الطاف شيخ ڪارنر

ڪئمپس جا ڏينهڙا

هي ڪتاب سفرنامي جي انداز ۾ لکيل يونيورسٽين ۽ ڪئمپس جي ڪالمن، سفرنامن، مضمونن ۽ اتان جي استادن ۽ شاگردن سان ٿيل ڪچهرين تي مشتمل آهي، جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي. الطاف شيخ هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
”ملائيشيا جي هڪ پراڻي يونيورسٽي ”ملايا يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Ilmu Punca Kemajuan” يعني ”علم ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي“. يونيورسٽي سائنس ملائيشيا جو موٽو آهي: “Kami Memimpin” يعني ”اسان ئي اڳواڻي ڪنداسين“. ۽ ”تُن حسين عون يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Dengan Hikmah kita Meneroka” يعني عقل سان ئي حاصل ڪنداسين. “
  • 4.5/5.0
  • 4356
  • 1276
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪئمپس جا ڏينهڙا

انتساب : شمس جعفراڻيءَ نالي

يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن ۽ تعليم سان واسطو رکندڙ استادن ۽ شاگردن سان ملاقاتن جو هي ڪتاب هڪ پڙهيل لکيل انسان، هڪ محنتي، ذهين ۽ بااخلاق شاگرد ۽ هڏ ڏوکي ۽ انصاف پسند بيورو ڪريٽ شمس جعفراڻي نالي ڪريان ٿو جنهن سان منهنجي دوستي ۽ ڄاڻ سڃاڻ اڄ کان اڌ صدي اڳ 1964ع ۾ ڪراچيءَ جي ميٺارام هاسٽل ۾ ٿي.
شمس جعفراڻي شاگرد ٿي رهيو، ننڍيون ننڍيون نوڪريون ڪيائين، پي سي ايس جو امتحان ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر کان وٺي پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ثقافت کاتي جو سيڪريٽري ٿي رهيو، پر حيرت آهي ته هن جي اسٽائيل ۾ ڪا تبديلي نه آئي. اڄڪلهه ڪو روينيو يا ڪسٽم جهڙي کاتي ۾ جونيئر ڪلارڪ ٿو ٿئي تڏهن به هو وڏي ٽون ڦان ۾ اچيو وڃي پر شمس کي آئون ننڍي هوندي کان ڏسندو اچان ته هو اهو ئي سادي طبيعت وارو، حقيقت پسند ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ وارو انسان آهي. ان جي شاهدي هن جا سخت مخالف به ڏيندا. منهنجي شروع جي سفرن ۾ هڪ جهاز تي، جنهن تي آئون جونيئر انجنيئر هوس، منهنجو چيف انجنيئر گورو انگريز هو. هو هر سٺي ماڻهوءَ سان ملائڻ وقت هن جو تعارف فقط هڪ جملي سان ڪرائيندو هو ته (He is gem of a person) هي ڪتاب شمس جعفراڻي نالي ڪندي آئون شمس لاءِ پنهنجي استاد گوري انگريز جو جملو استعمال ڪندس ته ”شمس از اي جيم آف اي پرسن“. واقعي شمس هڪ هيرو آهي.
شمس جعفراڻي جي آتم ڪٿا ”ڪتيم سڀ ڄمار“ جي رونمائي تي پڻ ڪنهن صاحب اهو ئي چيو ته ”شمس جعفراڻي ماڻهن ۾ ’موتيءَ داڻو‘ آهي. شمس انسانيت، ثقافت، ٻولي، تهذيب ۽ تمدن سان انتها کان وڌيڪ پيار ڪندڙ سنڌ ڌرتي جو نهايت ئي مانائتو ۽ شانائتو ماڻهو آهي. هو فن ۽ ادب سان لاڳاپيل ماڻهن سان ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڀرپور محبت ڪندو اچي. سندس پيار ۽ پاٻوهه ڪري هر ماڻهو هن کي پسند ڪري ٿو“.
