزم موت جي راڪاس کي هيسائي ڇڏيندا هئا ۽ موت جو راڪاس پنهنجي دال ڳرندي نه ڏسي، پڇ پائي علائقي مان ڀڄي ويندو هو.
هن سال به جڏهن واٽر سپلاءِ جو پاڻي، پاڻي آهي زندگيءَ بجاءِ زهر قاتل پاڻيءَ ۾ تبديل ٿي چڪو هو، تڏهن موت جو راڪاس وري فوجون وٺي ، خيما کوڙي شهر ۽ شهر جي آسپاس وارن ڳوٺن ۾ انڌي لشڪر جي صورت ۾ ڪاهي پيو هو. پر هن ڀيري ننڍڙيون تنظيمون خاموش هيون، ڇو ته شهر ۾ هڪ ٻي وڏي ۽ تمام وڏي پڙهيل لکيل ماڻهن جي سماجي تنظيم جي شاخ وجود وٺي چڪي هئي، جنهن جا اڪثر ميمبر سرڪاري نوڪر هئا. ان تمام وڏي تنظيم جي “انتظام هلائيندڙ ڪميٽي” ۾ گهڻا شهر جا ڊاڪٽر هئا، جيڪي اڳ ننڍڙين تنظيمن جي سهڪار سان لڳندڙ مفت ڪئمپ تي فرض ادا ڪندا هئا. شهر جا نڌڻڪا ان وڏي تنظيم ڏانهن واجهائي رهيا هئا ۽ ننڍڙيون تنظيمون فنڊ نه هئڻ ڪري خاموش هيون، ڇو ته اڳ جيڪي ماڻهو مفت ڪئمپ لاءِ سهڪار ڪري چندا ڏيندا هئا، انهن هاڻ وڏي ۽ تمام وڏي سماجي تنظيم لاءِ سوچڻ شروع ڪيو هو. ان لاءِ ننڍڙين تنظيمن وارا بي هٿيار بڻجي ڪاغذن وانگيان جلندا رهيا.
شهر جي ان وڏي ۽ تمام وڏي سماجي تنظيم مجبور ٿي علائقي جي صورتحال تي گڏجاڻي گهرائي ورتي. گڏجاڻي ۾ هڪ اهڙو ميمبر به هيو جيڪو “چريو” ، “موڳو” ۽ “مست” هيو ۽ عام ماڻهن جي وهڪري جي ابتڙ وهندڙ پاڻي جو هڪ ڦڙو هو، تنهن “موڳائپ” ڏيکاريندي چيو ته“ هر سال ٻيون ننڍڙيون سماجي تنظيمون مفت ڪئمپ هڻي انسانن جي زندگي بچائينديون رهيون آهن، هن سال اسان جي وڏي تمام وڏي تنظيم طرفان مفت ڪئمپ لڳڻ گهرجي. دستن ۽ الٽين جي بيماري پوري علائقي ۾ ڦهلجي چڪي آهي، انسانن جي خوشين کي موت جو راڪاس پنهنجي ٻنهي هٿن سان وات ۾ وجهي ڳيت ڏئي ڳڙڪائي رهيو آهي، هر گهر جي اڳيان موت جو دهل وڄي رهيو آهي، هر ماڻهو جي اک آلي آهي. اچو ته پنهنجي ماڻهن کي بچايون جيڪي هٿن جو پورهيو ڪري، اسان ۽ اسان جي ٻچن جو پيٽ ڀري رهيا آهن.”
“علائقي ۾ گيسٽرو ڪانهي، اهي افواھ آهن، انتظام هلائيندڙ ڪميٽي جي هڪ ميمبر فتوا جاري ڪندي فرمايو” جنهن شهر ۾ هڪ عدد خانگي اسپتال ٺهرائي هئي.
“پوري علائقي ۾ او-آر- ايس- ORS ورهايا وڃن، مفت ڪئمپ نه لڳڻ گهرجي.” انتظام هلائيندڙ ڪميٽي جي ٻي ميمبر ڊاڪٽر اکيون ڇنڀيندي شيطاني مرڪ مرڪي چيو.
