ويھ ٿيون واٽون
ڪير آيو آهي ابا.
باب وڏيرو احمد خان.
ڇو آيو آهي؟
اهي برساتي ڏيڏر آهن بابا، وري اليڪشن اچڻ واري آهي نه، انڪري آيو هوندو.
پٽ اسان ووٽ هميشه وڏيري کي ڏيندا آيا آهيون، ڀلا هاڻي ڪيئن ڪنڌ ڪڍائينداسين.
بابا وڏيرن اسان کي ڪهڙو فائدو ڏنو آهي، سدائين بُکيو ۽ بيروزگار رکيو اٿن. گذريل اليڪشن اوهان وڏيري کي ووٽ ڏنو هيو نه بابا؟
ها ڏنو هيومانس.
بابا! اوهان کي ياد آهي؟ اليڪشن کٽڻ کان پوءِ ويو، وڏيري اوهانکي ڇا چيو هيو؟
ها پٽ مون کي چڱي ريت ياد آهي، چيو هئائين ته “تو ووٽ مون کي ڏنو ئي ڪونه هيو.”
توکي دڙڪا ۽ گاريون ڏنيو هيائين نه بابا؟!
ها پٽ!
پوءِ بابا اڃا به ووٽ انهيءَ کي ڏيندين؟!
ڀلا ٻيو ڪنهن کي ڏيون؟ آخر وري به برادري جو چڱو مڙس آهي.
برادريءَ جو! هونهن.........
پٽ در لنگهي آيو آهي، اڳيون ڳالهيون ياد ڇو ڪجن.
بابا توکي چيم نه.... ته اهي برساتي ڏيڏر آهن، موقعي تي نڪري پنهنجي اٻوجھ ماڻهن کي لاهيون چاڙهيون ٻڌائي ووٽ وٺي جڏهن ڪرسي تي ويهندا آهن، پوءِ دڙڪا، گاريون ڏيڻ، ڌاڙا هڻائڻ ۽ ٿاڻن تي پنهنجي مخالفن کي ڪُٽرائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪم نه هوندو اٿن. ۽ پوءِ سڃاڻيندا به نه آهن.
ابا........ابا ڪجھ سمجھ ڪر، ڏاهو ٿي، مان وڏيري جو اُهو احسان مرندي گھڙي تائين لاهي نه سگهندس.
اهو احسان بابا نه ؟ جيڪو وڏيري چوري ٿيل مينهن موٽرائي ڏني هئي.
ها ابا اهيو احسان.
پر بابا توکي خبر ڪونه آهي ته اها مينهن ڪنهن چوري ڪرائي هئي؟
نه ابا! ڀلا چوري ڪير ڪرائيندو، اسان جي ڪنهن سان دشمني؟
ها بابا! اسانجو دشمن اسانجي گھر ۾ ويٺو آهي، اهو آهي وڏيرو احمد خان، جنهن اسان جي مينهن چوري ڪرائي هئي.
ابا ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ڀلا علي محمد جي نياڻي جو وڏيري موٽرائي هئي، اها به........
ها بابا، اها به وڏيري کڻائي هئي.
پر پٽ وڏيرو ڏسڻ ۾ اهڙو ته نه آهي.
بابا ٽُوھَ ڏسڻ ۾ سهڻا هوندا آهن، پر کائڻ ۾ ڪڙا. بزدل ماڻهو پاڻ نه وڙهندو آهي، پر ٻين کي استعمال ڪري انتقام وٺندو آهي ۽ اسان جي هر وڏيري جو اهو ڪم آهي.
پٽ اسان سان وڏيري جي ڪهڙي دشمني؟
بابا طبقاتي دشمني آهي.
