الطاف شيخ ڪارنر

ڪئمپس جا ڏينهڙا

هي ڪتاب سفرنامي جي انداز ۾ لکيل يونيورسٽين ۽ ڪئمپس جي ڪالمن، سفرنامن، مضمونن ۽ اتان جي استادن ۽ شاگردن سان ٿيل ڪچهرين تي مشتمل آهي، جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي. الطاف شيخ هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
”ملائيشيا جي هڪ پراڻي يونيورسٽي ”ملايا يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Ilmu Punca Kemajuan” يعني ”علم ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي“. يونيورسٽي سائنس ملائيشيا جو موٽو آهي: “Kami Memimpin” يعني ”اسان ئي اڳواڻي ڪنداسين“. ۽ ”تُن حسين عون يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Dengan Hikmah kita Meneroka” يعني عقل سان ئي حاصل ڪنداسين. “
  • 4.5/5.0
  • 4356
  • 1276
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪئمپس جا ڏينهڙا

الطاف شيخ جو انٽرويو : ڊاڪٽر رام جواهراڻي

رام جواهراڻي: توهانجو سنڌ جي ڪهڙي ڳوٺ سان واسطو آهي؟
الطاف شيخ: منهنجو مٽياري ضلعي جي ڳوٺ هالا نوان ۾ 14 نومبر 1944ع تي جنم ٿيو جِتي منهنجو والد ۽ ڏاڏو پڻ ڄائو. هالا نوان جيڪو هاڻ هڪ شهر جي حيثيت رکي ٿو حيدرآباد کان 65 کن ڪلوميٽر اتر ۾ نئشنل هاءِ وي تي آهي. سندس اولهه ۾ 3 ڪلوميٽر پري سنڌو ندي جي ڪناري تي هالا پراڻا آهي.

رام جواهراڻي: منهنجي خيال ۾ توهان جو ڳوٺ هالانوان ٽوئرزم ۽ تعليمي ادارن کان مشهور آهي.
الطاف شيخ: جي ها. صحيح ٿا چئو. هالا تاريخي شهر آهي جِتي سنڌ جي مشهور بزرگ ۽ شاعر مخدوم نوح عليه جي درگاهه آهي. هالا دلڪش جنڊي، سوسي، ڀرت ۽ هٿ جي ٺهيل ڪپڙي کان به مشهور آهي. سنڌ جو هي واحد شهر آهي جِتي انگريزن جي ڏينهن کان خانگي هاءِ اسڪول شروع ٿيو. ان ڪري هن شهر ۾ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو تعداد تمام گهڻو آهي.

رام جواهراڻي: پوءِ توهان جي ڪراچيءَ ۾ ڪيئن رهائش ٿي؟
الطاف شيخ: دراصل آئون ڪراچيءَ گهڻو گهڻو پوءِ اچي رهيس. تيرهن سالن جو هوس ته مون تعليم لاءِ هالا ڇڏيو ۽ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪري چٽگانگ مشرقي پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) پهتس جِتي مئرين انجنيئرنگ (پاڻي جا جهاز هلائڻ جي انجنيئري) پڙهي. ان بعد دنيا جي سمنڊن تي مختلف جهاز هلائيندو رهيس. ان دوران ڪڏهن ڪڏهن جهاز ڪراچي ايندو هو ته به منهنجي رهائش جهاز تي هوندي هئي. بعد ۾ سامونڊي نوڪري ڇڏڻ بعد جڏهن مونکي پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ رکيو ويو ته منهنجي رهائش ڪراچيءَ ۾ ٿي.

رام جواهراڻي: توهان بنيادي تعليم هالا بدران ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڇو ورتي؟
الطاف شيخ: انهن ڏينهن ۾ 1950ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ هي پنهنجي نوعيت جو ڪاليج سنڌ ۾ کليو هو جِتي عام تعليم سان گڏ فوجي سکيا، گهوڙي سواري، ترڻ، باڪسنگ، رانديون ۽ تقريرن جو پڻ بندوبست هو. هنن هر سال سڄي پاڪستان مان 30 ڪئڊٽ چونڊيا ٿي. مون به ٽيسٽ ۽ انٽرويو ڏنو ۽ چونڊجي ويس. 1958ع کان 1963ع تائين آئون پيٽارو ۾ پڙهيس.

رام جواهراڻي: ان وقت جا ڪجهه ساٿي جيڪي نامور ٿيا؟
الطاف شيخ: لياقت جتوئي سنڌ جو وزير اعليٰ ۽ فيڊرل منسٽر، ايس پي شاهد فوجي جنرل، فاروق رشيد، اظهر حسين، انيس الرحمان سڀ ائڊمرل ٿيا، انبن جو شهنشاهه رفيع ڪاڇيلو، پيٽرول پمپن جو بادشاهه شوڪت جماڻي، ماڊرن ائگريڪلچر رسالي جو ايڊيٽر نور احمد نظاماڻي، مشهور ڊراما ائڪٽر اورنگزيب لغاري ۽ اڪبر بگٽي جيڪو انڪم ٽئڪس ڪمشنر به رهيو، ڪولوراڊو يونيورسٽي جو ڊين ڊاڪٽر رامچند اوڏ وغيره وغيره منهنجا ڪلاس ميٽ هئا يا سال ٻه جونئر.

رام جواهراڻي: توهان ڇا ۾ گرئجوئيشن ڪئي؟
الطاف شيخ: منهنجو اهم ۽ پروفيشنل سبجيڪٽ مئرين انجنيئرنگ هو جنهن ۾ چٽگانگ مان گرئجوئيشن ڪرڻ بعد ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي، مالمو (سئيڊن) مان پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي. ان کان علاوه سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي ۾ ۽ LL.B پڻ ڪئي.

رام جواهراڻي: توهان مئرين انجيئرنگ جي چونڊ ڇو ڪئي؟
الطاف شيخ: ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڏينهن ۾ اسان کي موڪلن ۾ ڪياماڙي ۽ منهوڙو گهمائڻ وٺي ويندا هئا. ڪياماڙي ڪراچي جي، بلڪه سڄي پاڪستان جي آخري ڪنڊ آهي. ان بعد عربي سمنڊ شروع ٿئي ٿو. منهوڙو ڪياماڙيءَ کي ٽي چار ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ٻيٽ آهي. اتي بيٺل دنيا جا سهڻن رنگن وارا جهاز ۽ انهن تي موجود سفيد يونيفارم ۾ سمارٽ نيويگيٽر ۽ مئرين انجنيئر ڏسي آئون بيحد متاثر ٿيس ۽ دنيا ڏسڻ جي شوق ۾ مئرين انجنيئرنگ ۾ آيس. انهن ڏينهن ۾ (1963ع) ۾ چٽگانگ ۾ ممبئي جي ڊفرن مئريٽائيم اڪيڊمي جي طرز جي اڪيڊمي کلي هئي. برٽش راڄ ۾ بمبئي ۾ ڊفرن اڪيڊمي 1927ع ۾ کلي هئي جيڪا پوءِ 1972ع ۾ راجندر جهاز تي شفٽ ڪئي وئي ۽ هاڻ 1993ع کان انڊيا وارن هڪ ٻيو وڏو جهاز ”ٽي ايس ڇناڪيا“ کي ڪناري تي هميشه لاءِ رکي ان تي اها اڪيڊمي قائم ڪئي آهي. اهو ممبئي جي بيچ روڊ وٽ آهي. جڏهن آئون چٽگانگ ۾ پڙهندو هوس ته منهنجا ان وقت جا سڀ پاڪستاني نيول آفيسر ڊفرن اڪيڊمي جا پڙهيل هئا جِتان هنن پاڪستان ٿيڻ کان اڳ گرئجوئيشن ڪئي هئي. هِتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڊفرن اڪيڊمي کان اڳ انڊيا جا نوجوان جهازراني ۽ جهاز سازي جي سکيا ۽ تعليم لاءِ انگلنڊ ويندا هئا. پوءِ هڪ عظيم انڊين دور انديش سر پي. ايس (Pazhamaneri Sundaram) سواسوامي جي ڪوشش سان ممبئي ۾ اها ڊفرن اڪيڊمي کولي وئي. سر سواسوامي 1864ع ۾ ڄائو. هو هڪ ناليرو وڪيل، ائڊمنسٽريٽر ۽ Statesman هو جيڪو 1907ع کان 1911ع تائين مدراس پريزيڊنسي جو ”ائڊوڪيٽ جنرل“ ٿي رهيو.

رام جواهراڻي: پنهنجي پهرين نوڪري بابت ٻڌائجو.
الطاف شيخ: 1968ع ۾ گرئجوئيشن مڪمل ڪرڻ بعد مونکي پنهنجي ملڪ جي جهازران ڪمپني ”پاڪستان نئشنل شپنگ ڪارپوريشن“ ۾ نوڪري ملي. ان وقت هن ڪمپنيءَ کي ويهارو کن جهاز هئا. مونکي 400 رپيا ماهوار پگهار تي ايم. وي اباسين نالي جهاز تي ”ففٿ انجنيئر“ طور رکيو ويو. رهائش ۽ کاڌو پيتو هر جهاز تي مفت آهي ان ڪري منهنجي لاءِ اهو پگهار تمام گهڻو هو جڏهن ته ان وقت سون جو اگهه هڪ هزار رپيا تولو هو ۽ ڊالر جو اگهه چار رپيا هو. هر جهاز تي ”ڊيوٽي فري شاپ“ هو جنهن دڪان تي ڪيتريون ئي شيون: سگريٽ، چاڪليٽ، عطر، بسڪيٽ ۽ هر قسم جي ڊرنڪ فئڪٽري جي اگهه تي ملي ٿي. انهن ڏينهن ۾ ڪوڪ ۽ پيپسي جا دٻا نڪتا هئا جن جو هڪ درجن وارو پئڪ ساڍي ڇهين رپئي (ڏيڍ ڊالر) ۾ مليو ٿي ۽ ڏهين رپئي ۾ بيئر جو ڪريٽ يعني 24 بوتلون هونديون هيون. 8 رپئي (ٻن ڊالرن) جي بليڪ ليبل وسڪي جي بوتل هئي.