سچ اهو آهي ته شمس جعفراڻي جهڙي معصوم طبيعت جو، ننڍي هوندي مون ڏٺو اڄ به هو اهڙو ئي آهي. ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد مون مئرين انجنيئرنگ کنئي جنهن لاءِ ٻه سال چٽگانگ ۾ ٿيوري پڙهڻ بعد پرئڪٽيڪل لاءِ شپ يارڊ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ اچڻو پيو. هيءَ سال 65-1964 جي ڳالهه آهي. انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ شاگردن جي رهائش جو وڏو مسئلو هو. اڄ وانگر ڪراچي شهر نه ته پکڙيل هو ۽ نه وري فلئٽ سسٽم هو. ڪراچي جي پهرين فلئٽن واري ٽماڙ بلڊنگ ”الاعظم اسڪائر“ به بعد ۾ ٺهي. مون سان گڏ ٻين ڪلاس ميٽن جا ڪراچيءَ م گهر هئا يا مائٽ مٽ رهيا ٿي جن سان هو رهڻ لڳا. مون سال کن ميٺارام هاسٽل ۾ رهڻ لاءِ ”ڊي جي سائنس ڪاليج“ ۾ داخلا ورتي جو پاڪستان چوڪ وٽ اها ميٺارام هاسٽل ڊي جي ۽ اين اي ڊي ڪاليج وارن لاءِ هئي.
ميٺارام هاسٽل ۾ مون ڏاڍو ”هوملي“ محسوس ڪيو جو اتي پيٽارو جا ڪيترائي ڪلاس ميٽ ۽ سال ٻه جونيئر واقفڪار هئا. ڪيترائي شاگرد سنڌ جي ڳوٺن جا پڻ هئا جيڪي هن وڏي شهر جي ماحول ۾ خاموش خاموش ۽ هيسيل رهيا ٿي. افعال ته اسان جا به اهڙائي هئا پر ڪئڊٽ ڪاليج ۾ رهڻ ڪري اسان هاڻ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ هوشيار ٿي لڳاسين بلڪه هاڻ ٿو سوچيان ته ڪجهه زياده ئي Over Smart ۽ ٽرڙا ٿي پيا هئاسين. ميس ۾ ٻين کي نظرانداز ڪري رڳو پاڻ ۾ پيا ڳالهائيندا هئاسين. ڳوٺن کان آيل شاگرد ڪجهه شرميلي طبيعت ۽ ڪجهه سٺي انگريزي نه ڳالهائڻ ڪري ڪڇندا ئي نه هئا. ميٺارام ۾ هڪ ٻيو ٽولو سنڌ جي وڏيرن سردارن جي ٻارن جو به هو جيئن ته منهنجي ڪمري جي قطار ۾ پ پ جو وزير مرحوم محمد خان سومرو، هاڻوڪو وزير هزار خان بجاراڻي، سابق وزيراعليٰ سيد مظفر حسين شاهه، مرحوم عاشق حسين جتوئي ۽ امام بخش جتوئي، هاڻوڪي وزيرمظفر شجرا جو چاچو ۽ ٻيا رهيا ٿي جن جي رهڻي ڪهڻي، ڊاڙن ٻٽاڪن کان آئون ڏسندو هوس ته اسان پيٽارو وارا به Impress رهياسين ٿي. ميس ۾ هو ڳالهائيندا هئا ته اسان به چپ ٿي ويندا هئاسين .... اتي ڳوٺن کان آيل شاگرد ڇا ڳالهائين. پر يارو ان سينئاريو ۾ مون ڏٺو ته هڪ شاگرد شمس جعفراڻي جيڪو سڀ ۾ ننڍو هو.... (مون کان ته گهٽ ۾ گهٽ پنج سال ننڍو هو) ۽ ٺٽي ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کان هتي ڊي جي ڪاليج ۾ فرسٽ ييئر ۾ اچي داخلا ورتي هئي، اهو حيرت انگيز حد تائين سڀني کان مختلف هو. هن اردو ۽ انگريزي به سٺي ڳالهائي ٿي ته هن ۾ اعتماد به هو. هن جنهن کان جو سوال پڇيو ٿي يا ميس ۾ هلندڙ ڳالهه تي پنهنجي راءِ ڏني ٿي ان مان لڳو ٿي ته هو بيحد ذهين ۽ فضيلت وارو آهي. ڳوٺ جو ٿي ڪري هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ چاهي ميس ۾ ويهي کائڻ پيئڻ جي Etiquette کان واقف لڳو ٿي.
