الطاف شيخ ڪارنر

ڪئمپس جا ڏينهڙا

هي ڪتاب سفرنامي جي انداز ۾ لکيل يونيورسٽين ۽ ڪئمپس جي ڪالمن، سفرنامن، مضمونن ۽ اتان جي استادن ۽ شاگردن سان ٿيل ڪچهرين تي مشتمل آهي، جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي. الطاف شيخ هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
”ملائيشيا جي هڪ پراڻي يونيورسٽي ”ملايا يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Ilmu Punca Kemajuan” يعني ”علم ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي“. يونيورسٽي سائنس ملائيشيا جو موٽو آهي: “Kami Memimpin” يعني ”اسان ئي اڳواڻي ڪنداسين“. ۽ ”تُن حسين عون يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Dengan Hikmah kita Meneroka” يعني عقل سان ئي حاصل ڪنداسين. “
  • 4.5/5.0
  • 4356
  • 1276
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪئمپس جا ڏينهڙا

اسانجو سُپر هاءِ وي ۽ بادل پالاري

ڪراچي کان حيدرآباد آئي مونکي چار سال کن ٿي ويا هئا. چار سال وڏو عرصو آهي جنهن ۾ مڪي، مديني ۽ جدي کان ڪولمبو، ڪوالالمپور ۽ جڪارتا جهڙن شهرن ۾ ته تمام وڏي تبديلي ۽ ماڊرنائيزيشن اچيو وڃي ۽ ڪو زمانو هو جو چئبو هو ته پئرس جا رستا آرسيءَ جيان ٿا چمڪن.... اڄ ڪو ايشين يا آفريڪن اهڙي وائي نٿو واري جو ڪينيا، يوگنڊا ۽ تنزانيا جهڙا آفريڪي ملڪ هجن يا فلپين، سنگاپور ۽ ويٽنام جهڙا ايشيائي ملڪ.... ڪنهن به شهر کان ٻاهر نڪر ته ڇا سهڻا ۽ مضبوط رستا آهن..... ڀلي پيا مينهن وسن توهان بي ڊپا ٿي گاڏيون هلايو.... اسانجو هر ڳالهه ۾ مقابلو انڊيا سان رهي ٿو ۽ اسان جا اخبار وارا انڊيا جي ڪنهن روڊ حادثي يا ٽرئفڪ جئم جي خبر وڏن چَشڪن سان ڏين ٿا جنهن کي پڙهي اسان جا ماڻهو سمجھن ٿا ته انڊيا ۾ ڪا ڀينگ پئي وسي پر اڄ انڊيا جا به شهر توڙي روڊ رستا ماڊرن ملڪن جي مقابلي ۾ آهن. هنن جون وقت جون پابند ۽ هر سهوليت سان پُر ريل گاڏيون ۽ بسون ڏسو ۽ رستن تي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ٺهيل انهن جا اسٽاپ ۽ اسٽيشنون ڏسو.... هڪ ميلو ۽ رونق هوندي آهي ۽ ماڻهو ڏينهن رات بي ڊپا ٿي سفر پيا ڪن. اسانجي جھانگارا باجاره، شاهه پنجو، سڪرنڊ ۽ باڊهه جهڙن هندوستاني ڳوٺن جون بس اسٽاپ واريون هوٽلون ڏسو ته اهي به بين الاقوامي سهولت واريون آهن تڏهن ته يورپي ۽ آمريڪن ٽوئرسٽ انڊيا گهمڻ ۽ موڪلون گذارڻ اچن ٿا....
ممبئي، دهلي ۽ ڪلڪتي ۾ شهر جو شهر ۾ هلندڙ ٽرينون ۽ انڊر گرائونڊ گاڏيون هلن ٿيون. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ ٽرام هلندي هئي اها به بند ٿي وئي... سرڪيولر ٽرين هلندي هئي اها به بند ٿي وئي.... نه رڳو بند ٿي وئي پر سرڪاري زمينن تي ئي قبضو ٿي ويو.... گهر، فلئٽ ۽ دڪان ٺهي ويا. اڄ ڪراچيءَ جي ڀڳل ۽ دونهون ڇڏيندڙ بسين ۾ ماڻهو جانورن وانگر ڀريل ٿين ٿا يا ڇت تي ڪڪڙن وانگر اوڪڙون ويٺل.... اڄ کان سٺ سال اڳ جڏهن بندر روڊ (ايم اي جناح روڊ) ايشيا جو ويڪرو ۽ سهڻو روڊ مڃيو ويندو هو، جڏهن ان تي ٽرامون ۽ وڪٽوريا بگيون هلنديون هيون.... ڪنهن سوچيو هو ته نئين صديءَ ۾ ڪراچيءَ جو سهڻو شهر هي ڏيک ڏيندو!
