ملائيشيا جي ناٽنگھام ۽ ڏهرڪي جي سنڌياڻي حِرا!
انگلنڊ واري ناٽنگھام يونيورسٽيءَ ۾ 50 کان مٿي اسڪول، ڊپارٽمينٽ، انسٽيٽيوشن ۽ ريسرچ سينٽر آهن. شاگردن جو تعداد 44000 چيو وڃي ٿو ۽ اسٽاف جو تعداد 9000 جي لڳ ڀڳ آهي. هونءَ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جو تعداد اڄ ڪلهه ماشاءَالله 30000 چيو وڃي ٿو ۽ ڪيترائي پروفيسر Ph.D آهن.
”ناٽنگھام يونيورسٽي“ انگلنڊ ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي بعد ٻئي نمبر تي آهي ۽ دنيا ۾ تيرهين نمبر تي. هن يونيورسٽي جو مين ڪئمپس ـــ يعني پارڪ ڪئمپس 330 ايڪڙن تي پکڙيل آهي. عمارت سازي ۽ ساوڪ کان هي ڪئمپس پوري انگلنڊ ۾ بهترين مڃيو وڃي ٿو.
ان کان علاوه ٻيو ڪئمپس جيڪو ”جوبلي ڪئمپس“ سڏجي ٿو جنهن جو افتتاح 1999ع ۾ راڻي ايلزبيٿ ڪيو، تقريبن ايڏو ئي وڏو آهي. ان کان علاوه ”سٽي هاسپيٽل ڪئمپس“ بيسٽ ووڊ جي علائقي ۾ آهي جتي شاگرد ـــ دم، اسٽروڪ، Oncology، فزيوٿِراپي ۽ پبلڪ هيلٿ جهڙن سبجيڪٽن، بيمارين ۽ انهن جي علاج تي پوسٽ گرئجوئيشن ڪن ٿا. اڄ ڪلهه ان ۾ تماڪ تي ريسرچ جو به ادارو قائم ڪيو ويو آهي.
ناٽنگھام شهر کان ٻارهن ميلن جي فاصلي تي Sutton Bonington نالي ڪئمپس پڻ آهي جتي بايو سائنس ۽ Veterinary Medicine جا ڊپارٽمينٽ آهن. انهن ڪئمپسن کان علاوه 2005ع ۾ King’s Meadow ڪئمپس پڻ کوليو ويو.
ملائيشيا کي انگريزن کان خودمختياري ملڻ وقت ٽي يونيورسٽيون مس هيون. پوءِ به سالن جا سال ملائيشيا جا شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ نيوزيلئنڊ، آسٽريليا، انگلنڊ ۽ آمريڪا ويندا رهيا. 1990ع کانپوءِ ملائيشيا ۾ تعليمي ادارن جو وڏو انقلاب آيو. هنن اهو محسوس ڪيو ته جيڪڏهن مختلف ملڪن جي نامور يونيورسٽين جا ڪئمپس ملائيشيا ۾ کوليا وڃن ته نه فقط سندن ملڪ جي شاگردن کي گهر ويٺي سستي تعليم حاصل ٿي سگهندي پر ساڳي وقت تعليم سان گڏ امن امان جو معيار بلند رکڻ تي ڀر وارن ملڪن کان علاوه عرب ملڪن ۽ آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جا به ڪيترائي شاگرد اچي ويندا ۽ ملڪ جي ڪمائي ٿي ويندي. انهن شاگردن کي يورپ ۽ آمريڪا کان هتي وڌيڪَ سستي رهائش ۽ ٽيوشن في لڳندي. هاڻ ڏسندي ئي ڏسندي ملائيشيا ٽوئرسٽن ۽ شاگردن سان ڀرجي ويو آهي. ننڍن ننڍن انيڪ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کان علاوه مٿاهين درجي جون به ڪيتريون ئي يونيورسٽيون قائم ٿي چڪيون آهن، جهڙوڪ: ٽيلرز يونيورسٽي، موناش، ڪرٽن، سيگي، سن وي، KDU، ايشيا، پئسفڪ، UCSI، ملٽي ميڊيا، پترا ملائيشيا وغيره. پر توهان کي حيرت ٿيندي ته پهرين فارين يونيورسٽي جيڪا ملائيشيا ۾ کلي اها ناٽنگھام يونيورسٽي آهي. ساڳي وقت ناٽنگھام يونيورسٽي جو ملڪ کان ٻاهر پهريون ڪئمپس ملائيشيا ۾ کليو. هاڻ ته چين ۾ به کلي ويو آهي ۽ ٻين ملڪن ۾ کُلڻ جو به پيو ٻڌجي.
