ڪھاڻيون

اندر ڪارو ڪانءُ

جبار آزاد منگي جي ڪهاڻين جو جيئن ته حقيقي زندگي سان تمام ويجهو تعلق آهي، ان ڪري سندس ڪردارن ۾ سماجي ناانصافي ڪري ڪٿي بي وسي جو اظهار آهي ته ڪٿي وري حوصلي، همٿ ۽ ڏاهپ سان جستجو جو گسُ پڻ ملندو. ڪٿي ظالم جي شاطرانه چالن جو منظر آهي ته ڪٿي وري ظلم جي خلاف، ڪي پڙهيل لکيل منطق جي هٿيار سان عدالت جي ايوانن ۾ وڙهندڙ ڪردار به آهن، جيڪي پڙهندڙن جي دل ۾ اتساھ ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. مطلب ته سندس ڪهاڻين ۾ سماج جو حقيقي ۽ چٽو عڪس پسي سگهي ٿو.
Title Cover of book اندر ڪارو ڪانءُ

امان مان ڪاري ته نه هُيسِ

هو خدن واري اوطاق مان سڀ ڪجھ هارائي اٿيو، هن آخري ڀيرو پنهنجي کيسي ۾ هٿ هڻي، کيسي جو جائزو ورتو، کيس پنهنجو کيسو خالي نظر آيو، هو اڄ ڪاوڙيل هو، پنهنجي جواري سنگتين تي، ڇو ته اڄ هن کي ڪنهن به دش ڪُش نه ڏني، جنهن دش ڪُش کي داءَ تي هڻي پنهنجي قسمت جي اونڌي ٿيل ديڳڙي کي سڌو ڪري پنهنجا هارايل ٻه هزار واپس وٺي سگهي. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته، هو پنهنجي پيءُ کي ڪهڙو جواب ڏئي سگهي؟ جنهن صبح ساجهر شهر موڪلي چانورن جي ڪارخاني جي مالڪ گنگارام کان هڪ هزار وٺي اچڻ لاءِ چيو هو، هو سوچي رهيو هو ته جڏهن بابو ڳاھ ڳاهي سمورو اَنُ گنگار رام کي ڏيندو، ۽ گنگارام حساب ڪتاب ڪندي ٻه هزار ڪٽي ڇڏيندس، هڪ هزار وڌيڪ وٺي اچڻ جي خبر هونءَ به بابي کي پئجي ويندي ته مون هڪ هزار بدران ٻه هزار ورتا آهن... پر هاڻي اِهي ڏوڪڙ آڻيان ڪٿان، الائي بابي ڪهڙي ڪم خاطر ڏوڪڙ گهرايا هئا ۽ مون خدو واري اوطاق ۾ رمي کيڏي هارائي ڇڏيا آ هن.
ڪُتي جي ڀونڪ تي هو پنهنجي خيالن مان نڪتو، هن پهريان ته ڪُتي کي ڪاوڙ مان ڏٺو ۽ پٽَ تي پيل سروٽو کڻي ڪُتي کي وهائي ڪڍيو، ڪُتو ڪونڪاٽ ڪندو هڪ گھر ۾ گھڙي ويو.
بابو اڄ کل لاهي ڇڏيندو، ڇو نه امان کي اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏيان.... مون سڀ ڪجھ جُوا ۾ هارائي ڇڏيو آهي، من امان منهنجي پُٺِ ڀرائي ڪري، پر سائين بابي کي ٻن هزارن جي باھ لڳي ويندي، سو ڪيئن ڇڏيندو امان جي چوڻ تي... جي امان ڪجھ ڪيو ته امان به مار کائيندي... ان لاءِ مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟؟ هو پنهنجو پاڻ سان جنگ ڪندو گهر اچي نڪتو، گھر ۾ هن جي ڪنواري ڀيڻ نواب خاتون اڳٺ ٺاهي رهي هئي. سندس ماءُ پيءُ صبح سان ئي ٻني تي ڳاھ ڳاهڻ لاءِ ويل هئا.
