الطاف شيخ ڪارنر

ڪئمپس جا ڏينهڙا

هي ڪتاب سفرنامي جي انداز ۾ لکيل يونيورسٽين ۽ ڪئمپس جي ڪالمن، سفرنامن، مضمونن ۽ اتان جي استادن ۽ شاگردن سان ٿيل ڪچهرين تي مشتمل آهي، جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي. الطاف شيخ هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
”ملائيشيا جي هڪ پراڻي يونيورسٽي ”ملايا يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Ilmu Punca Kemajuan” يعني ”علم ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي“. يونيورسٽي سائنس ملائيشيا جو موٽو آهي: “Kami Memimpin” يعني ”اسان ئي اڳواڻي ڪنداسين“. ۽ ”تُن حسين عون يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Dengan Hikmah kita Meneroka” يعني عقل سان ئي حاصل ڪنداسين. “
  • 4.5/5.0
  • 4356
  • 1276
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪئمپس جا ڏينهڙا

سنڌين جو رومانس ناٽنگھام سان

انگلنڊ جي نقشي جي وچ ۾ ناٽنگهام شائر نالي ڪائونٽي ائين آهي جيئن سمجھو ته اسان وٽ پاڪستان ۾ ملتان ضلعو آهي. ناٽنگھام شائر ”ڪائونٽي“ جيڪا کڻي سمجھو ته هڪ ننڍڙو صوبو آهي ان جو وڏو شهر يا گاديءَ وارو شهر ناٽنگھام آهي جتي انگلنڊ جي ٻي نمبر تي وڏي (آڪسفورڊ يونيورسٽي بعد) ناٽنگھام يونيورسٽي آهي. هن يونيورسٽي جي بلڊنگ ۽ اردگرد ته بيحد خوبصورت آهي پر سڄو ناٽنگھام شهر پارڪن ۽ گل گلڪارين سان ڀريو پيو آهي. ڪراچي جي دائود يونيورسٽي واري احوال ۾ لکيو اٿم ته اتي جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر پير روشن شاه راشديءَ هن ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان Ph.D ڪئي آهي. ڳالهين ڪندي هن رکي رکي ناٽنگھام يونيورسٽي ۽ شهر جي تعريف ڪئي ٿي. هو پنهنجي پراڻي تعليم گاهه لاءِ هڪ قسم جي Nostalgia محسوس ڪري رهيو هو. هن جي ڳالهين مان انگلنڊ جي هن ناٽنگھام يونيورسٽي لاءِ سڪ صاف محسوس ٿي رهي هئي.
ڳالهه اها آهي ته نه فقط پير جھنڊي ڳوٺ جي پروفيسر روشن شاهه راشدي لاءِ ناٽنگھام يونيورسٽي Love Affair جو درجو رکي ٿي پر اسان جي ٻين به ڪيترن لاءِ ان جو ساڳيو مقام آهي. ڪو زمانو هو 1960ع ۽ 1970ع وارو ڏهاڪو جڏهن سنڌ يونيورسٽي جا ڪيترائي ليڪچرار Ph.D لاءِ انگلنڊ جي مختلف شهرن ۾ نظر ايندا هئا. اسانجو جهاز لنڊن، ڊنڊي هل کان لورپول، ڊوور، سوان سِي، سائوٿمپٽن يا ائوَن مائوٿ ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ته اسان هلي ملي ڪنهن ويجھي يونيورسٽي ۾ وڃي پنهنجن جو پڇائي انهن سان ملندا هئاسين يا کين جهاز تي اچي پاڪستاني ڊش کائڻ جي دعوت ڏيندا هئاسين. پوءِ آهستي آهستي ولايت ۾ پڙهڻ لاءِ ملندڙ اسڪالرن جو سلسلو گهٽ ٿي ويو. ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو، ڊاڪٽر خاصخيلي، ڊاڪٽر اعجاز قريشي سنڌ يونيورسٽيءَ کان آيل ڪجهه هئا جن سان آخر ۾ ملاقات ٿي.
هاڻ گذريل ڏهاڪو سالن کان ڏسان پيو ته هڪ دفعو وري شاگردن جو تعداد وڌي رهيو آهي سنڌ يونيورسٽي، لياقت يونيورسٽي کان مهراڻ يونيورسٽي جا Ph.D لاءِ انگلنڊ اچن پيا ـــ خاص ڪري ناٽنگھام يونيورسٽي ۾ جنهن جي هڪ گرئجوئيٽ ڊاڪٽر اظهر علي شاهه ٻڌايو ته ان جو وڏو سبب اهو آهي ته ناٽنگھام يونيورسٽي ٽيوشن في ۾ اسان سنڌ يونيورسٽي وارن کي 25 سيڪڙو ڇوٽ ڏئي ٿي ۽ ڪيترن کي ته فل اسڪالرشپ به ڏئي ٿي.