ملائيشيا حڪومت ۾ جيڪي تعليم ۽ پلاننگ جهڙن ادارن ۾ آهن انهن کي شاباس هجي. ڇا ته هنن ويچار کان ڪم وٺي، ايندڙ وقتن جو سوچي پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪم ڪيا آهن. ناٽنگھام يونيورسٽي وڃي ڏسو يا ٽيلرز يا سن وي ..... هر هڪ تعليمي ادارو ماڊرن شهر جو ڏيک ٿو ڏئي. هنن هر يونيورسٽي لاءِ بحريا ٽائون وانگر رڻ پٽ ۽ جنگلن ۾ اڏاوتون، روڊ رستا ۽ زندگي جون سهولتون ٺاهيون آهن. هر يونيورسٽيِ ڪوالالمپور، ملاڪا يا ”جوهوربارو“ جهڙن وڏن شهرن کان الڳ به آهي ته انهن جو حصو به. هر يونيورسٽي جي چوڌاري هزارين فلئٽ بنگلا، شاپنگ سينٽر ٺاهيا ويا آهن جن ۾ ٻاهرين ملڪن کان آيل شاگرد پنهنجي حيثيت آهر رهن ٿا ۽ خريد و فروخت ڪن ٿا. نه فقط شاگرد پر انهن جا مائٽ ۽ دوست به هنن سان ملڻ لاءِ ملائيشيا گهمڻ اچن ٿا ۽ ڏينهون ڏينهن هن ملڪ جي ٽوئرزم وڌي رهي آهي. سوچيو ته هيڏي وڏي ڪنسٽرڪشن هلڻ تي ڪيترا روزگار کي لڳا هوندا. عمارتون ٺهڻ بعد انهن جي صفائين ۽ ٻين ڪم ڪارين لاءِ انيڪ ماڻهو ٿا گهرجن. سندن ملڪ جا پڙهيل ڳڙهيل ۽ هاري ناري ته روزگار کي لڳا پيا آهن پر ڀر واري ملڪ انڊونيشيا ۽ اسانجي ننڍي کنڊ جا ماڻهو به گهرايا وڃن ٿا. هڪ دفعي ڪوالالمپور جي ايئرپورٽ واري هوٽل تي هڪ رات لاءِ ترسڻ ٿيو. ڪمري جي صفائي لاءِ هڪ ٻهراڙي جي ڳوٺاڻي عورت هئي. سمجھو ته ڪراچيءَ يا اسلام آباد جي ڪنهن وڏي هوٽل ۾ ڪا مِٺي يا عمر ڪوٽ پاسي جي ڏورانهين ڳوٺ جي ٿري عورت هجي، يا کڻي سمجهو ته ڪچي جي ڪنهن اهڙي علائقي جي جتي پهچڻ لاءِ ڪو ڍڳي گاڏيءَ جو به رستو نه هجي. ٻين ڪم ڪندڙ ڇوڪرين وانگر هوءَ به هوٽل جي يونيفارم ۾ هئي پر آئون هتي جو پراڻو رهاڪو هجڻ ڪري سندس شڪل مان سمجھي ويس ته هيءَ ٻهراڙيءَ جي آهي. انگريزيءَ ۾ پڇي رهي هئي ته ”چئنج ٽاولز؟“ ”وانٽ ٽي؟“ ”ڪلوٿس فار واش؟“، ٿئنڪ يو، ايڪسڪيوز مي .... وغيره وغيره.
