الطاف شيخ ڪارنر

ڪئمپس جا ڏينهڙا

هي ڪتاب سفرنامي جي انداز ۾ لکيل يونيورسٽين ۽ ڪئمپس جي ڪالمن، سفرنامن، مضمونن ۽ اتان جي استادن ۽ شاگردن سان ٿيل ڪچهرين تي مشتمل آهي، جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي. الطاف شيخ هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
”ملائيشيا جي هڪ پراڻي يونيورسٽي ”ملايا يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Ilmu Punca Kemajuan” يعني ”علم ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي“. يونيورسٽي سائنس ملائيشيا جو موٽو آهي: “Kami Memimpin” يعني ”اسان ئي اڳواڻي ڪنداسين“. ۽ ”تُن حسين عون يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Dengan Hikmah kita Meneroka” يعني عقل سان ئي حاصل ڪنداسين. “
  • 4.5/5.0
  • 4356
  • 1276
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪئمپس جا ڏينهڙا

سنڌ جا اعليٰ تعليم يافته استاد

ڪراچيءَ جي دائود يونيورسٽي (DUET) ۾ پهچڻ تي اسانجو آڌر ڀاءُ هڪ نوجوان انجنيئر ڊاڪٽر سليم ڦل ڪيو. سندس ذات ”ڦل“ تان مونکي اسانجو يار سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل ياد آيو. پاڻ خيرپور ميرس ۾ ٻارن جو ڊاڪٽر آهي. اسانجي انجنيئر پروفيسر سليم ڦل ٻڌايو ته هو ڊاڪٽر مشتاق کي سڃاڻي ضرور ٿو پر هن جو ڳوٺ ڪوٽڏيجي ڀرسان ڪنب آهي ۽ سليم پاڻ نوشهرو فيروز جي هڪ ڳوٺ ”ابراهو“ جو رهاڪو آهي.
ڊاڪٽر سليم 12 فيبروري 1981ع تي غلام رسول ڦل صاحب جي گهر ۾ ڄائو. سندس والد جو جيتوڻيڪ واپار سان تعلق هو ۽ هو هڪ ننڍڙي ڳوٺ جو هو پر هن سڀني ٻارن کي پڙهايو. ۽ تعليم خاطر ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيا جتان جي پبلڪ اسڪول مان 1977ع ۾ سليم مئٽرڪ ڪئي ان بعد گورنمينٽ ڪاليج قاسم آباد مان انٽر ڪئي. ”ڪمپيوٽر سسٽم انجنيئرنگ“ ۾ BE نوابشاهه جي قائدِ عوام يونيورسٽيءَ مان ڪئي. گرئجوئيشن بعد هن ابنِ خلدون سسٽم سافٽ ويئر ڪمپنيءَ ۾ سال کن ڪم ڪيو ان بعد اسڪالر ملڻ تي هن ماسٽرس جي ڊگري سيول (سائوٿ ڪوريا) جي Myongji يونيورسٽي مان ڪئي. سائوٿ ڪوريا جي هيءَ يونيورسٽي پاڪستان ٺهڻ وارن ڏينهن جي آهي يعني 1947ع جي لڳ ڀڳ جي. هيءَ يونيورسٽي سائوٿ ڪوريا جي گاديءَ واري شهر سيول ۾ هجڻ ڪري ڌاريان ماڻهو هن کان واقف رهيا آهن پر جيئن ته اسان ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي انگلنڊ ۽ آمريڪا جي يونيورسٽين جون اسڪالرون ملي ويون ٿي ان ڪري اسان آسٽريليا، نيوزيلئنڊ ۽ ڪئناڊا جهڙن انگريزي ڳالهائڻ وارن ملڪن کي به ترجيح نٿي ڏني. پر هاڻ گذريل ويهارو سالن کان ڏسان پيو ته اسان جي ملڪ جا نوجوان جتي ڪٿي نظر اچن ٿا. ظاهر آهي ته هنن کي جتي به اسڪالر جو آسرو ملي ٿو اتي وڃن ٿا. امير ماڻهو ته پنهنجي خرچ تي اڄ به انگلنڊ ۽ آمريڪا وڃن ٿا.