اهو به لکندو هلان ته شمس جو اڄ به ڳالهائڻ يا تقرير جو طريقو ٻڌڻ وارن کي هن ڏي ڌيان ڌرڻ لاءِ مجبور ڪريو ڇڏي. انهن ڏينهن ۾ NED ۾ سول، مڪينيڪل ۽ اليڪٽرڪ انجنيئرنگ پڙهايون ويون ٿي. منهنجي ”مئرين انجنيئرنگ“ هڪ نئين برانچ هجڻ ڪري شمس مون کان اڪثر ان برانچ ۽ چٽگانگ (هاڻ بنگلاديش جو شهر) بابت خبر چار پڇندو رهيو ٿي. سندس ڳالهائڻ جي نموني ۽ پڇيلsensible سوالن مان وڏن لاءِ ادب ۽ ڪم جي ڳالهه پڇڻ صاف ظاهر ٿيو ٿي. مزي جي ڳالهه اها ته هن جي طبيعت اڄ به اهڙي ئي آهي.
آئون انهن ڏينهن ۾ هميشه اهو سوچيندو هوس ته شمس جعفراڻي ته هڪ ٻهراڙيءَ جو آهي (جتان هو سڌو ڪراچي آيو هو) ۽ ائين به ناهي ته هو ڪنهن پير، مير وڏيري يا رشوتخور ڪاموري يا سياستدان وزير جو پٽ آهي جنهن ڪري هو ولايتن ۾ رهيو هجي.... هو هڪ اسڪول ٽيچر جو فرزند هوندي ڪيڏو بردبار، ذهين ۽ سٺين Manners ۽ اخلاق (Etiquette) وارو آهي. سادگي ۾ رهي ٿو، سادا ڪپڙا پهري ٿو پر هن کي ذرو به احساس ڪمتري ناهي. بهرحال اها منهنجي تڏهن سوچ هئي پر اڄ تقريبن اڌ صديءَ بعد جهاز هلائڻ ۽ هڪ وڏو عرصو ماستري ڪرڻ ۽ دنيا جي مختلف شهرن ۾ اعليٰ تعليم ۽ وڏيون نوڪريون ڪندڙ هم وطنين سان ملڻ بعد ان نتيجي تي پهتو آهيان ته شمس کي توڙي سندس ڀائرن کي اخلاقي طرح ٺاهڻ ۽ تعليم يافته بنائڻ ۾ سندس والد محترم جو هٿ ۽ پرگهور هئي. منهنجا جپان، آمريڪا، ملائيشيا بابت ويجهڙائيءَ جا سفرناما پڙهي ڏسو جن ۾ مون جن اعليٰ تعليم يافته ۽ بااخلاق هم وطنين جو احوال لکيو آهي انهن ۾ نوي سيڪڙو غريبن جا ٻار آهن ۽ انهن ۾ اڌ کان وڌيڪ اهي آهن جن جا پيئر يا مائر ٽيچر رهيا جن پنهنجن توڙي پروان ٻارن کي دل سان پڙهايو.
