ڪھاڻيون

اندر ڪارو ڪانءُ

جبار آزاد منگي جي ڪهاڻين جو جيئن ته حقيقي زندگي سان تمام ويجهو تعلق آهي، ان ڪري سندس ڪردارن ۾ سماجي ناانصافي ڪري ڪٿي بي وسي جو اظهار آهي ته ڪٿي وري حوصلي، همٿ ۽ ڏاهپ سان جستجو جو گسُ پڻ ملندو. ڪٿي ظالم جي شاطرانه چالن جو منظر آهي ته ڪٿي وري ظلم جي خلاف، ڪي پڙهيل لکيل منطق جي هٿيار سان عدالت جي ايوانن ۾ وڙهندڙ ڪردار به آهن، جيڪي پڙهندڙن جي دل ۾ اتساھ ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. مطلب ته سندس ڪهاڻين ۾ سماج جو حقيقي ۽ چٽو عڪس پسي سگهي ٿو.
Title Cover of book اندر ڪارو ڪانءُ

سياسي ملاکڙو

سياسي ملاکڙي جو ميدان سياسي تماشائين سان کَچاکَچ ڀريو پيو آهي، هر طرف کان مختلف آواز گونجي رهيا آهن، هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي سياسي پهلوان جي زور آزمائي جا ڳڻ ڳائي رهيو آهي، ٻي طرف سياسي دُهلاري مختلف گانن جون ڌنون وڃائي تماشائين جي دلين ۾ جوش پيدا ڪري رهيا آهن سياسي نعري باز پنهنجي پنهنجي سياسي پهلوان جي ڪارڪردگيءَ جا عجيب و غريب، بلڪه بنھ ليڙون لٽا ٿيل، “اڇي پڳ ۾ پس اندر مڙئي اڳڙيون” وارا نعرا هڻي ميدان ۾ ولولو پيدا ڪرڻ لاءِ نچي ۽ ڪُڏي رهيا آهن، ڪي ته بنھ پنهنجي جسم کي اهڙا لوڏا ڏئي رهيا آهن، جو ڏسڻ وارن جا وات ڪِٽلي ۽ واڇون گودو هڻي ويون آهن. سياسي کوجنا ڪندڙ يعنيٰ سياسي گلا ڪندڙ چون ٿا ته “جسم کي لوڏڻ وارا ماڻهو خاص مشن لاءِ خاص قيمت تي خاص ڪم لاءِ ۽ خاص چونڪن لاءِ گھرايا ويا آهن ۽ في لوڏي جو کين ڏھ روپيا اجورو ملي رهيو آهي”. ڪنهن ڪنهن وقت سياسي ٻولڙيا طوطا هڪ ٻئي جا ڄُنڊا پڻ پٽي رهيا آهن ،جنهنڪري ڪيترائي سياسي ٻولڙيا گنجا ٿي ويا آهن، ڪن ته مورڳو گنجي ٿيڻ يا ڄنڊن پٽجڻ جي ڀوَ کان اڳ ئي پاڪي سان ٽڪڻ ڪرائي مٿي تي هڪ ربن پٽي ٻڌي، پنهنجي جڳاڙي ميڄالي کي محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي. سياسي گلاخورن جو هڪ ٻيو ٽولو چوي ٿو ته “سياسي پهلوان مٿي کي پاڪي هڻائي ٽڪڻ سان گھمڻ جو رواج وجهي، وڳ ٺاهيندڙ ڪمپني کي ڏيوالي جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي.” جڏهن ته وڳ ٺاهڻ وارن جو چوڻ آهي ته “انهيءَ فيشن اسان جي روزگار کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، ڇو ته سياسي ملاکڙي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ سياسي ٽڪڻ باز ڪانوَن جي ٺونگن کان بچڻ لاءِ وڳ استعمال ڪندا رهيا آهن”.