ملئيءَ ۾ پڇيومانس ”ڊي مانا اواڪ داتنگ“ تون ڪٿان آئي آهين؟
هن سامونڊي ڪناري وارو جيڪو مهاڻن جو ڳوٺڙوٻڌايو، اهو ڪئالالمپور جي ٻئي پاسي ـــ يعني ڪئالالمپور، اپوح ۽ ملاڪا وغيره ”ملاڪا ڳچي سمنڊ“ جي ڪناري تي آهن ته هن جو ڳوٺ ترنگانو رياست ۾ ”سائوٿ چائنا سي“ سمنڊ پاسي آهي جتي جي گھاٽن جھنگلن ۾ ڏينهن جو به اونداهه رهي ٿي. مون چيومانس ته ”تون ايترو پري کان آئي آهين!؟“
ان ڪري جو ”ڪِرجا سِني گاجي لبيح“ (هتي ڪم جو وڏو پگهار ملي ٿو).
”توهان جي ڳوٺ پاسي به ته توهان لاءِ هارپو ۽ مڇين مارڻ جو سٺو ڪم آهي“. مون چيومانس.
”بلڪل صحيح ٿو چئين. اتي به اسانجي ڪٽنب جا پوک لاءِ چار کن ايڪڙ ۽ ڪولام اِڪان (مڇين جو تالاب) آهي پر هتي جي هوٽلن ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۾ ايئر ڪنڊيشن ماحول ۽ وڏو پگهار هجڻ ڪري اسان جي ڳوٺ جون ڪيتريون ئي عورتون ـــ منهنجي ڀيڻن ۽ پڦين سميت هتي ڪم ڪن ٿيون.“
”پوءِ ڀلا مڇين ۽ سارين جي فصل کي ڪير ڏسي؟“ مون پڇيومانس.
”ان لاءِ اسان کي هن پار جا سستا مزدور ڏهاڙيءَ تي مليو وڃن“. هن انڊونيشيا ڏي اشارو ڪندي چيو..... آئون سمجھي ويس ته جيتوڻيڪ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا هڪ ٻئي جي ڀرسان ائين آهن جيئن انڊيا ۽ پاڪستان ــــ انڊيا پاڪستان جي موسم ۽ Soil ۾ وري به ڪجهه فرق آهي پر انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جي پوک لاءِ ڌرتي (Soil) به ساڳيو، موسم به ساڳي مينهوڳي واري، فصل ۽ ميوا به ساڳيا ٿين، پيوٽر، ٽن کان ٽامو پتل به ٻنهي ملڪن جي جبلن مان نڪري ٿو .... ماڻهن جو قد بت ۽ ٻولي به ساڳي ـــ بلڪه انڊونيشيا مان ته پيٽرول به نڪري ٿو. ملائيشيا وٽ ناهي .... ان هوندي به هڪ ملڪ (ملائيشيا) جو عوام بيحد خوشحال آهي ته ٻئي (انڊونيشيا) جو عوام غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي..... هن کي روزگار جي ڳولا ۾ ملائيشيا ۾ اچي در در ڀٽڪڻو پوي ٿو ۽ پورهئي لاءِ منٿون ڪرڻيون پون ٿيون. سندن ملڪ جي ناڻي جو وڏو حصو چند طاقتور سياستدانن، وڏيرن، ڀوتارن، فوجين ۽ سرڪاري ڪامورن جي هٿ ۾ آهي ۽ هوڏانهن ملائيشيا ۽ سنگاپور جي مهاتير ۽ لي ڪئان يو جهڙن سياستدانن پنهنجي ملڪن کي يورپ بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻ ملائيشيا جي هارياڻين کي ڏکئي ڪمن لاءِ انڊونيشي ماين کي لڳائڻو پوي ٿو جيئن اسان جي سنڌ جو هاري هر هلائڻ لاءِ ڀاڙي تي ٽرئڪٽر يا چونڊي لاءِ باگڙي، ڪولهي يا ڪو ڏهاڙيءَ تي مزور رکي ٿو. فرق فقط اهو آهي ته ملائيشيا جا هاري/هارياڻيون ٻين کان ان قسم جا پورهئي وارا ڪم ان ڪري ڪرائين ٿا جو کين بهتر نوڪريون وڏي پگهار سان مليو وڃن..... پر اسان جو سنڌي هاري پورهئي کان ان ڪري ڪيٻائي ٿو جو هن جي هاڻ صبح ساجھر اک نٿي کلي جو هو رات جو جلدي سمهڻ بدران آڌي رات تائين چانهه جي هوٽلن تي ٽي وي يا فلمن جا VCR ڏسي ٿو.