رام جواهراڻي: پر مونکي خبر آهي ته توهان ڪنهن به قسم جي شراب کي هٿ نٿا لاهيو. هڪ Sailor لاءِ اها ڳالهه حيرت انگيز نه آهي؟
الطاف شيخ: سائين بلڪل صحيح ٿا چئو. انهن ڏينهن ۾ هن نوڪريءَ ۾ ماڻهو ورلڊ (دنيا گهمڻ) کان وڌيڪَ سستي وائين (شراب) لاءِ آيا ٿي. تعليم دوران جڏهن هر هفتي ڇنڇر ڏينهن چٽگانگ جي بندرگاهه ۾ بيٺل ڪنهن جهاز جي Visit تي ويندا هئاسين ته ان جهاز جي آفيسرن کي ڏسي اسان به دل ئي دل ۾ سَڌون ڪندا هئاسين ته اسان به هنن وانگر ٽرپل فائو سگريٽن جو گول دٻو هٿ ۾ کڻي جهاز جي اَنديءَ (Gunwale) تي بيهي سگريٽ جا ڪش هڻنداسين، يا جهاز جي ڊرائنگ روم ۾ ويهي ٿڌي بيئر جون چشڪيون ڀرينداسين. پر تعليم بعد پهرين ئي جهاز تي منهنجا جيڪي ٻه ڪئبن ميٽ مونکان هڪ سال سينيئر ففٿ انجنيئر هئا اهي صوفي قسم جا هئا. انهن اجائي سجائي چانهه پيئڻ کان به گريز ڪئي ٿي. منهنجي دلچسپي ڏيکارڻ تي هنن مونکي سمجھايو ته سگريٽ ڇڪڻ توڙي ڪنهن قسم جو شراب پيئڻ ۾ نقصان گهڻا آهن ۽ اهي شيون صحت ۽ اخلاق لاءِ هاڃيڪار آهن. دنيا جي ڪا به سڌريل سوسائٽي ان کي سٺو نٿي سمجھي .... وغيره. پهرين ته مونکي سندن ڳالهيون عجيب لڳيون ۽ اهو ئي دماغ ۾ آيو ته پوءِ ماڻهو سامونڊي نوڪري ۾ اچن ئي ڇو ٿا! پر پوءِ آهستي آهستي مونکي هنن جي ليڪچرن ۾ Sense نظر آيو. بهرحال هِتي ڪو آئون Preacher بنجڻ جي ڪوشش نٿو ڪريان ته نشي جي شين کان پري رهو ۽ شراب جهڙين شين کي هٿ نه لايو. اهو هر هڪ جو پنهنجو عمل آهي جنهن لاءِ هو آزاد آهي ته جنهن کي جيڪي بهتر لڳي اهو ڪري. هڪ خوبصورت شعر ياد اچي رهيو آهي:

کون ہے جس نے مئہ نہیں چھوئی
کون جھوٹی قسم اٹھاتا ہے
مئخانے سے جو بچ نکلتا ہے
تیری آنکھوں میں ڈوب جاتا ہے

رام جواهراڻي: ڀلا لکڻ پڙهڻ جي ”ڪِينئين“ توهان کي ڪيئن ڏنگيو جنهن جي نتيجي ۾ توهان هيڏا ويهي سفرناما لکيا آهن؟
الطاف شيخ: مطالعي جو مونکي ننڍپڻ کان شوق هو. منهنجي ماءُ پي کي به ڪِتابن رسالن پڙهڻ جي عادت هئي ۽ هو مون تي پڙهڻ لاءِ زور ڀريندا رهندا هئا. منهنجو پيءُ جنهن پوني (انڊيا) جي ائگريڪلچر ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) مان B.Sc ڪئي ۽ اٿاڪا (نيويارڪ) جي ڪارنيل يونيورسٽي مان M.Sc ڪئي ۽ جنهن جو ائنٿراپالاجي ۽ Insects دلپسند سبجيڪٽ هئو، اهو پڻ ڪجهه ڪِتابن جو مصنف هو، جهڙوڪ: ماکيءَ جي مک، ماڪوڙي، ڪوريئڙو وغيره. ان کان علاوه هڪ مزاحيه ڪتاب ”گڏهه“ پاڻ ۽ سندس ٽن دوستن: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ جلباڻي صاحب گڏجي لکيو هو. منهنجو والد مونکي هر وقت سمجھائيندو هو ته: ”فرصت جون گهڙيون لکڻ پڙهڻ ۾ لڳائجن ۽ ان جهڙي ٻي بهتر هابي (وندر) آهي ئي ڪونه.“ سچ اهو آهي ته انهن ڏينهن 1940، 50 ۽ ويندي 60 واري ڏهاڪي ۾، نه هيون ٽي ويون ۽ نه ڪمپيوٽر. اسانجي سڄي شهر ۾ فقط هڪ مهاڻن جي گهٽيءَ ۾ خدا ڏني ميربحر جو ٻيڙيون ٻڌڻ جو دڪان هوندو هو جنهن تي پهريون دفعو چاٻيءَ تي هلندڙ ”فونو“ (گرامو فون) ڏٺوسين جنهن تي اڪثر چندر، جيوڻي ٻائي، الهڏني نوناري، ڀڳت ڪنور رام ۽ ڀڳت جاڙو مل جا رڪارڊ پيا هلندا هئا. پوءِ جڏهن آئون ٻارهن کن سالن جو ٿيس ته اسانجي گهر ۾ ريڊيو آيو جيڪو ڪار جي بيٽري تي هليو ٿي. منهنجو هي سڀ ٻڌائڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان جي ننڍپڻ جي ڏينهن ۾ ٻارن جو وقت ڪِتاب ۽ رسالا پڙهڻ ۾ گذريو ٿي.

رام جواهراڻي: پوءِ ڀلا توهان لکڻ ڪڏهن کان شروع ڪيو؟
الطاف شيخ: ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ جڏهن آئون مئٽرڪ ۾ پهتس ته پنهنجي ڪاليج جي مئگزين ۽ سنڌي اخبارن جي ٻارن جي صفحي ۽ حيدرآباد مان مقبول ڀٽيءَ جي رسالي ”گلستان“ ۾ ننڍا ننڍا مضمون لکڻ لڳس. انٽر ۾ پهچي آئون پنهنجي ڪاليج جي مئگزين جو ايڊيٽر به ٿيس. سچي ڳالهه اها آهي ته اسانجي ڪاليج جي پرنسپال جو به ان ۾ وڏو هٿ هو. هو (ڪرنل J.H.H ڪومبس) برٽش آرمي جو رٽائرڊ ڪرنل ۽ ٻي جنگ عظيم جو جپاني قيدي (P.O.W) رهيو هو. هو اسان کي هر وقت اها ئي نصيحت ڪندو هو، بلڪه سختيءَ سان ان تي عمل ڪرائيندو هو ته اسان گهڻي کان گهڻا ڪِتابَ پڙهون. هو چوندو هو ته: ”مطالعو ئي هڪ اهڙي هابي آهي جيڪا ماڻهو پيريءَ ۾ به قائم رکي ٿو.“ هو اهو به چوندو هو ته جنهن ماڻهوءَ کي پڙهڻ سان چاهه آهي اهو جنگل ۾ به اڪيلو محسوس نه ڪندو Books are best companions”.

رام جواهراڻي: ڀلا اهو ته ٻڌايو ته توهانکي جهاز تي لکڻ لاءِ وقت ڪيئن مليو؟
الطاف شيخ: توهان بلڪل صحيح ٿا چئو. جهاز تي واندڪائي ملڻ ڏاڍو مشڪل آهي ۽ نه وري لڳاتار سڪون جي زندگي ملي ٿي. روز هڪ جهڙي زندگي ۽ روٽين هجڻ بدران ڪڏهن ماڻهو سمنڊ تي جهاز جي انجڻين جي جهنجھٽن ۾ ورتل رهي ٿو ته ڪڏهن ڪناري جي رونقن ۽ پُر سحر نظارن ۾ ڦاٿل رهي ٿو. بندرگاهه جي مشغول زندگي بعد سمنڊ تي اڃان ٻه چار ڏينهن ٿڪ ٿو ڀڃجي ته ٻيو بندرگاهه اچيو وڃي. مونکي سامونڊي نوڪري ۾ لکڻ جو ڪو ارادو نه هو پر مونسان مختلف ڳالهه درپيش آئي. مون جڏهن سامونڊي نوڪري جي شروعات ڪئي ته منهنجي ڪلاس ميٽ ساٿين کي ته ”گلف“ ۽ ”ڏور اوڀر“ جي روٽ جا جهاز مليا جن ۾ بندرگاهه سگها سگها اچن ٿا .... ٻن ٽن ڏينهن ۾. مثال طور ڪراچي کان ڪوريا وڃڻ دوران ڏيڍ ڏينهن بعد ممبئي ٿو اچي پر جي ممبئي ناهي وڃڻو ته وڌ ۾ وڌ ٽن ڏينهن بعد ڪولمبو (سري لنڪا جو بندرگاهه) اچيو ٿو وڃي. ۽ پوءِ اهڙن ٽن ڏينهن بعد ڪولڪتا يا چٽگانگ ، ۽ پوءِ ٽن چئن ڏينهن بعد پينانگ. ان بعد هڪ ڏيڍ ڏينهن بعد پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور) ۽ اهڙن ٻن ڏينهن بعد سنگاپور .... پوءِ هڪ ٻئي پويان بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ، شنگھائي، دائرين (چين)، ٽوڪيو، نگويا ۽ ڪوريا جا بندرگاهه: پوسان ۽ سيول وغيره. پر شروع وارا سال مونکي U.K ۽ يورپ روٽ تي رکيو ويو ٿي يا USA ڪئناڊا روٽ تي .... اهي ٻئي ڊگهن سامونڊي سفرن واريون routes آهن. ويتر انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال (جنهن اسان جي ايشيائي سمنڊ بحر احمر (Red Sea) کي يورپ جي ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean Sea) سان ڳنڍيو ٿي، اهو ڪئنال) اسرائيل ۽ مصرين جي لڙائيءَ ڪري پاڻي جي جهازن لاءِ بند ڪيو ويو هو. ۽ اسان کي ڪراچيءَ مان يورپ يا آمريڪا ڏي هلڻ لاءِ سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي. ان ۾ اسان کي 15 ڏينهن کن وڌيڪَ سامونڊي سفر ڪرڻ ۾ لڳي ويا ٿي. يعني ڪراچي کان ڪوپن هيگن ۾ 30 کن ته ڪراچي کان ڪئناڊا 40 ڏينهن راتيون سمنڊ تي جهاز هلائڻو پيو ٿي.
جهاز تي وقت پاس ڪرڻ لاءِ مون به ٻين ساٿين سان برج پتي راند کيڏڻ شروع ڪئي پر جيئن ته آئون ان ۾ هوشيار نه هوس ان ڪري ڪو به مونکي پنهنجو پارٽنر ٺاهڻ لاءِ راضي نٿي ٿيو. سو جهاز هلائڻ بعد مون پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ڪئبن تائين محدود رکيو ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ ناول پڙهڻ لڳس يا پنهنجن دوستن کي پنهنجي ۽ ٻين جي سفر جا مشاهدا ۽ تجربا لکڻ لڳس. منهنجو پهريون سفرنامو ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ اهڙن خطن جو مجموعو آهي جيڪو ان ئي سال 1969ع ۾ پاڪستان جي رائيٽرس گلڊ طرفان “Best Book of the year” قرار ڏنو ويو. ان ايوارڊ ۽ عبرت اخبار ۾ ڇپجندڙ ڪالمن جي موٽ ۾ ايندڙ خطن مونکي وڌيڪَ لکڻ لاءِ همٿايو ۽ سمنڊ جي ڊگهن سفرن دوران وقت پاس ڪرڻ لا ءِ اها منهنجي مجبوري به هئي.

رام جواهراڻي: ۽ پوءِ ڪجهه سالن بعد توهانکي ڏور اوڀر ۽ گلف جي route تي رکيو ويو. ان بعد ڪناري جي نوڪري شروع ڪيانوَ ته به توهان لکندا رهيائو.
الطاف شيخ: دراصل ڪيترائي سال ڏينهن رات لڳاتار لکڻ مونکي لکڻ جو عادي بڻائي ڇڏيو. آمريڪا روٽ تي وقت پاس ڪرڻ خاطر لکڻ منهنجي مجبوري هئي. جپان روٽ تي مشغول هجڻ ۽ وقت جي کوٽ باوجود لکڻ عادت کان مجبوري هئي جو بنا لکڻ جي مزو نٿي آيو. جپان، چين، ڪوريا، سنگاپور، ٿائلنڊ پاسي قصا ڪهاڻيون به کوڙ هيون جن مان ڪجهه جيستائين لکيم نٿي تيستائين مزو نٿي آيو. لکڻ لاءِ وقت نٿي مليو ته گهٽ سمهي به لکڻ جي هابي پوري ڪيم ٿي. ۽ هاڻ ته لکڻ جي عادت اهڙو اونهو گهر ڪري وئي آهي جو جيئن ڪو موالي بنا نشي جي رهي نه سگهي تيئن اسان بنا لکڻ جي رهي نٿا سگهون. اڄ جڏهن آئون ستر سالن جو ڏاڪو به ٽپي ويو آهيان ته به لکڻ خاطر وقت ڪڍڻ لاءِ ماڻهن سان ملڻ جلڻ، دعوتون اٽينڊ ڪرڻ ۽ ٽي وي ڏسڻ جهڙا ڪم به ڇڏي ڏنا اٿم.