هن يونيورسٽي (ميونگجي) ۾ اڄ به ڪيترن قابل شاگردن کي اسڪالر مليو وڃي جيئن هن انجنيئر سليم ڦل کي ملي وئي. Myongji يونيورسٽي ۾ انجنيئرنگ، سائنس ۽ هيومئنٽيز ۾ اعليٰ تعليم ڏني وڃي ٿي. دائود يونيورسٽيءَ وانگر هن يونيورسٽيءَ جا ٻه ڪئمپس آهن. هڪ سيول شهر ۾ جتي سوشل سائنسز پڙهايون وڃن ٿيون ۽ ٻيو ويهه کن ڪلو ميٽر پري يان جن (Yongin) ۾ آهي جتي نئچرل سائنسز پڙهايون وڃن ٿيون. هن يونيورسٽيءَ سان 10 ڪاليج، 42 ڊپارٽمينٽ، 7 فئڪلٽيون ۽ 28 خاص پوسٽ گرئجوئيٽ پروگرام سلهاڙيل آهن. ڊاڪٽر سليم ڦل سيول واري ڪئمپس ۾ ٻه سال رهيو. ماسٽرس ڪرڻ بعد هن Comsat ڪمپنيءَ وٽ ائبٽ آباد ۾ ڪم ڪيو ان بعد ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت کيس وري Ph.D لاءِ اسڪالر ڏني جيڪا هن ڏکڻ ڪوريا جي Chonbuk نئشنل يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هيءَ يونيورسٽي سيول شهر کان پري جيولا (Jeolla) صوبي جي گادي واري شهر جيونجو (Jeonju) ۾ آهي. هي شهر واهه جو خوبصورت آهي ۽ هميشه سياحن جو مرڪز رهيو آهي. آئون اهو ضرور چوندس ته ڊاڪٽر سليم ڦل خوش نصيب آهي جو هو هن پئرس جهڙي شهر ۾ رهيو جتي ٻارهوئي دنيا جا ٽوئرسٽ ايندا رهن ٿا. اسانجو جهاز سائوٿ ڪوريا جي پوسان يا انچان بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن ٻن لاءِ ’جيونجو‘ ويندا هئاسين. پر اهي 30 ـــ 35 سال اڳ جون ڳالهيون آهن. ان بعد ته سڄو ڏکڻ ڪوريا ايڏو ته سڌريو ۽ ماڊرن ٿيو آهي جو جپان جو مقابلو ٿو ڪري. نه ته 1980ع کان اڳ تائين به جپان جي بندرگاهن مان ٿي ڏکڻ ڪوريا پهچبو هو ته ان جو هر شهر گدلو لڳندو هو. اوستائين به اسانجي ملڪ جو ڪو حال هو .... سونهن ۾ به ته معاشي حالتن ۾ به. ڪراچي هڪ صاف سٿرو ۽ ماڊرن شهر سمجھيو ويو ٿي ۽ اسانجي ملڪ جا ادارا ايڏو قابل ۽ مضبوط هئا جو ڏکڻ ڪوريا جهڙن ملڪن جا ايڪانامسٽ پنهنجي ملڪ جي ترقيءَ لاءِ اسانجي ماهرن کان صلاحون وٺڻ ايندا هئا.
ڏکڻ ڪوريا جي هيءَ يونيورسٽي (چون بڪ نئشنل يونيورسٽي) جنهن مان ڊاڪٽر سليم اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ Ph.D ڪئي پڻ مٿين يونيورسٽي جيتري پراڻي آهي. منجھس هن سال به 27 هزار کن شاگرد انجنيئرنگ جي مختلف سبجيڪٽن ۾ B.E ۽ 5 هزار کن ماسٽرس ۽ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيا آهن. يونيورسٽيءَ جو اڪيڊمڪ اسٽاف 980 ۽ ائڊمن اسٽاف 600 جي لڳ ڀڳ آهي. جن شاگردن انجنيئرنگ جي ڪنهن فيلڊ ۾ ماسٽرس ڪئي آهي انهن کي کپي ته هو وڌيڪ پڙهائيءَ لاءِ هن قسم جي يونيورسٽين ۾ اسڪالر لاءِ ضرور قسمت آزمائين جن ۾ پڙهائيءَ لاءِ يورپ جي ملڪن کان به بهتر ماحول آهي .... ڪوريا جي موسم البت ڪافي ٿڌي رهي ٿي پر ان سان شاگرد جو ڪهڙو واسطو! هنن کي ته ڪمري ۾ ويهي پڙهڻو آهي .... کلئي ميدان تي ڪو هر نه هلائڻو آهي ۽ نه پاڻي ورائڻو آهي.
اسان جي ڏينهن ۾ يعني 40 سال کن اڳ ههڙن ملڪن توڙي فنلئنڊ، سئيڊن ۽ ناروي پاسي جي يونيورسٽين ۾ آفريڪا جا شاگرد جام نظر ايندا هئا. پاڪستان جي پنجاب صوبي جا البت ڪجهه شاگرد هوندا هئا پر هاڻ ته حيرت ٿي ٿئي ته اسانجي صوبي سنڌ جا به ڪيترائي شاگرد ـــ نه فقط وڏن شهرن جا پر ٻهراڙي وارن علائقن جا به..... ۽ شاگردياڻيون پڻ، جتي ڪٿي نظر اچن ٿيون جيڪي سڀ نج ميرٽ تي اسڪالر لاءِ چونڊجي اچن ٿا.