ٽنڊو آدم کان پڊعيدن انگريزن جي ڏينهن جي ٺهيل ٽرين هلندي هئي جيڪا اسان جي ڳوٺَ هالا مان به لنگهندي هئي. ٻاڦ تي هلندڙ هن ٽرين جي ڇُڪ ڇُڪ ۽ سيٽي جي آواز ۾ ڇا ته رومانس هوندو هو. ڳوٺ جا ماڻهو هلي ملي ”بابِ نوح“ تائين ايندا هئا جيئن ان ريل گاڏيءَ جي اَچڻ يا وڃڻ جو نظارو پَسي سَگهن.... غريب غربي لاءِ هيءَ ٽرين وڏو سُک هئي جنهن ۾ ڳوٺ جا ماڻهو پاڻ سان گڏ رڍ ٻڪريءَ کي به ڍوئي ويا ٿي..... پر پوءِ هڪ مرڪزي حڪومت کي همدردي نه هئي ٻيو اسان جي ماڻهن کي.... جيڪي ريل جا پٽا ۽ سليپر به پٽي ويا. زميندارن ريل جي سرڪاري زمين تي قبضو ڪري خوشيون ملهائيون.... ڳوٺن جا غريب وري اهي سهولتون نه ماڻي سگهيا آهن.
چون ٿا ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ وري به امن امان ۽ سٺا رستا آهن.... اسلام آباد ۾ ڪنهن سرڪاري ڪاموري يا شايد ٺيڪيدار پئي ڳالهه ڪئي ته سڀ کان گهڻو کائو سنڌ جا آفيسر آهن... هو ايڏو وڏو وات پٽي ٿا ويهن جو ڪهڙو رستو يا سرڪاري عمارت ٺهي سگهندي! اسان وٽ ڪراچي کان حيدرآباد واري هن رستي کي وڏي ناز سان سُپر هاءِ وي ٿو سڏجي. منهنجي خيال ۾ اهو ”هو“ .... اڄ کان اڌ صدي اڳ 1962ع ڌاري .... جڏهن اسان انٽر پڙهي رهيا هئاسين ته اٽلي وارن جي مدد سان هي روڊ ٺاهيو ويو هو. پر اڄ جي معيار موجب ان کي هاءِ وي چوندي به شرم جي ڳالهه آهي. ملائشيا، ٿائلنڊ، انڊونيشيا ويندي سعودي عرب ۽ ڪوريا جهڙا ملڪ جيڪي ٽيڪنالاجيءَ ۾ اسان کان گهڻو گهڻو پٺتي هئا اڄ انهن جي ڳوٺن جي رستن کي ڏسي اسان جي نوجوانن کي.... جيڪي اوڏانهن تعليم يا نوڪري لاءِ وڃن ٿا، شرم ٿو اچي ته اسانجو ملڪ ڪهڙي Reverse گيئر ۾ لڳي ويو آهي!
جڏهن کان هي سپر هاءِ وي ٺهيو آهي پئي مرمت هلي!.... مرمت ڇا.... جنهن کي ٿُڪ ٿنڀڻ يا چونا پوچي سڏجي اهو پيو هلي.... اهو ئي حال سنڌ جي ٻين رستن جو آهي..... هر هڪ کي خبر آهي ته ترقياتي ڪمن لاءِ مقرر ڪيل بجيٽ سياستدان، ڪاموري ۽ ٺيڪيدار جي کيسي ۾ هليو ٿي وڃي.... رستا ۽ شهر سڌرن ته ڪيئن سڌرن! اسان رڳو ڌارين کي متاثر ڪرڻ لاءِ ۽ پاڻ کي سرخرو بنائڻ لاءِ چئون ٿا ته اسان عظيم قوم آهيون جنهن جو مثال موهن جو دڙو آهي.... جتي جون گهٽيون سڌيون ۽ جِتي بهترين Sewage سسٽم هو جنهن جهڙو سسٽم هزارين سالن بعد دنيا جي ٻين ملڪن ۾ رائج ٿيو..... بلڪل صحيح آهي..... اصفهان، استنبول کان لنڊن ۽ پئرس جهڙن شهرن ۾ به گهڻو پوءِ سڌارو آيو.... اهو به سچ آهي..... پر اهو به ته سچ آهي ته هيڏي بجيٽ هوندي ۽ هن ماڊرن دور ۾ اڄ لاڙڪاڻي سکر، دادو ۽ خيرپور جهڙا شهر به گٽر ٿيا پيا آهن! سال گذري ويا آهن پر اڃان تائين Sewage System نٿو ٺهي.... موهن جي دڙي جي مئل ماڻهن جا روح به منهن مٿو پٽيندا هوندا. ڪراچي حيدرآباد واري سپر هاءِ وي تان آئون ڪڏهن اکيون ٻوٽي سوچيندو وڃان پيو ته ڪڏهن اکيون کولي هيڏي هوڏي ڏسان ٿو... رستي تي ٺهيل پيٽرول پمپن، ڳوٺن ۽ زرعي فارمن جي نالن جا بورڊ پڙهان ٿو.