رام جواهراڻي: توهان جا دلپسند ليکڪ ڪير آهن؟
الطاف شيخ: مختلف دورن ۾ مختلف ليکڪ فئوريٽ رهيا آهن. ڪاليج وارن ڏينهن ۾ ۽ سامونڊي نوڪري دوران سمنڊ تي مونکي گهڻي کان گهڻا ڪِتاب پڙهڻ جو موقعو مليو ۽ ڪيترن اديبن جا ته مون سمورا سيٽ پڙهيا. جيئن ته: رچرڊ گارڊن (ڊاڪٽر سيريز)، ارنيسٽ هيمنگوي، سمرسيٽ ماهم، گرهام گريني، وي ايس. نائپال، جان اپڊائيڪ، البرٽ ڪاموز، وغيره وغيره.

رام جواهراڻي: ڪو اهڙو ڪتاب جنهن جون يادگيريون توهانجي دماغ ۾ اڄ به تازيون هجن؟
الطاف شيخ: اوه! رام ڪيترائي ڪِتاب ..... جيڪي مون شاگردي جي ڏينهن ۾ پڙهيا انهن جي سڳنڌ مون کي اڄ به محسوس ٿئي ٿي. دل چوندي آهي ته انهن کي هڪ دفعو وري پڙهان. دل چوندي آهي ته اڄ جا شاگرد يا مطالعي جا شوقين اهي ڪتاب ضرور پڙهن ..... خبر ناهي انهن کي به ايترو مزو ايندو يا نه. انهن ڪتابن مان ڪجهه هن ريت آهن: پرلس ايس بڪ جو Good Earth، والاد مير نبوڪو جو Lolita، بورس پاسٽرناڪ جو ”ڊاڪٽر زهواگو“، ايملي برونٽي جو ”ودرنگ هائيٽس“، هرمن جو ”موبي ڊِڪ“، چارلس ڊڪنس جو ”گريٽ ايڪس پيڪٽيشن“، جين آسٽين جو ”پرائيڊ ائنڊ پريجوڊائس“، ايرڪا جونگ جو Fear of Flight، ۽ خاص ڪري ”باواني جنڪشن“ جيڪو 1954ع ۾ جان ماسٽرس لکيو جنهن جي بنياد تي 1956ع ۾ ڪامياب فلم ٺهي. اها فلم ان هنگاما خيز دور ۾ ٺهي جڏهن انگريز ننڍي کنڊ کي ڇڏي رهيا هئا. ان ۾ يوريشين (Anglo – Indians) جي پريشاني قابلِ ديد آهي. انهن جون وفاداريون هڪ طرف ڇڏي ويندڙ انگريز سان هيون ته ٻئي طرف انڊيا جي اڪثريت آدم شماري سان هيون. فلم ۾ ان وقت جي مشهور ائڪٽريس ”ائوا گارڊنر“ ائنگلو انڊين عورت ”وڪٽوريا“ ٿي آهي جيڪا انڊين آرمي ۾ نوڪري ڪري رهي هئي ۽ فلم ائڪٽر ”اسٽيو وارٽ گرانگر“ ڪرنل روڊني ٿيو آهي. هن فلم جي ڪجهه حصي جي شوٽنگ لاهور ۾ به ٿي هئي جِتي جي هڪ ٻارهن سالن جي ڇوڪريءَ پڻ ان فلم ۾ حصو ورتو هو. بعد ۾ اها ڇوڪري پاڪستان فلم انڊسٽري جي ”نِيلو“ نالي مشهور فلم ائڪٽريس ٿي. نيلو جو اصل نالو ”سنٿيا“ هو جنهن بعد ۾ هڪ پاڪستاني فلمون ٺاهيندڙ ۽ جرنلسٽ رياض شاهد سان شادي ڪئي ۽ پنهنجو اسلامي نالو ”عابده رياض“ رکرايو.
1965ع جي ڳالهه آهي ته شهنشاهه ايران جي پاڪستان ۾ وزٽ تي ان وقت جي مغربي پاڪستان جي گورنر امير محمد خان نيلو کي خاص مهمان اڳيان ڊانس ڪرڻ لاءِ گهرايو. نيلو جي انڪار تي هن کي threat ڏئي ڊيڄاريو ويو ۽ کيس گورنر هائوس ۾ پهچائڻ دوران هن رستي تي خوش ڪشي جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس يڪدم اسپتال آندو ويو جِتي ڊاڪٽرن هن جي جان بچائي ورتي. کاٻي ڌر جي مشهور شاعر حبيب جالب ان ظلم تي پنهنجي غم ۽ غصي جو اظهار هن شعر ذريعي ڪيو:

تو کہ نا واقفِ آدابِ غلامی ہے ابھی
رقص زنجیر پہن کر بھی کیا جاتا ہے
بعد ۾ هن جو هي شعر ڪجهه معمولي تبديلين سان فلم ”زرقا“ ۾ استعمال ڪيو ويو.

رام جواهراڻي: ڀلا انهن انڊين ليکڪن بابت ٻڌايو جيڪي انگريزيءَ ۾ لکن ٿا؟ توهان کي ڪهڙو پسند آهي؟
الطاف شيخ: حقيقت اها آهي ته ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين مون لاءِ بهترين افسانوي يا غير افسانوي انگريزي ناول اهي آهن جيڪي ننڍي کنڊ جي ماڻهن لکيا آهن يا انهن انگريزن جيڪي انڊيا ۾ ڄاوا يا اتي وڏو عرصو گذاريائون. جيئن ته E.M Foster (ايڊورڊ مورگن فاسٽر) جنهن جو ناول A Passage to India آهي، يا رڊيارڊ ڪپلنگ آهي جنهن جا ڪتاب. منڊالي، ڪِم، گنگادين ۽ Plain Tales from the hill آهن.... جان ماسٽرس جو ڀاواني جنڪشن، وئلري جو ”زميندار“ يا J.G Farrell جو The Siege of Krishanapur آهي.
انڊيا جي رهاڪن مان ڪجهه جن جا ناول مونکي تمام گهڻا وڻيا، هن ريت آهن: انيتا ڊيسائي ۽ سندس ڌيءَ ڪرن ڊيسائي، وڪرم سيٺ (A Suitable Boy)، روهنٽن مستري (ٽيلس فرام فيروز شاهه باغ) ۽ (Such a Long Journey) ان کان علاوه ارونڌاتي راءِ جنهن جا سنڌي ترجما سنڌ ۾ تمام مشهور آهن.... مون سندس فقط هڪ ڪتاب The God of Small Things پڙهيو آهي، آر. ڪي ناراين ـــ منهنجو تمام گهڻو دلپسند ليکڪ آهي جنهن جو ڏکڻ هندستان جي شهر ”مال گودي“ جي پس منظر ۾ ناول بيحد مشهور آهي.... نراد چوڌري جنهن جي لکيل هڪ اڻ ڄاتل انڊين جي آتم ڪهاڻي the Autobiography of an Unknown Indian جنهن ۾ دراصل سندس ذات جا ئي تجربا ۽ مشاهدا آهن.

رام جواهراڻي: ڀلا انڊين انگريزي شاعرن بابت ڇا خيال آهي؟
الطاف شيخ: منهنجي شاعريءَ ۾ شروع کان ڪا گهڻي دلچسپي نه رهي آهي. بس ڪڏهن ڪڏهن، خاص ڪري سمنڊ تي جڏهن مون وٽ پڙهڻ لاءِ ٻيو ڪجهه نه هوندو هو ته پوءِ شاعري تي به نظر ڦيريندو رهيس ٿي ..... ڪجهه انڊين شاعر جن جي مون انگريزي شاعري پڙهي ۽ ٿوري سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي هن ريت آهن: آرون ڪولاتڪار، Nissim Ezekiel، ڪملا داس، دليپ چتري ۽ انهن ۾ توهان رابندر ناٿ ٽئگور کي به شامل ڪري سگهو ٿا.

رام جواهراڻي: منهنجي خيال ۾ توهان ملئي ۽ جپاني ادب به ڪافي پڙهيو آهي.
الطاف شيخ: آئون ملائيشيا ۾ تمام وڏو عرصو رهيو آهيان پر افسوس جو ملئي ادب انگريزي، اڙدو يا فارسي وانگر ڪو مالا مال ناهي. ملئي شاعري (Pantuns) پڙهڻ جوڳيون آهن. ۽ جيڪڏهن توهان ملئي ٻولي کان واقف آهيو ته وڌيڪَ Enjoy ڪري سگهو ٿا. پنتون ملئي شاعريءَ جو قسم آهي جيئن رباعي يا چؤسٽو. هن ۾ چار سٽون ٿين ٿيون جن جو رديف قافيو “abab” فارم ۾ ٿئي ٿو. مثال طور
Singapura negri baharu,
Tuan Raffles menjadi raja,
Bunga melur, Cempaka biru,
Kembang sekuntum di mulult naga.
سنگاپور هڪ نئون ملڪ آهي
جنهن جو حاڪم جناب رئفلز بڻيو
جاسمين جو گل ۽ فرنگي پاني
ازدها جي منهن ۾ مکڙي مان گل ٿيو.

رام جواهراڻي: ۽ جپاني ادب بابت ڇا خيال آهي؟
الطاف شيخ: جي ها. جپاني ٻولي ادب ۾ تمام امير آهي. جپان سان واسطو قائم ٿيڻ کان پهرين آئون اهو ئي سمجھندو هوس ته جپاني ماڻهو Robots وانگر آهن جيڪي فقط ڪَلَ جو سامان ٺاهي سگهن ٿا. هنن کي ڪي به لطيف جذبات يا احساسات نه آهن. پر هاڻ آئون ادب جي شاگردن کي اها ئي صلاح ڏيندو رهان ٿو ته هو جپاني نثر توڙي نظمَ جا ترجما پڙهن. مون پهرين جپاني ناول جو انگريزي ترجمو “A Sailor who fell from Grace with the Sea” پڙهيو هو. مشيما يوڪيو جي هن ناول منهنجي اندر ۾ سندس ۽ ٻين جپاني ليکڪن جي ڪِتاب پڙهڻ جي تانگهه پئدا ڪئي.

رام جواهراڻي: توهان جا favourite جپاني ليکڪ ڪير آهن جن لاـءِ ٻين کي به پڙهڻ لاءِ Suggest ڪندائو؟
الطاف شيخ: ”مشيما يوڪيو“ سميت منهنجا ڪيترائي دلپسند جپاني ليکڪ آهن. مشيما جا ڪجهه ٻيا انگريزيءَ ۾ ٽاپ ڪلاس ناول آهن: فاربڊن ڪلرس، “The Temple of the Golden Pavilion”، دي سائونڊ ويوز وغيره. اهڙي طرح نتسومي سوسيڪي (1868-1912) به جپان جو بهترين ناول نِگار آهي جنهن جا ناول ”ڪوڪورو“ (Heart)، ڪُوساما ڪُورا (Three Cornered wall) ۽ خاص ڪري 900 کن صفحن جو ناول واگاهائي وا نيڪو دي اَرُو (I am a Cat) جپاني سوسائٽي تي طنز وارو ناول پڙهڻ وٽان آهي.
ڪجهه ٻين جپاني ليکڪن جا انگريزي ۾ ترجما ٿيل ناول جن کي پڙهڻ جي صلاح ڏيندس، هن ريت آهن جپان جي نوبل پرائيز جيتڻ واري ياسوناري ڪواباتا ليکڪ جا ناول: سين با زورو (Thousand Cranes)، ياما نو اوتو (The Sound of the Mountain)، ڪيوٽو (The Old Capital)، جوني چيرو تاني زاڪي ليکڪ جا ڪِتاب:The Key ۽ Diary of Old Man ، تيتسو مِي يورا جا ڪِتابَ: Kafka on Shore، نارويجن ووڊ، اي وائلڊ شيپ چيس، The Elephant Vanishes...... وغيره وغيره.