اوچتو لائوڊ اسپيڪر جو وات کليو، ڪمپيئر پنهنجي بي سري آواز سان سياسي تماشائين کي ست سُريون ٻڌائي اهيو اعلان ڪيو ته“خواتين و حضرات ٿورو خاموش رهو، هڪ ٻئي جا ڄنڊا پَٽڻ بند ڪريو، هيئنر سياسي ميدان ۾ پهرين جوڙ جا، سياسي پهلوان لهي چڪا آهن، منهنجي ساڄي پاسي کان پرواني پيرل پياسي(پ پ پ) جو شاگرد ڄرڪو ڄاڙي باز مقابلي لاءِ ناسون ڦوڪيون بيٺو آهي، جنهن جون مُڇون ٻلي جي پڇ وانگيان ذيل ٿي چڪيون آهن، اها الڳ ڳالھ آهي ته هو ٻلو آهي يا ٻلي جي نسل مان، انهيءَ مسئلي تي روشني وجهڻ لاءِ مشهور تاريخ نويس اَڪن انڌي کي ڪنهن به وقت بي وقتائتو گھرائي اوهان جي اڳيان آڻبو...... ته خواتين و حضرات ڄرڪو ڄاڙي باز مقابلي لاءِ تيار آهي، سندس اصل نالو ته سياسي تماشائين کان وسري چڪو آهي، ڇو ته هو ملاکڙو کٽڻ کانپوءِ پاڻ پڏائڻ ۽ پنهنجي ثنا ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي ڄاڙي هڻندو آهي ان ڪري سياسي گلا خور کيس “ڄرڪو ڄاڙي باز” چوندا اٿس ۽ هو خود انهي نالي ۾ پنهنجو شان سمجهندو آهي، ڄرڪو ڄاڙي باز ڪيترا ڀيرا سياسي ميدان جو ملاکڙو کٽي چڪو آهي. اڄ کان 23 سال اڳ جڏهن هو پهريون ڀيرو هن سياسي ميدان ۾ لٿو هو، تڏهن سندس وزن 40 ڪلو ۽ پيٽ جي ماپ 30 انچ هئي، پر اڄ ڄرڪي ڄاڙي باز جو وزن پوڻا ٻه سؤ ڪلو ۽ پيٽ 30 انچن مان وڌي سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ جي اڱڻ ۾ پيل اَنَ جي گُندي برابر ٿي چڪو آهي. چوڏهن سياسي درزي گڏجي به سندس ماپ وٺي نه سگهيا، ان ڪري ڄرڪي ڄاڙِي باز جي پيٽ کي ناقابل ماپ قرار ڏنو ويو آهي.
منهنجي کاٻي پاسي مجروح لاهوتي نسواري گروپ (م ل ن گروپ) جو پهلوان “ربُو رنگروٽ” ائين وات پٽيو بيٺو آهي ڄڻ هر شيءِ کائڻ ۽ هضم ڪرڻ لاءِ حڪم جي دير اٿس، هُن جو وات ڏسي مون کي پٺاڻ جي ڪوٽ جو کيسو ياد اچي ٿو جيڪو سدائين ڦاٽل هوندو هيو. پهرين جوڙ جي ملھ ۾ هي نئون آهي ۽ مجروح لاهوتي نسواري گروپ کيس سهارو ڏئي ميدان ۾ لاٿو آهي. هن جو وزن هن وقت 70 ڪلو ۽ پيٽ جي ماپ 40 انچ اٿس، سياسي چير ڦار ڪندڙ سياسي حڪيم چون ٿا ته “اڳتي هلي ربو رنگروٽ، لوھ، رٻڙ ۽ مٽي کائيندو جنهن ڪري هُن جي وزن ۾ به ضرور واڌ ايندي ۽ هن جو پيٽ به اَنَ جي گُندي جهڙو ٿي ويندو.
خواتين و حضرات ٻئي سياسي پهلوان مقابلي لاءِ تيار آهن، سياسي تماشائيو هن ملاکڙي ۾ سندرن ڇڪڻ جي پهلوانن کي تڪليف نه ٿيندي نه ئي اڙي يا ڄانگهي هڻڻي پوندي، هي ملاکڙو پنهنجي الڳ تاريخ رکي ٿو. مشهور تاريخ نويس اَڪن انڌي جو چوڻ آهي ته “هي ملاکڙو،سياسي ملاکڙن جي تاريخ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو.”
دوستو! هي ملاکڙُ منفرد انداز وارو ملاکڙو آهي ڇو ته هن ملاکڙي ۾ صرف هٿ جي تيزي ۽ صفائي ڏيکاري ويندي، جنهن به پهلوان جو هٿ تيز وهندو اهو مقابلو کٽي ويندو.