مون ته ميٺارام هاسٽل وارن ڏينهن ۾ ڪڏهن شمس کان پڇيو به ڪو نه ته سندس والد ڇا ٿو ڪري. هو پاڻ اخلاق وارو ۽ همدرد انسان لڳو ٿي اهو ئي ڪافي هو اسان جي دوستي ۽ هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ جي ڪجهه سالن بعد هڪ دفعو جهاز تان ڪجهه ڏينهن موڪلون ملڻ تي مڪلي (ٺٽي) ويس جتي منهنجو والد گل محمد شيخ ڪجهه سالن کان ڊپٽي ڪمشنر هو. اتي رهڻ دوران هڪ ڏينهن ساڪرو ۽ جاتي پاسي جا چڱا مڙس ويٺا هئا ته ان وقت مون پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو ته ميٺارام هاسٽل ۾ مون سان گڏ ٺٽي جو فيض ميمڻ، محمد خان سومرو ۽ شمس جعفراڻي به رهيو ٿي. ان تي هنن شمس جي والد صاحب جي ڏاڍي تعريف ڪئي ته هو هنن جي ڳوٺ ۾ به پڙهائي چڪو آهي ۽ هنن جا ٻار هن کي محنتي ۽ ايماندار ٽيچر مڃين ٿا. مون کي به ان ڏينهن خبر پئي ته شمس جو والد ٽيچنگ ۾ آهي ۽ اها به خبر پئي ته ٺٽي ضلعي جي اسڪولن جي انيڪ ٽيچرن کي سائين محمد جمن جعفراڻيءَ ”فائنل“ پڙهائي آهي. انهن ڏينهن ۾ ماستر ٿيڻ لاءِ فائنل جو امتحان ڏيڻ ضروري هوندو هو جنهن جي شاگردن کي تياري فقط محنتي ٽيچر ئي ڪرائي سگهندا هئا. شمس جو والد انهن محنتي استادن مان هڪ هو جيڪو اڄ به ٺٽي ضلعي ۾ سٺن لفظن سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
هتي شمس جي والد صاحب جي ڳالهه ان ڪري به ڪري ويٺو آهيان اٿم ته جيئن درس تدريس جي پيشي سان واسطو رکندڙ اسان جا استاد اهو محسوس ڪري سگهن ته اڄ به قابل، محنتي، ايماندار ۽ Devoted ٽيچرن جو اسان جي معاشري ۾ مَانُ آهي. ان کي هميشه سٺن لفظن سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سٺو استاد پنهنجن توڙي پروان ٻارن کي سنئين راهه تي آڻي ٿو. شمس جي والد سائين محمد جمن جعفراڻي سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندي جتي بنيادي سهولتن جي به کوٽ رهي ٿي (هي گهارو، گجو، ساڪرو، جاتي، ميرپوربٺورو، گهوڙاٻاري وغيره هاڻ شهر ٿي پيا آهن نه ته 60 يا 70 سال اڳ، ڪٿي هئي اتي اليڪٽرڪ سٽي، سئي گئس يا پائيپ واٽر وغيره)، وڏي عيال ۽ گهٽ پگهار هوندي (انهن ڏينهن ۾ ته ماستر ٽيوشن به مفت ۾ پڙهائيندا هئا) سادگيءَ ۾ رهي هن پنهنجن ٻارن کي نه فقط سٺي ۽ صحيح تعليم ڏياري پر اخلاق به سيکاريو. شمس جو وڏو ڀاءَ عبدالعزيز جعفراڻيءَ ته ”سجاول جي تاريخ“ جهڙن ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آهي. ڊاڪٽر محمد جعفراڻي، شمس کان ننڍو ڀاءُ آمريڪا ۾ ڊرمئٽوسئڪاٽرسٽ آهي ۽ هو Psychodermatology جو ماهر آهي. آمريڪا ۾ جتي اسان جي ڊاڪٽرن کي Casualty يا بيهوشي ۾ جاب به ڏکيو ٿو ملي اتي ان قسم جي نت نئين علاجن جو ماهر ڊاڪٽر ٿيڻ وارو شخص ضرور محنتي ۽ تعليم يافته ئي هوندو. هن موقعي تي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به ٻڌائيندو هلان ته هن نئين ميڊيڪل سائنس مطابق انسان کي خارش ٿيڻ جو ڪارڻ فقط چمڙيءَ جي بيماري ناهي پر مايوسي، Depression ،مونجهه، Stress، صدمو ۽ ٻيا نفسياتي مسئلا پڻ ان جو ڪارڻ آهن .... بقول شمس جعفراڻيءَ جي، جيڪو ڪافي عرصو آمريڪا ۾ رهي چڪو آهي، ” اتي ڪنهن ڇوڪريءَ جو ڪتو مرڻ تي به هوءَ اهڙي ڊپريشن ۾ هليو وڃي جو هن کي خارش ٿيو پوي“ .... ۽ اهڙي قسم جي بيمارين جي علاج لاءِ شمس جعفراڻي جي ڀاءَ جهڙا ڊاڪٽر آهن. خارش جي اهڙين بيمارين ۽ انهن جي ان قسم جي علاج بابت مونکي به ويجهڙائيءَ ۾ ڪراچيءَ جي هڪ سنڌي ڊرماٽولاجسٽ ڊاڪٽر گابا ٻڌايو ته “Psychodermatology is the treatment of skin disorders using psychological and psychiatric techniques. It is a controversial subspecialty of dermatology because it postulates that is variety of skin conditions can be healed by the mind” ۽ اهو به لکندو هلان ته ڊاڪٽر محمد جعفراڻي صاحب جا ان ميڊيڪل سبجيڪٽ تي ٻه ڪتاب پڻ لکيل آهن جيڪي آمريڪا ۾ ڇپيا آهن.