رام جواهراڻي: ۽ جپاني شاعري بابت ڇا خيالُ آهي؟
الطاف شيخ: جپاني شاعري وري به مونکي پسند آهي خاص ڪري ”هائيڪو“. هائيڪو (haiku)جپاني شاعريءَ جو مختصر فارم آهي جيڪو اسانجي ٽيڙو يا ٽه سٽو جيئن ٽن سٽن جو ٿئي ٿو پر هائيڪو ۾ مقرر 17 ماترائون ٿين ٿيون. پهرين سِٽَ ۾ 5، ٻيءَ ۾ 7 ۽ ٽينءَ ۾ 5. مثال طور ماتسو باشو جو هڪ مشهور هائيڪو آهي ته:
Furuike Ya (فُو ـــ رُو ـــ اِي ـــ ڪي ـــ يا) = 5
Kawazu tobi Komu (ڪا ـــ وا ـــ زو ـــ تو ـــ بي ـــ ڪو ـــ مو) =7
Mizu no oto (مي ـــ زو ـــ نو ـــ او ـــ تو) = 5 ماترائون
(هڪ جھونو حوض
هڪ ڏيڏر ان ۾ ٽٻي ٿو هڻي
پاڻيءَ جي ڇلڪڻ جو آوازُ)
رام جواهراڻي: ڪجهه اهم جپاني شاعر جن جي شاعري انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي هُجي؟
الطاف شيخ: توهان کي ڪيترن ئي شاعرن جا ترجما ملندا. متسو باشو، ڪوباياشي اِسما ۽ يوسا بُوسن .... اهي ٽي جيڪي ايڊو دور جا شاعر آهن بيحد مشهور آهن. انهن جي شاعري اسان وٽ سنڌي ۽ اڙدو ۾ به ترجمو ٿي آهي ۽ انڊيا ۾ ته ڪيترن ئي ٻولين ۾. انهن کان علاوه ڪجهه ٻيا جپاني شاعر جن جو مون انگريزي ترجمو پڙهيو آهي، هن ريت آهي: فُوڪُودا چِيو ني ـــ هائيڪو جي مشهور شاعره تاڪاموري اتسو ـــ هيءَ خاتون شاعره سان گڏ ترقي پسند ليکڪا، تاريخدان ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ به آهي. سائيگيو هوشي، مورا ڪامي ڪيجو ۽ هڪ عورت شاعره جنهن کي جپاني توڙي ڌاريان تمام گهڻو پسند ڪن ٿا اها آهي ”اونو نو ڪوماچي“. مون پنهنجن جپان جي سفرنامن ۾ ڪوماچي ۽ ان جي شاعريءَ بابت تمام گهڻو لکيو آهي. هوءَ ”وَڪا“ جي شاعره هئي. وَڪا (Waka)سيدوڪا، تانڪا، چوڪا، ڪاتا اوتا جپاني شاعري جا قسم آهن جيئن اسان وٽ بيت، ٽيڙو، غزل، ڪافي، رباعي وغيره. وَڪا شعر ۾ 5 سٽون ٿين ٿيون. جن ۾ 5،7،5،7 ۽ 7 ماترائون (Syllables) ٿين. مثال طور:
Omoitsutse هن جو ئي سوچي رهي آهيان.
Nureba Ya Hito no هن سان ملڻ ڪارڻ، مون ننڊ ڪئي.
Meitsuramu هو منهنجي اڳيان ظاهر ٿيو.
Yume to Shiriseba منهنجي ڌيان مان نڪري ويو ته اهو خوابُ آهي.
Samezara mashi wo نه ته آئون ننڊ مان هرگز سجاڳ نه ٿيان ها....

جپاني معاشرو مائي ڪوماچي جي محبت جي قصن سان ڀريو پيو آهي. سڀ کان عام قصو سندس فوڪا ڪوسا نالي هڪ شهنشاهي درٻار جي ڪاموري سان عشق جو آهي. ڪوماچيءَ هن سان وعدو ڪيو ته جيڪڏهن هو ساڻس لڳاتار سؤ راتين تائين هم بستري جاري رکندو ته پوءِ هوءَ هن کي سچو عاشق مڃيندي. فوڪا ڪوسو هن وٽ باقاعدگيءَ سان هر رات ايندو رهيو پر اچي اچي آخري راتين ۾ همت هاري ويٺو. ان جي ڏک ۾ هو اهـڙو بيمار ٿيو جو وڃي کٽ تي داخل ٿيو ۽ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. هن جي جواني جي موت تي، چون ٿا ته ڪوماچيءَ به ٽي ڏينهن کن سوڳ ملهايو ۽ اهي ٽي ڏينهن هن ٻي ڪنهن مرد جي ويجھو وڃڻ کان گريز ڪئي.
ڪوماچيءَ جو شاعريءَ جي دنيا ۾ وڏو مقام آهي ۽ کيس عزت بخشڻ لاءِ جپاني حڪومت جپاني چانورن جي هڪ خاص جنس جو نالو سندس نالي پٺيان ”اڪيٽا ڪوماچي“ رکيو آهي. ساڳي وقت جپان جي اڪيٽا شنڪانسين (بليٽ ٽرين) کي پڻ پيار مان ”ڪوماچي“ سڏيو وڃي ٿو.

رام جواهراڻي: انڊو پاڪ کان علاوه توهان ٻيا ڪهڙا ملڪ ڏٺا آهن.
الطاف شيخ: اڄ ڪلهه جهاز هلائيندڙن کي بندرگاهه ۾ رهڻ جا تمام گهٽ موقعا ملن ٿا. اهو ان ڪري جو جتي جهاز ماڊرن ٿي ويا آهن اتي بندرگاهن ۾ ڪارگو لاهڻ ۽ چاڙهڻ جو طور طريقا به ايڏو تيز رفتار ۽ ماڊرن ٿي ويا آهن جو سڄي ڀريل جهاز کي هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ خالي ڪريو وٺن ۽ جهاز اهو بندرگاهه ڇڏي ٻي منزل ڏي روانو ٿيو وڃي. ان نتيجي ۾ جهاز هلائڻ وارن کي بندرگاهه گهمڻ جو موقعو ئي نٿو ملي. اسان جي ڏينهن ۾ يعني 1960ع ۽ 1970ع وارن ڏهاڪن تائين جهاز ته ماڊرن ٿي چڪا هئا پر بندرگاهن جا حالَ پورا سارا هئا. ڪنٽينر سروس شروع ٿي رهي هئي پر جِتي ڪٿي خاص ڪري آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ڊاڪ لئبر (مزدور) ان جي مخالفت ڪري رهيا هئا جو ٽرڪن مان سامان لاهڻ چاڙهڻ ۾ هنن کي ڏينهن ٿي لڳا ۽ اوور ٽائيم ٺهيو ٿي. ان کان علاوه هنن کاڌي پيتي جي شين جي چوري الڳ ڪئي ٿي. ڪنٽينر بند بند هجڻ ڪري سامان جي چوري نٿي ٿئي ۽ جهاز تي جلد ئي چڙهيو وڃن. سو اسان جي ڏينهن ۾ جهاز کي بندرگاهن ۾ هفتا ڇا ڪڏهن ته جدي، ڊڪار، دبئي، لاگوس جهڙن بندرگاهن ۾ مهينو ڏيڍ به لڳي ويو ٿي ۽ اسان جهاز هلائڻ وارن کي اهو بندرگاهه وارو شهر ۽ ڀر وارا شهر گهمڻ لاءِ ملي ويا ٿي. جيئن جهاز يوڪوهاما ۾ بيٺو هوندو هو ته باءِ بس يا ٽرين ٽوڪيو هليا ويندا هئاسين. يا ڪوبي ۾ هوندو هو ته ٽرين ذريعي اوساڪا ۽ ڪيوٽو به پهچي ويندا هئاسين. سو اسان جهاز هلائڻ وارن کي انهن ڏينهن ۾ گهمڻ ڦرڻ جا خوب مزا هئا ۽ اها چوڻي صحيح ثابت ٿيندي هئي ته Join the Navy, See the World. آئون ان معاملي ۾ به خوش نصيب رهيس جو مون سڄي نوڪري هڪ روٽ تي نه گذاري. سال ٻه آمريڪا ڪئناڊا روٽ تي هوس ته سال ٻه يورپ ۽ يوڪي روٽ تي. ڪڏهن گلف مڊل ايسٽ ۽ آفريڪا روٽ تي ته ڪڏهن پئسفڪ ۽ فار ايسٽ (جپان، چين، ڪوريا، فلپين ملائيشيا وغيره) تي. اهڙي طرح مونکي هر سمنڊ جا گهڻي کان گهڻا بندرگاهه ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ ان سان گڏ ننڍڙا ننڍڙا ٻيٽ پڻ، جيئن ته برمودا، بهاما، مالديپ، ٽرنيڊاڊ، توباگو، ڪيپ وردي، لاس پاماس (ڪَناري) وغيره. اهڙي ريت مونکي لکڻ لاءِ گهڻي کان گهڻو مواد ملندو رهيو.

رام جواهراڻي: اڄ تائين توهان ڪيترا سفرناما لکيا هوندا؟
الطاف شيخ: هيستائين منهنجا 82 ڪِتابَ ڇپجي چڪا آهن جن مان 70 کن سفرناما آهن باقي مضمون ۽ ترجما آهن. ٻه ڪِتابَ پهاڪن جا آهن. هڪ انگريزي ۾ Proverbs of Far –East ۽ ٻيو سنڌيءَ ۾ ”رٺي آهي گھوٽَ سان“ انهن ۾ سنڌ ۾ استعمال ٿيندڙ پهاڪن سان گڏ ملئي، چيني ۽ جپاني ٻولين جا به پهاڪا آهن. انهن ٻولين وارا ملڪ: ملائيشيا، چين، هانگ ڪانگ ۽ جپان اهي آهن جِتي منهنجو تمام گهڻو وڃڻ ٿيو.

رام جواهراڻي: توهان جي نظرن ۾ توهان جو سڀ کان بهترين ڪِتاب ڪهڙو آهي ۽ ڇو؟
الطاف شيخ: هر ليکڪ کي پنهنجا سڀ ڪِتابَ پنهنجي ٻارن وانگر سٺا لڳن ٿا. پر منهنجي خيالَ ۾ ايران جو سفرنامو، سعودي عرب جا ٻه سفرناما (”اي روڊ ٽه مدينه“ ۽ ”ڀلي پار تان ڀيرو“) ۽ انڊيا جا ٽي سفرناما (”دهلي جو درشن“، ”هلي ڏسجي هندستان“ ۽ ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“) شايد بهترين هجن جو انهن جا ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن. مون ملائيشيا ۽ جپان تي به ڪيترائي سفرناما لکيا آهن... گهٽ ۾ گهٽ پنج پنج هر ملڪ تي .... اهي شايد ان ڪري پسند ڪيا وڃن ٿا جو اسانجي ماڻهن جو انهن ملڪن ڏي وڃڻ جو گهڻو رجحان آهي. منهنجي ڪجهه ڪِتابن جون گهڻيون ايڊيشنون شايد ان ڪري به نڪرن ٿيون جو اهي مختلف يونيورسٽين جي B.A ۽ M.A ڪورسن لاءِ رکيل آهن. جيئن ته ”دنگي منجهه درياهه“ ڪراچي يونيورسٽي ۾، ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ سنڌ يونيورسٽي ۾ ۽ ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾. منهنجو ڪِتاب ”موج نه سهي مڪڙي“ انهن سامونڊي سفرن جو آهي جن ۾ طوفان آيا، خراب سمنڊ مليو، جهازن جا حادثا ٿيا، راهه ڀٽڪي وياسين ۽ ٻيون Tragedies آهن. ٻه سفرناما جن تي مونکي ڪافي محنت ڪرڻي پئي اهي آمريڪا جا آهن: ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۽ ”بخشو لغاري کان بالٽيمور“. هنن ۾ مون انهن بندرگاهن ۽ شهرن جو احوال لکيو آهي جن ۾ 35 سال اڳ آئون جهاز ذريعي ايندو هوس. هنن سفرنامن ۾ ماضي جي حالتن ۽ ماڻهن سان حال جي ڀيٽ ڪئي اٿم.