دوڏن نڪتل سياسي تماشائيو!!! اوهان سوچيندا هوندؤ ته آخر هي ملاکڙو شروع ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ ڪيترن تماشائين کي شڪ آهي ته ملاکڙو آخري وقت تي ملتوي نه ٿي وڃي، توهان جو شڪ پنهنجي ڪچي يا پڪي جاءِ تي درست آهي ڇو ته هن ملڪ ۾ اڪثر مقابلا مقرر تاريخ تي نه ٿيندا آهن، پر تماشائيو هي ملاکڙو ضرور ٿيندو.
ته منهنجا ڪنن لڙڪيل سياسي تماشبينؤ!!... مقابلي شروع ٿيڻ کان اڳ آءُ توهان کي اهيو ٻڌائڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو. منهنجي ڀر۾ ويٺل چيف آف حجم ايسوسيئيشن جناب بِدن بيوفا ڪُک ۾ آڱريون هڻي مون کي مجبور ڪري رهيو آهي ته آءُ اوهان کي ٻڌايان ته هي مقابلو ميدان ۾ بيٺل سياسي تماشائين جي مٿي ڪوڙڻ جو مقابلو آهي، جيڪو پهلوان وڌ کان وڌ سياسي تماشائين جو مٿو ڪوڙيندو اهو ڪامياب قرار ڏنو ويندو. هاڻي آءُ گذارش ڪندس دنيا جي مشهو ۽ تيز مٿو ڪوڙيندڙ جناب گلو گنجي کي ته هو ٻنهي پهلوانن کي ميڊ اِن آمريڪا پاڪيون، هٿن ۾ ڏيئي ته جيئن ٻئي پهلوان مقابلي جي تياري وٺن...............ته منهنجا بي سمجھ ۽ بددماغ سياسي تماشائيو!! ٻئي پهلوان پنهنجين پنهنجين پاڪين ۾ ميڊ ان چائنا بليڊ وجهي رهيا آهن............ هڪ ٻه ٽي، مقابلو شروع، ته هو ڏسو ٻئي پهلوان سياسي تماشائين تي ٻوڙي جهار وانگي ڪاهي پيا آهن، ٻنهي پهلوانن بنا شيونگ ڪريم ۽ پاڻي جي تماشائين جو سُڪي پاڪي سان مٿو ڪوڙڻ شروع ڪيو آهي. اوهوهو..... مجروح لاهوتي نسواري گروپ جي پهلوان ربو رنگروٽ ٻن تماشائين جي ٽڪڻ رتو ڇاڻ ڪري ڇڏي آهي، پر نه.............. پرواني پيرل پياسي جي شاگرد ڄرڪي ڄاڙي باز به ڪيترن ئي ٽڪڻين جا لاھ پٽي ڪڍيا آهن، تماشائي سُڪي پاڪي سان ٽڪڻ جو ايذاءُ سهندي به هميشه جيان خاموش آهن. ملاکڙي جي ميدان ۾ سياسي ٻولڙيا طوطا واڪا ڪري رهيا آهن. باخبر ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن تي اهڙن سياسي ٻولڙين کي في ٻوڪڙ جا پنجاھ روپيا ۽ تماشائين کي قابو جهلي بيهڻ جا 100 روپيا ڏنا ويندا. اهو ئي سبب آهي جو سياسي ٻولڙيا طوطا سياسي تماشائين جي ڄنگهن، ٻانهن کي مضبوط جهلي بيٺا آهن، ڪي وري تماشائين جي ڪنن ۾ هٿ وجهي پنهنجي سچائي ۽ خلوص جو مظاهرو ڪري رهيا آهن.
وارو ڙي وارو...... ڏاڍو تيز هٿ وهي ٿو مجروح لاهوتي نسواري گروپ جي پهلوان ربو رنگروٽ جو، پر سائين گھٽ پرواني پيرل پياسي جو شاگرد ڄرڪو ڄاڙي باز به ناهي، ڇو ته ھواڳ به عوام جو مٿي ڪوڙڻ ۾ وڏي مهارت رکي ٿو............