ڊاڪٽر سليم ڦل ٻڌايو ته هن 2015ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ بعد 6 مهينا کن پوسٽ ڊاڪٽوريٽ تي ڪم ڪيو ان بعد 2016ع کان هتي دائود يونيورسٽي ۾ آهي. هن ٻڌايو ته هن سان گڏ هن جا ٻيا دوست به ڏکڻ ڪوريا جي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا، جيئن ته: عبدالستار چنو، عبدالوحيد ڀٽو، شيراز ميمڻ ـــ مهراڻ يونيورسٽي وارو ۽ ثاقب ڀٽي وغيره ۽ سندس ڳوٺ جو هڪ نوجوان هاليپوٽو هانگ ڪانگ ۾ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ Ph.D ڪري رهيو هو.
ڊاڪٽر سليم ڦل اسان کي وائيس چانسلر جي ڪمري ۾ وٺي آيو. هڪ همراهه ڪمري ۾ واڪ ڪرڻ سان گڏ بيحد مزي سان سگريٽ مان به مزو وٺي رهيو هو. اسان جي ڀاڻيجي تي نظر پوڻ تي هن سڃاتو ۽ ٻڌايو ته وي سي صبح کان نون اميدوار ليڪچرارن جو انٽرويو وٺڻ ۾ بزي آهي. ”آئون به هن سان گڏ هوس پر هاڻ مڙيئي ٻن منٽن جي گهت هڻي نڪتس ته سگريٽ ڇڪي فريش ٿي وڃان“. اهو چئي هن وري هڪ ڪش هنيو. مونکي هن جي ڳالهائڻ سان گڏ مرڪڻ ۽ سگريٽ ڇڪڻ جو اسٽائيل ڏاڍو وڻيو. هڪ سگريٽ جيڪڏهن ڪنهن فنڪار، تخليقڪار، پروفيسر، اديب شاعر يا سرجن کي فريش ٿو ڪري ڇڏي ته ان کان وڏي ڪهڙي ڊيل! هڪ سگريٽ جيڪڏهن ڪنهن پيچيده انگي حساب جي منجھيل سٽ کي سلجھائي ٿو سگهي ته اهو سودو ڪو مهانگو ته نه چئبو. مونکي سنڌ جو مشهور شاعر، اديب ۽ مفڪر مرحوم شمشير حيدري ياد اچي ويو. ڪنهن زماني ۾ هو مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر هو جنهن جي ٽنڊو ولي محمد ۾ آفيس هئي. منهنجو جهاز ڪراچيءَ آيو هو ۽ سمنڊ تي لکيل سفرنامو کڻي حيدراباد ۾ ڇپرائڻ لاءِ آيو هوس. ان لاءِ مونکي ”پيش لفظ“ جي ضرورت هئي. آئون شمشير وٽ آيس.
”شمشير پيش لفظ لکي ڏيندين؟“ مون پڇيومانس.
”ڇو نه. خوشيءَ سان.“ هن وراڻيو.
”پر سائين اڄوڪي ڏينهن اندر. سڀاڻي صبح سان ڪراچي موٽڻو اٿم.“
”اها ڪهڙي وڏي ڳالهه،“ شمشير وڏي هائوڪار ڪندي چيو، ”آئون هينئر جو هينئر لکي ٿو ڏيانءِ“. تون رڳو مونکي ٻاهران مانڊڻيءَ تان سگريٽن جو پاڪيٽ آڻي ڏي.“
شمشير ٻه چار سگريٽ ضرور دکايا پر ٻن ڪلاڪن ۾ هن منهنجي ڪتاب جي مواد کي سرسري پڙهڻ سان ڳالهه سمجھي ٽن چئن صفحن جو مهاڳ لکي ڏنو.
جنهن پهرين جهاز تي آئون جونئر انجنيئر جي حيثيت سان چڙهيس هڪ رات انجڻ جي مسئلي ڪري بيهي رهيو. آئون ان جهاز جي گوري (برٽش) چيف انجنيئر سان ڊيوٽي ڪري رهيو هوس. هو ڪلاڪ کن انجڻ تي مٿا ڪٽ ڪندو رهيو پر ڪجهه سمجهه ۾ نه آيس. آخر اسٽول تي ويهي کيسي مان پاڪيٽ ۽ لائيٽر ڪڍي سگريٽ دکايو ۽ سوچيندو رهيو. سگريٽ ختم ڪري اٿيو ۽ پهرين ٽراءِ ۾ ئي انجڻ اسٽارٽ ڪري ويو. مون کان پڇيائين ته ”تون سگريٽ نه ڇڪين ڇا؟“
”نو سر!“ جواب ڏنو مانس.
”ته پوءِ ٿڪاوٽ ڪيئن دور ڪندو هوندين؟“
هن جو مطلب هو ته پوءِ فريش ٿي مسئلو ڪيئن حل ڪري سگهندين.