اها وري ڪهڙي دشمني آهي پٽ؟
بابا هي لٺين ۽ ڪهاڙين واري دشمني نه آهي، هي اها دشمني آهي ته هاري جو پٽ هاري رهي، مزدور جو پٽ مزدور، ڇو ته هو اهيو نه ٿا چاهين ته هاري جو پٽ پڙهي وڏو ٿئي ۽ اسان جي سلامي کان هليو وڃي، بابا اوهان ئي ته چوندا آهيو ته مون کي جڏهن اوهان اسڪول ۾ ويهاريو هيو ته وڏيرو ڪاوڙجي پيو هيو، اوهان کي چيو هئائين ته ڇورو پڙهي ٿيندئي خراب.
ها ابا ياد آهي.
بابا وڏيرن اسان مسڪينن ۾ نفرتون وجهي هڪٻئي کان جدا ڪيو آهي، ويڙهايو آهي، هڪ ٻئي جو دشمن رکيو آهي، اهي اٽڪلون آهن، بابا اسان کي ڪمزور ڪرڻ جون.
پٽ سچ ٿو چوين، مون حيرت وچان وراڻيو، پر پٽ اهو سمجھ ۾ نه آيو ته وڏيري منهنجي مينهن جي چوري ۽ علي محمد جي ڌيءُ ڇو کڻائي هئي؟
هڪ ووٽ خاطر بابا! .
ووٽ لاءِ !؟ سو ڪيئن!؟ اڃا مون کي سمجھ ۾ نه آيو فاضل پٽ؟!
بابا گذريل ووٽن ۾ چاچي علي محمد ۽ اوهان وڏيري واري پارٽيءَ کي ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هونه؟ ۽ بابا وڏيري ووٽ خاطر اسانجي چوري ڪرائي ۽ چاچي علي محمد جي عزت تي هميشه لاءِ داغ هڻائي ڇڏيو.
پر پٽ ان مان وڏيري کي ڇا مليو؟
بابا ووٽ مليس ٻيو وري ڇا؟
اهو ڪيئن پٽ مان حيرت ۾ پئجي ويس ۽ سمجھ ۾ نه پيو اچي ته وڏيرو اهڙو به ٿي سگهي ٿو.
ٻڌ بابا، وڏيري اسان جي مينهن چوري ڪرائي ، ڳوٺ جي نياڻي کڻائي. وري توتي ۽ چاچي علي محمد تي اهو احسان ڪيو جو ٻئي شيون اوهان کي مليون، پر اهيو احسان نه هيو، اها اسان جي عزتن سان راند هئي، اهيو اسان جي پٽڪن ۾ هٿ هيو، اهيو اسان جي لڄن جو لوڙهو لتاڙيل هيو ۽ اوهان ان کي احسان سمجهي وڏيري کي ملائڪ سمجهيو ۽ ان احسان جي بدلي اوهان وڏيري تان جان قربان ڪرڻ جا واعدو ڪيا، ڀري ڪچهري ۾…….. ۽ پوءِ ووٽ ته ..........
خسيس ووٽ لاءِ؟
بابا! ووٽ کي اسان جو عام ماڻهو خسيس سمجهي ٿو، پر اهو ووٽ تمام گهڻو قيمتي آهي، خاص ڪري اسان جهڙي وڏيري لاءِ جيڪو ووٽ وٺي سڀني تي حڪمراني ڪندو رهيوآهي.
مان فاضل جون ڳالهيون ٻڌي ائين محسوس ڪيو، ڄڻ منهنجي اکين ۾ هڪ نئين روشني چمڪي پئي آهي، واقعي فاضل سچ ٿو چوي مون دل ئي دل ۾ چيو.
بابا! وڏيرا سنڌ وطن لاءِ مٺو زهر آهن، مٺو زهر اهڙو هوندو آهي بابا !... جيڪو انسان جي اندر کي آهستي آهستي موت جي منهن ۾ ڌڪيندو ويندو آهي. بابا اسان کي انهن مان پنهنجي جان آزاد ڪرائڻي آهي.
اهو ڪيئن پٽ؟ مون تعجب وچان چيو.