“نه نه او -آر- ايس جي به ضرورت ناهي، ماڻهن کي هيلٿ ايجوڪيشن ڏني وڃي.” ٽئين ميمبر زيان خور ٻلي وانگر چپن تي زبان ڦيرائيندي چيو.
“ماڻهو مفت خور ٿي پيا آهن، هو مفت جي دوائن تي مرن ٿا.” چوٿين ميمبر ڊاڪٽر چشمو صاف ڪندي چٻري وانگر ڪنڌ کي گول ڦيرائيندي چيو.
گڏجاڻي ۾ سواءِ ڊاڪٽرن جي، ٻي ڪنهن به ڪئمپ جي مخالفت نه ڪئي پر جيئن ته “انتظام هلائيندڙ ڪميٽي” جا اڪثر ميمبر ڊاڪٽر هيا، جن ڀرپور مخالفت ڪئي ۽ سماجي تنظيم پاران مفت ڪئمپ نه لڳڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
چريو، موڳو ۽ مست ميمبر ڪن ڍرا ڪري سماجي تنظيم جي آفيس مان ٻاهر نڪري وڃي رستي تي بيٺو. جتي هُن موت جي راڪاس کي پنهنجي لشڪر سميت ڏسي ورتو. چرئي ۽ موڳي مست کي ڪاوڙ اچي وئي، هن تيز ڊوڙي وڃي موت جي راڪاس کي پڪڙي ورتو. “اي منحوس موت جا راڪاس! تون هر سال هن شهر جي ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ ڇو ٿو موت جا منظر پيدا ڪرين؟ ڇو ٿو بهار جي مند ۾ معصوم مکڙين کي پنهنجي پيرن ۾ لتاڙين؟؟”
“ڇڏ مون کي” موت جي راڪاس چرئي، موڳي ۽ مست کان ڳچي ڇڏائيندي چيو.“مان پنهنجي فوج سميت هن علائقي مان وڃان پيو، مون تي الزام نه هڻ..... مان ٻيهر وري نه ايندس، ڇو ته مون کان وڏا ۽ تمام وڏا راڪاس هن شهر ۾ جنم وٺي چڪا آهن، جيڪي تنهنجي ماڻهن جي ڦٽن تي مرهم رکڻ جي دعوا ڪري ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جا عادي ڏوهاري بڻجي چڪا آهن. اي موڳا مان موت جو راڪاس، منهنجو ڪم ئي موت ڏانهن گهلي وڃڻ آهي ۽ تنهنجي انسان جو ڪم آهي انسان جي زندگي بچائڻ ۽ سنوارڻ. پر اي چريا جڏهن انسان خود مون کان به وڌيڪ موت جا راڪاس بڻجي وڃن، اتي آءُ ڪڏهن به نه رهندو آهيان ڇو ته اتي منهنجي حيثيت ان ماڪوڙي وانگر آهي، جيڪو هاٿين جي ميڙ ۾ موجود هوندي به نظرن ۾ نه ايندو آهي. اي چريا مان رڳو بدنام آهيان دراصل ۾ منهنجو ڪم ته تنهنجا انسان ڪري رهيا آهن، اي مست! تنهنجي سماجي تنظيم جي آفيس ۾ ويٺل سماجي ماڻهن، هن گڏجاڻي کان اڳ پنهنجي ايسوسيئيشن جي گڏجاڻيءَ ۾ مفت ڪئمپ نه هڻڻ ۽ هڪ مريض کان هڪ ڊرپ جا ٻه سؤ ويھ رپيا رقم وٺڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن. اي چريا! تون واقعي موڳو مست ۽ چريو آهين تون اهڙن ماڻهن کي غور سان ناهي ڏٺو جيڪي منهن تي انسان دوستي جو نقاب پائي گهمي رهيا آهن. مون جڏهن تنهنجي سماجي ماڻهن جو اهيو فيصلو ٻڌو تڏهن پڪ ٿي وئي ته منهنجا ڏاڏا ۽ پڙ ڏاڏا ميدان تي لهي چڪا آهن، هاڻي اهي منهنجو ڪم خود ڪندا. ان لاءِ آءُ بي فڪرو ٿي هيءُ علائقو ئي ڇڏيون وڃان ٿو. وڃ ۽ وڃي انسانن جي روپ ۾ راڪاسن جي ڳچي ۾ هٿ وجهي پڇ، ته هي حيوانيت ۽ موت جو ننگو ناچ ڇو نچي رهيا آهن. وڃ ۽ وڃي انهن انسانن جي ويرين کان پُڇُ! جيڪي منهن تي سماج سڌارڻ جي دعوا جو نقاب چاڙهي، سماج جي بي پهچ ۽ نڌڻڪن ماڻهن جي خون کي ڄؤرن وانگي پي رهيا آهن. هوڏس غور سان پنهنجا انسان... هوڏس اچن پيا منهنجا ابا ۽ ڏاڏا.