ڳالهه ته هن واهه جي ڪئي هئي. سگريٽ ڇڪڻ واري کي سگريٽ پيئڻ سان نيون نيون آئيڊيائون اچيو وڃن ـــ جن کان ”نان سموڪر“ محروم رهي ٿو. سگريٽ ڇڪڻ مان نقصان پنهنجي جاءِ تي پر جڏهن هڪ دل جو مريض ڊاڪٽر وٽ پهچي ٿو ۽ ڊاڪٽر هن کي چوي ته: ”بابا! جي جان پياري اٿئي ته سگريٽ ڇڪڻ ڇڏي ڏي. بچي ويندين.“
سموڪر ته سگريٽ ڇڪڻ ڇڏي ڏيندو پر جي اهو مريض سموڪر بدران ”نان سموڪر“ آهي ته هن لاءِ ته ڪا اميد نه رهي!
ڊاڪٽر مشتاق منهنجو ساڻس تعارف ڪرائي هن لاءِ مون کي ٻڌايو ته هي ڊاڪٽر روشن شاهه راشدي پرو وائيس چانسلر آهي. آئون ساڻس هٿ ملائي کيس غور سان ڏسڻ لڳس. وقت ڪيئن ٿو تيز ڊوڙيو وڃي! پير جھنڊي ڳوٺ ۾ جن ٽن چئن ٻارن سان فوٽو ڪڍرايو هوم انهن ۾ هڪ هي به هو. اهو سال 1966ع يا 1967ع هو ۽ ان وقت روشن ست اٺ سالن جو مس هو.
دراصل سعيد آباد جتي ڊاڪٽر روشن وارن جو ڳوٺ پير جھنڊو آهي ان ۽ اسان جي ڳوٺ هالا ۾ ڪو 10 ميلن جو فاصلو آهي ۽ اسان جون زمينون سعيد آباد جي اڃان به ويجھو هجڻ ڪري اسان جو ننڍي هوندي کان پير جھنڊي وڃڻ ٿيندو رهي ٿو. آئون ننڍو هوس هالا ۾ پڙهندو هوس يا پيٽارو کان موڪلن ۾ ڳوٺ اچبو هو ته والد سان گڏ ٻنيءَ جي چڪر بعد ڪڏهن ڪڏهن پير جھنڊو به وڃبو هو. انهن ڏينهن ۾ اڄ جي گادي نشين ’پير عباد الله شاهه راشدي‘ جو والد صاحب پير وهب الله شاهه راشدي، ڇهون گادي نشين هو. سندن ننڍو ڀاءُ پير حامد شاهه منهنجي ننڍي ڀاءُ حاجي اشفاق احمد جو ويجھو دوست رهيو ۽ سندن وفات تائين اسانجو هڪ ٻئي وٽ اچڻ وڃڻ لڳو رهيو. ڊاڪٽر روشن وارا ۽ هاڻوڪو جھنڊي وارو پير سنڌ يونيورسٽي جو پروفيسر پير عباد الله شاهه سمجھو ته سوٽاڻي سوٽ ۽ هم عمر آهن. منهنجا ڪئڊٽ ڪاليج جا ڪلاس ميٽ ۽ همعمر سرهاريءَ جا امام شاهه راشدي ۽ سندس ننڍو ڀاءُ سيف الله شاهه راشدي هنن جهنڊي وارن پيرن جا پڦاٽ ماروٽ ٿيا. منهنجو پير جھنڊو ۾ امام شاهه وارن سان گڏ به اچڻ ٿيندو هو. ڊاڪٽر روشن توڙي پير عباد الله وارا اسان کان 14-15 سال ننڍا ٿيندا.
پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هتي اهو ٻڌائڻ به ضروري ٿو سمجھان ته پير پاڳاري ۽ پير جھنڊي وارن جو هڪ ئي خاندان آهي ۽ پير محمد راشد جو اولاد سڏجي ٿو جيڪو ”روضي ڌڻي“ جي نالي سان مشهور آهي. سندن وڏي پٽ صبغت الله شاهه اول جي اولاد مان موجوده پير پاڳارو آهي ۽ چوٿين نمبر پٽ پير ياسين شاهه جنهن کي تبليغ لاءِ جھنڊو ڏنو ويو، هي جھنڊي وارا پير آهن.
پير ياسين بعد سندن فرزند پير فضل شاهه ۽ ان بعد سندن ڀاءُ پير رشيد جھنڊي وارن پيرن جو ٽيون پڳدار ٿيو. ڊاڪٽر روشن شاهه راشدي جو ڏاڏو محمود شاهه راشدي جيڪو مشهور شاعر به ٿي گذريو ۽ ”ساحل راشدي“ تخلص هوس امام الدين شاهه جو پٽ ۽ مٿي بيان ڪيل پير جھنڊي جي ٽئين گادي نشين پير رشيد الدين جو پوٽو هو.
ساحل راشدي نه فقط سنڌيءَ ۾ پر عربي ۽ فارسي ۾ به شاعري ڪئي. سندن وفات واري سال 1977ع ۾ آئون هالا ۾ هوس. مون سندن شاعريءَ جي واکاڻ مخدوم طالب الموليٰ وٽ ٻڌي. هاڻوڪي پير جھنڊو پروفيسر عباد الله راشدي جو چاچو پير فضل الحق (جنهن کي منهنجو انڊيا جو سفرنامو بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾ منسوب ٿيل آهي) ٻڌائين ٿا ته ساحل راشدي جي ڪافين جا رڪارڊ به آهن جيڪي گراموفون وارن ڏينهن ۾ وڏي شوق سان ٻڌا ويا ٿي.