بابا اسان ۾ جيڪي هڪٻئي لاءِ نفرتون پيدا ڪيون ويون آهن، اسان کي هڪ ٻئي جو دشمن رکيو ويو آهي، جيسيتائين اهي سڀ دشمنيون، ڏک، سور وساري، اسان ٻڌي نه ڪنداسين، تيستائين اسان جي نجات نه ٿيندي، هي اسان کي ڦريندا، لٽيندا، ماريندا رهندا، بکيو ۽ اگهاڙو رکندا ايندا ۽ اسان کان جيئڻ جو حق کسي اسان کي پنهنجن گهرن مان ئي لوڌي ڪڍي ڇڏيندا.
پٽ ! بس مان وڏيري کي ووٽ نه ڏيندس، سُڪو جواب ڏيندومانس.
اهو بهتر فيصلو آهي بابا! پر اڪيلي سِرَ جو اهڙو فيصلو ڪارگر نه ٿيندو، ان لاءِ ڳوٺ وارن سان ملي ڪري ٻڌي ۽ طاقت گڏ ڪري، پوءِ اهڙا فيصلا ڪرڻ گهرجن.
پٽ! پوءِ ان جو ڪو رستو ڪا راھ؟
بابا جڏهن سنڌ جي هر پورهيت جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ محبت هوندي ۽ جڏهن محبت پيدا ٿيندي تڏهن ٻڌي اسانجو ساٿ ڏيندي ۽ بابا دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت به پورهيتن جي ٻڌي کي جهڪائي نه ٿي سگهي. بابا چين ملڪ ٻڌو اٿئي نه؟
ها پٽ ريڊيو ۾ ٻڌو آهي.
بابا چين ملڪ ۾ اتان جي هارين، جيڪي اڳ ايترو آفيم کائيندا هيا، جو کين گهر جي به خبر نه هوندي هين، ٻه روپيا ڪمائيندا هيا ته صرف آفيم لاءِ. اُتِ به ظلم هيو، هارين مٿان وڏيرن جو ۽ وڏيرا اهيو نه چاهيندا هيا ته هتان جا هاري هوشيار ٿين، جنهن ڪري هنن آفيم ۽ ٻيون نشي واريون شيون ڳوٺن تائين پهچائي ماڻهن کي عادي بڻائي ڇڏيو ۽ نتيجي طور اتان جي ماڻهن جي تقدير جا وارث انسان دشمن بڻجي ويا. جيئن هتي آهي بابا.
پوءِ ڇا ٿيو پٽ؟ مون تڪڙ ۾ پڇيو.
بابا پوءِ اتِ هڪ عظيم انسان جنهن جو نالو مائوزيتنگ هيو.
ابا ڪهڙو نالو؟!!
مائوزيتنگ.
پٽ اهڙا نالا به آهن ڇا؟
ها بابا، هر ملڪ ۾ ڌار ڌار ماڻهن جا نالا آهن.
هائو!! مون تعجب وچان چيو.
بابا پوءِ هن سوچيو ته اسان غريب ڇو آهيون، جڏهن ته هاري سڄو سال محنت ٿو ڪري، پوءِ به هو بُک ۾ سڙي ٿو، ڇو؟ ۽ بابا پوءِ دنيا وارن ڏٺو ته سڄي چين ملڪ ۾ ٿرٿلو مچي ويو، وڏيرا ڀڃڻ لڳا، توهان جهڙن هارين، دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو ته اسان به وڙهي سگهون ٿا. بابا اوهان پورهيت دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت آهيو. توهان کي ڪوبه جهڪائي نه ٿو سگهي.
