20 هين صدي جو مفڪر
شهر جي ماڻهن هن اجنبي ويهين صدي جي اديب جي هوڪن ۽ ڪوڪرن تي ڪوبه ڌيان نه پئي ڏنو، اديب اها ڳالھ محسوس ڪري ورتي هئي ته شهر جا ماڻهو منهنجي ٻولي نٿا سمجهن، هُن کي وڏو افسوس ٿيو ۽ حيرت وچان ڪي گھڙيون ماٺ ڪري بيهي رهيو، هو اها ڳالھ سمجهي نه سگهيو هو ته هن شهر جي ٻولي ڪيئن تبديل ٿي وئي آهي. هن کي ياد آيو ته اڄ کان 70 سال اڳ هن ئي شهر ۾ منهنجي ماڻهن منهنجو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو هو ۽ هر طرف هر گھٽي ۾ منهنجي ٻولي هئي، پوءِ هيءَ صورتحال ڪيئن تبديل ٿي چڪي آهي.
ريڙهي ڀرسان گذرندڙ هڪ نوجوان کي ٻانهن کان جهلي هن پڇيو،“اي ايڪيهين صدي جا نوجوان هي منهنجا ڪتاب خريد ڪر، جن ڪتابن ۾ عقل ۽ ڏاهپ جا نڪتا، وطن جي مٽيءَ جي حفاظت جا اصول ۽ وطن جي آزادي لاءِ وڙهڻ، سوڀ حاصل ڪرڻ ۽ قربان ٿي وڃڻ جا ڏس شامل آهن.”
نوجوان خاموش رهيو، پوڙهي اديب ٻيهر نوجوان کان پڇيو،“ڇا تون سنڌي آهين؟!!”
نوجوان ڪنڌ سان “ها” ڪئي. ڄڻ کيس ڪنهن جرئت کسي ورتي هجيس يا هو محسوس ڪري رهيو هو ته جيڪڏهن لفظن ۾ اقرار ڪندس ته هن ئي چونڪ تي ماريو ويندس.
تنهنجو نالو ڇا آهي نوجوان؟
نوجوان پنهنجي اکين ۾ شور وجهي اديب کي اکين ۾ ڏٺو ۽ چونڪ تي مارجي وڃڻ جي خوف کي پري ڌڪي، پنهنجي سيني ۾ ستل جرئت کي جاڳايو، هن وڏي واڪ پوڙهي اديب سان ڳالهائڻ ۾ پنهنجي من جي مانڌاڻ جي گھٽتائي محسوس سمجهي.“منهنجو نالو بي وطن آهي”
ڪنهن جو پٽ آهين اي مصيبتن ماريل نوجوان؟ پوڙهي اديب نوجوان کان همدردي وچان پڇيو.
“بي گھر منهنجي پيءُ جو نالو آهي” نوجوان منهن ۾ گھنج وجهندي چيو.
ڏاڏو ۽ پڙ ڏاڏو ڪير هيا تنهنجا؟ پوڙهي اديب ڄڻ نوجوان ۾ ڪجھ ڳولي ورتو هجي.
“منهنجو ڏاڏو بي سمجھ ۽ پڙ ڏاڏو بيوقوف هئا.”
“اوهو.........” پوڙهي اديب نوجوان کي سيني سان لائي ڇڏيو،“تون ته منهنجو پڙپوٽو آهين.”
نوجوان پوڙهي اديب جا اهي لفظ ٻڌي، پاڻ ڇڏائيندي پوڙهي اديب کي زور سان ڌڪو ڏنو جيڪو پنهنجي ڪتابن مٿان وڃي ڪريو.