”ساحل راشدي“ جو فرزند عبدالحئي شاهه راشدي پاڻ شاعر يا اديب ته نه ٿيو پر هن پنهنجن پنجن ئي پٽن (ڊاڪٽر روشن شاهه سميت) کي خوب پڙهايو. مون جڏهن چانهه تي ڊاڪٽر روشن سان حيرت جو اظهار ڪيو ته هو پيراڻا ٻار ٿي ڪري ايڏو ڪيئن پڙهيا ـــ يعني ان پٺيان ڪهڙي Inspiration يا Driving Force هو ته هن مرڪندي ٻڌايو ته ”بابا سڄو زور اسان جي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر مصطفيٰ تي لڳايو پوءِ اسان سڀ ننڍا ڀائر هن کي فالو ڪندا وياسين.“
اها هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن بابت ٻيا به ڪيترائي ٻڌائين ٿا. ان ڪري آئون پنهنجن پڙهندڙن سان اهو ئي گوش گذار ڪندس ته هو پنهنجي پهرين ٻار ـــ خاص ڪري پٽ ٻار کي لاڏلو هرگز نه بنائين بلڪه هن تي سخت نظر رکي هن کي پاڙهو ۽ محنتي پٽ بنائين. تعليمدانن جو اهو ئي چوڻ آهي ته پنهنجي وڏي ٻار کي گهٽ ۾ گهٽ اٺين ڪلاس تائين پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکو..... کيس پڙهڻ ۽ محنت جي عادت وجھو، اخلاق سيکاريو، هن جو هرناز ۽ نخرو کڻڻ بدران هنکي سخت جان ۽ سادگي پسند بڻايو .... ۽ توهان ڏسندائو ته ان کان پوءِ هو پاڻ ئي ان سانچي ۾ اچي ويندو ۽ اڳتي توهان جي مدد بنا به هو بهتر راهه ڏي وڌندو ويندو ان سان گڏ هن جا ننڍا ڀائر ۽ ڀينرون به هن کي فالو ڪندا ويندا.
اسانجي انجنيئر پروفيسر روشن شاهه جي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر مصطفيٰ شاهه راشديءَ لياقت يونيورسٽي ڄام شورو مان ايم بي بي ايس ڪئي .... يعني هو ميڊيڪل جو ڊاڪٽر آهي ان بعد ڊاڪٽر روشن جنهن انجنيئرنگ ۾ Ph.D ڪئي ان بعد ٽيون ڀاءُ اڪبر اعظم راشدي آهي جنهن پڻ مهراڻ يونيورسٽي مان BE ڪئي ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر آهي. اڄ ڪلهه هو سيڊا کاتي ۾ آهي. سندن چوٿون ڀاءُ جهانگير راشدي به ميڊيڪل جو ڊاڪٽر آهي جنهن پڻ لياقت يونيورسٽي ڄامشورو مان MBBS ڪئي ۽ اڄ ڪلهه مديني ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. سندن سڀ کان ننڍو ڀاءُ عرفان راشدي انجنيئر آهي ۽ اڄ ڪلهه انگلنڊ ۾ M.Phil ڪري رهيو آهي.
چانهه تي دائود يونيورسٽيءَ جا ڪجهه ٻيا پروفيسر به ويٺا هئا ته مون کين چيو ته مونکي ڊاڪٽر روشن شاهه راشدي جي Ph.D ڪرڻ جي بيحد خوشي آهي. ڊاڪٽر سليم ڦل کلندي چيو ته: ”اسان به ته ڊاڪٽوريٽ ڪئي آهي“.
