دائود ڪاليج جيڪو هاڻ يونيورسٽي آهي
”آئون به هلڻ ٿو چاهيان.“ مون خوشيءَ مان چيو. هونءَ هن عمر ۾ ٻاهر نڪرڻ تي مونکي سستي چڙهي ٿي جو دل چوندي آهي ته سمورو وقت هڪ هنڌ ويهي لکجي يا پڙهجي. پر هن ڀيري يڪدم تيار ٿي ويس. ”آئون ٻنهي کي ڏسڻ ٿو چاهيان....... 50 سالن کان به مٿي ٿي ويو آهي کين ڏٺي“. مون چيو ۽ ڊاڪٽر مشتاق حيرانيءَ مان مونکي ڏسڻ لڳو. مون کيس يڪدم ٻڌايو ته منهنجو مطلب دائود يونيورسٽي ۽ تنهنجي دوست ڊاڪٽر روشن علي شاهه راشديءَ سان آهي. هن کان اڳ مون ٻنهي کي 1965ع ڌاري ڏٺو هو جڏهن روشن ست اٺ سالن جو ٻار هو ۽ آئون چٽگانگ مان مئرين انجنيئرنگ ڪري مهيني کن لاءِ ڳوٺ اچي رهيو هوس.
1962ع ۾ جڏهن اسان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ فرسٽ ييئر (يارهون ڪلاس) پورو ڪري ٻارهين (انٽر) ۾ پهتاسين ته اها خوشخبري ٻڌيسين ته NED انجنيئرنگ ڪاليج کان علاوه ٻه ٻيا ڪاليج ڄامشوري ۾ مهراڻ ڪاليج ۽ ڪراچيءَ ۾ دائود انجنيئرنگ ڪاليج کليا آهن يعني انجنيري پڙهڻ جا وڌيڪَ موقعا پيدا ٿيا آهن. انٽر بعد مون به نيوي جي چونڊ جا امتحان ڏيڻ سان گڏ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) لاءِ پڻ Apply ڪيو جيئن نيويءَ ۾ چونڊ نه ٿئي ته هن نئين ڪاليج مان ئي انجنيئرنگ (B.E) پڙهجي. منهنجي ان لاءِ چونڊ ٿي وئي پر پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن مئرين اڪيدمي چٽگانگ جي چونڊ جو ليٽر مليو ته آئون ڄامشورو ڇڏي چٽگانگ (مشرقي پاڪستان) پهچي ويس جو مونکي سول، مڪينيڪل يا اليڪٽريڪل کان وڌيڪَ مئرين انجنيئرنگ جو شوق هو جيڪا هينئر کڻي نه پاپيولر رهي آهي ۽ نه ڪو اسڪوپ آهي پر تن ڏينهن ۾ نئين نئين ٽيڪنالاجي هئي ۽ پيٽارو جي ڏينهن ۾ سمنڊ ۽ بحري جهاز ڏسي ڏسي سامونڊي زندگيءَ سان چاهه پيدا ٿي چڪو هو.
جتي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي حڪومت طرفان ٺهرائي وئي اتي آئون سيٺ احمد دائود کي قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو جنهن پنهنجي کيسي مان ڪراچيءَ شهر جي وچ ۾ مهانگي زمين خريد ڪري ان تي دائود انجنيرنگ ڪاليج ٺهرايو. اڄ ڪلهه ته ڪو پرائمري اسڪول ٿو کولي ته ان پٺيان هن جي نيت ڪمائي ڪرڻ آهي جيڪا هو ڳريون فيون رکي حاصل ڪري ٿو. پر يقينن دائود فئملي وارن جو هن ڪاليج کولڻ پٺيان سنڌ صوبي جي خدمت ڪرڻ هو جنهن ۾ اڄ به ڪيترا سنڌ ۽ بلوچستان جي ڳوٺن جا شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ هزارين ڪري چڪا آهن .... جگديش آهوجا، شير محمد سومرو، منظور ڪانڌڙو، عبدالغفور شيخ، مختيار شيخ، زاهد ميان ڀٽو، محمد سليم منگي، مسرور احمد مهر، ساجن حسين سيال، عمران انڙ، خالد وهاب پهوڙ..... ڪهڙن جا نالا کڻي ڪهڙن جا کڻجن جن هن ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. جيئن اسان جي انڊيا لڏي ويل مخير هندو سيٺين ۽ تعليم يافته ماڻهن تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ بمبئي، پوني، احمد آباد، بڙودا، بنارس ۽ الهاسنگر، ڪلياڻ ۾ اسڪول ۽ ڪاليج کوليا تيئن وليڪا، آدمجي ۽ دائود خاندان پاڪستان ٿيڻ تي انڊيا کان لڏي ڪراچي ۽ مشرقي پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) پاسي فئڪٽريون ۽ ڪارخانا کولڻ سان گڏ تعليمي ادارا ۽ اسپتالون پڻ کوليون. مونکي ته هر وقت اهائي حسرت رهندي آهي ۽ سمجهه ۾ ڳالهه نه ايندي آهي ته پاڪستان ٺهي به منو صدي ٿيڻ تي آهي پر ڇا اسان جي سنڌي مسلمان کي ايتري توفيق نه آهي جو کڻي پنهنجن ڀائرن جي ڀلي لاءِ تعليمي ادارا قائم ڪري ۽ ڳوٺن ۾ ڪارخانا لڳرائي جيئن مقامي ماڻهو روزگار کي لڳي وڃن!