• پاڪ ايشيا هزاره هوٽل
• ڳوٺ حاجي ولي محمد شورو
• توڪل پيٽروليم سروس
• پاڪستان ٽرڪنگ اسٽيشن
• دوحه ريسٽورنٽ
• چڪوال پيٽرول پمپ
• ڳوٺ لعل محمد کوسو
• الجزيره هوٽل
• ماشاءَ الله پيٽروليم.... وغيره وغيره
انهن سان گڏ شهرن جا مفاصلا به پڙهندو رهان ٿو ته ڪهڙا شهر ڪيترو پري آهن.
حيدرآباد 80 ڪلوميٽر .... راڻيپور 330 .... سکر 400 .... خيرپور 360 .... بهاولپور 750 .... شهيد بينظير آباد 180 .... ملتان 850ل .... لاهور 1150.... اسلام آباد 1430
ڪيترا ماڻهو ڪراچيءَ کان يڪساهي لاهور تائين وڃن ٿا. مختلف بسون ته پشاور ۽ اسلام آباد تائين وينديون رهن ٿيون. ڪراچي کان لاهور ويندڙن جي واتان اڪثر ٻڌبو آهي ته ڪراچي صبح ساڻ ڇڏجي...... ڇو؟.... ان ڪري ته جيئن سنڌ جو بارڊر سج لٿي کان اڳ ٽپي پنجاب ۾ پهچجي. اهو ٻڌي ڪيڏو افسوس ٿيندو آهي جڏهن اسان جي ملڪ جا ماڻهو (ڌارين ٽوئرسٽن ته ڪڏهوڪو اچڻ ڇڏي ڏنو آهي) سنڌ جي خراب رستن سان گڏ اغوائن ۽ ڦرن جي ڳالهه ڪن ٿا.... ۽ اها حقيقت به آهي ته سنڌ جي امن امان جي حالت بيحد خراب آهي. ماڻهو بي چين ۽ پريشان آهن.... سنڌ ۽ پنجاب واري بارڊر جي هڪ طرف ڀڳل رستا ۽ سج لٿي کان اڳ ئي سناٽو ڇانيل نظر اچي ٿو ته ٻئي طرف پنجاب واري پاسي هر ڳالهه بدليل نظر اچي ٿي. آهي ته اسان جي سڄي ملڪ ۾ انڌير پر وري به سنڌ جي مقابلي ۾ پنجاب پاسي ساوڪ، سهڻا رستا، کليل اسڪول، اسپتالن ۾ دوائون ۽ ڊاڪٽر ۽ ماڻهن جي منهن تي رونق ۽ خوشحالي نظر اچي ٿي.