”بلڪل صحيح ٿا چئو نه رڳو توهان پر دنيا جي ملڪن ۾ ڏسان پيو ته اسانجي ٻهراڙيءَ جي عام ماڻهن جا به ٻار ــــ ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون ـــ ۽ ويندي مينگھواڙ، ڀيل ۽ اوڏن جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ٻين ملڪن ۾، ويندي ملائيشيا جهڙي ۾ سلطانن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ پيرن جا ٻار فوج ۾ به وڃن ٿا ته اعليٰ تعليم حاصل ڪري ميرٽ تي اعليٰ عهدن تي نوڪري به ڪن ٿا. ان معاملي ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي پيرن، سردارن ۽ چوڌرين جا ٻار به فوج ۾ توڙي تعليم ۾ اڳيان اڳيان آهن پر اسان وٽ سنڌ ۾ اهڙا مثال تمام گهٽ آهن. بقول ملائيشيا ۾ رهندڙ اسان جي هڪ سنڌي ڊاڪٽر جي ”اسان جي پيرن، ميرن وڏيرن جو رڳو اهو زور آهي ته پيري مريدي يا سياست ذريعي وزير بڻجي پئسو ڪمائجي يا اهڙا بل پاس ڪرائجن جن ذريعي سندن ٻار بنا ڪنهن مقابلي ۽ امتحان جي اسسٽنٽ ڪمشنر، اي ايس پي ۽ مئجسٽريٽ بڻجي وڃن ۽ عوام تي حڪومت ڪن.“
اهڙي تناظر ۾ مٽياري جي ڄاموٽن، پير جھنڊي جي راشدي پيرن ۽ چند ٻين اهڙين پيراڻين فئملين جي ٻارن بابت ٻڌان ٿو ته هو فوج ۾ اعليٰ آفيسر ٿي ويا آهن يا دنيا جي يونيورسٽين مان مختلف فيلڊن ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري هو ميرٽ تي اعليٰ نوڪريون ڪري رهيا آهن ته خوشي ٿي ٿئي ته هو ٻين لاءِ به مثال پيدا ڪري رهيا آهن ته پيري مريدي يا پئسي ۽ داداگيري جي زور تي هر خواهش پوري ڪرڻ يا وڏا عهدا حاصل ڪرڻ بدران محنت ۽ پورهيو ڪري، علم ۽ تجربو حاصل ڪري پنهنجي بهتر ڪارڪردگي ۽ علم مطابق achieve ڪريو جيئن ملائيشيا ۽ برونائي جي سلطانن جا ٻار ڪن ٿا يا ٿائلنڊ ۽ انڊونيشيا جي راجائن جا ٻار ڪن ٿا يا جيئن جپان جا فيوڊل لارڊ پنهنجي ٻارن کي تعليم ۽ تربيت يافته بنائين ٿا ۽ پوءِ اهي سياست ۾ اچن ٿا ته به پڙهيل لکيل هجڻ ڪري عوام جي بهتري جو سوچين ٿا ۽ هو مال ملڪيت هٿ ڪرڻ بدران ماڻهن جون دعائون، عزت ۽ ناموس حاصل ڪن ٿا. ڪاش اسان وٽ به سمورا پير، مير، سردار، ڀوتار جيڪڏهن پنهنجن ٻارن کي سياست ۾ آڻين ٿا ته هنن کي گهڻي کان گهڻو تعليم جو زيور ڏين، ڊسيپلينڊ رکڻ لاءِ فوج ۾ موڪلين جيئن هنن کي گهٽ ۾ گهٽ سوير اٿڻ جي عادت ٿئي، محنت جي عادت ٿئي، آفيس ۾ وهڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي عادت ٿئي ۽ غريب عوام جي جذبن، اميدن ۽ ضرورتن جي ڄاڻ ٿئي جيئن سياست ۾ رهي هنن جي خذمت ڪري سگهن.
ڊاڪٽر پير روشن شاهه راشديءَ کي چيم ته مونکي ان ڪري به خوشي آهي جو توهان ڳوٺ ۾ رهي ڪري به تعليم کي نه ڇڏيو آهي. هينئر به ڪوالالمپور ۾ توهانجي گادي نشين پير عباد الله شاهه راشدي جي پٽ عبيد راشدي کي Ph.D ڪندو ڏسي خوشي ٿي. پاڻ پير عباد الله شاهه به اعليٰ تعليم يافته آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ آهي ـــ هونءَ اصولن پير جھنڊي جا ماڻهو سڀ کان اعليٰ تعليم يافته ۽ سلجھيل هئڻ کپن جو ڪو زمانو هو جو توهانجو ڳوٺ مدرسن ۽ تعليمي ادارن کان ڄاتو سڃاتو ويو ٿي. جھنڊي وارن پيرن جي چوٿين گادي نشين پير رشد الله شاهه جنهن جي شاعري جو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو آهي، ستر کن ڪتابن جو مصنف آهي. سندن ولادت 1860ع ۾ ٿي ۽ پاڻ سنڌ جي جڳ مشهور مدرسي (دارالارشاد) جا باني هئا. هن مدرسي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کان ته ڇا هندوستان، ايران ۽ وچ ايشيا کان شاگرد ايندا هئا. هن مدرسي ۾ مولانا عبيد الله سنڌي، مولانا عبدالله لغاري، مولانا محمد احمداڻي ۽ مولانا نجم الدين جھلم واري جهڙا عالم پڙهائيندا رهيا. هتي جو ڪتب خانو هندوستان جي معياري ڪتب خانن مان هڪ شمار ڪيو ويو ٿي. سنڌ جي مشهور اخبار ”الوحيد“ به پير رشد الله شاهه ۽ مولانا تاج محمد جي ڪوششن سان 1919ع ۾ شروع ٿي.