اڄ کان 300 سال اڳ هڪ انگريز ڊاڪٽر انڊيا اچي ان وقت جي مغل بادشاهه جو علاج ڪيو ته بادشاهه سلامت طرفان هن کي انعام طور سندس تور جو سون ڏنو ٿي ويو ته هن وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ”ان بدران منهنجي ملڪ انگلستان جي ماڻهن کي توهان جي ملڪ هندوستان ۾ واپار جي اجازت ڏني وڃي.“
ڪيڏي تعجب جي ڳالهه آهي ته اهو جذبو اسان وٽ اڄ به پيدا نه ٿي سگهيو آهي. اسان جو حاڪم ۽ ڀوتار پنهنجي کيسي مان ته پنهنجي ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪجهه نٿو ڏئي پر جڏهن ڪو رشوت ۾ کانئس Choice پڇي ٿو ته هو عوام کي پڙهيل ڳڙهيل بنائڻ لاءِ هن کان يونيورسٽي ٺهرائڻ بدران پنهنجي محل نما گهرن ۾ هڪ بئي محل جو واڌارو آڻن چاهي ٿو! ڪيڏي ڏک جي ڳالهه آهي ۽ ايڪهين صديءَ جي حقيقت آهي ته اسان وٽ وزير تعليم ئي تعليم تباهه ڪري ٿو ۽ ”سنڌي مسلمان“ اوس پاس جي ماڻهن ۾ اڄ به ”ڄٽ“ تصور ڪيو وڃي ٿو. عام ماڻهوءَ ۾ ان جهالت مان نڪرڻ لاءِ همت ۽ motivation پيدا ڪرڻ بدران هن کان ٺينگ ٽپا ڏيارائي خوش ڪيو وڃي ٿو ته تون ئي تهذيب يافته آهين تون ئي عالم اڪابر آهين. ڪوڙي تعريف ۾ هو گـٽڪن واري نشي جو سرور محسوس ڪري ٿو ۽ اسانجا چونڊيل نمائندا، اسان جا حاڪم اوطاقون، گدام ۽ واڙا بڻيل اسڪول به کولرائي نٿا سگهن .... نوان ۽ اعليٰ قسم جا اسڪول کولڻ ته ٿي پري جي ڳالهه! پر ڳالهه اها آهي ته هنن کي پنهنجي وطن جي ٻارن جي تعليم جو فڪر هجڻ به ڇو کپي؟ هنن جا ٻار پيا ٻاهر پڙهن، هنن جي کنگهه ٿڌ جو علاج به پيو ولايت ۾ ٿئي سو هنن کي ڪهڙو فڪر ته غريب جي ٻار سان ڇا ويڌن آهي. هتي اسان وٽ ڪو ملائيشيا جهڙو مهاتير محمد ته آهي ڪونه جيڪو وزير اعظم ٿي ڪري دل جي آپريشن ولائت بدران پنهنجي ملڪ ۾ ڪرائي، جيڪو پنهنجن ٻارن کي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهائي ۽ رٽائرڊ ٿيڻ بعد اوباما وانگر پنهنجي ڳوٺاڻي گهر ۾ وڃي رهي ..... سو ڪجهه به آهي آئون دائود، آغا خان، بواني، همدرد، آدمجي جهڙن کي قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو جن پنهنجي ڪميونٽي سان گڏ سنڌ جي عوام لاءِ به ڪجهه ڪيو. هنن ته سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڪارخانا هڻي مڪاني ماڻهن جو ڀلو ڪرڻ ٿي چاهيو پر اسان سڀني کي ڄاڻ آهي ته اسانجي ئي وڏيرن، ڀوتارن جن پاڻ ته ڪجهه نه ڪيو هنن ٻين کي به اهڙي ڪم کان دل شڪستو ڪيو.