جڏهن منهنجي وطن جا نوجوان، عورتون، ٻڍا ۽ ٻار پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد رهيا هئا ته اي پاڻ کي منهنجو پڙڏاڏو چوائيندڙ پوڙها اديب! ان وقت تو صرف ڪتابن ۾ لکيو پر ڪڏهن به انهن بهادرن سان ٻه وکون گڏ نه هلين؟!! حيف آهي توتي ۽ تنهنجي علم ۽ عقل تي! جنهن پنهنجي هزارها سالن جي ڌرتي وڃائي. اي بي عمل اديب تون منهنجو ڪجھ به ناهين، مان توسان رت جو ته پري، پر روح جو رشتو به رکڻ نٿو چاهيان.” نوجوان ائين چئي پنهنجي کيسي مان ماچيس ڪڍي ريڙهي تي پيل ڪتابن کي باھ ڏئي ڇڏي.
پوڙهو اديب باھِ جي تَوَ کان اٿي بيٺو.“اي ايڪيهين صدي جا نوجوان تو هي ڪهڙو ظلم ڪيو، تو منهنجي پنجاھ سالن جي ڪئي ڪمائي ۽ محنت ساڙي ڇڏي؟
اي ويهين صدي جي آخري اڌ صدي جا اديب، دانشور، مفڪر ۽ فلاسافر تو ته هزارها سالن جو وطن وڃائي ڇڏيو، اي پوڙها اديب اڄ مون کي اهو اديب، دانشور، مفڪر ۽ فلاسافر کپي جيڪو پنهنجي وطن جي حقن حاصل ڪرڻ واري جدوجهد ۾ هر آول دستي جي رهبري ۽ رهنمائي ڪري. پنهنجي سڙيل ڪتابن جي خاڪ پنهنجي جهولي ۾ کڻ ۽ هن چونڪ تان هليو وڃ. نوجوان جذبات ۾ تپي چڪو هو. اي پوڙها اديب وڃ اوڏانهن جتان آيو آهين.
پوڙهو اديب ۽ دانشور ڪتابن جي خاڪ پنهنجي جهولي ۾ وجهي قبرستان ۾ هليو ويو، جتي هن کي هڪ اهڙو شخص مليو جنهن جي وات مان ڳاڙهي شيءِ وهي رهي هئي.
ڇو آيو آهين هتي ۽ ڪير آهين؟ ڪڙتي پاتل شخص اکين ۾ شور وجهي پوڙهي اديب کان ڌاري ٻولي ۾ پڇيو.
مان ويهين صدي جو اديب، دانشور ۽ مفڪر آهيان، هن قبرستان ۾ منهنجي 503 قبر آهي، جنهن ۾ مان سمهڻ آيو آهيان.
“هتي تنهنجِي ڪا به جاءِ ناهي ڪڙتي پاتل شخص منهن ٻئي پاسي ڪندي چيو، ڇا توکي خبر ناهي ته هي قبرستان هاڻ اسان جي قبضي ۾ چڪو آهي، اکين اڳيان ٽري وڃ.”
پوڙهو اديب ڦان ٿي پٽ تي ڪري پيو، هن پنهنجي بيوسي تي ڳوڙها ڳاڙيا، ۽ جهولي ۾ کڻي آيل خاڪ پنهنجي مٿي تي هاري ويهين صدي ۾ گم ٿي ويو، جنهن صدي ۾ هو بي عمل رهيو هيو.
پوڙهي اديب کان ڇرڪ نڪري ويو هو ويهين صدي مان موٽي ايڪيهين صدي ۾ آيو، هن آهستي اکيون کولي ڏٺو ته اهو ئي نوجوان هن کي چئي رهيو آهي ته “ اي پوڙها اديب! تنهنجي قبر تان مون قبضو ختم ڪرايو آهي وڃ ۽ وڃي قبر ۾ سمهي پئه. پر ياد رک ٻيهر ڪڏهن به ٻاهر نڪري گھمڻ خاطر نه اچجان. پوڙهو اديب ڪجھ نه چئي سگهيو هن سامهون ڏٺو ته ڪڙتو پاتل شخص قبرستان جي وڏي وڻ ۾ اونڌو ٽنگيو پيو آهي. پوڙهي اديب نوجوان کي محبت وچان ڏٺو، ڄڻ چوندو هجي ته واقعي نوجوان تون ئي آزادي جو علمبردار آهين. ۽ پوڙهو اديب قبر ۾ سمهي پيو.