ڪھاڻيون

اندر ڪارو ڪانءُ

جبار آزاد منگي جي ڪهاڻين جو جيئن ته حقيقي زندگي سان تمام ويجهو تعلق آهي، ان ڪري سندس ڪردارن ۾ سماجي ناانصافي ڪري ڪٿي بي وسي جو اظهار آهي ته ڪٿي وري حوصلي، همٿ ۽ ڏاهپ سان جستجو جو گسُ پڻ ملندو. ڪٿي ظالم جي شاطرانه چالن جو منظر آهي ته ڪٿي وري ظلم جي خلاف، ڪي پڙهيل لکيل منطق جي هٿيار سان عدالت جي ايوانن ۾ وڙهندڙ ڪردار به آهن، جيڪي پڙهندڙن جي دل ۾ اتساھ ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. مطلب ته سندس ڪهاڻين ۾ سماج جو حقيقي ۽ چٽو عڪس پسي سگهي ٿو.
Title Cover of book اندر ڪارو ڪانءُ

اگھاڙو رقص

شهر جي وڏي هال اندر شهر جا ماڻهو جن کي عام ٻولي ۾ “معززين” چيو ويندو آهي، ڪرسين تي بالم بڻيا ويٺا آهن، وڏي هال جي وڏي در مٿان، وڏي بينر تي وڏن اکرن ۾ “سنڌي عورت ٻٽي ظلم جو شڪار آهي” لکيل آهي.
هال جي اسٽيج تي هڪ نوجوان مائيڪ تي “سنڌي عورت ٻٽي ظلم جو شڪار آهي ” تي ليڪچر ڏئي رهيو آهي ۽ هال جي ڪرسين تي ويٺل شهر جا وڏا ماڻهو وڏي واڪي “واھ واھ” چئي رهيا آهن. نوجوان چئي ٿو“اسانجي جي سنڌي عورت هزارين سالن کان اسان مردن جي ظلم جو شڪار ٿيندي رهي آهي، اسين مرد وڏا ظالم ۽ جابر آهيون، جو اسين پنهنجي عورتن کي بند دروازن ۾ لڪائي ڇڏيون ٿا، ڪن حالتن ۾ اسين مرد پنهنجي عورتن کي پنهنجي انا مٿان قربان ڪري ڀتين ۾ لنبائي ڇڏيون ٿا، اسين عورت کان آزادي کسي ورتي آهي.”
تون انهي نوجوان کي چڱي طرح سڃاڻين ٿو؟ جيڪو سنڌي عورتن تي ٿيندڙ ٻٽي ظلم بابت دليل ڏئي رهيو آهي؟ مون ڀرسان ويٺل شهر جي هڪ معزز کان پڇيو.
“ها چڱي طرح” شهر جي معزز جواب ڏيندي وضاحت ڪئي ته“ان نوجوان کي ڪير نه سڃاڻي؟ نوجوان خون آهي، بهترين ليکڪ آهي ۽ ماهوار“طبيب” جو سب ايڊيٽر آهي، دنيا جو ترقي پسند ادب برزبان ياد اٿس.
اهو نوجوان منهنجي ڳوٺ جو آهي. مون معزز کي چيو.
“اڇا”!! تون ان جي ڳوٺ جو آهين؟ معزز حيرت وچان سوال ڪيو.
جي نه ... هو منهنجي ڳوٺ جو آهي ڇو ته آءُ عمر ۾ هن کان وڏو آهيان ان ڪري ڳوٺ ۾ اڳ مان ڄائس. توهان حيرت ۾ نه پئو.” مون معزز شخص کي جواب ڏنو.
“ڪمال آيار”! شهر جي معزز مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو،“ اهڙو اديب جنهن ڳوٺ ۾ جنم وٺي اهو ڳوٺ ان اديب جو ئي آهي، تون خوش نصيب آهين جو ان نوجوان جي ڳوٺ ۾ ڄائو آهين، هُن تنهنجو ۽ تنهنجي ڳوٺ وارن جو مان آڪاش جي بلندين تائين پهچايو آهي.”