اسان جو ڊاڪٽر پير روشن شاهه راشدي 12 سيپٽمبر 1958ع ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ۽ مئٽرڪ نيو سعيد آباد مان ڪيائين ۽ انٽر حيدرآباد جي ڪئنٽومنيٽ سائنس ڪاليج مان ڪرڻ بعد B.E مهراڻ يونيورسٽيءَ مان 1983ع ۾ ڪيائين. ان بعد ماسٽرس، Ph.D ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ مختلف وقتن تي انگلنڊ جي ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. سندس اهم انجنيئرنگ سبجيڪٽ Industrial Mangement رهيو آهي.
ڊاڪٽر روشن B.E ڪرڻ بعد مهراڻ يونيورسٽي ۾ ئي مڪينيڪل انجنيئرنگ جو ليڪچرر ٿيو. ان بعد جيئن جيئن اعليٰ تعليم حاصل ڪندو ويو ته 1999ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي انسٽيٽيوٽ آف سائنس ٽيڪنالاجي ائنڊ ڊيولپمينٽ جو ڊائريڪٽر ٿيو. 2012ع ۾ ڊين آف سائنس ٽيڪنالاجي ٿيو. هاڻ گذريل سال 2016ع ۾ هو مهراڻ يونيورسٽي ڇڏي هتي دائود يونيورسٽيءَ ۾ آيو آهي ۽ سندس نئين پوسٽ ”پرو ـــ وائيس چانسلر“ آهي.
ڊاڪٽر روشن کان پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هن کي هڪ ته ڪرڪيٽ کيڏڻ جو شوق آهي. ٻيو مطالعي ۽ رڌ پچاءَ جو. رڌ پچاءَ واري ڳالهه مونکي حيرت ۾ ضرور وڌو ۽ کلندي چيومانس ته ”روشن تون پيراڻو ٻار ٿي ڪري اهي رڌ پچاءَ جهڙا ڪم ڪيئن سکئين؟“
”سائين ماٺ اٿانو ڀلي! اسان جي ڏينهن ۾ ڪٿي هئا برگر ۽ پيزا، اسپاگھيٽي ۽ نوڊلز جنهن جا اڄ جا ٻار ننڍپڻ کان عادي ٿي ويا آهن. اسان ته پير جھنڊو ڳوٺ ۾ ڊبل روٽي کائڻ به پسند نه ڪندا هئاسين. فقط ماني ۽ ڀت جا عادي هئاسين. جنهن سان گڏ بصر جي داڳ سان رس وارو ٻوڙ ضرور هوندو هو. انگلنڊ ۾ اچي پهرين ته سخت منجھي پيس. پوءِ سوچيم ته ڊگري مٿان ڊگري حاصل ڪرڻي آهي ته ان مسئلي کي منهن ڏيان. انهن ڏينهن ۾ ”مصالحا“ جهڙو رڌ پچاءَ جو ڪو ٽي وي چئنل نه هو سو هِنَ هُنَ کان پڇي پڇي ..... پوءِ ڪڏهن ڪچو ڪڏهن پڪو ڀت ۽ ٻوڙ ٺاهي ٺاهي ماهر ٿي ويس .... يعني پسند جا ڪجهه ڊش ٺاهڻ سکي ويس. آچر ڏينهن تي ڳنڌڻ ٺاهي فريز ڪري ڇڏيندو هوس ۽ پوءِ ڪنهن ڏينهن ڀت ته ڪنهن ڏينهن ماني ٺاهي سڄو هفتو گذارو ڪندو هوس.
پير روشن جي اها رڌ پچاءَ واري ڳالهه اڄ جي نوجوان لاءِ سٺو ميسيج آهي جيڪي ولايت ۾ پڙهڻ يا نوڪري دوران رڌ پچاءَ کان قميص ۾ ٻيڙو ٽانڪڻ جو روئڻ روئندا رهن ٿا.
