تعليمي ادارن جي بدنامي
هن ڊاڪٽر صاحب ڪجهه پنهنجن جي دعوت ڪئي جنهن ۾ مونکي به گهرائين. سياست جون ڳالهيون هليون ته صوبي جي هڪ اهم وزير جو نالو وٺي هن ٻڌايو ته هو سندس ڪلاس ميٽ هو. ”هن تي منهنجا وڏا ٿورا آهن جو هن کي ڊاڪٽر بنائڻ ۾ منهنجو هٿ آهي“.
ظاهر آهي اهو پڙهي توهان کي به حيرت لڳي هوندي سو اسان مان به ڪنهن ان جو راز پڇيس. وراڻيائين: ”هو ليڪچر ورلي اٽينڊ ڪندو هو آئون هن جي حاضري هڻائيندو رهيس ٿي. امتحانن ۾ کيس پاس ڪرائڻ جو به مون بندوبست ڪيو.......“ هوندو جو انهن ڏينهن ۾ سواءِ ڊاڪٽر عالماڻيءَ جي گهڻا تڻا پروفيسر به شاگردن کان ڊڄندا وتندا هئا. ڊاڪٽر عالماڻي پڪو ٻروچ ٿي ڏيکاريو. پاڻ به ذهين ۽ محنتي شاگرد ۽ قابل ڊاڪٽر ۽ پروفيسر هو. هن ۽ هن جهڙن ٻين ڪجهه پروفيسرن سنڌ جي تعليمي ادارن مان شاگردن جي داداگيري ختم ڪرڻ لاءِ جان جي بازي ضرور لڳائي. ماحول کي سڌارڻ جي وڏي همت ڪئي پر اسان جي تعليمي ادارن کي غنڊا گردي جي اڏوهيءَ کائي کوکلو ڪري ڇڏيو هو. ايتريقدر جو ڪئنٽين جو بئرو مانيءَ جي بل جي گهر ڪندو هو ته کائڻ وارو شاگرد ليڊر ٻٽونءَ مان نوٽ ڪڍي ٽيبل تي رکڻ بدران ور مان ڇرو ڪڍي ڪاٺ جي ٽيبل ۾ هڻندو هئو جيئن بئرو سمجھي وڃي ته داداگير شاگردن کان مانيءَ جو بل نه گهربو آهي.
اها ڳالهه به ٻڌڻ ۾ آئي ته بئري جي بل پيش ڪرڻ تي هڪ اسٽوڊنٽ ليڊر جيڪو ٻين جي مقابلي ۾ ”شريف“ هو کيسي مان پستول يا خنجر ڪڍڻ بدران ڪئنٽين جي مئنيجر کي چيو ته ”بل منهنجي حساب ۾ لکي ڇڏ“.
ان تي ڪئنٽين واري چيس: ”سائين توهان جي نالي تي پهرين به ڪيترا بل ٿي ويا آهن“.
شاگرد سگريٽ جو سوٽو هڻندي رعب سان چيس ته ”پوءِ اهي مٽائي هي نئون لک.“
انهن ڏينهن ۾ اها چوڻي مشهور ٿي ته ڪو زمانو هو جو ڪو شاگرد پرنسپال جي آفيس ٻاهران نظر ايندو هو ته چئبو هو ته ”شاگرد جو خير نه آهي“ پر هاڻ ڪنهن شاگرد کي پرنسپال جي آفيس ٻاهران ٿو ڏسجي ته خيال ٿو اچي ته ”پرنسپال جو خير ناهي“.
معمولي معمولي ڳالهين تي جھيڙا فساد ان بعد يونيورسٽي جو ڏينهن جا ڏينهن بند ٿيڻ هڪ اهڙي عام ڳالهه ٿي پئي جو ”سنڌ يونيورسٽي“ بند يونيورسٽي سڏجڻ لڳي.
گلف جي هڪ تعليمي اداري جي اعليٰ عملدار سان ملاقات ٿي جنهن ان دور ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪئي هئي. سندس سنڌ يونيورسٽي سان واسطو رهڻ ڪري مون هن کي چيو ته ان صورت ۾ توکي کپي ته تون پنهنجي اداري ۾ گهڻي کان گهڻا سنڌ يوينورسٽي جا گرئجوئيٽ رک.
