اندر ڪارو ڪانءُ
هن جي ٻي خوبي اها به هوندي هئي ته هو ڪنهن به ننڍڙي ڳالھ کي پنهنجي اتم ۽ ڪمال جهڙي ٽڪڻ اندر موجود ميڄالي ۾ هٿ ٺوڪي ڳالھ ٺاهي ان کي تمام گهڻو وزندار بڻائي، پنهنجي گول مول وات اندر ان بي تُڪي ڳالھ کي ڦيرائي ڦيرائي ايڏي اشتهار بازي ڪندو جو شهر جا اڪثر ماڻهو چوڻ تي مجبور ٿيندا آهن ته “افسوس اهو ماڻهو آفيسر ڪيئن ٿيو؟ ان کي ته دهلاري ٿيڻ گهربو هو” اڪثر حالتن ۾ هو هٿ ٺوڪيو اهڙو ته پڙهو ڏيندو هيو جو شهر جا نامي گرامي، طبلچي ۽ دهلاري ٻانهون ٻڌي هن کان پنهنجي جان ڇڏائڻ ۾ پورا ٿي ويندا هئا.
انهيءَ آفيسر جي هڪ سؤٽ جو قول آهي ته “ مها سياڻن جا ڇھ قسم ٿيندا آهن.هڪڙا مها سياڻا پِتل جا، ٻيا اسٽينل اسٽيل جا، ٽيان لوھ جا، چوٿان ڪاٺ جا، پنجان مٽيءَ جا ۽ ڇَهان مها سياڻا ڪوئلي جا. اهڙن مها سياڻن جي الماريءَ ۾ پيل هي ماڻهو ڇهين نمبر واري مها سياڻن جي سٿ ۾ شامل آهي. جيڪو ان کي هٿ لائيندو،ان جو هٿ به ڪارو ٿيندو، جيڪو ان سان ڀاڪر پائيندو، اهو منهن سميت ڪارو ٿي ويندو.”
باوجود اهڙن لقبن جي هو پنهنجي ڌن ۾ مست هاٿيءَ وانگيان گهمندو ڦرندو رهندو آهي ۽ هر شام شهر جي ڪنهن نه ڪنهن خالي صندل تي ويهي پنهنجي ٽڪڻ ،مالشي حوالي ڪري،مالش ڪرائيندو آهي.اڪثر هو پنهنجي والد ماجد مرحوم جا ٻه چار قول، مالشي يا ڀَرَ ۾ ويٺل ڪنهن اڻ واقف کي ٺونشي وانگيان دون ۾ وهائي ڪڍندو آهي.
هو اڄ شهر جي ڪنهن به چؤڪ، صندل يا ڪنهن بئنچ تي مالش ڪرائيندي نظر نه آيو، نه ئي ڪنهن مانڊڻي تي ويهي ڳالھ مان ڳالھوڙو يا ڪنهن جي گلا ڪندي نظر آيو، شايد ان ڪري جو سڄو ڏينهن برسات وسندي رهي يا اڄ هو ڪنهن سماجي مِشن تي ٻاهر ويل هو!!؟
ڏينهن رات جي برسات وسڻ بعد آءُ صبح جو پنهنجي اليڪٽرڪ جي دوڪان کي کولي وڃي ويٺس. پکن ٺاهڻ واري مستري مونکي غور سان ڏسندي بئنڪ آفيسر بابت پڇا ڪئي“ توهانجي سماجي تنظيم جو ميمبر آهي نه !؟ ان کي ڀلا ميمبر ڪنهن بڻايو هو؟”
هو نه صرف ميمبر آهي پر اسان جي سماجي تنظيم جي هڪ اهم عهدي تي به هن سال چونڊجي آيو آهي...شهر جي گريجوئيٽ ميمبرن هن کي ووٽ ڏيئي چونڊيو آهي.باقي رهيو ميمبر ڪرڻ وارو سوال، ان جو جواب هي آهي ته ان کي ميمبر مون ئي بڻايو هئو.مون فخر وچان پکن ٺاهڻ واري مستريءَ کي جواب ڏنو.
“ افسوس آهي سائين اوهان تي ۽ اوهان جي پڙهيل ماڻهن تي جنهن ان کي ووٽ ڏئي پنهنجي تنظيم جو عهديدار بڻايو، هڪ اهڙي تنظيم جو جنهن جو ڪم سماج مان برائيءَ جي پاڙ پٽڻ آهي.اهڙي تنظيم جو اهو ماڻهو ميمبري جي لائق به ناهي” مستريءَ نفرت جو اظهار ڪندي مون کي چئي ڏنو.