ان ۾ ڪمال جي ڪا به ڳالھ ناهي، پر زوال جي ڳالھ ضرور آهي، ان نوجوان ڳوٺ وارن جو مانُ آڪاش جي بلندين تائين پهچائڻ کان اڳ ڳوٺ جي پاڪ دلين جي مالڪ ڳوٺاڻن جو نڪ وڍي ڇڏيو آهي.
“بڪواس ٿو ڪرين” شهر جي معزز وراڻيو، “هو ائين نٿو ڪري سگهي، هونءَ به گهر جو پير چُلھ جو مارنگ آهي ڄٽ!؟”
اي شهر جا معزز ڇا تون ڄاڻين ٿو ته اهيو نوجوان جيڪو ڪجھ چئي رهيو آهي اهو ڪوڙ آهي؟
مون ڪٿي چيو ته ڪوڙ آهي؟ نوجوان سؤ سيڪڙو سچ پيو چوي. شهر جي معزز جواب ڏنو.
بلڪل سچ ٿو چئي. ڇو ته هو پنهنجي تاريخ بيان ڪري رهيو آهي جيڪا تاريخ سؤ سيڪڙو سچ آهي.
اهو ڪيئن!؟
ٻڌ هن شهر جا معزز.....! اهو نوجوان جنهن کي اوهين هن شهر جا وڏا ماڻهو ترقي پسند اديب چئو ٿا، جنهن جي مٿان گلن جي ورکا ڪريو ٿا، جيڪو سنڌي عورتن تي ٿيندڙ ٻٽي ظلم بابت دليل ڏئي عورت جي آزادي جو علمبردار بڻجي پنهنجي قوم، پنهنجي نسل ۽ پنهنجي علم جي توهين ڪري رهيو آهي. اهو اديب جيڪو تو جهڙن شهر جي وڏن ماڻهن جي نظرن ۾ وڏو معزز آهي سو منهنجي ڳوٺ جي پاڪ دلين جي مالڪن ۽ منهنجي نظرن ۾ ڪوڙو، منافق، ظالم ۽ وڏو ڪميڻو آهي.
“اي گستاخ ....! تون شهر جي معزز ماڻهن جي بيعزتي ڪري رهيو آهين، ڇا توکي خبر ناهي ته اسين تنهنجي زبان ڪاڪڙي کان پٽائي سگهون ٿا؟” شهر جو معزز جذبات ۾ اچي ويو.
اوهين درست ٿا چئو... اسان جي سماج ۾ معزز اهي ئي آهن جيڪي سچن انسانن جون زبانون پاڙؤن پٽائين ٿا. واقعي ئي اهي معزز ليکيا ويندا آهن.... پر ٻڌ اي شهر جي وڏي هال اندر ويٺل شهر جا وڏا معزز! اِهو نوجوان اُهو آهي جنهن پنهنجي گھر واري کي، اُن ڪري پادر هنيا، جو هُن هڪ ڌيءُ کي جنم ڏنو! ڇا توکي خبر ناهي؟ اي شهر جا معزز! هي نوجوان منهنجي ڳوٺ جو اهو شخص آهي، جنهن ڌيءُ جي ڇٽي به نه کاڌي. هي آهي اهو ساڃاھ وند اوهان جو ڏات ڌڻي جنهن پنهنجي زال کي ڌيءُ ڄمڻ جي ڏوھ ۾ گهران ڪڍي ڇڏيوآهي، جيڪا ٻن سالن کان پنهنجي پيءُ جي در تي بيواھ عورت جي زندگي گذاري رهي آهي. ڇا توکي اها به خبر ناهي!؟ ته اهو نوجوان اڄ ڪلھ شهر جي معزز هڪ غير سنڌيءَ جي ڌيءُ سان شادي ڪرڻ لاءِ تياريون پيو وٺي، جنهن عورت جي نالي چاليھ ايڪڙ زرعي زمين ٿيل آهي ۽ اهو غير سنڌي هو ڏس اڳئين سيٽ تي بالم بڻيو ويٺو آهي.
شهر جي معزز شخص ڪاوڙ ۽ شور وچان ڏسندي چيو ته“ نڪر هتان پادر هڻي دونُ سجائي ڇڏينداسؤن.”
ان کان اڳ جو شهر جي وڏي هال ۾ ويٺل شهر جا وڏا معزز ماڻهو مون کي وڏا موچڙا هڻي، وڏا ڦٽ وجهي ڇڏين، آءُ وڏا قدم کڻي معزز ماڻهن جي محفل مان نڪري ويس، جنهن محفل ۾ رڳو ڪوڙ ۽ ٺڳي اگهاڙوناچ ڪري رهي هئي.