سيٺ احمد دائود 97 ورهين جي ڄمار ۾ سال 2002ع ۾ ڪراچيءَ ۾ گذاري ويو. هو شهيد ملت روڊ تي سندس نالي تي ٺهيل ”دائود ڪالوني“ جي 5 نمبر بنگلو ۾ رهندو هو. پاڻ سال 1905ع ۾ ڪاٺياواڙ (گجرات) جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ بانٽوا ۾ ڄائو جنهن نالي سندن ميمڻ ڪميونٽي مشهور آهي. سندس پيءُ توڙي ڏاڏو ننڍڙا دڪاندار هئا ۽ اوس پاس جي شهرن ۾ سندن واپار هليو ٿي. 1920ع ڌاري هنن جي فئملي بانٽوا کان بمبئي شفٽ ٿي جتي انگريز راڄ ۾ هنن پنهنجو ڪاروبار ۽ ڪارخانا وڌايا. انڊيا جي ورهاڱي وقت هنن جي ملڪي ۽ بين الاقوامي واپار تي ڪافي پهچ ٿي وئي. قائدِ اعظم جي چوڻ تي هو انڊيا ڇڏي پاڪستان آيا ۽ ڪراچي، ڍاڪا ۽ چٽگانگ پاسي واپار ۽ فئڪٽريون ڄمايون. هنن جو اهم ٽريڊ ٽيڪسٽائيل، سوٽي ڌاڳو ۽ سڻي (Jute) رهيو. ڪراچي ۾ هنن جون دائود ڪاٽن ملز ۽ مشرقي پاڪستان ۾ ڪرنا ڦلي پيپر ملز ناليريون فئڪٽريون رهيون آهن. کين تعليم سان شروع کان دلچسپي رهي آهي ۽ هنن جي اها ئي سوچ آهي ته ڀلي ڪو زميندار، جاگيردار يا ڪارخانيدار ٿي ڪروڙها ڪمائي پر تعليم بنا هو جاهل ۽ غريب آهي. سيٺ احمد دائود جنهن دائود انجنيئرنگ ڪاليج ٺهرايو ان کي ٻه پٽ عزيز ۽ حسين ۽ هڪ ڌيءَ آهي. سندس ننڍو پٽ حسين اسانجو همعمر آهي هو پاڪستان ٿيڻ کان اڳ 1943ع ۾ انڊيا ۾ ڄائو. وڏو ٿيڻ تي بنيادي تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. ان بعد انگلنڊ جي شيفيلڊ يونيورستيءَ مان ميٽلرجي ۽ آمريڪا جي نارٿ ويسٽرن يونيورسٽي مان بزنيس ۽ ائڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس ڪيائين. دلچسپ ڳالهه اها ته دائود يونيورسٽي جي هاڻوڪي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فيض الله عباسيءَ به ساڳي يونيورسٽي شيفيلڊ مان ساڳي سبجيڪٽ Metallurgy ۾ Ph.D ڪئي آهي. هو اسان کان ست اٺ سال ننڍو آهي. حسين دائود کي چار ٻار آهن: عظيمه دائود، شهزاد دائود، سئبرينا دائود ۽ عبدالصمد دائود.