ڊاڪٽر روشن کان سندس ٻارن جو به پڇيم ته اهي پڙهائي ۾ ڪيئن آهن. اسان جا ڪيترائي ڳوٺاڻا غربت ۽ گهٽ سهولتن هوندي به محنت ڪري نه رڳو اعليٰ تعليم حاصل ڪن ٿا پر مقابلي جا امتحان پاس ڪري اعليٰ نوڪريون به حاصل ڪن ٿا. پر ٽرئجڊي اها آهي ته ڪيترن اهڙن ماڻهن جو اولاد آرام ۽ سهولتن جي موجودگي ۾ به ڪجهه ڪري نٿو ڏيکاري ان جو هڪ اهو به سبب آهي ته ماءُ، جنهن کي ان ڳالهه ڏي ڌيان ڏيڻ کپي، اها ڪجهه نٿي ڪري ۽ اها اهو ئي چاهي ٿي ته پيءُ نوڪري ڪري گهر جو خرچ به پورو ڪري ته شامَ جو اچي هنن کي پاڙهڻ جو ڪم به ڪري جيڪا ڳالهه اڄ ڪلهه جي ڏکي نوڪري ۽ مشغول زندگي ڪري ناممڪن آهي. اهو ئي حال ملائيشيا ۾ به ڏسان پيو. ملئي ٻار ٻين جي مقابلي ۾ سست سمجھيا وڃن ٿا. انهن جي والدين غربت جو وقت ڏٺو ۽ محنت ڪري اعليٰ عهدا حاصل ڪيا. هاڻ (خاص ڪري مائرون) اهو ئي چاهين ٿيون ته سندن ٻارن کي هر ان شيءِ سان Pamper ڪيو وڃي جنهن لاءِ هو جڏهن ٻار هئا، سڪندا رهيا ٿي. ملئي مائرن جو سڄو زور پنهنجن ٻارن کي ـــ خاص ڪري پٽ ٻارن کي هڪ طرف چاڪليٽ ۽ آئس ڪريمون وٺي ڏيڻ ته ٻي طرف اوچا موبائيل فون ۽ آئي پيڊ خريد ڪري ڏيڻ تي آهي. ها البت انهن ڪجهه ملئي مردن جا ٻار هوشيار ۽ سڌريل نظر ايندا آهن جن جون زالون چينياڻيون يا انڊين نسل جون هونديون آهن. اسان وٽ به ڪجهه اهوئي حال هو پر هاڻ ڏسان پيو ته ويندي سنڌ جي ڳوٺن جون زالون پاڻ پڙهيل نه هوندي به ٻارن تي ڌيان ڏئي رهيون آهن ۽ هنن تي نظر رکن ٿيون ته پڙهائي ڪري رهيا آهن يا نه. ٽي وي ۽ ڪمپيوٽر تي گهڻو وقت ضايع ته نه پيا ڪن ۽ کين اجايا سجايا مٺا کاڌا ۽ مشروب کارائي ڦيڦو ۽ شگر جو مريض نٿيون بڻائين.
مون ڊاڪٽر روشن شاهه راشديءَ کان سندس ٻارن جو پڇيو ته اهي پڙهائيءَ ۾ ڪيئن آهن. اهو ٻڌي خوشي ٿي ته سندن نه فقط پٽ ٻار پر ڌيئرون به پڙهائيءَ ۾ اڳيان اڳيان آهن. وڏو پٽ يا شايد ڌيءَ جنهن مهراڻ يونيورسٽي مان BE ۽ ماسٽرس ڪئي اهو اعليٰ تعليم لاءِ هن وقت جرمني جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ آهي. سندس ڌيءَ BBA ۽ MSc ڪئي آهي هن وقت مهراڻ يونيورسٽي ۾ آهي. هڪ ٻئي پٽ به BE ڪئي آهي. ان بعد ٻيا ننڍا آهن جيڪي مئٽرڪ انٽر تائين پهتا آهن.
”پوءِ سائين هنن تي نظر رکڻ لاءِ توهان کي ڪيئن ٿو ٽائيم ملي؟“ مون پڇيومانس.
”سچي ڳالهه اها آهي ته ان ۾ منهنجو ڪريڊٽ ناهي. آئون ته رڳو ٻارن جي ڳالهه ٻڌي ته مون هن ۾ نمبر کنيو يا فلاڻي Assignment پوري ڪئي..... هنن کي واهه واهه ڪيان ٿو. اها منهنجي زال آهي جيڪا روز مغز ماري ڪري ٿي ۽ هوءَ اهو به ڏسي ٿي ته هو جيڪي ڪلاس روم ۾ پڙهي آيا ان جو دور ڪن ٿا يا نه، هوم ورڪ سڀ ڪيائون يا نه.....“
”بلڪل ائين ئي هئڻ کپي. توهان جي گهر واريءَ کي شاباس هجي. هوءَ بيحد عقلمند ۽ پورهيت ٿي لڳي.“ مون داد ڏنو.
جھنڊي وارن پيرن جون شاديون گهڻيون ڪري پنهنجن ۾ ئي ٿين ٿيون پر اڄ ڪلهه هڪ ٻن ٻاهر به شاديون ڪيون آهن. خاص ڪري ڊاڪٽر روشن جي هڪ ڪزن (پير عباد الله شاهه راشدي جي ڀائٽي) ڊاڪٽر عارف الله شاهه راشدي جيڪو نيفرالاجسٽ آهي يعني بڪين (Kidneys) جي بيمارين جو ماهر.
”لڳي ٿو ته توهان به ڊاڪٽر عارف وانگر ڌارين مان شادي ڪئي آهي؟“ مون ڊاڪٽر روشن کان پڇيو ۽ هن وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو: ”نه سائين مون ڳوٺان ئي شادي ڪئي آهي ـــ نور مصطفيٰ شاهه جي گهران“.
اهو ٻڌي مونکي اڃان به خوشي ٿي ته ڪن ڪن هنڌن تي ـــ ويندي ڳوٺن ۾ به سجاڳي تيزيءَ سان اچي رهي آهي ۽ اتي جون نياڻيون پنهنجي اولاد جي مستقبل ٺاهڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيون آهن.هتي اهو به لکندو هلان ته نور مصطفيٰ شاهه ڊاڪٽر روشن جي والد عبدالحي شاهه راشدي جو ماسات ٿئي.