نباب ! آهي ڪو ٽڪر ڀور ته آڻي ڏي، بُک لڳي آهي.
ادا!جيڪا صبح ماني پچائي هئي، سا سموري ٻنيءَ تي موڪلي ڏني آهي، ٻي ماني ڪونهي.
ڇو؟ منهنجي لاءِ اڌ ماني به نه رکي اَٿوَ، صبح بک تي شهر هليو ويس، مون لاءِ توهان وٽ ڪو ڪِساس ڪونهي.
ادا تو ئي ته چيو هو ته رات جو موٽندس. ان لاءِ تنهنجي ماني ناهي رکي.
چڱو چڱو گھڻو مٿو نه هڻ، وڃ ۽ وڃي ٻي ماني تڪڙي پچائي آ.. اُٿ گھر جي وڏڙي.
ادا اٽو ختم ٿي ويو آهي، چاچو آچر توسان گڏ ته اٽو پيهائڻ شهر هليو هو.. سو اڃا ناهي موٽيو.
اُٿ ! ڊيگھ نه ڪر ۽ وڃ وڃي ماسيءَ جي گھران اٽو وٺي اچ، هروڀرو مون کي نه چيڙاءِ... اسان اڳي ئي پنهنجيءَ ۾ ناهيون.
ادا تو کي خبر آهي ته ماسات امداد مون سان چرچا ڪندوآ ۽ الائي ڪهڙين نظرن سان ڏسندو آهي.. سو مان اوڏانهن نه ويندس.. تون ماسيءَ وارن کان اٽو وٺي اچ ته ماني پچائي ڏيانءِ.
تون مون کي جواب ٿي ڏين.. پاڻ کان وڏي ڀاءُ کي ٿي چوين ته وڃي اٽو وٺي اچان.. اٽي لپ لاءِ وڃي هٿ ڊگھو ڪريان.. تون وڃ.
نه ادا مون کي امداد مان ڊپ ٿو ٿئي، مان نه وينديس.
نه ويندينءَ؟
ها ،ادا! نه وينديس.
ڀيڻ جو جواب ٻڌي هن جي ڪاوڙ ڄڻ جوش وچان اٿي پئي، هن جي ذهن ۾ ، هِن وقت بک، هارايل پئسن جي ڪاوڙ ۽ پيءُ جي موچڙن واري ڳالھ ڇتي ڪاوڙ جو روپ وٺي اٿي بيٺي. هو سڀ ڪسرون پنهنجي ڀيڻ مان ڪڍڻ لاءِ اٿيو..‘‘ تون ايڏي ٿي ويئي آهين جو مون سان ٿي هيرا هُدرا ڏين؟ هُن جھٽ ڏيئي ڏڌ ولوڙڻ واري مانڌاڻي کڻي ورتي ۽ پنهنجي ڀيڻ جي مٿي ۾ وهائي ڪڍي. مانڌاڻي جو هڪ ڦرهو نواب جي مٿي ۾ گھڙي ويو ۽ نواب خاتون پٽَ تي ڪري پئي. نواب جي واتان ڪابه آھ.. ڪابه دانهن نه نڪتي ۽ هوءَ ڇڙيون هڻي ٿڌي ٿي وئي.. هن جون اکيون نڪري آيون. ڀيڻ کي ائين ڪرندو ڏسي ۽ ٿڌو محسوس ڪندي هو وائڙو ٿي ويو.. ڄڻ هن ڄاتو ئي نه پئي ته ڪو ڌڪ هڻڻ سان نواب مري ويندي. هو پگهرجي چڪو هو. هي مون ڇا ڪيو؟ هن پنهنجو پاڻ کان سوال پڇيو. هاڻي مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ ها مون کي امان ۽ بابي کي سڀ ڪجھ ٻڌائڻ گھرجي. هو اهو سوچي ڀيڻ جي لاش کي ڪوٺي اندر کڻي، ڪوٺي جو در بند ڪري ڊڪندو ٻنيءَ تي آيو.