ڊاڪٽر اظهار علي شاهه جيڪو IT جو پروفيسر آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس ائسوسيئيشن (SUTA) جو صدر پڻ آهي 2006ع کان 2011ع تائين ناٽنگھام يونيورسٽي ۾ رهيو ۽ سندس Ph.D جو سبجيڪٽ هو: “Bio Informatics & Distributed Computing”
اظهر شاهه صاحب جو 1976ع ۾ دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”بامبيا“ ۾ جنم ٿيو. سندن والد صاحب حافظ غلام مصطفيٰ شاهه قرآن جا حافظ آهن ۽ سندن ڳوٺ ڀرسان ”مڏ شريف ڳوٺ“ جي مدرسي ۾ پڙهائين ٿا.
منهنجو هڪ جهازران ايراني شاگرد سامونڊي نوڪري ڇڏي ڪافي سالن کان ناٽنگھام شهر ۾ غاليچن جو ڪاروبار ڪري رهيو آهي ۽ ناٽنگھام يونيورسٽي ڀرسان هن جو ڪنفيڪشنري جو دڪان پڻ آهي. هن کان جڏهن پڇيو هوم ته کيس پاڪستاني شاگرد نظر ايندا آهن ته هن کلي چيو ته پاڪستاني ڇا، رڳو توهانجي سنڌ صوبي جا، ٻه ڊزن ٿيندا.
”توکي ڪهڙي خبر ته هنن جو سنڌ سان تعلق آهي؟“ مون حيرت مان پڇيومانس. ان تي ٽهڪ ڏئي چيائين ته ”عيد واري ڏينهن اهي تو واريون اجرڪون پائي پيا هلندا آهن جيڪا تو مونکي سئيڊن ۾ ڏني هئي.“
اهو چرچو نه پر حقيقت آهي جڏهن واڻڪي وسي جي ڊاڪٽر ذوالفقار علي لغاريءَ ان جي تصديق ڪئي. پاڻ 2006ع کان 2011ع تائين ناٽنگھام يونيورسٽي ۾ رهيو. سندس Ph.D جو سبجيڪٽ هو: “Institute of Genetics School of Biology” پاڻ 1973ع ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول مان ڪئي ۽ انٽر مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان ڪرڻ بعد B.Sc ۽ M.Sc سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ان بعد 6 سال کن اتي ئي ليڪچرر ٿي رهيو. ان بعد ناٽنگھام يونيورسٽي مان ڊاڪٽوريٽ ڪيائين. سندس والد جو ڳوٺ ۾ ننڍڙو ڪاروبار هو....... هتي اهو ان ڪري لکي رهيو آهيان ته اسانجي سنڌ جي اها عجيب تاريخ آهي ته ٻاهرين ملڪن ۾ اعليٰ تعليم لاءِ مونکي جيڪي شاگرد ملن ٿا يا وڏين نوڪرين تي آهن ـــ اهي ڪي وڏن جاگيردارن، ڪارخانيدارن، پيرن، وڏيرن، وزيرن جا ٻار نه آهن...... 95 سيڪڙو کان مٿي ماسترن، هارين نارين، ننڍڙن دڪاندارن ۽ ننڍڙين نوڪرين وارن آفيسرن جا ٻار نظر اچن ٿا ۽ اسانجي سنڌ جي ڳوٺن ۾ بنيادي سهولتن ۽ ڄاڻ جي کوٽ جي باوجود اتي جا شاگرد ذهين ۽ محنتي ثابت ٿيا آهن. نه فقط ڇوڪرا پر ڇوڪريون پڻ.... ۽ آسان سبجيڪٽ کڻڻ بدران ڏکيا ۽ اهڙا کڻن ٿا جن جي ڊمانڊ آهي. ڪجهه ڇوڪرين جا نالا ڌيان تي آهن جن گذريل ڏهاڪو سالن ۾ هن يونيورسٽي ناٽنگھام مان ڊاڪٽوريٽ ڪئي ۽ هاڻ پنهنجي ملڪ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ نوڪري ڪري رهيون آهن:
- ڊاڪٽر بنفشان سيد جيڪا هاڻ لياقت يونيورسٽي LUMS ۾ ڊائريڪٽر آهي.
- ڊاڪٽر سمرين پڻ لياقت يونيورسٽيءَ ۾ آهي.
- ڊاڪٽر شائسته ميمڻ جيڪا نواب شاهه جي آهي. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان B.Sc ۽ M.Sc مائڪرو بايولاجيءَ ۾ ڪئي ان بعد 2006ع ۾ Ph.D لاءِ ناٽنگھام يونيورسٽي وئي. پاڻ اڄ ڪلهه مائڪرو بايولاجي ڊپارٽمينٽ (سنڌ يونيورسٽي) ۾ پروفيسر آهي جتي سندس گهر وارو ڊاڪٽر سرفراز تنيو پڻ ساڳي سبجيڪٽ جو پروفيسر آهي.
