ڪھاڻيون

اندر ڪارو ڪانءُ

جبار آزاد منگي جي ڪهاڻين جو جيئن ته حقيقي زندگي سان تمام ويجهو تعلق آهي، ان ڪري سندس ڪردارن ۾ سماجي ناانصافي ڪري ڪٿي بي وسي جو اظهار آهي ته ڪٿي وري حوصلي، همٿ ۽ ڏاهپ سان جستجو جو گسُ پڻ ملندو. ڪٿي ظالم جي شاطرانه چالن جو منظر آهي ته ڪٿي وري ظلم جي خلاف، ڪي پڙهيل لکيل منطق جي هٿيار سان عدالت جي ايوانن ۾ وڙهندڙ ڪردار به آهن، جيڪي پڙهندڙن جي دل ۾ اتساھ ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. مطلب ته سندس ڪهاڻين ۾ سماج جو حقيقي ۽ چٽو عڪس پسي سگهي ٿو.
Title Cover of book اندر ڪارو ڪانءُ

عيسيٰ پٽ....؟؟

“تون حرامي آهين” جا لفظ ٻڌي ڪنن تي کڻي هٿ رکندو هو، هيءَ وڏي ۾ وڏي گار هئي.
عيسيٰ اها گار روز سوين ڀيرا ٻڌندو هو، خارون ته گھڻيون اينديون هيس. پر عيسيٰ اڪيلو ڇا ٿي ڪري سگهيو. بس اندر ئي اندر ۾ روئيندو ۽ جلندو هيو، پنهنجي جهوپڙي ۾ گھڙندي سواليه نظرن سان جهوپڙي کي ڏسندو هيو، ڄڻ جهوپڙي ۾ لڳل ڪکن ۽ ڪانن کان پڇندو هجي ته مان ڪنهن جو پٽ آهيان؟ پر جهوپڙي به خاموش! ڪاوڙ وچان “ٿُو” ڪري چوندو هيو “حرامي توهان آهيو”
هاڻ عيسيٰ لاءِ هي جملو ڪجھ به نه هيو، ٻڌندو هو ته نه روئيندو هيو نه ئي جهوپڙي کان پڇندو هيو. الائي ڇو خاموش هوندو هيو!
عيسيٰ کي اڄ شهر ۾ ڪم ڪونه لڳو، سوچيندو اچي ڳوٺ پهتو. ڳوٺ ۾ پير مس پاتائين ته هُن جي ڪنن وري “تون حرامي آهين” ٻڌو، ڳوٺ جا پوءِ ٻار هيا ۽ عيسيٰ، ڄڻ هي چريو هجي “تون حرامي آهين تون حرامي آهين” هي ٻڌندو اڳتي هلندو رهيو. تون حرامي............. ۽ عيسيٰ اڄ واچوڙي وانگر ڦيرو کاڌو، زمين هيٺ جهڪيو ۽ فضا ۾ هڪ سروٽو ڏسڻ ۾ آيو، ٻارن جي ميڙ ۾ ٿرٿلو پئجي ويو، اڪبر جي مٿي مان رت ريلا ڪري وهڻ لڳو، ڳاڙهو ڳاڙهو رت ٻار ڏسي ڀڄي ويا، اڪبر زمين تي بيهوش پيو هيو. عيسيٰ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو جهوپڙي ۾ آيو، اڄ الائي ڇو هن جي منهن تي مرڪ هئي، يا هن ٻين کي ٻڌائي ڇڏيو ته مان ڪنهن جو پٽ آهيان.
اڙي عيسيٰ....... عيسي جا پٽ هي سروٽو تو اڪبر کي نه پر ڳوٺ جي چڱي مڙس کي هنيو آهي. چڱي مڙس پٽ جي حالت ڏسي ڪاوڙ ۾ چيو.
عيسيٰ کي چوکنڀو ٻڌي چڱي مڙس وٽ وٺي آيا. پوءِ عيسيٰ هيو، چڱو مڙس ۽ ان جا نوڪر چاڪر،جيڪي عيسيٰ تي مُڪن، لتن جا وار ڪري رها هئا. “حرامي ڪتي جا پٽ تنهنجي اها مجال؟”
حرامي تون آهين، ٻڌي ٿو مارين!؟ ڇوڙ ته خبر پوئي ته عيسيٰ حرامي آهي يا.........