ڄامشورو ويجھو اچڻ کان اڳ آئون ڊرائيور کي ”بادل پيٽروليم سروس“ نالي هڪ پيٽرول پمپ تي چانهه پيئڻ جي خيال کان بيهاريان ٿو. پيٽرول پمپ وٽ بيٺل شير علي پالارري نالي بيٺل نوجوان مون کي سڃاڻي وڏي حب سان اچي ٿو ملي. هو اڙدو جي هڪ اخبار ۾ منهنجا ڪالم شوق سان پڙهندو آهي. وڏي خلوص مان چانهه لاءِ سندس آفيس ۾ وهڻ لاءِ چوي ٿو. کيس مونسان ملي خوشي ٿي آهي ۽ ساڳئي وقت مونکي سندس آفيس ۾ ويٺل سندس مامي ”بادل پالاري“ جنهن جي نالي هي پيٽرول پمپ آهي، ان سان ملي خوشي ٿي. هو جيتوڻيڪ اسڪول جا چار درجا به پڙهيل نه آهي (جنهن جو پاڻ ئي اعتراف ڪيائين) پر سندس ڳالهيون عقل جون ۽ پڙهيلن کان وڌيڪَ سلجھيل لڳيون. هن کي ملڪ جي ڪرندڙ معاشيات ۽ اخلاق جو افسوس هو. هن جي اکين ۾ هن ملڪ جي سڌرڻ جا سپنا هئا. پاڻ ملڪ جي اعليٰ سياستدانن جا نالا ائين کڻي رهيو هو ڄڻ سندس دوست هجن..... ۽ پوءِ جلدي مونکي خبر پئي ته MRD تحريڪ دوران هن ڪيترائي مهينا مخدوم خليق الزمان، ممتاز ڀٽو، رضوان ڪيهر کان وٺي هزار خان بجاراڻي، تاج حيدر، قائم علي شاهه ۽ الطاف حسين سان گڏ حيدرآباد واري جيل ۾ گذاريا.
”الطاف حسين مون وٽ چانهه پي ويو آهي. ان بعد مونکي ڪراچي گهرائي وڏي ڪچهري ڪئي هئائين. هاڻ ته هو وڏي ڳالهه آهي. لنڊن ويٺو آهي.... وڏو عرصو ٿي ويو آهي.... هاڻ ڪو اسان ياد يا پاد.... جيڪي هِتي ويٺا آهن انهن کان به اسان جهڙا ماڻهو وسري ويا آهن. نه ته جيل مان نڪرڻ بعد مون قائم علي شاهه، هزار خان بجاراڻي، تاج حيدر ۽ ٻين کي وڏي دعوت ڪئي هئي ....“
ايم آر ڊي تحريڪ وارن ڏينهن جون توڙي اڄ جي حالات حاضره جون بادل پالاريءَ وٽ ڏاڍيون خبرون ۽ قصا ڪهاڻيون هيون. دل چيو ته جيڪر ههڙي ماڻهوءَ سان هڪ ڏينهن گذارڻ ۾ به لکڻ لاءِ کوڙ مواد ملي وڃي. مونکي بادل جهڙن ماڻهن تي حيرت ٿيندي آهي جن اسڪول جو منهن به نه ڏٺو ۽ هنن ڪتابن بدران ماڻهن جي واتان ٻڌل ڳالهين ذريعي علم پرايو.... جيڪو هنن جي ياد داشت تکي هجڻ ڪري سيني سان سانڍيل رهي ٿو... موقعي ۽ مهل موجب ان کي ”ڪوٽ“ ۽ ”ان ڪوٽ“ ڪندا رهن ٿا.... هنن جون ڳالهيون زندگي جي تجربن ۽ مشاهدن تي جڙيل ٿين ٿيون..... ملائيشيا جي ڪجهه ڳوٺن ۾ اهڙا چيني ۽ تامل رهاڪو هئا جن سان منهنجي هر وقت ملاقات رهندي هئي ۽ هو ڇا ته پنهنجي وقت جون، خاص ڪري ٻي وڏي لڙائي وارن ڏينهن جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا....! بادل محنت ۽ ذهانت سان پنهنجي پيٽرول پمپ کي هلائي رهيو آهي. اڄ هو نه فقط بزنيس ۾ سٺو ۽ هوشيار ٿي ويو آهي پر هن جي نالي ”وليج بادل خان پالاري“ ڳوٺ به آهي جنهن جو هو هڪ قسم جو وڏيرو به ٿيو.... پر بادل هر انسان کي انسان سمجھي ٿو ۽ هو سياست کي عوام جي خذمت سمجھي ٿو. ”اسان جنهن کي ووٽ ڏئي اسيمبلي ۾ موڪليون ٿا ان جو ڪم آهي ته پنهنجي عوام جي ڀلائي ڪري .... چاهي هو وزير مشير ٿي وڃي......“ ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيائين ته ”ادا اسان سنڌين لاءِ اهي فقط خوابي ڳالهيون ۽ خيالي قصا آهن.... اسان جو وڏيرو غريب کي ڀر ۾ به نه وهاريندو... هن جا مسئلا ٻڌڻ ۽ ڪم ڪرڻ ته ٿي پري جي ڳالهه.... هوڏانهن ”هنن“ ريڙهي وارن کي به وزير بڻائي ڇڏيو.“ هن جو اهو اشارو ايم ڪيو ايم وارن ڏي هو ته هنن جا ميمبر ته ڇا وزير مشير به عوام سان ملندا رهن ٿا ۽ مسئلا حل ڪندا رهن ٿا.