ڊاڪٽر سرفراز تنيو 1977ع ۾ قمبر جي هڪ ڳوٺ ”ٺوڙي بجارخان“ ۾ جنم ورتو. سندن والد ڳوٺ ۾ حڪيم هو. ڊاڪٽر سرفراز سنڌ يونيورسٽيءَ جو هڪ ذهين ترين شاگرد آهي جنهن گولڊ ميڊل پڻ حاصل ڪيو. سرفراز مئٽرڪ ڀر واري ڳوٺ ٻيهر شريف مان ڪئي ۽ انٽر قمبر مان. B.Sc ۽ M.Sc سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ بعد هو اتي 2002ع کان 2006ع تائين ليڪچرار ٿي رهيو. ان بعد 2006ع ۾ ئي هن کي ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان Ph.D لاءِ اسڪالر ملي جتي هو 2010ع تائين رهيو. سندس گهر واري ڊاڪٽر شائسته ميمڻ کي به ان سال ئي ناٽنگھام يونيورسٽيءَ جي اسڪالر ملي هئي. سندس شادي اتي وڃڻ بعد 2007ع ۾ ٿي.
اهڙي طرح ناٽنگھام يونيورسٽي جي تعليم يافته ڊاڪٽر بشرا شيخ (هاڻ پاٽولي) آهي جنهن ۽ ساڻس گڏ سندس گهر واري ڊاڪٽر عاطف پاٽوليءَ مائڪرو بايولاجيءَ ۾ Ph.D ڪئي. اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته اڄ ڪلهه جا نوجوان مائڪروبايولاجي جهڙن ڏکين سبجيڪٽن ۾ Ph.D ڪري رهيا آهن. مونکي ياد ٿو اچي ته 1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ مائڪرو بايولاجي ڊپارٽمينٽ کليو هو جنهن ۾ منهنجي هڪ دوست اڪبر منگيءَ داخلا ورتي هئي. هو ۽ سندس ٻيا ڪلاس ميٽ جن مان هڪ ڪراچيءَ جي صبيحا ياد اچي رهي آهي ان سبجيڪٽ جي ڏکئي هجڻ جي ڳالهه ڪندا هئا. ظاهر آهي انهن ڏينهن ۾ عام طرح هر هڪ اڙدو، سنڌي، هسٽري، اسلامڪ اسٽڊيز يا وڌ ۾ وڌ پوليٽيڪل سائنس يا ايڪانامڪس ۾ B.A ڪندو هو. منهنجو دوست فقط B.Sc ڪرڻ بعد ٿڪجي پيو ۽ جيئن ئي نوڪري مليس ته ماسٽرس ڪرڻ تان هٿ کڻي ڇڏيائين. بهرحال اهي سٺا وقت هئا جڏهن B.A وارن کي به وڏيون نوڪريون ملي ويون ٿي.
ڊاڪٽر عاطف ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مائڪرو بايولاجي ڊپارٽمينٽ 1996ع ڌاري کليو ۽ سال کن باٽني ڊپارٽمينٽ سان گڏ هو جنهن جو هيڊ پروفيسر عبدالقيوم سومرو صاحب رهيو. سال ڏيڍ بعد هي دپارٽمينٽ الڳ ٿيو جنهن جو پهريون چيئرمين ڊاڪٽر بشير چنڙ ٿيو. ڊاڪٽر عاطف ۽ سندس گهر واري ڊاڪٽر بشرا پاٽولي پهرين بئچ مان آهي. ڊاڪٽر بشرا شيخ (پاٽوليءَ) جو هالا پراڻا سان تعلق آهي. ڊاڪٽر عاطف جو اصل ڳوٺ ته ٽنڊو الهيار آهي پر سندس جنم 1976ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو ۽ اتي جي نور محمد هاءِ اسڪول ۽ مسلم ڪاليج مان مئٽرڪ ۽ انٽر ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽيءَ مان B.Sc ۽ M.Sc ڪئي. سندن شادي 2006ع ۾ ٿي ان بعد 2007ع کان 2012ع تائين هو ناٽنگھام يونيورسٽيءَ ۾ رهيا. Ph.D لاءِ ٻنهي جو سبجيڪٽ Genetics هو.
انهن ساڳين سالن ۾ نصرپور جو ڊاڪٽر ظهير عالماڻي جيڪو اڄ ڪلهه مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي ۽ اتي جو ئي ڊاڪٽر تنوير ڦلپوٽو، نوابشاهه جي سٺ ميل ڳوٺ جو امان الله مري پڻ جيڪو هاڻ NED يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي، ڊاڪٽر فهيم چاچڙ جيڪو IBA يونيورسٽيءَ سکر ۾ ۽ ڊاڪٽر قاسم ميمڻ پڻ جيڪو هاڻ LUMS (لياقت يونيورسٽي) ڄامشورو ۾ پروفيسر آهي ـــ ناٽنگھام يونيورسٽي ۾ رهيا.