چرئي، موڳي ۽ مست ڪنڌ ورائي سماجي تنظيم جي آفيس ڏانهن ڏٺو، جتان وڏي تمام وڏي سماجي تنظيم جي انتطام هلائيندڙ ڪميٽي جا اڳواڻ ۽ ميمبر کلندا نڪري رهيا هئا. جن جا ڏند انساني خون سان رڱيل هئا، جن جون زبانون وات کان فوٽ کن ٻاهر نڪتل هيون، جن جي واڇن مان معصوم ۽ مسڪين ماڻهن جو رت ڳڙي رهيو هو.
موڳي مست ڏٺو ته اُهي ميمبر تمام وڏي سماجي تنظيم جي انتظام هلائيندڙ ڪميٽي جا ميمبر، پنهنجا دوڏا پنهنجي هٿن تي کنيون پئي آيا. موڳي مست دل ئي دل ۾ چيو ته هائو اي موت جا راڪاس واقعي تو سچ چيو. هتي تنهنجي دال نه ڳرندي ڇو ته تو اڃا پنهنجيون اکيون ڪڍي هٿن تي ناهن رکيون، ها اڃان توکي اکيون آهن. اي موت جا راڪاس مون کي اها ڄاڻ هئي ته اڄ جي اڪثر انسانن پنهنجي اکين مان حياءُ، شرم، محبت ۽ انسان دوستي کي لوڌي ڪڍيو آهي، پر انهن جون اکيون پنهنجي جاءِ تي قائم آهن، جن ۾ ڪڏهن حياءُ، شرم، محبت ۽ انسان دوستي ٻيهراچي سگهي ٿي. پر مون کي اها خبر نه هئي ته سماج کي سڌارڻ جي دعوا ڪندڙ اهڙا به انسان آهن، جيڪي پنهنجيون اکيون ڪڍي هٿن تي رکي گھمائي رهيا آهن ۽ واقعي اهڙن ماڻهن وٽ ٻين لاءِ ڪجھ به نه هوندو، جيڪي انسان نه پر “راڪاسي رهبر” آهن.
موڳي مست کي اسيمبلي ۾ ويٺل اهو شخص ياد آيو جنهن شهر جي ماڻهن کي موضي مرض مان بچائڻ لاءِ پاڻ سان گڏ دوائون ۽ ڊرپون آنديون هيون.
موڳي مست وڏيري کي رڙ ڪندي چيو،“اي خانداني نالي وارا وڏيرا ڀڄ هتان، ڇو ته هاڻ پڙهيل ۽ وڏن وڏيرن اچي ديرو ڄمايو آهي، ڀڄ هتان، ڪٿي اهي پڙهيل وڏيرا توکي به ڳڙڪائي نه وڃن.

نصيرآباد 11 اپريل 1995