ڇو؟ هو مالياتي اداري ۾ آفيسر آهي...........
“ڌوڙ پئي اٿس منهن ۾...... جيڪڏهن اوهان جا عهديدار اهڙا آهن ته پوءِ هن شهر ۾ جڪو سماجي سڌارو ايندو، سو ڏيھ ڏسندو! سائين ڪجھ ڌيان ڌريو! اهڙي قسم جا ماڻهو ته ميمبر نه ڪريو،جيڪي خود هن سماج ۾ برائيءَ جون پاڙون آهن، جيڪي پاڻ هن سماج لاءِ هڪ وڏو عذاب ۽ ٻوجھ آهن.” مستري پڪڙ سان تار کي وٽيندي چيو.
مستري آخر ڪهڙو سبب آهي جو تنهنجي ڪاوڙ اسان جي عهديدار مٿان لهي ئي نٿي.؟ هُن اهڙو ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟ جو هو سماج لاءِ عذاب ۽ ٻوجھ بڻجي ويو آهي؟
ڇڏيو سائين!! ڄڻ اوهان کي ڪابه خبر ئي ناهي؟
نه واقعي مونکي ڪابه خبر نه آهي.مون پنهنجي حيرت جو اظهار ڪيو.
هو هر رات شراب پي نشي ۾ ڌُتَ ٿي پاڙي وارن کي گاريون ڏيندو آهي؟ اها ته اوهان کي خبر ضرور هوندي.
نه استاد مان ان ڳالھ کان بلڪل اڻ واقف آهيان.
ڀلا هيءَ ته اوهان کي ڄاڻ هوندي ته هو جواري آهي ؟
ها اها ڳالھ ٻڌندو آهيان پر مون اُن کي ڪڏهن جوا کيڏندي ناهي ڏٺو.
اوهان جوا کيڏو ته ان کي ڏسو نه!؟ ..... رات به هُن هڪ لک کان مٿي رقم جوا ۾ هارائي آهي.
واقعي!!!!!
“ها .... اها ته اوهان کي به خبر نه هوندي ته اوهان جو عهديدار هم جنس پرست آهي؟ جڏهن ته هن کي ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن.”
هو شادي شده آهي، ٻارن ٻچن جو پيءُ آهي.اها ضرور خبر اٿم پر هو هم جنس پرست به آهي، اها خبر تنهنجي واتان ٿو ٻڌان. مستري اڳيان مون پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ مناسب سمجهيو.
“پوءِ اوهان جو ڏوھ ناهي، لڳي ٿو ته کوڙي کي ئي گهمرو آهي.” مستري پنهنجي جذبن کي روڪي نه سگهيو.
مستري خيال سان ڳالهاءِ، جذباتي نه ٿيءُ، مان صبر سان تنهنجو سڀ ڪجھ ٻڌان پيو ان جو اهو مطلب ٿورئي آهي ته تون اچي ڳچيءَ ۾ پئه. مون ٿوري ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
“جذباتي نه ٿيان سائين!؟ مان اڻ پڙهيل ۽ جاهل ضرور آهيان پر اوهان وارو پڙهيل لکيل عهديدار وڏو جاهل آهي. اوهان کي خبر آهي ته هن وسندڙ برسات جي رات ڪهڙو سماجي ڪم ڪيو آهي؟”
نه مونکي ڪا به خبر ناهي استاد. مون حيرت وچان چيو.
ٻڌو سائين! مستري پنهنجي ڪم کي ڇڏي مونسان مخاطب ٿيو“هر رات پنهنجي گهر ڀاتين کي گاريون ڏيڻ هن جو روز جو ڪم آهي پر رات جنهن وقت برسات وسي رهي هئي، بجلي به بند هئي، ان وقت اوهان جي سماجي ڪارڪن رات جو ٻين وڳي ڌاران، رات جي اونداهيءَ ۾ ،پنهنجي امڙ کي وارن کان جهلي اڱڻ تي گهلي موچڙا هنيا آهن! .... ۽ پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن کي گاريون ڏيئي ،گهر مان ڪڍي ڇڏيائين، جيڪي پنهنجي مائٽن جي گهر روئنديون ويون. هُن رات سڄو پاڙو پاڻ تي کلايو آهي. افسوس آهي جو اهڙو ماڻهو اوهان جو ميمبر آهي !! اهڙي قسم جو ماڻهو سماج کي ڪيئن سڌاريندو؟” پکن ٺاهڻ واري مستري ڄڻ منهنجي منهن تي گهروڙي ڀونڊو ڏيئي ورتو.