توهانکي حيرت ٿيندي ته ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان اسان جا شاگرد نه فقط سائنس جي سبجيڪٽن ۾ Ph.D ڪن ٿا پر مذهب ۾ پڻ. مٿين شاگردن جي ڏينهن ۾ شڪارپور جو هڪ ڊاڪٽر مختيار ڪانڌڙو به هو جيڪو اڄ ڪلهه سنڌ يونيورسٽيءَ جي اسلامڪ ڪلچر ۾ پروفيسر آهي، ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان هن ”ٿيولاجي ۽ اسلامڪ اسٽڊيز“ ۾ Ph.D ڪئي. سندس ڄم جو سال 1975ع آهي.
آخر ۾ ناٽنگهام يونيورسٽي انگلنڊ جي گرئجيوئيٽن ۾ هڪ پنهنجي ڳوٺائي مائٽ قاضي عبدالقيوم جي فرزند ”ڊاڪٽر قاضي معين“ جو نالو به ڳڻائي ڇڏيان جنهن نوابشاه جي قائدِ عوام انجنيرنگ يونيورسٽي مان سِول انجنيرنگ ۾ B.E. ڪرڻ بعد انگلئنڊ جي يونيورسٽي سسيڪس (University of Sussex) مان M.E ڪئي جنهن ۾ سندس اهم سبجيڪٽ “Technology & Innovation Management” رهيو. ان بعد مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ دوران هن کي ناٽنگهام يونيورسٽي ۾ Ph. D. ڪرڻ لاءِ اسڪالر ملي وئي جتي هو 2005ع کان 2009ع تائين رهيو. پي ايڇ ڊي ۾ سندس سبجيڪٽ “Business & Administration” هو. Ph.D ڪرڻ بعد هن چار سال کن مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايو. اڄ ڪلهه هو مهراڻ يونيورسٽي طرفان (يعني Lien تي) سعودي عرب جي مشهور يونيورسٽي ”ڪنگ سعود يونيورسٽي، رياض“ ۾ پروفيسر آهي جتي هو ”بزنيس ائنڊ مئنيجمينٽ“ پڙهائي ٿو. ڊاڪٽر معين ماشا الله پاڻ ته اهم شخصيت آهي پر هن تي جنهن جو نالو آهي اهو هالا جو هڪ مشهور حڪيم ۽ نبض شناس ٿي گذريو آهي. هو اسانجي ڏاڏي مرحوم محمد رحيم جو ڀيڻويو هو. منهنجو ننڍي هوندي هن سان سندس گهر ۾ توڙي مطب ۾ ملڻ ٿيندو هو جتي شام جي وقت منهنجو والد ۽ پاڙي جا ٻيا ڪچهري لاءِ اچي وهندا هئا. سندس گذاري وڃڻ بعد سندس فرزند علي احمد (ماما گلو) ۽ ان جي فرزند قاضي عبدالقيوم ڪجهه عرصو دواخانو هلايو پر پوءِ هنن جو گهڻو وقت مذهبي رسومات (نڪاح پڙهائڻ، جنازي نماز پڙهائڻ، مسجد ۾ امامت ڪرڻ) ۾ گذريو ٿي. ان دوران هالا ۾ ايلوپئٿي جا ڊاڪٽر: ڊاڪٽر اشرف متقي، ڊاڪٽر عابد ميمڻ وغيره انگريزي تعليم حاصل ڪري اچي ويا. هيءَ سال 1956 ـــ 1955 جي ڳالهه آهي.
اسان وارو Ph. D وارو ڊاڪٽر معين، حڪيم معين قاضي جو پڙ پوٽو آهي. ڊاڪٽر معين جو ڏاڏو علي احمد قاضي شاعر پڻ هو. سندس تخلص هو ’گل چين‘. ڊاڪٽر معين جي ڏاڏي ۽ والد مولانا عبدالقيوم کي هڪ اهو به ڪريڊٽ ڏنو ٿو وڃي ته هنن هڪ شربت جي recipe تيار ڪئي جيڪو شربت گذريل 30 سالن کان شربت ”گل چيني“ جي نالي سان مشهور آهي ۽ اسلام آباد ۽ دبئي تائين نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر معين جي والد مولانا عبدالقيوم جو ننڍي عمر ۾ انتقال ٿي ويو پر ڊاڪٽر معين جا ڀائر ان شربت ”گل چيني“ جو اعلي معيار ۽ سواد اڄ تائين قائم رکندا اچن. ڊاڪٽر معين جي ڄم جو سال 1974 آهي.