شمس (سڄو نالو شمس الحق جعفراڻي) 16 آگسٽ 1949ع تي ڳوٺ ارباب غلام هنڱورجي، تعلقي جاتي، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم هن سجاول مان حاصل ڪئي ان بعد هو ڪراچيءَ ۾ انٽر سائنس لاءِ آيو جتي منهنجي هن سان 1964ع ۾ ملاقات ٿي جو ساڳي هاسٽل ”ميٺارام“ ۾ رهندا هئاسين ۽ ساڳي ميس ”ولي محمد جي ميس“ ۾ ماني کائيندا هئاسين. ميس جي ڀرسان ئي مسجد هئي جتي ڪڏهن ڪڏهن مولانا احتشام الحق ٿانويءَ جهڙا عالم پڻ آيا ٿي جن جا واعظ ٻڌڻ لاءِ شمس جعفراڻي پڻ نظر ايندو هو.
شمس جعفراڻي انٽر بعد ايل ايل بي ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ پنهنجي ڪئريئر جي شروعات حيدرآباد جي غزالي ڪاليج کان ڪئي جنهن کان پوءِ ڊيلي سنڌي اخبار مهراڻ ۾ پهرين سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين ۽ پوءِ 1967ع کان 1970ع تائين سجاول سب ڊويزن لاءِ هو هن اخبار جو نمائندو ٿي رهيو جتان اطلاعات کاتي ۾ انفارميشن آفيسر طور ڀرتي ٿيو ان دوران وزيراعليٰ سنڌ جو پروٽوڪول آفيسر به رهيو. منهنجو جهاز ڪراچي بندرگاهه ۾ ايندو هو ته منهنجي ڪڏهن ڪڏهن شمس سان ملاقات ٿي ويندي هئي پر شاباس شمس کي هجي جو آئون کڻي دنيا جي ڪهڙي به بندرگاهه ۾ هجان عيد ۽ نئين سال جي آمد تي هن جو مبارڪن جو ڪارڊ ملي ويندو هو.
شمس جلدئي PCS جو امتحان پاس ڪيو ۽ سنڌ جي مختلف شهرن: سيوهڻ، حيدرآباد، شهدادپور ۽ عمرڪوٽ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي رهيو. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مئجسٽريٽ به ٿي رهيو. ان بعد هو ٽي سال لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيو ۽ نهايت ايمانداري ۽ سچائيءَ سان نوڪري ڪيائين. بقول رٽائرڊ جسٽس سيد ديدار حسين شاهه جي ”ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي طور هئڻ شمس جعفراڻي لاءِ وڏو امتحان هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت سياسي ڇڪتاڻ هئي پر هن هر ڳالهه ميرٽ ۽ انصاف مطابق ڪئي“. بقول حميد ڀٽو جي ”هو لاڙڪاڻي جو دبنگ ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو ۽ ڪنهن به سياسي دٻاءَ ۾ نه آيو ۽ انتظامي معاملن ۾ خود ڪفيل ٿي رهيو“.