اهڙي ڳالھ ٻڌڻ بعد مونکي دوڪان تي ويهڻ ۾ مزو نه پئي آيو، دوڪان تان اٿي پنهنجي سماجي تنظيم جي صدر وٽ آيس ۽ پکن ٺاهڻ واري مستريءَ پاران گهروڙي ڏنل ڀونڊو جيئن جو تيئن ، پنهنجي اڳواڻ اڳيان پيش ڪيو. صدر صاحب ڪي گهڙيون ماٺ رهيو.
هُن جي ڀينرون اڄ صبح ساجهر گهر اچي، مون کي روئي دانهن ڏئي ويون آهن. صدر صاحب خاموشي ختم ڪندي چيو“ اِهو اُن جو ذاتي ڪردار ۽ مامرو آهي، جنهن سان اسان يا اسان جي تنظيم جو ڪو به واسطو نه آهي، سماجي تنظيم ڪنهن جي ذاتي ڪردار سان ٻڌل ناهي.”
پر صدر صاحب هر فرد جو هر تنظيم اندر ذاتي ڪردار تنظيم لاءِ ايترو ئي اهم آهي، جيترو جسم لاءِ ساھ. اهو شخص ڪهڙو سماجي انقلاب آڻي سگهي ٿو، جنهن جو ڪردار خود سماج لاءِ هڪ سوال هجي؟ اهڙو شخص ڪنهن ٻئي جي ماءُ جو ڪهڙو احترام ڪندو؟ جيڪو پنهنجي ماءُ کي وارن کان جهلي اڱڻ تي گهلي گهر مان ڪڍي ڇڏي ٿو، ان قسم جو ماڻهو ٻين جي ڀينرن جي ڪهڙي عزت ڪندو؟ جيڪو پنهنجي ڀينرن جي بي عزتي ڪري ٿو. اهڙو شخص سماج سڌارڪ نٿو ٿي سگهي، پر اهڙي قسم جو ماڻهو سماج سڌارڪ تنظيم جي ٻين ميمبرن جي منهن تي به موچڙو آهي، ملامت ۽ بدنامي جو نه مٽنجندڙ داغ آهي. مون پنهنجي جذبن کي صدر صاحب اڳيان ظاهر ڪيو.
“ تنهنجو دماغ خراب آهي، تون هميشه بيوقوفن واريون ڳالهيون ڪندو آهين، اهي تنهنجون ڳالهيون تنظيم اندر ڀڃ ڊاھ ڪنديون ۽ لڳي ٿو ته تون هاڻي تنظيم اندر ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهين.” صدر صاحب ڇنڊ پٽيندي چيو. “ وڃ بابا وڃي پنهنجي ڪم سان ڪم رک، تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي ڪنهنجي ذاتي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جو؟”
اي سماجي تنظيم جا صدر صاحب!!! اها پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان غداري آهي، مون کي افسوس آهي ته اوهين ڪنن هوندي ٻوڙا، اکين هوندي انڌا ۽ زبان هوندي گونگا آهيو..... مونکي اڄ سمجھ ۾ آيو ته اوهان سماجي ڪم صرف دنيا کي ڏيکارڻ، پنهنجي معتبري جتائڻ ۽ ذهني عياشي سمجهي ڪريو ٿا.....۽ اهي شيون جتي گڏ گڏ هلنديون هجن اتي چرياڻ قسم جا ماڻهو ڪٿي هلي سگهندا؟
ٻئي ڏينهن صبح سان مونکي سماج سڌارڪ تنظيم پاران “ تنظيم اندر ٽوڙ ڦوڙ ۽ ميمبرن جي ذاتي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ ” جي ڏوھ ۾ صفائي پيش ڪرڻ جو نوٽيس مليو..... مون نوٽيس پڙهي مرڪي ڏنو. مونکي لطيف سرڪار جو بيت ياد اچي ويو
اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج جي،
اهڙو ٺلهو ٿانءُ، ڀڃي ڀورا نه ڪرين
(آڪٽوبر 1998ع واري سنڌ رنگ شماري ۾ شايع ٿيل)