ڪوالالمپور ايئرپورٽ جي هن هوٽل ۾ ڪمرن جا بستر ٺاهڻ ۽ چانهه پاڻي آڻڻ واري هن ڳوٺاڻي ”روم گرل“ کان پڇيم ته هوءَ هڪ درجو به پڙهيل ناهي پوءِ انگريزي ڪيئن سکي؟
”انچڪ! (جناب!) انگريزي وري ڪهڙي؟!“ هن ٽهڪ ڏيندي چيو، ”مونکي جيڪا پڦي هتي وٺي آئي ان مونکي ڳوٺ ۾ ئي اهي ييس، نو، ايڪسڪيوز مِي، يو نيڊ ٽاول.... وغيره جهڙا ڏهاڪو کن لفظ رٽائي ڇڏيا باقي ٻيا اهڙا ڏهاڪو کن لفظ سال اندر هتي سکي ورتا اٿم.
بهرحال ملائيشيا جي حڪومت سڄي ملڪ ۾ ڪارخانن، فئڪٽرين، تعليمي ادارن، ڊپارٽمينٽل اسٽورن جي ڄار وڇائي ملڪ جي هڪ هڪ ماڻهوءَ کي روزگار سان لڳائي ڇڏيو آهي. اسان جهڙن ملڪن ۾ جتي گهر جي فقط هڪ ڀاتيءَ کي روزگار آهي ته ان خاندان کي خوش نصيب ٿو سمجھجي اتي ملائيشيا ۾ گهر جو هڪ هڪ ڀاتي ـــ مرد توڙي عورتون، ويندي پوڙها ڏاڏا نانا ايئرڪنڊيشن ڪارخانن ۾ اسيمبلي ورڪ جهڙي نوڪري ـــ يعني ڪمپيوٽر، ٽي وي، ٽرانسسٽر، موٽر سائيڪل جا ساڳيا ساڳيا پرزا ملائيندي ڪن ٿا ته ڪچهري به ڪندا رهن ٿا. اهڙي طرح هڪ طرف سندن وقت سٺو گذري ٿو ته ٻئي طرف چڱو خاصو پگهار حاصل ڪري کيسا فل ڪريو هلن. اسان وٽ نه نوڪريون آهن نه ڳوٺن ۾ ڪارخانا ۽ فئڪٽريون. مس مس ڪنهن ٺلهه، ڏوڪري، يا باڊهه، ڇلگرين جي ڪنهن بيروزگار کي ڪراچيءَ جي ڪنهن ڪارخاني يا عمارت ۾ چوڪيداري جي نوڪري ملي ٿي ته مائٽ مٽ خوش ٿين ٿا پر اهو سوچيو ته اهو غريب ڇا ٿو بچائي سگهي؟ پرديس ۾ رهي رهائش جي مسواڙ ڏئي، بس جا ڀاڙا ڀري ڊيوٽي تي وڃي، ٻه ويلا اڻڀا سڻڀا کائڻ کان پوءِ باقي هن وٽ پگهار مان ڇا بچندو؟
ان معاملي ۾ ملائيشيا جي حڪومت ۽ ملائيشيا جا وڏيرا، سلطان سياڻا چئبا جن پنهنجن ٺارو شاهه، ڀاڻوٺ، ٽنڊو حيدر، ٻيٽو ۽ شاهه پنجو جهڙن ڳوٺن ۾ به ڪارخانا ۽ فئڪٽريون کولي ڇڏيون آهن. پاڻ به پيا ڪمائين ته ڳوٺ جو غريب غربو به خوش! تعليمي ۽ هنري ادارا کولڻ ڪري هر هڪ تعليم يافته ٿي ويو آهي ۽ انهن تعليمي ادارن ۾ تعليم جو بلند معيار، سختي ۽ ڊسيپلين رکڻ ڪري ايران، ڪينيا، ويٽنام، سوڊان جهڙن ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن جا به تعليم لاءِ ملائيشيا ۾ اچن ٿا. ان کان علاوه انگلنڊ، آمريڪا ۽ يورپ جا ملڪ پنهنجي تعليمي ادارن جا ڪئمپس ملائيشيا ۾ کوليندي خوشي محسوس ڪن ٿا.