شمس جعفراڻي ٻه ڀيرا ڪوٽڙي بئراج تي روينيو آفيسر ۽ پوءِ ”ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ“ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. پاڻ ”سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن“ جو سيڪريٽري، ”سنڌ سيڊ ڪارپوريشن“ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ”ثقافت ۽ سياحت کاتي“ جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. سال 2009ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. جنهن بعد ڪجهه عرصي لاءِ ڪنسلٽنٽ طور ذميواريون سنڀاليائين.
شمس جيتوڻيڪ پيشي (Profession) جي لحاظ کان بيورو ڪريٽ آهي پر عبدالقادر منگي، اڪبر لغاري، تاجل بيوس، قمر شهباز، ڪليم لاشاري، ڊاڪٽر بدر اڄڻ، جهڙن ڪامورن وانگر هن کي به پنهنجي سنڌي ادب ۽ ثقافت سان چاهه آهي. هو سنڌي ادب ۽ ادبي ادارن جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ خاص ڪوششون وٺندو رهيو آهي ۽ ادبي حلقن ۾ وڏو مان لهڻي ٿو. لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر هجڻ دوران هن ان وقت سنڌ جي فنڪارن جي لاءِ جاکوڙيندڙ اداري ”سنڌ ويلفيئر ٽرسٽ“ جي سرپرستي ڪئي“، ۽ بقول حميد ڀٽو چيئرمين سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ۽ صدر سنڌ روٽري ڪلب جي، ”هو مالي توڙي اخلاقي طور تي ڀرپور مدد ڪندو رهيو. فن ۽ ادب سان لاڳاپيل ماڻهن ماڻهن سان ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين دل سان محبت ڪندو رهي ٿو. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي کان وٺي سيڪريٽري ثقافت کاتي تائين هو فن ۽ ثقافت سان واسطو رکندڙ سوين ماڻهن جي مالي سهائتا کان ويندي سندن ڏک سک ۾ فوري طور اڳيان اڳيان رهندو آيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ نوڪريءَ دوران هن سوين يادگار ثقافتي پروگرام، سيمينار ۽ ادبي گڏجاڻيون منعقد ڪرائڻ سميت مالي معاونت ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.
شمس جعفراڻيءَ سسئي پليجو وزير ثقافت سنڌ جي دور ۾ شاهه شناسي ۽ اياز شناسيءَ بابت هڪ رٿا هيٺ ڪتابن ڇپائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڊپارٽمينٽ جي مختلف پراجيڪٽن کي مڪمل ڪرائي محڪمي جي ساک کي برقرار رکيو. شمس سان سندس نوڪري جي آخري وارن سالن ۾ منهنجي جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي ته آئون هن کي اهو ئي چوندو هوس ته تون اهو ماڻهو آهين جيڪو ڳوٺن جي زندگيءَ کان وٺي شهرن جي زندگيءَ ۾ رهيو آهين، ولايت ۾ رهيو آهين، ننڍي نوڪري ڪلارڪي کان وٺي صوبي جي وڏي نوڪري تائين ڪئي اٿئي، ڳوٺ جي ماڻهن کان وٺي اعليٰ عملدارن سان تنهنجي اٿڻي وهني رهي آهي، توکي کپي ته پنهنجي زندگيءَ جي آتم ڪٿا لک ته اڄ جي نوجوان لاءِ تنهنجي زندگي اتساهه پيدا ڪري جنهن کي تو جاکوڙ ڪري جوڙيو ۽ سنواريو آهي. هو هميشه ٿڌي نموني جي هائوڪار ڪندو هو جنهن مان لڳندو هو ته شايد ان ڳالهه لاءِ هن جي دل نٿي چاهي. پر پوءِ مون کي بيحد گهڻي حيرت ٿي جڏهن هڪ ڏينهن پنهنجي آتم ڪٿا جو ڪتاب ”ڪتيم سڀ ڄمار“ مونکي پوسٽ ذريعي مليو. ڏاڍي خوشي ٿي جڏهن ڪتاب جي ذخامت مان ئي اندازو لڳايم ته هن پنهنجي جيون ڪٿا ڀرپور نموني سان لکي آهي. ان سان گڏ اها خوشي ٿي ته ڊاڪٽر آفتاب ابڙو جي قائم ڪيل هڪ نئين ڇپائي جي اداري ”پيڪاڪ پرنٽرس ۽ پبلشرس، ڪراچي“ هي اٺ سئو کن صفحن جو ڪتاب تمام سهڻي نموني سان ڇپيو آهي.