”هرگز نه“ هن بنا لحاظ جي اڦٽ جواب ڏنو. شڪي ٿيڻ جي باوجود نڪ جو پڪو ٿي کانئس ان جو سبب پڇيم.
”ان ڪري جو“، هن وراڻيو، ”اتي تعليم جو ڪو نالو نشان نه هو. رڳو ڊگرين جي ورهاست هئي. اهو ئي سبب آهي جو ان بعد مون ساڳي ڊگريءَ لاءِ ممبئي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي هئي“.
هڪ ٻئي خوش حال ملڪ جو مثال ٿو ڌيان ۾ اچي. ملڪ يا ماڻهن جا نالا نٿو لکان. ان دور جا پراڻا ماڻهو تصديق ڪندا. ان امير ملڪ (عرب ملڪ نه پر ٻيو) کي ڪجهه گرئجوئيٽ جي ضرورت پئي. واسطيدار عملدار سنڌ يونيورسٽي جو گرئجوئيٽ هو. مون کيس ان ناتي سنڌ يونيورسٽي جي گرئجوئيٽ اميدوارن کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ صلاح ڏني ته هن صاف صاف انڪاري ڪري ڇڏيو. مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو. سال ٻن بعد واشنگٽن ۾ مون ان ڏک جو اظهار اتي رهندڙ پروفيسر جاويد ڀٽو صاحب سان ڪيو جيڪو ان دور ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪنهن ڊپارٽمينٽ جو هيڊ رهيو هو. هن ٻڌايو ته ان فارين شاگرد جو اهو نفرت آموز احساس هڪ نارمل ڳالهه آهي. ان ۾ هن جو نه پر اسان جو ڏوهه آهي. هو هڪ سنجيده ۽ علم حاصل ڪرڻ وارن شاگردن مان هو. هن جا باقي ٻه ساٿي اڙدو ۽ هنديءَ ۾ M.Phil ڪرڻ لاءِ لاهور ۽ دهليءَ جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ ويا. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ کي ترجيح ڏني جتي انهن ڏينهن ۾ ڪلاس ته صحيح نٿي هليا پر هاسٽل ۾ به شاگردن جو گوڙ فساد لڳل رهيو ٿي. هڪ عجيب ماحول هو جنهن کي هو پنهنجي ملڪ جي يونيورسٽين سان ڀيٽي حيرت کائيندو هو. انهن ڏينهن ۾ اغوائن جون وارداتون به عام هيون. جيڪب آباد ۽ گھوٽڪي ڪشمور ته ڇا سپر هاءِ وي تان به ماڻهو اغوا ٿي رهيا هئا. ڪجهه چيني انجنيئر به اغوا ٿيا جن لاءِ اهو مشهور ٿيو ته صوبي جي حاڪم جنهن جي ان وقت جي لائق چانڊئي، ڪولهي ۽ ٻين اغواڪارن سان ياري هئي، ان جي مرضي تي کڻايا ويا ۽ ڇڏڻ لاءِ حڪومت جي خزاني مان ڀُنگ جا پئسا ڪڍيا ويا. انهن ڏينهن ۾ مٿين شاگرد کي ڀٽ شاهه جي ميلي تان کڻائڻ جا افواه گرم ٿيا. ان راز جي ڄاڻ پوڻ سان هن ڌارئين ملڪ جي شاگرد ميلي تي وڃڻ بدران پنهنجي ملڪ ۾ اچي ساهه پٽيو ۽ پڇتائيندو رهيو ته هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ ۾ M.Phil ڪرڻ جو ڇو ارادو ڪيو. ان کان ته مرهٺي، بنگالي، تامل يا ڪنهن ٻي زبان ۾ انڊيا يا بنگلاديش جي ڪنهن يونيورسٽيءَ مان ڪري ها.