رام جواهراڻي: انهن مهماتي حادثن بابت ٻڌايو جيڪي توهان کي سامونڊي زندگي ۾ پيش آيا.
الطاف شيخ: سامونڊي زندگي اڄ به گلن جي سيڄ ناهي. جهاز کڻي ڪهڙا به ماڊرن ٿي ويا آهن پر ته به سامونڊي طوفانن ۽ حادثن جي سَٽ نٿا جھليو سگهن. ۽ جڏهن توهان ڏينهن رات لڳاتار ٻارهن سال دنيا جي مختلف سمنڊن تي جهاز هلائيندا رهو ۽ اهو ئي سوچيو ته توهان کي هر وقت Smooth Sailing ملندي، نا ممڪن ڳالهه آهي. سمنڊ تي جِتي بَهاري وارا ڏينهن ملن ٿا ۽ دل باغ باغ ٿيو وڃي اتي سخت ڏکيا ڏينهن ۽ مايوسيءَ واريون حالتون به اچن ٿيون. ڏٺو وڃي ته اسانکي پگهار اهڙن مشڪلن کي دليري، عقلمندي ۽ تجربي جي آڌار تي منهن ڏيڻ جو ئي ملي ٿو. منهنجا سڀ سفرناما اهڙن کٽن مٺن تجربن جو مجموعو آهن. هاڻ جيتوڻيڪ آئون رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهيان ۽ جهاز هلائڻ ڇڏي ڏنو اٿم پر پراڻن ڏينهن جون ڳالهيون هر وقت ياد اينديون رهن ٿيون جن کي مختلف رسالن ۽ اخبارن لاءِ لکندو رهان ٿو.

رام جواهراڻي: انسانيت جي لحاظ کان توهان کي ڪهڙي ملڪ جا ماڻهو بهترين لڳا؟
الطاف شيخ: هون! ترسو ته ان بابت سوچيان! دراصل اسان ايشين، خاص ڪري ننڍي کنڊ جا رهاڪو هر ڳالهه ۾ بيحد حساس آهيون .... هر ڳالهه ۾ اسان پنهنجو پاڻ کي اعليٰ سمجھون ٿا. اسان کي بنا ڪنهن سبب جي هروڀرو مغرب وارن سان ساڙ ۽ چڙ آهي. هر وقت هنن تي ڏمريا وتون. پر منهنجي خيال ۾ سچائي اها آهي ته مغرب جا گهڻا ماڻهو بهترين آهن. ٻئي جو خيال ڪرڻ ۽ انسان ذات لاءِ عزت ڪرڻ هنن جي اولين ترجيح آهي. ايترقدر جو اسان جهڙا ايشيائي يا آفريڪن ملڪن جا سياح يا پناهه گزين مغرب جي ملڪن ۾ پاڻ کي با حفاظت ۽ آزاد سمجھن ٿا. انهن ملڪن جي امن امان جي حالت توڙي انصاف هر هڪ لاءِ آهي ... ويندي جانورن لاءِ به آهي. ڌارين ملڪن ۾ رهائش دوران سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ، فنلنڊ .... ۽ ويندي انگلنڊ، هالنڊ ۽ بيلجم جهڙن ملڪن ۾، مون بيحد گهڻو سڪون ۽ شانتي محسوس ڪئي. ان خيال کان اسانجو ايشيائي ملڪ ”جپان“ به هڪ بهترين ملڪ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ ڪلهه نسل پرستي جو ڀوت جِتي ڪٿي پنهنجو ڳاٽ مٿي ڪري رهيو آهي. پر ان ۾ به آئون ڏسان پيو ته اسان ايشين ۽ آفريڪن جو ڏوهه آهي جنهن ڪري مڪاني ماڻهو اسان سان نفرت ڪن ٿا. اسان جي غير قانوني حرڪتن ۽ منفي سوچن ميزبان ملڪن کي ڊسٽرب ڪري رکيو آهي. اسان جڏهن مغرب جي ملڪن ۾ رهڻ لاءِ پهچون ٿا ته ان وقت اهو ئي بهانو ڪريون ٿا ته اسان پنهنجي ملڪ جي سسٽم ۽ ڪلچر مان خوش نه آهيون .... ٻئي جي ملڪ ۾ رهائش حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترا ته ويندي پنهنجي دين ڌرم جي به شڪايت ڪن ٿا پر پوءِ ڌارئين ملڪ جي شهريت/پاسپورٽ ۽ بنيادي حق حاصل ڪرڻ بعد اسان پنهنجو ڪلچر، رسم و رواج ۽ سوچون مقامي ماڻهن تي ٿاڦڻ شروع ڪريون ٿا.

رام جواهراڻي: هڪ دفعي توهان اسپين جي هڪ سنڌي دڪاندار جو احوال لکيو هو ته هن ڪيئن توهان کي بيوقوف ٿي بڻايو. اها ڳالهه وري ٻڌائجو.
الطاف شيخ: منهنجي خيال ۾ اهو ڪَناري (Canary) ٻيٽن جي هڪ مشهور ٻيٽ لاس پاماس (Las Palmas)جو واقعو هو. اسپين ۽ پورچوگال بعد اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ شروع ٿئي ٿو جيڪو نيويارڪ ۽ ڪئناڊا تائين هليو وڃي ٿو. ڪَناري ٻيٽن جو جھڳٽو هن سمنڊ ۾ آهي جِتي جي سٺي موسم ۽ هر شيءِ ٽئڪس فري هجڻ ڪري ٻارهوئي سياح (ٽوئرسٽ) ايندا رهن ٿا .... خاص ڪري لاس پاماس ٻيٽ تي جيڪو سڀ ۾ وڏو ٻيٽ ۽ بندرگاهه پڻ آهي. اسان به يورپ کان واپس ڪراچي ايندي يا اڳتي آمريڪا ۽ ڪئناڊا ڏي ويندي سفر جو سيڌو سامان ۽ جهاز لاءِ تيل ۽ پاڻي وٺڻ لاءِ پنهنجي جهاز کي لاس پاماس ۾ ضرور لنگر انداز ڪندا آهيون. هن پاسي اچڻ کان اسان پنهنجن سينئر جهازين کان هن بندرگاهه بابت ٻڌو هو ته لاس پاماس خريدارن لاءِ جنت آهي جيئن ڪنهن زماني ۾ (جڏهن اسان اسٽوڊنٽ هئاسين) ته يمن جي بندرگاهه عدن لاءِ اهي جملا ٻڌبا هئا.
لاس پاماس گهمڻ مهل مون ۽ منهنجي دوستن سڀ کان پهريون ڪپڙو خريد ڪرڻ ٿي چاهيو. Esclaeritas ايوينيو تي ”ڪُئين وڪٽوريا“ اسپتال جي ڀرسان جيڪو پهريون وڏو دڪان هو ان ۾ گهڙياسين. دڪاندار اسان کي دڪان ۾ ويلڪم ڪندي پڇيو ته آيا اسين ٽوئرسٽ آهيون ياSailor (جهازي)؟ هن اسان کي اسٽولن تي وهاري ڪول ڊرنڪ آفر ڪئي جيئن اسان آرام سان ويهي ڪپڙي جي چونڊ ڪريون. اسان جي گفتگو انگريزي ۾ هلي رهي هئي ۽ اسان ٿڌي ٿڌي ڪولڊ ڊرنڪ ۽ دڪندار جون مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌي ٺري رهيا هئاسين. ائين ٿي لڳو ته دنيا جي تختي تي هن جهڙو ڪو ٻيو اسان جو همدرد ٿي نٿو سگهي. اسان ڪجهه ساڙهين ۽ ڪچي ڪپڙي جي چونڊ ڪئي ۽ هاڻ جڏهن اسان اگهه کي فائنل ٿي ڪيو ته دڪان جو مالڪ جيڪو اسان کي منهن ڏئي رهيو هو, ٽيليفون جي گهنٽي وڄڻ تي ڪائونٽر تي رکيل فون کي کڻڻ لاءِ اٿيو. ان دوران هن پنهنجي هڪ سيلز مئن کي اشارو ڪيو ته اسان کي ڏسي ۽ پاڻ اسپيني زبان ۾ فون تي پنهنجي ڪنهن پراڻي دوست سان ڪچهريءَ ۾ مَحو ٿي ويو. اسان کي دل ۾ اهو ئي آيو ته هن سيلز مئن کي اسان سان ڪهڙي همدردي .... اهو ته مالڪ هئو جيڪو اسان سان مِٺو مِٺو ڳالهائي رهيو هو ۽ اسان کي اميد هئي ته هو اسان کي ضرور ڊسڪائونٽ اگهه تي بل ڏيندو. اسان هن سيلز مئن مان بلڪل غير مطمئن هئاسين ۽ اسان مان هڪ دوست ته رڙ ڪري باس کي چيو ته “It will be nice if you let us know the final price” (بهتر اهو ٿيندو جي آخري اگهه جو تون ئي فيصلو ڪر.) اها اسان لاءِ بلڪه فقط مون لاءِ بيحد حيرت انگيز ڳالهه ٿي جڏهن دڪان جو مالڪ جيڪو اسان سان صاف انگريزي لهجي ۾ ڳالهائي رهيو هو ۽ پنهنجي دوست يا ساهيڙيءَ سان فون تي اسپيني ۾ گفتگو ڪري رهيو هو تنهن فون تي هٿ رکي اسان جي خذمت ۾ بيٺل سيلز مئن کي نج سنڌيءَ ۾ چيو: ”اڙي لڇو! هي چريا سيلر (Sailors) اٿئي. پئسو جام هوندن ٻه چار پسيتا (اسپيني رپيا) وڌيڪَ ئي هڻجان.“ پنهنجي سيلزمئن کي اهو چوڻ بعد اسان کي انگريزيءَ ۾ چيو:
Sir you don’t worry. I have instructed my man to charge you the lowest possible.
هن جي اهو چوڻ تي مونکان ٽهڪ نڪري ويو ۽ کيس سنڌيءَ ۾ چيم ته ”سرڪار مون توهان جا راز وارا ڳجھا انسٽرڪشن decipher ڪري ورتا.“
اهو ٻڌي هو تمام گهڻو پريشان ٿي ويو. آخر منٿون ميڙيون ۽ بهانا گهڙي معافيون وٺي اسان کي جنهن آخري اگهه تي وڪيائين اهو واقعي discount اگهه هو. ساڳي وقت هن پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته آئون سنڌ کان آيو آهيان. هو ڪا دير مونکان پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه سکر ۽ شڪارپور جون خبرون پڇندو رهيو. هن ٻڌايو ته هي پهريون دفعو آهي جو هن جي ڪنهن سنڌي جهازي آفيسر سان ملاقات ٿي آهي. دراصل اها مون لاءِ به خوشگوار حيرت هئي ته سنڌ جا ماڻهو واپار خاطر ڏورانهن ڏيهن کان اچي نڪتا آهن. لاس پاماس جهڙي هڪ ڏورانهين ٻيٽ تي پنهنجو ڌنڌو ڄمائڻ ڪا سولي ڳالهه ته نه آهي.
بعد ۾ ان ساڳي سفر (Sea Voyage) جي واپسي تي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هڪ ٻئي ڏورانهين ٻيٽ ”ڪيپ وردي“ تي پڻ منهنجي هڪ سنڌي دڪاندار سان ملاقات ٿي. هي هڪ پورچو گالي ٻيٽ آهي يعني پورچوگال جي قبضي ۾ آهي جيڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ جي بالڪل خطرناڪ هنڌ تي آهي جنهن جي ائپروچ به ڏکي آهي يعني بندرگاهه ۾ گهڙڻ واري هنڌ تي سمنڊ اندر ٽڪريون آهن جن سان بيخياليءَ ۾ جهاز ٽڪرائي پرزا پرزا ٿي سگهي ٿو. اسان به امرجنسي جي حالت ۾ هن ٻيٽ ۾ اچي لنگر انداز ٿياسين. اتي جي هڪ سنڌي دڪاندار کان اهو ٻڌي حيرت ٿي ته هن جا وڏا 1930ع ڌاري هن ٻيٽ تي اچي رهيا. انهن ڏينهن ۾ ڪاٺ جي ٻيڙن ۾ هن هنڌ تي پهچڻ وڏي دل گردي جي ڳالهه آهي .... ڇو جو هتي پهچڻ اڄ به خطرناڪ ۽ جوکم جو ڪم سمجھيو وڃي ٿو.
بهرحال مٿيان ٻئي ٻيٽ لاس پاماس ۽ ڪيپ وردي وري به يورپ جي ويجھو آهن. انگريزن جي انڊيا تي حڪومت هجڻ ڪري انگلينڊ ۽ يورپ ڏي جهازراني عام هئي. پر حيرت ٿي ٿئي ته ان دور ۾ ڪيترا سنڌي هندو دڪاندار بزنيس خاطر سڄو ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي آمريڪا ۽ ڪئريبين سمنڊ جي ٻيٽن تي اچي نڪتا هئا. ان ساڳي سفر دوران نيو اورلينس (آمريڪا) کان برازيل ڏي ويندي اسانجو جهاز برمودا واري ٽڪنڊي ۾ خراب ٿي پيو ۽ اسان ان کي برمودا ٻيٽ جي بندرگاهه هئملٽن ۾ وٺي ويا هئاسين. اتي هڪ سنڌي فئملي سان ملاقات ٿيڻ تي مون اچرج جو اظهار ڪيو ته هو واپار خاطر ڪيترو ته پري کان اچي نڪتا آهن. بصرو ۽ بخارا ته وري به ويجھا آهن پر برمودا ۽ بهاما جهڙا ٻيٽ ته ڄڻ دنيا جي ٻي ڪنڊ تي ٿيا! ان تي هن فئملي جي ڪراڙي چيو ته: ”بابا! سنڌي هندو واپاري توهانکي جتي ڪٿي ملندا. هو سمنڊ جي ڇولين ۽ طوفانن کان نٿا ڊڄن.“.
۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪجهه سالن اندر مختلف جهازن ۽ مختلف سمنڊن تي رهڻ بعد مون ڏٺو ته ڪولمبو، هانگ ڪانگ، پينانگ ۽ سنگاپور ۾ ڪراچيءَ کان به وڌيڪَ سنڌي دڪاندار نظر آيا. سامونڊي نوڪري دوران منهنجي ڪيترن ئي وڏن وڏن واپارين: هردراني، قيمتراءِ، پوهومل برادرس، چوٽڙمل، چيلارام، واتو مل ۽ ٻين سان جاوا، جپان، جبرالٽر، سوٽا، قبرص، فجي، بالي ۽ برما ۾ ملاقاتون ٿيون.