بس ڪر ڪميڻا، وات جا ڪتا!! تو منهنجي ٻچي کي سروٽو هنيو آهي.
مون کي ڪهڙي خبر ته تنهنجي پٽ کي لڳندو، اِها خبر هجي هان ته ڪو وڏو ۽ چڱو سروٽو وهائي ڪڍانس هان.
عيسيٰ جو ايترو چوڻ ۽ چڱي مڙس جو مڇرجڻ. بس پوءِ ته کجيءَ جو لڪڻ هيو ۽ عيسيٰ جو جسم، هاڻ عيسيٰ کي ڪا به خبر نه هئي ته مان ڪٿي آهيان ؟ اڳيان اکين جي اوندھ هيس.
وڏيري راهب! پٽ جي باھ عيسيٰ کي ٺاهوڪي مار ڏيئي اندر مان ڪڍي ۽ هن کي پنهنجي جهوپڙيءَ ٻاهران ڦٽو ڪرائي، ڳوٺ وارن تي حڪم جاري ڪيائين ته “ ڪوبه ماڻهو هن حراميءَ جي پرگهور نه لهندو نه ئي هن کي ڪو ماني ٽڪر ڏيندو.”
عيسيٰ ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ٺيڪ ٿيو. چڱي مڙس کي گار ڏيندي چيائين. ............... سڀ چڱا مڙس ٿيا آهن! سڄو ڳوٺ ڄڻ وڏيري جي پيءُ جو آهي!”.
جهوپڙي کان ٻاهر نڪتو، گھٽيءَ ۾ وڏيرو ٽهلندو ڏسي باھ ٿي ويو. سوئر! وري منهنجي اڳيان سينو تاڻي ٿو گھمي! ۽ فضا ۾ هڪ ڀيرو وري سروٽو ڏسڻ ۾ آيو ۽ چڱي مڙس به ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي ۽ زپڪو اچي پٽ تي ڪيائين.
منهنجي اڳيان ٿو گهمي، منهنجي اڳيان!؟ عيسيٰ وات مان نڪتل گِڦ ٻانهن سان اگهندي چيو. ڄڻ هُن وڏو جبل ڪيرايو هجي! هو پاڻ کي فاتح سپاهي سمجهي اندر ئي اندر ۾ ڏاڍوخوش ٿيو، ڄڻ هُن وڏيري کي به ٻڌائي ڇڏيو ته “مان ڪنهن جو پٽ آهيان”
عيسيٰ کي پوليس پڪڙي وئي، عيسيٰ مار کائيندو رهيو پر رڙ جنهن شيءِ جو نالو هيو عيسيٰ وٽ اها شيءِ نه هئي.
سال کان پوءِ جيل کان ٻاهر نڪتو، پر هاڻي اهو عيسيٰ نه هيو، هِن عيسيٰ ۽ هُن عيسيٰ ۾ فرق هيو، کيسو ڪترڻ، نشو ڪرڻ ۽ جُوا کيڏڻ، هي عيسيٰ جيل مان سکي آيو هو. ها جيل مان! اسان جي ديس جي جيل مان، جتي جيڪو هڪ ڀيرو ويندو آهي پوءِ اهو ان جو گهر ٿي ويندو آهي، اسان جي جيل مان سزا ڪاٽي نڪري ايندڙ سڌرندو گهٽ آهي، پر وڌيڪ مجرم ٿي نڪرندو آهي.
عيسيٰ هاڻ گھر کان محروم، ڳوٺ مان نڪري اچي شهر وسايائين ۽ شهر ۾ هُو ڪنهن خالي صندل تي ۽ ڪڏهن موالين جي مڪان تي هوندو هيو. عيسيٰ هاڻ ڪنهن جو اوکو ڳالهائڻ ڪين سهندو هيو، يا ته ڌڪ هڻي ڪڍندو هيس يا “مان تو کي ڏسندس” چئي هليو ويندو هيو.