ائين به ناهي ته دائود فئمليءَ سياست نه ڪئي رڳو بزنيس ۽ ڪارخانا هلايا. هو سياست ۾ به آيا ۽ عوام جو پئسو ڦٻائڻ ۽ پنهنجن کي ورسائڻ بدران هنن پنهنجي کيسي مان عوام جي خذمت ڪئي. سيٺ احمد دائود جي ڀائٽي عبدالرزاق دائود کان ڪير واقف نه هوندو جنهن جي ”لارينسپور وولن ملز“ جو ڪپڙو 1968 کان سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. مونکي ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ اسان انگلنڊ ۽ اسپين جي دڪانن تان ڪمپليٽ سوٽ لاءِ بهتر ڪپڙي جو پڇندا هئاسين ته اسان کي پاڪستان جي هنن ملز جي ڪپڙي لاءِ ٻڌايو ويندو هو. ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ اڄ وانگر هرڪو ريڊي ميڊ سوٽ نه خريد ڪندو هو. پهرين ڪنهن ملڪ مان پينٽ يا ڪوٽ لاءِ ڪچو ڪپڙو وٺبو هو پوءِ هانگ ڪانگ يا ٿائلنڊ جهڙي ملڪ ۾ ڪنهن درزيءَ کي سبڻ لاءِ ڏبو هو. ان کان علاوه عبدالرزاق دائود ”هرڪيولس ڪيميڪلز لميٽيڊ“ جو MD به رهيو. پاڻ سياست ۾ به حصو ورتائين ۽ 1999ع کان 2002ع تائين ڪامرس ۽ انڊسٽريز جو فيڊرل وزير ٿي رهيو ۽ هن ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۽ ڪارخانن جي پٺڀرائي ڪري سڌارو آندو. پاڻ ڪاپي ڪري يا ڪنهن مدرسي مان BA جي ڪوڙي ڊگري نه ورتي هئائين پر انگلنڊ جي نيو ڪئسل يونيورسٽي مان Mining يعني کاڻين جي انجنيئرنگ ۾ گرئجوئيشن ڪئي. ان بعد نيو يارڪ (آمريڪا) جي ڪولمبيا يونيورسٽي مان 1968ع ۾ بزنيس ائڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس ڪئي (جنهن بعد هو لارينسپور وولن ملز جو اچي MD ٿيو). اڄ ڪلهه هو Descon ڪمپنيءَ جو چيئرمين آهي جنهن ۾ انجنيئرنگ ۽ ڪنسٽرڪشن، ڪيميڪلز ۽ پاور جهڙا ڪاروبار اچي وڃن ٿا. ڊيسڪان ڪمپنيءَ جون پنجن ملڪن ۾ برانچون آهن جن ۾ 14000 کان وڌيڪَ پورهيت ڪم ڪن ٿا. پاڻ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو ڊائريڪٽر به ٿي رهيو آهي. سندس تعليم سان شروع کان وڏو واسطو رهندو اچي. 1975ع کان 1984ع تائين هو ”يونيورسٽي آف پنجاب“ جي بزنيس ائنڊ ائڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ سان سلهاڙيل رهيو. ان کان علاوه لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز (LUMS) ۾ به ان جي شروع ٿيڻ واري وقت کان واسطي ۾ رهيو ۽ 1986ع ۾ ان جو ريڪٽر (Rector) به ٿي رهيو. ميانوالي جي نمل ڪاليج (Namal College Mianwali) جي ٺهڻ ۾ عبدالرزاق دائود جو هٿ آهي. پاڻ شوڪت خانم ميموريل اسپتال جو به ڏهه سال ٽرسٽي ٿي رهيو..... هي سڀ ڪجهه هاءِ لائيٽ ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته منهنجي پڙهندڙن جن فقط بکيا ۽ ڦرلٽ ڪرڻ وارا سياستدان ڏٺا انهن کي ڄاڻ پوي ته ههڙا تعليم يافته ۽ مخير (Philanthropist) سياستدان به آهن جيڪي عوام کي فقط ڏيڻ ۽ ڏيڻ جو سوچين ٿا..... کسڻ جو هرگز نه. ساڳي وقت اسان جي اسٽيريو ٽائيپ سياستدانن، پيرن ڀوتارن کي به Inspiration ملي سگهي ته هو پنهنجي اولاد کي موروثي سياستدان يا گادي نشين بنائڻ کان وڌيڪَ هنن کي اخلاق ۽ تعليم ڏياري اعليٰ انسان بنائڻ جي ڪوشش ڪن.
دائود يونيورسٽي (DUET) جو سنگِ بنياد ”دائود ڪاليج آف انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي“ (DCET) جي نالي سان ان وقت جي صدر مرحوم ايوب خان 1962ع ۾ رکيو ۽ 1964ع کان پڙهائي شروع ٿي. هن ۾ شروع کان آرڪيٽيڪچر تي وڏو زور ڏنو ويو. اڄ ڏينهن تائين هن مان ڪيترائي آرڪيٽيڪٽ انجنيئر پيدا ٿي چڪا آهن جن مان ڪيترائي ناليوارا ۽ مشهور آهن. نارٿ ناظم آباد، گلشن اقبال ۽ ڪراچيءَ جي ٻين نون علائقن جي گهرن جي خوبصورت ڊيزائين جي شروعات ڪندڙ هن دائود ڪاليج جا گرئجوئيٽ ٻڌبا هئا. خود اسانجو ڪراچي ڊفينس وارو گهر ۽ ساڳي گهٽيءَ ۾ چار ٻيا گهر دائود ڪاليج جي سابق پروفيسر ميان نصير احمد جا ڊيزائين ڪيل آهن. هڪ گهر سيد اڪبر شاهه جو ڊيزائين ڪيل آهي جنهن ۾ هو پاڻ رهي ٿو. نه ته ان کان اڳ گهرن جي ڊيزائين گهر ٺاهڻ وارا سِول انجنيئر ئي ڪندا هئا.