سو ان قسم جون غلط ڳالهيون ۽ حرڪتون اسانجي تعليمي ادارن کي تباهه ڪن ٿيون ۽ انهن جي گرئجوئيٽن کي دنيا گهٽ نظر سان ڏسي ٿي. هرڪو سوچي ٿو ته اها يونيورسٽي جنهن ۾ سڄو سال شاگردن جا هنگاما هلندا رهن، ڪلاس روم بند هجن، استاد پڙهائڻ کان نٽائين يا Motivation پيدا نه ڪن، امتحانن ۾ ڪاپي هلندي هجي..... اتان جيڪو گرئجوئيشن ڪندو اهو ڪهڙو لائق فائق هوندو؟ بهرحال شڪر آهي جو ڪجهه زماني لاءِ بدنام ٿيل سنڌ يونيورسٽي هاڻ وري پيرن تي بيٺي آهي. شاگرد ۽ استاد نه فقط روزانو اچي رهيا آهن پر وقت جي پابنديءَ سان. ويتر هاڻوڪو وائيس چانسلر فتح محمد برفت هن يونيورسٽي لاءِ نعمت کان گهٽ ناهي هو هڪ غيرتمند، بااخلاق، محنتي، ايماندار ۽ ڄاڻو پروفيسر آهي. هن هميشه ڪم وارن جو قدر ڪيو آهي ۽ چمچن کي پري رکيو آهي. مونکي پڪ آهي ته سنڌ يونيورسٽي نه فقط تعليم ۾ پر امن امان ۾ به اڃا بهتر ٿيندي. ڪنهن به ڏوهاريءَ جي ماحول کي خراب ڪرڻ جي همت نه ٿيندي ـــ فتح محمد ماهر به ان ئي سبجيڪٽ ۾ آهي ـــ يعني ”ڪرمنالاجي“ ۾. هو اهڙين حالتن کي اسرڻ هرگز نه ڏيندو جيڪي هن تعليمي اداري جي بدنامي ۽ بدامني جو سبب بڻجن.
ناٽنگھام يونيورسٽي جي پر سڪون ماحول ۾ سال 2008ع ۾ ٿورو وڳوڙ ضرور پيدا ٿيو هو جڏهن اسٽاف جو هڪ ميمبر ”هچام ييزا“ ۽ هڪ پوسٽ گرئجوئيشن جو مسلم شاگرد ”رضوان صابر“ 14 مئي 2008ع تي يونيورسٽي مان گرفتار ڪيا ويا ۽ هنن کي دهشتگردي جي ائڪٽ هيٺ ڇهه ڏينهن جيل ۾ رکيو ويو. ناٽنگھام يونيورسٽيءَ پوليس کي رضوان خلاف شڪايت درج ڪئي هئي ته هن وٽ القاعده جي ٽريننگ جو مينوئل موجود آهي جيڪو هو پنهنجي پوسٽ گرئجوئيشن جي ريسرچ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. پوليس جي تفتيش بعد هنن تي ڪو به ڏوهه ثابت نه ٿيو ۽ ٻنهي کي بنا ڪنهن دهشتگرديءَ جي ڏوهه جي آزاد ڪيو ويو. ٽن سالن بعد 2011ع ۾ رضوان صابر کي ڪوڙي الزام هيٺ 6 ڏينهن جيل ڪاٽڻ جو ازالو ڪرڻ لاءِ ناٽنگھام پوليس 20 هزار پائونڊ (اٽڪل 34 لک رپيا) معاوضو ڏنو.
ان ڪوڙي واردات بعد ناٽنگھام يونيورسٽي تي ڏاڍي تنقيد هلي ايتريقدر جو دهشتگردي جا سبجيڪٽ پڙهائڻ واري هڪ ٻئي پروفيسر ”راڊ ٿورنٽن“ آئندي ان سبجيڪٽ کي پڙهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڇو ته هن گرفتار ٿيڻ جو جوکم مٿي تي نٿي کنيو جو يونيورسٽي خبر ناهي ڪهڙي خيال يا موڊ تحت هن کي به ٻڌرائي ڇڏي. نتيجي ۾ اڄ ناٽنگھام يونيورسٽي ۾ دهشتگردي بابت ڪا به تعليم نٿي ڏني وڃي ۽ نه ان بابت ريسرچ ڪئي وڃي ٿي.