عيسيٰ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هيو ته “مان ڪنهن جو پٽ آهيان!؟” پوءِ آسمان طرف منهن ڪري، آسمان کي گھڻي وقت تائين ڏسندو هيو. ڄڻ فضا ۾ پنهنجي سوال جو جواب ڳوليندو هجي. ڪڏهن ڪڏهن ته روئي ويهندو هيو ۽ ماڻهن کي اهڙي نماڻائي وچان ڏسندو هيو، ڄڻ چوندو هجي ته اهيو منهنجو ڏوھ ناهي جو مان پيءُ جي نالي کان بي خبر آهيان، مون ته بس تڏهن امان کي ڏٺو، جڏهن مان اڃا ننڍو هيس، ڪڏهن ڪڏهن امان کان پڇندو هيس ته “امان بابو ڪٿي آهي” پر امان به چُپِ رهندي هئي. ڀلا هوءِ مونکي ٻڌائي به ته ڪيئن؟ جڏهن ڳوٺ جي گهٽين ۾ سمهندي ۽ در در جا ٽڪر کائيندي اچي سمجھ ڀريو ٿيس تڏهن ڳوٺ وارن مونکي ٻڌايو هو ته “تنهنجي ماءُ چرڙي هوندي هئي، جنهن کي پنهنجا مالڪ جيڪي لاڏائو فقير هيا، سي ڄاڻي واڻي ڳوٺ مان لڏيندي ڦٽي ڪري ويا هئا يا وساري ويا هئا.” هڪ دفعي ڳوٺ جي دوڪاندار الهڏني ٻڌايو هو ته “عيسيٰ تنهنجي چرڙي ماءُ هن ڳوٺ جي ڪڏهن هِن گهر ۾ ته ڪڏهن هُن گهر ۾ ماني کائي سمهي پوندي هئي.” عيسيٰ ٿڌو ڇوڪارو ڀريو. هو وري گذري ويل وقت کي ياد ڪرڻ لڳو. جڏهن هُن کي دوڪاندار الهڏني ٻڌايو هيو ته “ تنهنجي مستاني ماءُ به در در جا ڌڪا ۽ رحم جي خيرات کائيندي هڪ ڏينهن جوان ٿي ويئي، پوءِ اهو ڏينهن به آيو جو تنهنجي ماءُ جي عزت سان ڳوٺ جي ڪنهن ڪميڻي شخص راند کيڏي، تنهنجي ماءُ ڳوٺ وارن کي شايد ٻڌائڻ پئي گهريو پر هوءَ ٻڌائي نه سگهي ۽ هڪ ڏينهن تو مستاني امڙ جي ڪُکِ مان جنم ورتو!!!!. مونکي پنهنجي اولاد نه هئي، جنهن ڪري منهنجي گهرواري توسان پيار ڪرڻ لڳي ۽ تنهنجو نالو عيسيٰ به ان ئي رکيو هيو، جيڪو هُن جي پيءُ يعني منهنجي سهري جو نالو هيو.مون تنهنجي امڙ ۽ تو تي رحم کائي، پنهنجي ڳوٺ جي گهرن سان گڏ واري زمين تي جهوپڙي ٺاهي ڏني، جنهن ۾ تو پنهنجي ماءُ سان پنج سال گهاريا جتي منهنجي گهرواري، تنهنجي امڙ ۽ تنهنجي سار سنڀال لاءِ جهوپڙيءَ جا ڀيرا ڪندي هئي، پر هوءَ به توسان گهڻو وقت ساٿ ڏيئي نه سگهي هئي. عيسيٰ تون شايد نڀاڳ پاڻ سان ڄمندي ئي کڻي آيو هئين جو هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو تنهنجي ماءُ جو لاش واھ مان مليو. عيسيٰ تون ڪنهنجو پٽ آهين!؟ سا ڪنهن کي به خبر ناهي ۽ تنهنجي پيءُ کي ڪنهن به نه ڏٺو”
عيسيٰ کي الهڏني دوڪاندار جي اها ٻڌايل ڪهاڻي هميشه ياد هئي. عيسيٰ اکين کي ٻنهي هٿن سان مهٽيو. ڄڻ هو اندر ئي اندر ۾ روئندو هجي. ننڍڙي لاڪون سار لهندڙ الهڏني جي واتان اهڙي ڳالھ ٻڌڻ کان پوءِ عيسيٰ بلڪل خاموش ٿي ويو، هو ڳوٺ وارن کان پري پري رهڻ لڳو پر ڳوٺ وارن جا “ تون حرامي آهين” وارا جملا هن جي پويان پاڇي وانگيان هلندا رهيا، پوءِ به هو خاموش ئي خاموش رهيو.