”اڪثر اهو ٻڌبو آهي ته حڪومت نوري آباد ۾ ڪارخانا هڻي ان کي سنڌ جو مانچسٽر ٿي ٺاهيو پر مقامي سنڌين نه صحيح طرح نوڪري ڪئي ۽ نه امن امان قائم رکيو.“ مون ان عام شڪايت جي ڳالهه بادل سان ڪئي.
”ادا! ڳالهه اها آهي“، بادل ٻڌايو، ”نوري آباد جا سنڌي سست ۽ بيڪار پنهنجي جاءِ تي پر ڪارخانيدارن جي به نيت صحيح نه هئي..... هنن بي ايمانيون ڪيون ۽ سرڪار کان رڳو فائدا ورتا.“
ان ڏينهن بادل پالاريءَ جي ٻڌايل ڳالهين مان هن وقت هڪ اها ڳالهه به ياد اچي رهي آهي ته: ”اسان سنڌي ماڻهو.... گهڻو ڪري مسلمان، عقل کان ڪم نٿا وٺون. اسانجون عجيب ترجيحات آهن“.... هن جو مطلب هو ته اسان ٻاهرين ۽ کوکلي شان پٺيان ڏاڍو ٿا وڃون. ضرورت نه هوندي ته به شو خاطر ۽ پاڙي اوڙي ۽ سنگتين ساٿين تي لئه رکڻ ڪارڻ ٻارن کي وڏي گاڏي وٺي ڏيينداسين .... پئسو ڏوڪڙ بچت ۾ نه هوندو ته پلاٽ يا ابن ڏاڏن جي ڇڏيل زمين جا ٻه ايڪڙ وڪڻي اوچي گاڏي وٺڻ جهڙي شوبازي ڪبي ....
”قاسم آباد سڄو سومرن جو هو. پاڻ وٽ رکڻ يا ان تي عمارتون ۽ دڪان ٺاهي مسواڙ تي ڏيڻ بدران ويا کپائيندا..... اتي ڪي ڪارخانا يا ڪم جون شيون ٺاهي پنهنجن مٽن مائٽن کي سٺو روزگار مهيا ڪري نه ڏنائون.... ڦلن مٺ ۾ الهه تلهه وڪڻي ڇڏيائون.... اڄ به ڏسو ته سومرا پيا ڪپڙا ڌوئين!“
”ڀلا بادل ڄم جي ڪهڙي تاريخ اٿئي؟“ مون پڇيو.
هن ٽهڪ ڏئي چيو: ”جنهن ماڻهوءَ هڪ درجو به نه پڙهيو ان کي ڄم جي تاريخ جي ڪهڙي خبر! مونکي ته سال جي به خبر ناهي.“
”ڀلا هوش سنڀالئي ته هي سپر هاءِ وي ٺهيل نظر آئي؟“ مون پڇيو.
نه آئون ٽن چئن سالن جو هوس ته ان وقت هن رڻ پٽ تي رستو ٺهڻ ۽ جبلن جي ڪٽائي جو ڪم شروع ٿيندي ڏٺوسين.“ بادل چيو.
”چئبو ته توهان مونکان چوڏنهن پنڌرهن سال ننڍا آهيو.... يعني 56 سال کن جا آهيو.“ مون چيو.
”مونکي به ائين ئي لڳي ٿو.“ بادل چيو
ڊرائيور اچي چيو ته: ”سائين پروفيسر يوسف پرديسي جو بار بار فون پيو اچي ته هو انتظار ڪري رهيو آهي.“ آئون ٽپ ڏئي اٿيس. ڊرائيور کي چيم ته جلدي اسان جا فوٽو ڪڍ ته هلون.
”بادل! حياتي رهي ته توسان ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ کان هلي ايندس.“ اهو چئي مون بادل کان موڪلايو ۽ واچ ۾ ڏٺو ته مونکي بادل وٽ ڪلاڪ کان مٿي ٿي ويو هو.... سنڌ يونيورسٽي جي ميزبانن جي حساب سان ان ڪلاڪ سوا ۾ آئون اتي هجان ها.