هي ڇا!! ٻنهي پهلوانن هڪ ٻئي جي ڳلن ۾ هٿ وجهي ڇڏيا آهن، ته ٻئي طرف سياسي ٻولڙيا طوطا پڻ هڪ ٻئي تي مڇرجي چڪا آهن، ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جا ڳٽا ٿڦن ۽ مڪن سان ڳاڙها ڪري ڇڏيا آهن، ٻنهي جي وات مان رت ريلا ڪري وهي رهيو آهي، هي مقابلو مٿي ڪوڙڻ بجاءِ ٿڦن ۽ مڪن هڻڻ جي مقابلي ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، گلو گنجو ٻنهي پهلوانن کي پرچائڻ لاءِ ٽياڪڙ بڻجي ميدان ۾ لهي چڪو آهي ليڪن ٻئي پهلوان جنگ جاري رکيون ويٺا آهن.
خاموش..خاموش................ پرائي پٽڪي تي طُرو ٻڌي هلڻ وارؤ تماشبينؤ! مقابلي جو فيصلو ڪندڙ فتوا باز چيف آف حجم ايسوسيئيشن جناب بِدن بي وفا جو فيصلو يعنيٰ فتوا پهچي چڪي آهي خاموش ٿي فيصلو ٻڌو، هڪ ٻئي جا ڄنڊا پٽڻ بند ڪريو نه ته چيف آف حجم ايسوسيئيشن جناب بِدن بي وفا حڪم ڪري چڪو آهي ته جيڪڏهن سياسي پهلوان، سياسي ٻولڙيا طوطا ۽ سياسي تماشائي خاموش نٿا ٿين ۽ هڪ ٻئي جا ڄنڊا پٽڻ بند نٿا ڪن ته پوءِ لٺين جو راڄ نافذ ڪيو ويندو، اهيو ٻڌي سياسي ميدان ۾ خاموشي ڇائنجي وئي ڪيترا سياسي ٻولڙيا لٺين جي راڄ جو ٻڌي چيف آف حجم ايسوسيئيشن جناب بِدن بي وفا جي چمچاگيري ۾ لڳي ويا آهن ۽ پرواني پيرل پياسي جي شاگرد ڄرڪي ڄاڙي باز جي من ۾ به اهيو ئي خيال جنم وٺي رهيو آهي ته مان به بِدن بي وفا جو پاسو جهليان پر هو اڃا فيصلو ناهي ڪري سگهيو، سياسي چغلخور چون ٿا ته جيڪڏهن هڪ لٺ هوا ۾ اُڀي ٿي ته ڄرڪو ڄاڙي باز پنهنجي راڄ ۽ ڀاڳ سميت بِدن بي وفا جي ايسوسيئيشن ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندو.
تماشائيو! فيصلي جو وقت آيو آهي. فيصلو ڏيندڙ فيصلو ڪيو آهي ته “پرواني پيرل پياسي جي ڄرڪي ڄاڙي باز ۽ مجروح لاهوتي نسواري گروپ جي ربو رنگروٽ ۽ ٻنهي ڌرين جي سياسي ٻولڙين طوطن ملاکڙي جي ضابطهِ اخلاق کي ٽوڙيو آهي ملاکڙي جي ميدان ۾ جهيڙو جڳھڙو ڪيو آهي، ان لاءِ هي فيصلو ڏنو وڃي ٿو ته “استاد بگن برآمدي ايندڙ سياسي ملاکڙي تائين هن مقابلي جو چئمپيئن هوندو.”
فيصلو ٻڌي ٻنهي پهلوانن جو منهن پاروٿي واڱڻ جهڙو ٿي ويو، هو هڪٻئي کي تڪي رهيا آهن، ڄڻ هڪٻئي سان شڪايتون ڪندا هجن ته اسان جي وڙهڻ مان ان ماڻهو کي فائدو ملي ويو، جيڪو ڪڏهن ميدان ۾ لٿو به نه هو يا سوچيندا هجن ته هل ته هلي بگن برآمدي جو پاسو جهليون..........۽ تماشائيو ايندڙ ملاکڙي تائين پنهنجون ٽڪڻيون سنڀالي رکجو ڇو ته 90 ڏينهن کانپوءِ وري ميڊِ ان آمريڪا پاڪيون، جن ۾ ميڊ ان چائنا بليڊ پيل هوندا، اوهانجي ٽڪڻين تي استعمال ڪيون وينديون.