هڪ ڏينهن جڏهن ڳوٺ جي هڪ ماستر عيسيٰ کي هي ٻڌايو هو ته “اڳي اڳي به هڪ عيسيٰ هيو، عيسيٰ بن مريم، جنهن کي پيءُ ڪونه هيو، ماءُ جي نالي سان سڃاتو ويو، هو ماءُ جي پيٽ مان ائين ئي نڪتو هيو ۽ پاڪ هيو.” تڏهن عيسيٰ جي منهن تي مرڪ اچي ويندي هئي. هو سوچيندو هيو ته هُن کي ماءُ جي نالي جي ته خبر هئي پر مونکي ته ماءُ جي نالي جي به خبر ناهي.
پر عيسيٰ کي اها خبر ضرور هئي ته هن کي وڏيري جي ٽريڪٽر ڊرائيور ڀر واري شهر ۾ لڳل ميلو گهمائڻ جي بهاني زمين ۾ پيل پلال ۾ وٺي وڃي زنا ڪئي ۽ ٻه روپيا ڏئي دڙڪا ڏنا هئا ته “ ڪنهن سان ڳالھ ڪندين ته ڪهندو سانءَ” عيسيٰ اهڙي ڏاڍائيءَ تي به خاموش رهيو، ڀلا ڏهن سالن جي ٻار جو پاسو ڪير کڻي ها!؟ سو به بي يارو مددگار ٻار، جنهن کي جهوپڙي ٺاهي ڇانو ڏيندڙ دوڪاندار الهڏنو به راھ رباني وٺي ڳوٺ ۾ صفا اڪيلو ڇڏي ويو هيو. هي اهو ئي ڳوٺ هو جتي ڄمڻ کان اڳ هن جي مستانيءَ ماءُ سان ۽ ڄمڻ کان پوءِ به هن سان زيادتيون ٿينديون رهيون ۽ عيسيٰ ان ئي ڳوٺ مان مجرم ٿي نڪتو.
“حرامي” لفظ کان عيسيٰ کي هاڻِ سخت نفرت ٿي چڪي هئي. شهر ۾ خاموش پئي آيو ڪنهن اونهي سوچ ۾ ۽ هن هڪ ڀيرو وري واچوڙي وانگر ڦيرو کاڌو، جڏهن ڪنهن جي واتان “حرامي” چوندي ٻڌو ۽ عيسيٰ ڏنڊو اُڀو ڪيو ۽ همراھ رت وهائيندو ڌرتي تي ڪري پيو ۽ ٿڌو ٿي ويو،جنهن پنهنجي پٽ کي حرامي چيو هو. سندس پٽ ابا...اوبا ڪري روئڻ لڳو.
ڪيتري وقت کان پوءِ عيسيٰ جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. هن جهڪي ان ڇوڪري کي ڇاتيءَ سان لائي چمي ڏني “پٽ تون حرامي ناهين”
پوليس عيسيٰ کي پڪڙيو، ڪيس هليو ۽ کيس ڦاسي جي سزا مليس. عيسيٰ هاڻي ڦاسي گھاٽ ۾ هيو ۽ سڀاڻي کيس ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويندو.
ڦاهيءَ تي لٽڪڻ کان اڳ عيسيٰ جي آخري خواهش هئي ته.
“مون کي هڪ مهيني جي موڪل ڏني وڃي ته مان پنهنجي ان پيءُ کي ڳوليان جنهن کي نه ڪنهن ڏٺو آهي ۽ نه ئي ڪير ڏسي سگهندو! پر مان پنهنجي ان پيءُ کي ڳولڻ گهران ٿو، مونکي پڪ آهي ته مان پنهنجي گمنام پيءُ کي ضرور ڳولي لهندس ڇو ته هو مون هڪ جو پيءُ نه پر هن ڌرتي جي هزار عيسائن جو پيءُ آهي”
۽...........۽ عيسيٰ ڦاهيءَ تي لٽڪجي ويو.

15 ڊسمبر 1985 نوابشاھ