ناٽنگھام يونيورسٽي وارو ڪئمپس 1999ع ۾ ملائيشيا ۾ شروع ٿيو. ڪوالالمپور شهر کان 30 کن ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ گھوڙاٻاري يا سيکاٽ جهڙي هڪ ڳوٺڙي Semenyih ۾ کوليو ويو. اڄ اهو ڳوٺ يورپ جو ماڊرن شهر ٿو لڳي. چين ۾ ناٽنگھام يونيورسٽي ڪجهه سالن بعد، 2004ع ۾ زهيجيانگ صوبي جي ننگبو (Ningbo) شهر ۾ کولي وئي جنهن جي بلڊنگ جو سرڪاري افتتاح 2005ع ۾ انگلنڊ جي ڊپٽي پرائيم منسٽر جان پريسڪاٽ ڪيو.
ملائيشيا وارو ڪئمپس 101 ايڪڙن تي پکڙيل آهي. ملائيشيا ۾ ساوڪ ۽ مينهن جي کوٽ ته آهي ڪانه ۽ هن ڪئمپس جي عمارتن جي ڪجهه ڪجهه ڊيزائين انگلنڊ جي ”يونيورسٽي پارڪ“ واري ڪئمپس سان ملي ٿي. ڪئمپس ۾ هاسٽلن کان علاوه شاگردن جي رهائش لاءِ ٻاهر به سوين فلئٽ آهن. هن ڪئمپس ۾ اٽڪل 5000 کن شاگرد آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملائيشيا وارن هن ڪئمپس ۾ نه فقط رهائش جون بهترين سهولتون رکيون آهن پر تعليم ۽ ريسرچ جو به اعليٰ بندوبست ٿيل آهي. يونيورسٽي طرفان شاگردن لاءِ ويجھن بس اسٽاپن ۽ ريلوي اسٽيشنن تائين پهچڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جو مفت بندوبست آهي جيئن هو اڌ ڪلاڪ اندر ڪوالالمپور پهچي سگهن. هونءَ پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته ڪوالالمپور فيڊرل ڪئپيٽل آهي جيئن پاڪستان جو اسلام آباد. ناٽنگھام يونيورسٽي سلينگور رياست جي Hulu Langat ضلعي جي سيمينح ڳوٺ ۾ آهي ـــ ائين سمجھو ڄڻ پنجاب صوبي جي راولپنڊي ضلعي جو ڪو ڳوٺ هجي جيڪو اسلام آباد کان 30 کن ڪلوميٽر جي فاصلي تي هجي.
ڪجهه مهينا اڳ جڏهن ڪوالالمپور هوس ته هڪ ملئي پروفيسر سان گڏ ناٽنگھام يونيورسٽي به ويس. ملائيشيا جي هن ناٽنگھام يونيورسٽي ۾ پڻ اسانجي ملڪ جا ڪيترائي اسٽوڊنٽس آهن. ڪي اعليٰ تعليم لاءِ آيل آهن ته ڪيترا اهڙا شاگرد جن جا والدين ملائيشيا ۾ نوڪري يا بزنيس ڪن ٿا ۽ سالن کان هتي رهيل آهن.