امان..او امان هيڏانهن اچ.. پر تڪڙِي. هن ماءُ کي ڳاھ ڳاهڻ واري هنڌ کان ٿورو پري بيهي سڏ ڪيو. ڇو ته ڳاھ ڳاهڻ واري هنڌ تي ٻيا هاري به موجود هئا. هن جي سڏ ۾ التجا به هئي ته درد به.
اڙي ڏوڪڙ آندءِ... هيڏي ڇو نٿو اچين... ڪهڙو ماڻهين ۾ ڪم ڦاٿو اٿئي؟ پڻهس ڳاھ جي پِڙَ تان لاڳيتو سوال ڪري ورتس.
بابا تون به ٿورو هيڏانهن اچ...تمام ضروري ڪم آهي. هن پيءُ کي دٻيل لفظن ۾ سڏ ڪيو.
پٽ ڇاهي ٿيو؟ خير ته آهي؟ ماڻهس ويجهو ايندي پڇيس.
واڻئي ڏوڪڙ ڏنا يا نه؟ چئه ڪهڙو ڪم اٿئي؟ جلدي چئه، پڻس پڻ سوالن مٿان سوال ڪيا.
بابا....بابا... مون کان خون ٿي پيو آهي.
اڙي ڇا ٿو چئين؟؟؟!! پڻس جي پيرن هيٺان ڄڻ زمين نڪري وئي. هو زمين تي ويهي رهيو، هن جي ماءُ کان ڪوبه لفظ ٻاهر نه نڪتو، ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ هوءَ بُت بڻائي وئي هجي، هو ته صرف ۽ صرف پنهنجي پُٽ کي ڏسي رهي هئي جيڪو ڀيڻ کي ماري آيو هو.
اڙي ڪنهن جو خون ڪيو اٿئي؟؟ پڻس آهستي پڇيُس.
ابا مون ادي نباب کي ماري وڌو آهي.
هن جي ائين چوڻ سان ٻئي زال مڙس ڄڻ موت جهڙي راڪاس جي چنبي ۾ اچي ويا، هو ڪي گھڙيون بُت بڻجي پنهنجي پُٽ کي ڏسي رهيا هئا.
اڙي نڀاڳا! پر ڀيڻ کي ڇو ماريو اٿئي؟! پڻس سڪتي واري حالت مان نڪرندي ۽ ڪجھ سوچيندي پُٽ کان پڇيو.
“بابا بُک لڳي هئي، ماني پچائڻ لاءِ چيو مانس.” هو سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. “مون کي ڪهڙي خبر ته مانڌاڻي جي ڌڪ سان ادي نباب مري پوندي!.. مون کي پوليس کان بچاءِ.”
اڙي نه رو... هاڻي ماٺ ڪر... ڪنهن پاڙي واري توکي ڏٺو ته ناهي نه!؟. پڻس جي من ۾ ڄڻ هڪ نئين منصوبي جاءِ والاري ڇڏي هجي.
نه بابا ڪنهن به ناهي ڏٺو.
چڱو هلو گھر .. ٻڌ! لاش ڪٿي پيو آهي. پڻس وري پڇيس.
بابا ڪوٺي ۾ اندر لاش کي رکي آيو آهيان. هن ڄڻ محسوس ڪري ورتو ته بابو ڪجھ ڪرڻ وارو آهي.
ٽئي تڪڙا تڪڙا وکون کڻندا گھر ڏانهن آيا. دلبر ڪوٺيءَ جو در کولي ڇڏيو. نواب جي ماءُ پنهنجي لاڏلي ڌيءُ کي ڏسي اوڇنگار ڏئي پار ڪڍڻ جي ڪئي ته سندس مڙس ڇڙٻ ڏئي روئڻ کان منع ڪيس.