مان ڪو به جواب نه ڏئي سگهيس، پنهنجي پٽ جي منهن کي چتائي ڏسي رهيو هيس، جيڪو مون کي ائين سمجهائي رهيو هيو ڄڻ هو مونکان به گھڻو وڏو هجي، پر هو ته واقعي مون کا گھڻو وڏو هيو، مان پاڻ کي پنهنجي پٽ اڳيان ننڍو محسوس ڪرڻ لڳس. بس ايترو چيو مانس ته ابا آمريڪا به آهي نه.
ها بابا آمريڪا، جيڪا ڪڏهن به نه چاهيندي آهي ته ڪٿي پورهيت جدوجهد ڪري پنهنجو حق وٺن، هو مذهبي طور تي به وڙهندي آهي، جيئن اتان جا ماڻهو مذهب جي آڙ ۾ ڦربا ۽ لُٽبا رهن..
وڃ !!!! وڏو ڪو بدمعاش ملڪ چئبو؟
بابا آمريڪي حڪمرانن جي ٻين ملڪن لاءِ ساڳي پاليسي هوندي آهي، پوءِ اهو حڪمران ڪهڙي به جماعت جو هجي. اتان جا حڪمران ايترا ته ظالم نڪتا جو، ويٽنام...... ويٽنام بابا هڪ ننڍڙو ملڪ اهي، ان ملڪ جا هاري ۽ مزدور جڏهن وڏيرن ، سرمائيدران ۽ ڌارين خلاف وڙهي رهيا هئا ته آمريڪا ڪيترائي بم انهن مٿان ڪيرائي ڪيترن ئي ماڻهن کي مارايو هو، پڇاڙي ننڍڙن ٻارن کي مارائڻ لاءِ آمريڪا جهازن وسيلي رانديڪا اڇلائي ٻارن کي ماريو.
رانديڪا!!
ها بابا! رانديڪا ! ... جن رانديڪن ۾ بم هيا، جيڪو به ٻار رانديڪو کڻندو هيو ، بم ڦاٽي پوندو هيو ۽ ڪافي ٻار شائين مري ويا.
پر ويٽنام جي ماڻهن پوءِ به همٿ نه هاري، جدوجهد ڪندا رهيا ۽ آخر فتح حاصل ڪري آمريڪي فوج کي پنهنجي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو.
اهڙي بدمعاش کي اهڙي ئي سيکت ملي ها اها واقعي ٻڌي چئبي! واھ
بابا! جڏهن آمريڪا جي فوج پنهنجي ملڪ ۾ ساھُ پٽيو ته اتان جي اخبار وارن، فوج جي سربراھ کان سوال پڇيو ته“آمريڪا وٽ هيڏا هٿيار، بم ۽ بارود، هيڏي ساري تربيت يافته فوج هوندي به هڪ ننڍڙي ملڪ جي ماڻهن شڪست ڏني؟ ته بابا ان فوجي سربراھ انهن کي اهيو جواب ڏنو ته اسان جا ائٽم بم، توبون جهاز، هنن جي طاقت اڳيان ڪجھ به نه هيا ۽ انهن جي طاقت هئي ٻڌي” سو بابا ٻڌيءَ ۾ ايڏي وڏي طاقت آهي.
پٽ ايتري ته خبر آهي ته ٻڌيءَ ۾ وڏي طاقت آهي..... پٽ پوءِ وڏيري ڏي ....؟
بابا. تون وڏيري وٽان ٿي اچ ته هو ڇا ٿو چئي.
ابا اهڙيون ڳالهيون ٻڌايون اٿئي جو وڏيري ڏي وڃڻ لاءِ روح ئي نٿو چوي.
نه بابا اوهان ٿي اچوس، ٻڌوس ته ڇا ٿو چئي؟
چڱو ابا! تنهنجي مرضي، ٻه چار مانيءَ جا گرھ کائي، وڏيري جي اوطاق تي پهتس، اوطاق ۾ اندر گوڙ هيو.