رام جواهراڻي: توهان ان وقت جي اهم سنڌي واپارين جا انٽرويو نه ورتا؟
الطاف شيخ: نه ان وقت اهڙي ڳالهه ڌيان ۾ نه آئي. هينئر توهانجو سنڌي اهم شخصيتن جي انٽرويوئن جو ڪتاب Global Sindhisپڙهي سوچيان پيو ته ان وقت جي همت ڪري ويهه پنجويهه اهم واپارين جا انٽرويو وٺان ها ته اڄ اها Collection بيحد دلچسيپ ۽ تاريخي ثابت ٿئي ها. بهرحال ائين مختلف سفرنامن ۾ ڪجهه جو احوال ضرور اچي ويو آهي جيئن هانگ ڪانگ جي ”ڪي ـــ سيتل“ ۽ ”هري نارومل هريليلا“ جو، ملاڪا جي ”پارواڻي“ ۽ ڪوالالمپور جي ”تان سري ڪِشو“ جو، سنگاپور جي ”هرڪشن ڀوڄواڻي“ ۽ يوڪوهاما (جپان) جي ڪپڙي جي واپاري ”پمو مل“ جو.

رام جواهراڻي: توهانجا ڪيترائي دوست مختلف ملڪن ۾ سفير ٿي رهيا آهن. ڇا توهان کي ڪڏهن اهو شوق نه ٿيو ته توهان به مختلف ملڪن ۾ سفير ٿي رهو ها.
الطاف شيخ: نه آئون اڄ به Sailor جي حيثيت ۾ دنيا جا ملڪ گهمڻ کي ترجيح ڏيان ٿو. اهو ان ڪري جو سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهمڻ ڦرڻ ۽ لکڻ جي آزادي نٿي رهي. اڳتي هلي مون ٽيچنگ اختيار ڪئي .... ان ۾ ته مونکي لکڻ پڙهڻ لاءِ اڃان به وڌيڪ وقت ۽ موقعا مليا.

رام جواهراڻي: توهان جڏهن به سفر تي نڪرو ٿا ته سفرنامو لکڻ تي محنت ڪريو ٿو. ڪڏهن توهان سفر دوران آرام ۽ Enjoy ڪرڻ لاءِ به وقت ڪڍيو؟
الطاف شيخ: سچ پڇو ته سفر دوران مون لاءِ اها ئي مزيدار ڳالهه آهي ۽ ان کي enjoyment ٿو سمجھان ته مختلف ماڻهن کان خبر چار پڇندو رهان، تاريخي جاين ۽ مقامي ڪلچر بابت ڄاڻ وٺندو رهان جيئن وطن پهچي سفرنامو لکڻ لاءِ مون وٽ گهڻي کان گهڻو مواد هجي. هڪ دفعي آئون بيمار ٿي پيس ته ڊاڪٽر مونکي مڪمل آرام ڪرڻ لاءِ چيو .... ايتريقدر جو هن مونکي لکڻ پڙهڻ کان به منع ڪئي. پر پوءِ مون ڏٺو ته ائين ڪرڻ سان مونکي وڌيڪَ تڪليف ۽ بيچيني محسوس ٿيڻ لڳي. سو لکڻ پڙهڻ مون لاءِ سزا نه پر خوشي ۽ فرحت آهي.

رام جواهراڻي: توهانجي خيالَ ۾ دنيا جا ڪهڙا ملڪ آهن جيڪي رهائش لاءِ بهترين آهن؟
الطاف شيخ: 1963ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد مون پنهنجو سنڌ صوبو ڇڏيو ته اڄ تائين آئون مختلف ملڪن ۾ رهندو اچان يا گهمڻ لاءِ ويندو رهان ٿو. منهنجي تجربي ۽ سوچ مطابق اُهي ملڪ بهترين آهن جِتي قانون جي بالادستي آهي جِتي هڪ امير توڙي غريب کي انصاف يڪدم مليو وڃي. ڪئناڊا، آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾، خاص ڪري Scandinavian ملڪن: جهڙوڪ ناروي، سئيڊن، ڊئنمارڪ ۾ رهندڙ، اسانجي ايشيائي ملڪن جا رهاڪو immigrants توڙي کڻي هنن جو ڪهڙي به مذهب، ٻولي يا ڪلچر سان واسطو هجي، هو پنهنجي ملڪ کان وڌيڪَ پُرسڪون زندگي گذارين ٿا. هو آزاد محسوس ڪن ٿا. ائين ته ڏٺو وڃي ته سخت قانونن ڪري ڪيترن ئي عرب ملڪن جهڙوڪ دبئي، سعودي عرب، ڪويت وغيره ۾ اسان جا ماڻهو خوف بنا زندگي بسر ڪن ٿا. رستي هلندي ڪو هنن جو پرس نٿو ڦري، رات جو ڪو ڀت ٽپي گهر کي صاف نٿو ڪري، اغوائن ۽ قتلن جون وارداتون ائين عام نه آهن جيئن اسان وٽ آهن .... ان ڪري اسانجي ملڪ جو پورهيت توڙي واپاري پنهنجي ملڪ کان وڌيڪَ عرب ملڪن ۾ سڪون محسوس ڪري ٿو. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اعليٰ قسمَ جو انصاف نه آهي. عرب ملڪن ۾ اسان جا ايشيائي ماڻهو ..... خاص ڪري ننڍي کنڊ جا مقامي عربن کان نيچ سمجھيا وڃن ٿا. عربن لاءِ اڇي کل وارا يورپي، انگريز، آمريڪن وري به اتم آهن .... بلڪه ڪجهه زياده ئي اتم آهن.
ايشيا جا ٻيا ملڪ: جپان، ملائيشيا، سنگاپور ۽ وڌيڪَ ڏکڻ ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ رهائش لاءِ بهتر ملڪ آهن. پر اڄ ڪلهه جِتي ڪٿي وڌندڙ دهشتگردي بيروزگاري، مهانگائي ۽ ثقافتي تعصب ڪري هنن ملڪن ۾ نسل پرستي ڪَرَ کڻي رهي آهي ۽ ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي گهٽ سَٺو وڃي ٿو.
اڄ کان اڌ صدي اڳ ڪيترن ئي يورپي ملڪن ويندي آمريڪا ۽ انگلنڊ ۾ هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪرڻ پاڪستان ۽ هندوستان جي ماڻهن لاءِ آسان ڪم هو. پر هاڻ ته اسان جي ماڻهن کي بنگلاديش ۽ نيپال وارا به رهڻ نٿا ڏين. گهمڻ لاءِ به اڳواٽ ويزا وٺڻي پوي ٿي. ڪيترا ملڪ ته اها به تڏهن ڏين ٿا جڏهن هنن جو پنهنجو ماڻهو اسانکي اسپانسر ڪري .... يعني ذمو کڻي ته هو اسانجي هر ڳالهه لاءِ جوابدار رهندو. هونءَ اسان ماڻهن لاءِ گهمڻ توڙي بزنيس لاءِ وري به ايران ۽ ڪجهه حد تائين انڊيا بهترين ۽ سستا ملڪ آهن. انهن ملڪن ۾ تعليم ۽ ميڊيڪل جو معيار به تمام اتاهون آهي. کاڌي پيتي ۽ سواريءَ جا اگهه به تمام گهٽ آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا ۾ ڪجهه علائقا آهن جِتي بدامني آهي ۽ هندو مسلم فسادن جون خبرون اچن ٿيون، سرڪاري ڪامورا خاص ڪري پوليس رشوت به وٺي ٿي پر گذريل ڪجهه سالن کان هندستان جي حڪومت انهن براين کي گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهي ۽ ڪافي حد تائين ڪاميابي به حاصل ڪئي آهي. مون جهڙو هڪڙو سياح ان جي شاهدي ڏئي سگهي ٿو ته انڊيا گذريل ڏهاڪي اندر تمام گهڻي معاشي ۽ سماجي ترقي ڪئي آهي. دهلي، ممبئي، بنارس، آگره، لکنؤ، امرتسر، پوني ۽ بڙودا جهڙن شهرن ۾ ان ترقي ۽ جديدپڻي جي جھلڪ صاف نظر اچي ٿي.