هن ڪاليج کي يونيورسٽيءَ جو درجو حڪومت سنڌ جي طرفان مارچ 2013ع ۾ مليو. هن يونيورسٽي جا ٻه ڪئمپس آهن: هڪ شهر جي وچ وارو، قائدِ اعظم جي مقبري جي ڀر وارو جنهن جي سامهون ڪراچي جو پراڻو ۽ مشهور ڪاليج ”اسلاميه ڪاليج“ آهي ۽ ٻيو ”اقبال ڪئمپس“ گلشنِ اقبال جي سترهين بلاڪ ۾ آهي. يونيورسٽي ۾ انجنيئرنگ فيلڊ لاءِ چئن سالن جو ڪورس آهي ۽ آرڪيٽيچڪر لاءِ پنجن سالن جو. انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ اليڪٽرانڪس، ڪيميڪل، انڊسٽريل ۽ مئنيجمينٽ، ميٽلرجي ۽ مٽيريلس به اچي وڃن ٿا. ڪجهه سالن کان دائود يونيورسٽي وارن چار ٻيا ڊپارٽمينٽ به شروع ڪيا آهن، جيئن ته: انرجي ۽ Environment، پيٽروليم ۽ گئس، ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ ”ڪمپيوٽر سسٽم انجنيئرنگ“.
دائود يونيورسٽيءَ جو گلشن اقبال وارو ڪئمپس مون نه ڏٺو آهي. پنجاهه سالن بعد هينئر به آئون هن شهر واري ڪئمپس ۾ آيس. ڪڏهن ڪڏهن ڪراچي اچڻ ٿيندو هو ۽ دائود ڪاليج واري روڊ تان لنگهبو به هو ته اڪثر شاگرد احتجاج ڪندي نظر ايندا هئا، شاگردن جا جلوس نعري بازي ۽ بئنر نظر ايندا هئا. هڪ تعليمي اداري جي حيثيت ۾ هي ڪاليج پنهنجو وقار وڌائي نه سگهيو هو. ڪيترا ماڻهو هن روڊ تان لنگهڻ کان لنوائيندا هئا. پر هاڻ جڏهن يونيورسٽي بڻيل دائود ڪاليج ۾ گهڙيس ته ماحول ۾ نيراني هير جهڙي سڳنڌ محسوس ڪيم. ڪا ڀڃ ڊاهه نظر نه آئي لوساٽيل ۽ اکڙيل گاهه بدران چوڌاري سائي سائي ڇٻر ۽ گلن جا ٻوٽا ڏٺم. سڀ کان وڏي ڳالهه فضيلت سان هلندڙ چلندڙ شاگرد ڏٺم نه ته هن ڪاليج ۾ اڪثر شاگردن جي جھيڙن جا احوال ٻڌبا هئا. پر هاڻ چوڌاري ٽولن ۾ ويٺل ۽ سانت ۾ بيٺل شاگردن کي ڏسي مونکي هڪ گهڙيءَ لاءِ اهو ئي گمان ٿيو ڄڻ آئون ممبئي يونيورسٽي ۾ آيو هجان. ممبئي يونيورسٽي توڙي بنارس جي هندو يونيورسٽي جتي منهنجو وڃڻ ٿئي ٿو، ان جي پر سڪون ماحول کي ڏسي آئون هميشه اها تمنا ڪندو آهيان ته شل ههڙو واءُ اسان جي يونيورسٽين ۾ به وري. هن تبديلي جو راز هڪ ٻن کان پنهنجي منهن پڇيم ته هنن ان جو ڪريڊٽ نئين آيل وائيس چانسلر ڊاڪٽر فيض الله عباسي ۽ هن جي ٽيم جي انصاف پسند رويي، اڻٿڪ ڪوشش ۽ سخت ڊسيپلين قائم ڪرڻ کي ڏنو ۽ اهو پڻ ته هاڻ داخلا لاءِ شاگردن جو ”انٽري ٽيسٽ“ ٿئي ٿو يعني فقط اهي شاگرد اچن ٿا جيڪي پاڙهو آهن جن کي پڙهائي سان دلچسپي آهي.