آءُ توهان سڀني کي ڏسندس، توهان مون سان غداري ڪري، سک جي ماني کائي نه سگهندؤ. اهي لفظ وڏيري احمد خان جا هيا، جيڪو اوطاق ۾ ويٺل هارين کي چئي رهيو هيو، مون کي ڳالھ سمجهه ۾ نه آئي ته وڏيري جي ڪاوڙ ڇو آهي؟ ۽ ڪنهن تي آهي. مون تي نظر پوندي وڏيري چيو. “ميان الھ بخش راڄ جي ماڻهڻ جو مٿو ڪنهن خراب ڪيو آهي؟ ڪهڙو نانگ سنگهي ويو اٿن جو منهنجي حڪم جي نافرماني ٿا ڪن؟”
ڀوتار سائين! مون کي ڪا خبر ناهي، ته ڪهڙي ماجرا آهي، مون وڏيري احمد خان کي هٿ ڏيندي چيو.
ڏس الھ بخش! اسان هڪ اهڙي پارٽي ٺاهي آهي جنهن جو مقصد اهيو آهي ته اسان جي قوم ۾ ڪو غريب نه رهي، ڪو ڏکيو نه رهي، پر هي ته الائي ڇا مان ڇا ٿا چون.
رئيس پارٽي!
ها الھ بخش اسان چاهيون ٿا ته پاڻ ۾ ٻڌي ٿئي، ڪو ٻيو اسان سان نه وڙهي، اسان مضبوط هجون، ٻيو ڇو اسان جي قوم ۾ هٿ وجهي، اها پارٽي اسان جي قوم سان ٻڌل هوندي، ۽ نالو به پنهنجي ئي قوم تي رکيو اٿئون. پر هي ته جهڙو ڄٽ ئي ڄٽ رهيا، مون سڀني جا فارم ڀري ڇڏيا آهن، پر هي صحيح ڪرڻ ۾ عيب محسوس ڪري رهيا آهن، الھ بخش اچي هي فارم وٺ تون به صحيح ڪر. وڏيري فارم مون ڏانهن وڌائيندي چيو.
مان سوچ ۾ پئجي ويس واقعي وڏيرو سچ ٿو چئي پٽ فاضل به ته ٻڌي لاءِ چيو هو. ڀوتار سائين! هي ته سٺو ڪم آهي.
ها الھ بخش! پر هي الائي ڇو چپ ڪيون ويٺا آهن ۽ صحيحون ڪرڻ کان انڪار ٿا ڪن!؟ سو به منهنجي حڪم جو انڪار!!؟.
رئيس خبر ناهي هي ائين ڇو ڪري رهيا آهن؟ منهنجي انهيءَ جملي چوڻ کان پوءِ ڪافي ماڻهن مون کي غور سان ڏٺو.
سائين آءُ پٽ سان صلاح ڪري اچان. مون کي ڳالھ سمجهه ۾ اچي وئي ۽ وڏيري کي چيم.
الھ بخش اهي ڪاليجن ۾ ڇوڪرا پڙهن ٿا، سو ڳالهيون ئي ٻيون ٿا ڪن.
وڏيرا ڪهڙيون ڳالهيون ٿا ڪن؟؟
ڪُفر جون ٻيو وري ڪهڙيون؟ چون ٿا ته الله ملڪيت ڪنهن کي ناهي ڏيندوآهي، جيڪي ملڪيت جا مالڪ بڻيا آهن،اهي ماڻهن جا حق ڦٻائين ٿا. الله وٽ هڪجهڙائي آهي. ڏس نه الھ بخش ڇورن جا ڪم!؟ الله جي مرضي خلاف ٿا هلن. چيو هيو مانءِ ته ڇوري کي نه پڙهاءِ پر تو ڪيو ضد ۽ تنهنجو پٽ به ڪندو هوندو ڪفر جو ڳالهيون.