رام جواهراڻي: توهان ويجھڙائيءَ ۾ پوني ۽ ممبئي ۾ رهي چڪا آهيو. توهان جو ان بابت ڇا تجربو آهي؟
الطاف شيخ: آئون پوني واري ٽرپ ڪڏهن به وساري نه سگهندس. ننڍپڻ کان وٺي اسان هن شهر (پوني) جو نالو پنهنجي ڏاڏيءَ کان ٻڌوسين جنهن پنهنجو اڪيلو پٽ (منهنجو والد گل محمد شيخ) پوني جي ائگريڪلچر ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) مانB.Sc ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. مونکي خوشي آهي ته مونکي پوني جهڙو تاريخي ۽ تعليمي شهر ڏسڻ جو موقعو مليو .... ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پوني کي Oxford of the East يا ”آڪسفورڊ آف انڊيا“ سڏجي ٿو ڇو جو هِتي تمام گهڻا تعليمي ادارا آهن جن جو تعليمي معيار تمام بلند آهي. آٽو موبائيل ڪارخانن ڪري هي شهر (پوني) Detroit of India پڻ سڏجي ٿو. ۽ هاڻ وڌندڙ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪري پوني شهر کي “Queen of Deccan” به سڏجي ٿو.
منهنجي لاءِ اها به خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته پوني شهر ۾ دادا جشن جو مهمان ٿي رهيس جنهن جا ليڪچر آئون اڪثر سوني T.V تان ٻڌندو آهيان. انهن ڏينهن ۾ پوني ۾ ”صوفي ازم“ تي سيمينار هلي رهيو هو جنهن جي صدارت لاءِ مونکي عزت بخشي وئي. هي پهريون موقعو هو جِتي منهنجي گهڻي کان گهڻن سنڌي اديبن ۽ شاعرن سان ملاقات ٿي جيڪي انڊيا ۾ رهن ٿا ..... جيئن ته: مئڊم ريٽا شاهاڻي، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي، نند ڇڳاڻي، تارا ميراچنداڻي، مڌن جماڻي، ڪملا بوٽاڻي، ڪيولرام گلراجاڻي، وينا شرنگي، اندرا شبنم، نند لال خوبچنداڻي، ڀڳوان بابلاڻي، هري پنکج، گوبند خوشحالاڻي، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، دادي ساوتري آڏواڻي (مشهور وڪيل هوتچند آڏواڻي جي زال)، ٽيڪچند مست، پروفيسر ايشوري جوتاڻي، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي .... ويندي رام ڄيٺملاڻي صاحب سان ملاقات ٿي.
ممبئي ۾ هفتو کن رهڻ دوران آئون پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي ۽ جئه موتياڻي طرفان وڏي دل سان پيش ڪيل ميزباني وساري نٿو سگهان. ممبئي يونيورسٽي ۾ هڪ ڏينهن منهنجو ”گلوبل سوسائٽي ائنڊ سنڌي“ عنوان تي ليڪچر جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو.
ممبئي ۾ رهڻ دوران مونکي ڪيتريون تاريخي جايون ڏسڻ جو موقعو مليو جيئن ته گيٽ وي آف انڊيا، چرچ گيٽ ريلوي اسٽيسن ڀرسان ڪرافرڊ مارڪيٽ، مٽن روڊ تي شافي مسجد جي سامهون هِتي جي مشهور ”چور بازار“، جُوهو ۽ مئرين ڊرائيو چوپاٽي جا سامونڊي ڪنارا (Beaches) ، مهالڪشمي ڌوٻي گھاٽ، داٻا والا (جيڪي هزارين ماڻهن کي آفيسن ۾ سندن گهران آندل لنچ پهچائين ٿا)، وورلي ڪوسٽ تي حاجي علي جي درگاهه، ايليفنٽا ٻيٽ، فلورا ڦوهارو (دادا ڀائي نائوروجي روڊ تي)، راجا ٻائي ڪلاڪ ٽاور ۽ ڪجهه ٻيون انگريزن جي دور جون آڳاٽيون ۽ تاريخي عمارتون جيئن ته پرنس آف ويلس ميوزيم، ساسون لئبرري، مشهور وڪٽوريا ٽرمينس (V.T) جيڪو اڄ ڪلهه CST يعني چتراپتي شيواجي ٽرمينس سڏجي ٿو، بمبئي هاءِ ڪورٽ وغيره. هي اهي عمارتون، جايون ۽ روڊ رستا آهن جن جا نالا آئون هميشه انگريزي ناولن ۾ پڙهندو هوس يا اڄ به بالي وڊ جي فلمن ۾ ٻڌجن ٿا. منهنجا انڊيا جي سفر تي تازا لکيل ٻه ڪِتاب: ”هلي ڏسجي هندوستان“ ۽ ”بمبئي منهنجي ڀاڪُرَ ۾“ اهڙين جاين بابت تفصيلي احوال آهن.

رام جواهراڻي: سنڌ اندر جيڪو وڏيرا راڄ هو، ان ۾ پاڪستان ٿيڻ بعد ڪا تبديلي آئي آهي؟
الطاف شيخ: آئون نٿو سمجھان ته ڪا بهتري آئي آهي. اڄ به عام ماڻهو سورن ۾ آهي ۽ وڏيرن جي رحم ڪرم تي آهي .... ويتر وڏيرا شاهي پهرين کان مضبوط ۽ هاڃيڪار ٿي پئي آهي. هونءَ ته وڏيرا شاهي ايڏو خراب شيءِ به نه آهي .... آخر جپان ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ به فيوڊلز آهي .... اسان کان به وڌيڪَ .... پر اتي جا وڏيرا پنهنجي ڳوٺ ۽ پنهنجي ماڻهن جو خيال ڪن ٿا. سندن ٻار اعليٰ تعليم يافته ٿين ٿا ۽ هو عوام جي به تعليم، صحت، امن امان جو خيال رکن ٿا. اسيمبلين جا ميمبر وڏيرا پنهنجي تر جي ماڻهن جي سک ۽ سهولت لاءِ هر وقت آواز اٿاريندا رهن ٿا. پر هيڏانهن اسان وٽ سنڌ ۾ اسان جي بدنصيبي آهي جو اسان جي لالچي وڏيرن کي فقط پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جو فڪر رهي ٿو. هو هر سک پنهنجي لاءِ چاهين ٿا. هو اهو ئي چاهين ٿا ته سندن ٻار بنا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ جي يونيورسٽين جون ڊگريون حاصل ڪن، هو اهو چاهين ٿا ته هنن جا ٻار بنا قابليت جي اعليٰ نوڪريون حاصل ڪن .... ۽ ڪامورا شاهي ۾ به سندن ٻار هجن، اسيمبلين جا ميمبر به اهي هجن، ڪارخانن جا مالڪ به اهي هجن باقي عوام ڀلي بکيو، بيروزگار ۽ بيمار پيو هلي .... هو ڏينهون ڏينهن غربت جي گھاڻي ۾ پيو پيڙهجي .... اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ جهڙي جاهليت، غربت ۽ بدحالي آفريڪا جي گئمبيا، ڪانگو، ملاوي ۽ برقينا فاسو جهڙن ملڪن ۾ به نه هوندي.

رام جواهراڻي: انگريز راڄ ۾ سنڌ جي سرڪاري ٻولي سنڌي هئي. ورهاڱي بعد اڙدو ٿاڦي وئي آهي. ڇا ان خلاف سنڌين ڪا مخافت ڪئي؟
الطاف شيخ: اڙدو پاڪستان جي سڀني صوبن جي ڪامن ٻولي آهي ويندي چترال، اسڪردو يا گلگت ۾ ڪو پٺاڻ ۽ هزاروي ملي ٿو ته هڪ ٻئي سان اڙدو ۾ گفتگو ڪن ٿا. بلڪه اڙدو جيڪا انڊيا ۾ هندي سڏي وڃي ٿي سڄي ننڍي کنڊ بنگال کان راجستان تائين ۽ تامل نادو کان ڪشمير تائين ته عام طرح ڳالهائي وڃي ٿي پر دبئي، ايران جي ڪنارن وارن شهرن، مالديپ ۽ نيپال ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌي سنڌ صوبي جي صوبائي ٻولي ليکي وڃي ٿي ۽ اسان وٽ نه رڳو توهان کان پر اسانجي باقي صوبن جي ٻين ٻولين پنجابي، پشتو ۽ بلوچي کان به وڌيڪَ سنڌيءَ ترقي ڪئي آهي جنهن جي Idea سنڌ مان شايع ٿيندڙ سنڌي رسالن، ڪِتابن ۽ ٽي وي چئنلن مان لڳائي سگهجي ٿي. ڪجهه سال اڳ تائين سنڌ ۾ اڙدو ۽ سنڌي جي وچ ۾ رساڪشي لڳي رهي ٿي ته اسڪولن ۾ فقط سنڌي پڙهائي وڃي يا اڙدو پڙهائي وڃي جيئن گذريل صديءَ جي سٺ واري ڏهاڪي ۾ سنگاپور ۾ رهندڙ ملئي، تامل ۽ چيني وڙهندا رهيا ٿي ته سنگاپور جي اسڪولن ۾ فقط ملئي پڙهائي وڃي.... تامل پڙهائي وڃي.... چيني پڙهائي وڃي.... وغيره. پوءِ سنگاپور جي وزير اعظم ’لي ڪُئان يُو‘ چيو ته توهان سڀني جون ڳالهيون اکين تي چيني، ملئي، تامل ۽ انگريزي ميڊيم جا اسڪول کوليا وڃن جنهن کي جيڪا ٻولي وڻي پنهنجي ٻارن کي ان اسڪول ۾ داخل ڪري ..... ۽ پوءِ ڏٺو ويو ته هر هڪ کي پياري ته پنهنجي مادري زبان هئي پر ان کان وڌيڪَ هنن کي پنهنجي ٻارن جو مستقبل هو. انگريزي ٻوليءَ جي اهميت سمجهي هنن سڀني پنهنجن ٻارن کي کڻي انگريزي اسڪولن ۾ داخل ڪرايو .... ويندي انهن تاملن ۽ چينين جيڪي ٻهراڙي ۽ جنگلن ۾ رهيا ٿي .... انهن ڏٺو ته پنهنجي ملڪ توڙي دنيا ۾ نوڪريون يا پورهيا انهن کي ٿا ملن جن کي انگريزي جي ڄاڻَ آهي. سو اڄ ڪلهه آئون ڏسان پيو ته سنڌ جي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ به مينهن جي کنڀين وانگر جِتي ڪٿي ٽاين وارا (يعني انگريزي) اسڪول اڀري پيا آهن ۽ هرڪو غريب غربو اهو ٿو چاهي ته هن جا ٻار به اهـڙن اسڪولن مان پڙهي پروفيشنل ڪاليجن ۾ داخلا وٺي سگهن .... ولايت ۾ نوڪريون حاصل ڪري سگهن.