شمس جي آتم ڪٿا جتي ٻين لاءِ رهنمائي ۽ اتساهه ڏياريندڙ آهي اتي ان جي لکڻي لاجواب آهي. ۽ ڇو نه هجي! هو ننڍي لاڪون سنڌي ۽ سنڌي گرامر کان واقف رهيو آهي، هو ڪافي عرصو صحافت جي دنيا سان به وابسته رهيو آهي. بقول ناصر علي پنهور جي، ”هن اهي تجربا آتم ڪٿا لکڻ ۾ ضرور ڪم آندا هوندا. برطانوي راڄ دوران انگريز آفيسر گزيٽرس لکندا هئا، جن ۾ هو علائقي جي تاريخ، جاگرافي، معيشت، سماجي ۽ ثقافتي حالتن کي محفوظ ڪندا هئا. اهي گزيٽرس (Gazetteers) اڄ به سنڌ جي تاريخ ۾ اهم جاءِ والارين ٿا. ڪيترن انگريز آفيسرن سنڌ ۾ ڪيل نوڪريءَ جي حوالي سان پنهنجيون يادگيريون به لکيون آهن. هاڻ انهن ICS (انڊين سول سروس) جي جاءِ تي اسان جي سي ايس ايس ۽ پي سي ايس ورتي آهي. انگريزي آفيسر ڪيترن روايتن سان گڏ گزيٽر لکڻ جي روايت به ڄڻ ته پاڻ سان گڏ کڻي ويا ۽ اسان جي سول سروس ۾ ايندڙ آفيسرن ۾ لکڻ پڙهڻ جو رجحان گهٽ ٿي ويو. اهڙي ماحول ۾ شمس جعفراڻي پنهنجي آتم ڪٿا لکي نه رڳو پنهنجي زندگيءَ جي جدوجهد، تجربن، مشاهدن ۽ اهم واقعن کي قلم بند ڪيو آهي، پر هيءَ آتم ڪٿا لکي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ شاندار آتم ڪهاڻيءَ جو واڌارو ڪيو آهي. هونءَ ته اڄڪلهه جتي ڪٿي جيون ڪٿائون، زندگيءَ جون يادگيريون، آٽو بايوگرافيز سڀ کان گهڻو پسند ڪيون وڃن ٿيون پر آئون پنهنجي سنڌ جي نوجوانن کي، خاص ڪري سول سروس ۾ داخل ٿيڻ وارن کي مشورو ڏيندس ته هو اسان جي دوستن: شمس جعفراڻي، فضل قريشي، جسٽس ديدار حسين شاهه جهڙن سرڪاري آفيسرن جون آتم ڪٿائون ضرور پڙهن ۽ هنن جي نصيحتن، محنتن، ايمانداري ۽ انصاف سان ڪم ڪرڻ ۽ ٻين تجربن مان رهنمائي حاصل ڪن. شمس پاڻ به اهو ئي چوي ٿو ته هن ڪتاب لکڻ جو ڪارڻ ماضيءَ ۾ ٿيل تجربن کي ماڻهن آڏو آڻڻ آهي.
شمس جعفراڻيءَ جون نوڪريءَ دوران سنڌ ۽ ان جي ماڻهن لاءِ ڪيل خذمتون ۽ هن قسم جي ڪتاب لکڻ جو تحفو اسان کي هميشه ياد رهندو مون کي پڪ آهي ۽ منهنجي دعا آهي ته اسان جو شمس لکڻ جو هي شوق جاري رکندو ۽ باقي رهيل ڳالهيون پنهنجي آتم ڪٿا جي ٻئي ۽ ٽئي حصي ۾ پڻ ڏيندو.

دعاگو
الطاف شيخ
12 مئي 2017
ڪراچي