مون تي ڪاوڙ چڙهي ويئي، واقعي هي ڇورا الله جي ڳجھ ۾ ٿا هٿ وجهن، خدا جنهن کي ڏئي ان جي مرضي، جي نه ڏي هو مالڪ آهي، هن کان ڪير پڇڻ وارو آهي ئي ڪونه. اهيو سوچي گھر آيس.
فاضل تون خدا جي خلاف آهين؟ مون ڪاوڙ وچان پڇيو.
ڪير ٿو چئي بابا!؟
وڏيرو چئي پيو ته شهر ۾ جيڪي پڙهن ٿا اهي الله جي خلاف آهن.
بابا اهو ته نسورو ئي ڪوڙ آهي.
ڀلا ائين چئو ٿا ته خدا ڪنهن کي امير ڪنهن کي غريب ڪونه ڪندو آهي؟
ها بابا بلڪل.... اهو ته سچ آهي.
ته پوءِ وڏيري جي ڳالھ سچي آهي نه؟
بابا وڏيرو سچ ڪڏهن به نه ڳالهائيندو آهي.
ڏس پٽ فاضل ! خدا جنهن کي امير ڪري يا غريب، اها ان جي رضا آهي.
بابا! ائين نه آهي. هت روز سوين ماڻهن جا حق کائڻ وارا، سوين راڪاس وڏيرن ۽ سرمائيڪارن جي روپ ۾ موجود آهن، هو محنت نه پر حرام خوري ڪن ٿا.
پر وڏيري احمد خان ته محنت ڪري ٻنيون ڌاريون آهن.
بابا وڏيري تنهنجي ۽ ٻين هارين جي نالي زمينون کڻي تنهنجا ۽ ٻين جا حق ڦٻايا آهن. اها محنت آهي يا ظلم؟! محنت ته توهان هاري ڪريو ٿا. سڄو سارو سال نانگن بلائن ۾ ٿا گذاريو، لوڙيو ٿا، پوءِ خدا اوهان کي ايڏي محنت جو اجورو بک ۽ بدحالي ڇو ڏيندو؟
اها خدا جي مرضي آهي، هونءَ به خدا پنهنجي ٻانهن کي آزمائيندو آهي.
بابا اهي بنياد پرست جنوني ماڻهن جون هٿ ٺوڪيون ڳالهيون آهن، ڏوھ هن معاشري جي نظام ۽ ان کي هلائڻ وارن ،ڀوتار احمد خان جهڙن ماڻهن جو آهي، جنهن جا رکوالا هتان جا ملان، پير، مير، وڏيرا ۽ سرڪاري عملدار آهن، هو پورهيتن جي اکين تي ڪاري پٽي ٻڌڻ لاءِ اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪندا آهن، اهي سڀ بهتر سوچ جا قاتل آهن، بابا! اوهان پنهنجي هن عمر تائين، ڪنهن واعظ کي واعظ ڪندي ائين چوندي ٻڌو آهي ته “ هي زمين ان جي آهي جيڪو ان کي کيڙي ٿو.”
نه ٻچا! نه بلڪل نه . مان سوچ ۾ پئجي ويس واقعي فاضل به سچ چوي ٿو.
بابا وڏيري ڇو گهرايو هئي؟
پٽ چيائين پئي ته اسان هڪڙي پارٽي کولي آهي، جيڪا اسان جي قوم جي نالي آهي ان ۾ شامل ٿيو.
ڇا ؟ صرف هڪ ذات لاءِ پارٽي بابا. اهيو ڪم اسان سنڌين سان دشمني وارو آهي.
پٽ تون هيڏانهن به آهين هوڏانهن به.
اهو ڪيئن بابا؟
اڳ ۾ چئين پيو ته ٻڌي ڪريو ۽ هاڻي وڏيرو چئي پيو ته تون انڪار ٿو ڪرين.