بس ڪر... نه رو، روئيندينءَ ته ٻيڻو نقصان ٿيندو. ائين زال کي منع ڪندي ڌيءُ جي لاش مٿان اچي بيٺو. نواب خاتون جون اکيون کليل هيون، ڄڻ هوءَ پيءُ کي دانهن ڏيندي هجي ته“ بابا مون کي ادي با گناھ ماريو آهي.. بابا ڀائر ته ڀينرن لاءِ ٿڌڙي ڇانو هوندا آهن ۽ بابا ادا دلبر مون کي ڏاڍو زور سان ڌڪ هنيو آ... بابا مان ته تنهنجي لاڏلي ڌيءُ آهيان، پوءِ ڇو مون کي هينئن پٽ تي سمهاري نڌڻڪو ڪري رهيا آهيو”.
اڙي مانڌاڻي ڪٿي آ؟ پڻس پڇيُس.
بابا هوءَ کٽ هيٺان پئي آهي، کڻي ڏيانءِ.
نه مان پاڻهي کڻان ٿو.. ٻڌ نباب جي ماءُ ڌيئرون هونءَ به پرايو ڌن آهن، جڏا سڏا پٽ ڀلا آهن. پٽ اڃا زمانو ناهي ڏٺو. ان لاءِ نباب کي مارڻ جو ڏوھ مان پنهنجي سِر تي ٿو کڻان ته جيئن پٽ بچي پوي... ٻڌ جيستائين مان موٽي نه ٿو اچان تيستائين گھر ۾ ٻي ڪنهن به قسم جو گوڙ نه ڪجو.” يوسف، زال ۽ پنهنجي پٽ کي ائين چئي ٻاهر گھٽيءَ ۾ نڪري ويو. يوسف گھٽيءَ جو جائزو ورتو. هن کي مئٽرڪ ۾ پڙهندڙ وحيد کانسواءِ ٻيو ڪوبه نظر نه آيو.
“پٽ وحيد ڪٿان پيو اچين؟” يوسف وحيد کي کيڪاريو.
چاچا اسڪول کان پيو اچان. وحيد هٿ ڏيندي يوسف کي چيو.
اڄ سويل پيو اچين خير ته آهي نه؟ يوسف وري هن کان پڇيو.
چاچا شهر ۾ اڄ هڙتال ٿي هئي ان ڪري اسڪول به سويل بند ٿي ويو. ڇو چاچا توهان گھٽيءَ ۾ بيٺا آهيو. وحيد يوسف کان پڇيو.
پٽ گھر ۾ ڪير به ڪونهي، سڀ ٻنيءَ تي ويل آهن، گابي کي دوا پيارڻي آهي، گھٽيءِ ۾ ماڻهو پئي ڏٺم... پٽ وحيد هاڻي تون ئي هلي مدد ڪر. يوسف هلڪي مرڪ مرڪندي وحيد کي چيو.
وحيد يوسف جي پويان گھر اندر داخل ٿيو ۽ يوسف وحيد کي ڪمري ۾ اندر اچڻ لاءِ چيو.
پر چاچا، گابو ته ٻاهر بيٺل آهي. وحيد ڪجھ به سمجهي نه سگهيو.
پٽ دوا جي شيشي مٿي جاري ۾ رکيل آهي، اها لاهي ڏي ته گابي کي پياريون. يوسف ڪمري ۾ گھڙندي زال ۽ پٽ کي هٿ جي اشاري سان خاموش رهڻ جو اشارو ڪندي وحيد کي سڏ ڪيو.
وحيد ڪمري ڏانهن وڌڻ لڳو، هوڏانهن يوسف کٽ هيٺان پيل مانڌاڻي هٿ ۾ کڻي در جي اوٽ وٺي بيهي رهيو، وحيد جيئن ئي ڪمري ۾ داخل ٿيو ته يوسف پويان وار ڪندي مانڌاڻي وحيد جي مٿي ۾ وهائي ڪڍي، مانڌاڻي جو ڦرهو وحيد جي مٿي ۾ گھڙي ويو.
“امان مان مري ويس.” هڪ وڏي دانهن ڪمري جي ڇت سان ٽڪرائجي وئي.. وحيد پٽَ تي ڪري پيو.