IT ڊپارٽمينٽ ۾ جيڪا پهرين پاڪستاني ڇوڪري ملي اها منهنجي مرحوم دوست سيد روشن علي شاهه جي ڏوهٽي حِرا منور هئي. حِرا جو والد سيد منور علي شاهه بخاري مونکان 20 سال کن ننڍو ٿيندو. هو مون واري جهازران ڪمپني پاڪستان نئشنل شپنگ ڪارپوريشن (PNSC) ۾ اليڪٽريڪل انجنيئر رهيو ۽ موهن جو دڙو، لالا زار ۽ شمس جهڙا جهاز هلايا. ان بعد سمنڊ جي نوڪري ڇڏي ڪناري جي نوڪري ”ماري پيٽرول گئس“ ڪمپني ۾ ڪئي ۽ 2012ع تائين ڏهرڪي ۾ رهيو. ان بعد جنرل اليڪٽرڪ ڪمپني سان گڏجي ملائيشيا ۾ مختلف پروجيڪٽن تي ڪم ڪيو. هن ملائيشيا ۾ ڪم ڪرڻ کان ٻه سال اڳ پنهنجي فئملي کي 2010ع ۾ ئي ملائيشيا موڪلي ڇڏيو هو. منور اڃان تائين ملائيشيا ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ان وچ ۾ هن نائيجيريا ۾ به هڪ پروجيڪٽ مڪمل ڪيو. ملائيشيا ۾ رهڻ دوران منور شاهه جي گهر واريءَ بتيڪ جو دڪان به کوليو پر بقول منور جي شروع ۾ سٺو هليو پر هاڻ جتي ڪٿي ڪپڙن جا دڪان عام ٿي ويا آهن. هلي ڪنهنجو به ڪونه ٿو.
حرا ٻڌايو ته هن مئٽرڪ ڏهرڪي جي اسڪول ”ماري گئس اسڪول“ مان ڪئي ان بعد ڪوالالمپور اچي ”انٽرنيشنل عربڪ اسڪول“ ۾ داخلا ورتي ۽ هاڻ ناٽنگھام يونيورسٽي ۾ پڙهي رهي آهي. حرا جو نانو سيد روشن شاهه بخاري (خيرپور جي سيد گل شاهه بخاري جو فرزند) اسانجو هم عمر هو. سندس ننڍي عمر ۾ ئي نوڪري دوران انتقال ٿيو. پاڻ بيحد پيارو انسان ۽ هر هڪ جي مدد ڪرڻ وارو هو. منهنجو جهاز ناروي ۽ سئيڊن جي بندرگاهن ۾ هو ته هڪ دفعو هن جو به انهن ملڪن ۾ ٽريننگ طور اچڻ ٿيو هو. پاڻ هڪ وقت منهنجو، بلڪه منهنجي جهازران ڪمپنيءَ جو باس به رهيو جڏهن هو ”پورٽس ۽ شپنگ“ ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر ٿيو. ان بعد هو اسلام آباد ۾ ڊپٽي سيڪريٽري رهيو. غوث علي شاهه جي ڏينهن ۾ ”ائڊيشنل سيڪريٽري چيف منسٽر سيڪريٽريٽ“ رهيو. ان بعد فشريز کاتي جو M.D ۽ پوءِ فائننس ۽ سيڪيورٽي پرنٽنگ پريس جو ڊائريڪٽر هو جتي سندس وفات ٿي. منهنجو جهاز جڏهن به ڪراچي ايندو هو ته آئون هن سان ملڻ لاـءِ سندس گهر ايندو هوس جيڪو گارڊن روڊ تي تاجل بيوس جي گهر ڀرسان هو. ان وقت حرا جي والده (يعني روشن جي ڌيءَ) حرا کان به ننڍي هوندي هئي. وقت ڪيئن ٿو تيزي سان گذري. 25 سالن جا هئاسين ته اسانجي دوستي ٿي. اڄ جي روشن شاهه حيات هجي ها ته هو به اسان وانگر 74 ـــ 75 سالن جو هجي ها. ۽ هو ڇا چوندا آهن ته This is a Small World. حرا جي والد منور علي شاهه 1987ع ۾ جهازن جي نوڪري ڇڏي ته وري خبر به نه پئي ته هو ڪٿي آهي. اڄ هن جي ڌيءَ ٻڌائي رهي آهي ته هو به هتي هن شهر ڪئالالمپور ۾ آهي!