بابا! جيڪڏهن هر ذات وارا ائين ئي پارٽيون ٺاهي پنهنجي ذات کي قوم چئي ،مشهور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان وري گھڻيون صديون پوئتي موٽي وينداسين، دنيا اڳتي وڌي رهي آهي ۽ اسان جا وڏيرا اسان کي پوئتي ڌڪي رهيا آهن، ايترو پوئتي جڏهن هڪڙو ماڻهو قبيلي تي حڪم هلائيندو هيو ۽ هاڻي هتان جو وڏيرو اهو ئي چاهي ٿو ته اسان نئين ڄار ۾ پنهنجي ذات جي ماڻهن کي ڦاسائي، حڪم هلايون، ماريون، لٽيون ۽ ڦريون. بابا هي سوين هزارين ماڻهن مٿان نئين ڦاهي آهي.
بابا اسان جي ذات قوم نه آهي، ڪو حجم، ڪو ڊکڻ قوم نه آهي، ڪو ميربحر، ڪو مشوري قوم نه آهي، ڪو چانڊيو، ڪو مري قوم نه آهي، اهي سڀ ذاتيون ملي هڪ قوم ٺهي آهي، اها آهي سنڌي قوم. سنڌي قوم هڪ آهي، اسان جي ٻولي هڪ آهي، اسان جي سنڌ هڪ آهي، ته پوءِ هي ذات پرستيءَ واريون ڳالهيون اسان کي ننڍڙن ننڍڙن ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي خطرناڪ سازش آهي.سموري قوم لاءِ ڪم ڪجي، جنهن ۾ لکين هزارين ذاتيون اچي وڃن ٿيون.
پٽ هاڻي ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي.
ها بابا، هي ويھ واٽون ٿيون آهن، هي وڏيرا اسان کي جدا جدا واٽن تي هلائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن، پر اها انهن جي ڀل آهي، اسان جي هڪ واٽ آهي، اسان هڪ واٽ تي هلڻ سکي ورتو آهي.
پٽ! اها ڪهڙي واٽ آهي.
بابا! اها واٽ سچ جي ساٿ واري واٽ آهي. بابا اوهان فارم موٽائي ڏئي اچو، پوءِ ٻڌايانوَ ٿو ته اهڙي عمل ڪرڻ سان اسان ماڻهو ڇا هارائينداسين ۽ ڇا وڃائينداسين، هي اهو ڪڌو ڪم آهي، جنهن مان قوم کي ڪنهن به قسم جو قائدو نه ملندو.
مان فارم کڻي اوطاق تي پهتس.
الھ بخش پڇي آئين ڇوري کان؟ اوطاق ۾ گھڙندو ڏسي وڏيري پڇيو.
ها ڀوتار.
ڇا چيائين؟
ڀوتار اسان فارم ڪونه ڀرينداسين. فاضل چوي ٿو ته ذات پرستيءَ هڪ لعنت آهي، اهڙو عمل قوم جا سڄڻ نٿا ڪري سگهن، اسين هڪ آهيون، هڪ قوم آهيون.
وڏيري جو منهن ٽامڻي هڻي ويو. الھ بخش سٺو نٿا ڪيو، آءُ توهان سڀني کي ڏسندس، ۽ ان جو نتيجو اوهان سڀ خراب ڏسندؤ.
ڀوتار! اڳ اوهان اسان کي ڪهڙو سک ڏنو آهي، جو هاڻ ڏيندؤ؟ اسان پنهنجي اڇي ڪاري جا پاڻ وارث بنجڻ لاءِ نڪرون ٿا، پوءِ جيڪو ڪجھ ٿيو ان سان به منهن ڏينداسين. مون پنهنجي اندر ۾ ويٺل وڏيري جي خوف کي ڀڄائي ڇڏيو
اسين وڏيري احمد خان جي اوطاق مان هڪ ئي فيصلو ڪري اٿياسين ۽ وڏيري جو منهن جوش ۾ ڳاڙهو ٿي ويو.
تاريخ.28 آڪٽوبر 1982 نصيرآباد.