“امان مون کي پاڻي ڏي.” وحيد جهيڻي آواز ۾ چيو ۽ هڏڪي ڏئي هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو. يوسف وحيد جي اڳٺ ۾ هٿ وجهي اڳٺ ڇوڙي هن جي سلوار لاهي ورتي. يوسف جا قدم وري پنهنجي ڌيءُ ڏانهن وڌڻ لڳا، پنهنجي ڌيءُ جو چولو مٿي ڪري اُرھَ ظاهر ڪري ڇڏيا. هڪ پيءُ پنهنجي نڪمي ۽ جواري پٽ کي بچائڻ لاءِ هڪ ڌيءُ جي سُٿڻ جي اڳٺ ۾ هٿ وجهي اڳٺ کولي، سُٿڻ لاهي کٽ هيٺان ڦٽي ڪري ڇڏي. ان منظر تي نه آسمان رنو نه ڌرتي ڌڏي. نه ماءُ ڳوڙها ڳاڙيا، نه ڀاءُ سڏڪا ڀريا... ها.. هن جي اگهاڙي جسم تي جيڪڏهن نظرون ڦريون ته سندس پيءُ جون... جنهن ڪڏهن جھولي ۾ سمهاري، الله هو الله هو ڪئي هيس... زال کي ننڍڙي نياڻي جو انگ ظاهر ڪرڻ تي مار ڏيندڙ يوسف جو نظرون سندس جوان ڌيءُ جي ننگي جسم تي هيون.
يوسف وڏي آواز ۾ ، “نه ويندين.... وٺوس..” جون رڙيون ڪرڻ لڳو... “ڪارو آهين ڪتي جاپٽ.... ڪارو آهين.” ۽ ائين نواب خاتون ڪاري بڻجي وئي... يوسف هٿ ۾ مانڌاڻي کڻي هڪ نظر ورائي پنهنجي ڌيءُ تي وجهي شهر وڃي ٿاڻي تي پيش پوڻ لاءِ زال کي چيو ۽ گھر کان ٻاهر نڪري ويو.
سڄي ڳوٺ ۾ ڪارو ڪاري جي خبر باھ وانگر پکڙجي وئي... سڄي ڳوٺ جا ماڻهو، عورتون ۽ ٻار به يوسف جي گھر ۾ گڏ ٿي چڪا... اڙي ادي هي ڇا؟؟. ڳوٺ جي هڪ عورت نواب جي ماءُ کان پڇيو.
اڙي ادي نواب ۽ وحيد کي پڪڙي وڌن... ائين چئي نواب جي ماءُ پنهنجا سڏڪا روڪي نه سگهي ۽ روئي پئي... “ها ادي منهنجي ڌيءُ ڪاري هئي.” هن ائين چئي پنهنجي ڌيءُ جي اکين ۾ ڏٺو.
......۽ نواب جون مئل اکيون ڄڻ ماءُ جي ان جملي تي روئي ويٺيون ، ڄڻ هن جون اکيون ماءُ کي چونديون هجن“ ته امان تون ئي ته ڄاڻِين ٿي ته مان ڪيڏي حياءَ ۽ عزت واري هيس. امان توکي ته خبر هئي ته مان ڇا هُيس. امان تون به بابي کي نه روڪيو؟ امان مان ته بي گناھ ماري وئي آهيان... مون کي ڀلي ماريو هان پر اهڙو الزام ته نه هڻو هان... جڏهن به ڪارو ڪاري جي ڳالھ نڪرندي ته منهنجو نالو به ورتو ويندو ۽ ان وقت منهنجو روح تڙپي اٿندو ۽ امان توکان پڇندو...ته تون خاموش ڇو رهينءَ... امان تو اُهي لفظ ڇو چيا؟ ڇو چيا اهڙا لفظ امان... جن لفظن منهنجي روح کي رنجايو آ... امان مان ڪاري ته نه هُيس.