رام جواهراڻي: جي ايم سيد جي تحريڪ آزادي بابت ڇا چوندائو؟
الطاف شيخ: افسوس جو مون ’جي ايم سيد‘ بابت گهڻو نه پڙهيو آهي ۽ نه هن جون تقريرون ۽ جلسا اٽينڊ ڪيا آهن. مون مئٽرڪ ۽ انٽر 1963ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڪري سنڌ ڇڏي. وچ ۾ هڪ دفعو 1987ع ۾ ٽن مهينن جي موڪل تي سنڌ آيو هوس ته ٻين سياستدانن، اديبن شاعرن ۽ اهم ماڻهن کان انٽرويو وٺڻ لاءِ مليو هوس ته سائينءَ سان به ملاقات ڪيم. پر خبر ناهي ڇو آئون گهڻو متاثر نه ٿي سگهيس .... يا شايد منهنجي expectation گهڻي هئي. اسان سڪرنڊ موري پاسي کان درياهه ٽپي سائينءَ جي ڳوٺ سَن پهتاسين. سن پهچڻ کان اڳ منهنجي دماغَ ۾ اهو هو ته جيئن ته سائين هڪ طاقتور پير جو درجو رکي ٿو، باعزت ۽ اعليٰ ذات مان آهي، تر جو وڏو ۽ پئسي وارو زميندار آهي، سياست ۾ سندن درجو مٿڀرو آهي ۽ ملڪ جا اهم ماڻهو سياستدانن کان فوجين تائين، سرڪاري ڪامورن کان ڪارخانيدارن تائين سندن عزت ڪن ٿا سو سندن ڳوٺ ”سن“ هڪ مثالي ۽ خوشحال هوندو جِتي گهڙڻ سان انگلنڊ جي شهر مانچسٽر يا ملائيشيا جي شهر ملاڪا وانگر ڪارخانن جون چمنيون نظر اينديون جن مان ڪارو دونهون نڪري رهيو هوندو. ملائيشيا جي وڏيرن وانگر سيد صاحب جي هن ڳوٺ ۾ به اسڪولن، ڪاليجن ۽ اسپتالن جون عمارتون هونديون. ماڻهن جي چهرن تي مرڪ هوندي. پر مونکي اهو ڏسي ڏک ٿيو ته ويجھڙائيءَ ۾ گهمي آيل غريب آفريڪي ملڪن: سوماليا، جبوتي، لائبيريا جهڙي اداسي ۽ لاچاري هئي .... آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته جڏهن اسان جي صوبي جو ڳوٺ سَن ئي اهو اوج نه ماڻي سگهيو آهي ته ٻين ڳوٺن جو ڇا حال هوندو جن جا وڏيرا ۽ ڪرتا ڌرتا ظالم ۽ جاهل آهن. مون ان جو اظهار سائينءَ سان به ڪيو. هن دل ۾ ڪرڻ بدران وڏي دل سان منهنجيون ڳالهيون ٻڌيون. هو مونکي بيحد سخي انسان ۽ عوام لاءِ درد رکندڙ لڳو. ٻين وڏيرن ۽ سردارن وانگر سخت مزاج نه پر بيحد سافٽ اسپوڪن هو.

رام جواهراڻي: سنڌ ۾ ايتري بدامني ڇو آهي؟ جو ڪو عزت وارو ماڻهو رات جو اڪيلو گهمڻ لاءِ نٿو نڪري سگهي. هر وقت ڦر ۽ اغوا ٿيڻ جو خوف رهي ٿو.
الطاف شيخ: بدامني جو اهو ئي سبب آهي جو قانون جي بالادستي ناهي ۽ ڪجهه حڪومت جي خراب governance ڪري به آهي. سنڌ جي مقابلي ۾ پنجاب صوبي ۾ حالتون بهتر آهن. اتي آئون ڏسان پيو ته ٽوئرسٽ رات جو به لاهور، اسلام آباد، ڪوهه مري، راولپنڊي، فيصل آباد ۾ هلن چلن پيا جيئن انڊيا ۾ ممبئي، دهلي، لکنؤ، آگرو، پوني مدراس آهي. باقي اسان وٽ گھوٽڪي، قمبر، شهدادڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد ائين آهن جيئن توهان وٽ منيپور، ميزورام، ميگھاليا ۽ ناگا لئنڊ _ جيڏانهن ورلي ڪو ٽوئرسٽ رخ ڪري ٿو.
رام جواهراڻي: وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏينهن کان شاگرد امتحان ڪاپي ڪري پاس ڪن ٿا. ڇا اها ڳالهه ملڪ ۽ قوم لاءِ نقصانڪار نه آهي؟
الطاف شيخ: بلڪل صحيح ٿا چئو. هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ ته آئون ان کي اڃان به وڌيڪَ خراب ٿو سمجان جو ان ڪري سٺا شاگرد به دلشڪستا ٿيو پون ۽ محنت ڪرڻ ڇڏيو ڏين. ان کان علاوه اسان جي شاگرد کي هر ڪو شڪ جي نِگاهه سان ڏسي ٿوته هن ڪاپي ڪري ڊگري حاصل ڪئي آهي. ان ئي سبب ڪري اسان جي گرئجوئيٽ کي ولايت ۾ نوڪري به ڏکي ملي ٿي.

رام جواهراڻي: انڊيا ۽ پاڪستان جا تعلق سڌارڻ لاءِ توهان ڇا suggest ڪندائو؟
الطاف شيخ : اسان ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي حق ۾ بهتري ان ڳالهه ۾ آهي ته اسان جا پاڻ ۾ سٺا تعلق رهن. ناروي ۽ سئيڊن يا اسپين ۽ پورچوگال وانگر انڊيا ۽ پاڪستان جي ماڻهن ۾ ڪيتريون ئي ساڳيون ڳالهيون آهن، کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو، ٻولي ۽ ڪلچر وغيره. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ولايت ۾ پاڪستاني ماڻهو جيترو انڊيا جي ماڻهن سان ويجھڙائي محسوس ڪري ٿو اهڙي هو عربن ۽ ايرانين سان به نٿو ڪري. ٻنهي ملڪن جي حڪومتن کي کپي ته هو تعلقات سڌارڻ جي ڪوشش ڪن ۽ هڪ ٻئي جي ماڻهن کي اچڻ وڃڻ جون سهولتون مهيا ڪن جيئن ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي گهمڻ ۽ واپار جي سهوليت سان گڏ تعليم ۽ صحت جو به فائدو رسي سگهي.

رام جواهراڻي: توهان انڊيا ڪيترائي دفعا آيا آهيو. سياسي ۽ سماجي طرح توهان کي انڊيا ڪيئن ٿو لڳي؟
الطاف شيخ: گذريل ڏهن سالن اندر انڊيا ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. انڊيا سماجي ۽ معاشي طرح تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي .... گهٽ ۾ گهٽ اسانجي ملڪ کان ته گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي .... نه ته سالن تائين پاڪستاني ۽ انڊين رپيو برابر هو. اڄ انڊيا جو رپيو مضبوط نظر اچي ٿو. جِتي اسانکي هڪ ڊالر خريد ڪرڻ لاءِ 103 رپيا ڏيڻا پون ٿا اتي انڊيا وارا اڄ به 60 رپين ۾ ڊالر خريد ڪن ٿا. انڊيا جون يونيورسٽيون ۽ اسپتالون ڏينهون ڏينهن اعليٰ معيار جون ٿينديون وڃن. ايتريقدر جو يورپين ملڪن ۾ رهندڙ انڊين توڙي ايران ۽ ملائيشيا جهڙن بهتر ملڪن جا ماڻهو به پنهنجا ٻار اعليٰ تعليم لاءِ انڊيا موڪلين ٿا. ڪيترا عرب ۽ يورپي علاج لاءِ انڊيا اچن ٿا. امن امان جي حالت به ڏينهون ڏينهن بهتر نظر اچي رهي آهي ۽ ويندي جپاني ٽوئرسٽ، جيڪي تمام گهڻو خبرداريءَ کان ڪم وٺن ٿا اهي به انڊيا ۾ نظر اچن ٿا. منهنجي خيال ۾ ان معاملي ۾ اسانجي ملڪ پاڪستان کي انڊيا کي فالو ڪرڻ کپي ته هو ڪيئن تعليم ۽ علاج جو معيار وڌائي رهيا آهن .... جيئن 20 سال کن اڳ ملائيشيا وارن سنگاپور کي فالو ڪري پنهنجو معيار وڌايو.

رام جواهراڻي: اڄ ڪلهه ڀلا ڪهڙو ڪتاب پڙهي رهيا آهيو؟
الطاف شيخ: اڄڪلهه آئون جپاني ليکڪ ”هائوڪي مُوراڪامي“ جي ناول “Noruwei no Mori” جو انگريزي ترجمو “Norweigian Wood” پڙهي رهيو آهيان. مون هن ليکڪ جا ڪيترائي ناول پڙهيا آهن جن مان هڪ يا ٻن کن سنڌي ۽ اڙدو ۾ ترجمو ڪرڻ جو سوچي رهيو آهيان جيئن اُهي ماڻهو جيڪي جپاني ۽ انگريزي ٻولين کان اڻواقف آهن اهي جپاني ادب جي سونهن ۽ اونهائي کان واقف ٿي سگهن ـــ خاص ڪري هن ليکڪ مُوراڪامي جي لکڻين کان، جنهن جا ڪتاب لکن جي تعداد ۾ ڇپجن ٿا ۽ تامل ۽ عربي ٻولين سميت پنجاهه ٻولين ۾ ترجمو ٿين ٿا. 1980ع تائين به اسانکي هن جپاني اديب جي تخليق ۽ ڏات جو ڪو اهڙو قدر نه هو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون جهازن تي هوس ته هن همراهه سان ڪوبي ۽ اوساڪا ۾ ٿيندڙ ”يوٿ لٽرري گئدرنگ“ ۾ ڪيترائي دفعا ملاقات ٿي . ان بعد ٽوڪيو ۾ جڏهن هن ”ڪَوڪو بُنجي“ علائقي ۾ Peter Cat نالي ڪافي شاپ کوليو ته اتي پڻ عليڪ سليڪ ٿيندي رهي ٿي. انهن ڏينهن ۾(1979ع ۽ 1980ع واري عرصي ۾) آئون به ٽوڪيو ۾ رهيل هوس جِتي مونکي IHI شپ يارڊ ۾ اسانجي جهازران ڪمپني جي نئين ٺهندڙ جهاز جي نگهباني ۽ بعد ۾ ان کي چيف انجنيئر جي حيثيت سان هلائڻ جي ڪم تي رکيو ويو هو. هي شپ يارڊ ٽوڪيو جي بلڪل صدر واري علائقي گنزا ۾ آهي. هروڪي ماروڪامي عمر ۾ مون کان ٻه سال ننڍو آهي. هو جيتوڻيڪ ڪيوٽو ۾ ڄائو پر هن زندگيءَ جو وڏو عرصو اوساڪا ۾ گذريو جِتي هن جو نانو واپاري هو. هن جا والدين .... ماءُ ۽ پيءُ ٻئي پروفيسر هئا جن ”جپاني ادب“ پڙهايو ٿي. هن جو پاڻ به ٽوڪيو جي وسيدا يونيورسٽي ۾ ”ڊراما“ ميجر سبجيڪٽ هو. تعليم دوران هن جي ملاقات مس يوڪو سان ٿي ۽ گرئجوئيشن کان اڳ شادي ڪئي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ هنن زال مڙسن مٿيون ڪافي شاپ کوليو .... پر پوءِ 1981ع ڌاري هو آمريڪا لڏي ويا.
دراصل هن جپاني اديب مُوراڪامي کي جنهن ڪتاب رات اندر سُپر اسٽار بنائي ڇڏيو اهو هي ڪتاب ”نارويجن ووڊ“ هو. ويجھڙائيءَ ۾ مون هن ناول تي ٺهيل فلم ڪوالالمپور (ملائيشيا) ۾ ڏٺي. اها 2010ع ۾ رليز ٿي هئي جنهن جي ڊئريڪشن فرانس ۾ رهندڙ هڪ ويٽنامي ”ٽران آح هنگ“ ڏني. مُوراڪاميءَ جو پهريون جپاني ناول “Kaze no Uta O Kike” سال 1979ع ۾ ۽ انگريزي ترجمو “Hear the Wind Song” سال 1987ع ۾ ڇپيو. موراڪامي جا ناول جپان توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ Best Sellers هوندا آهن. 1970ع واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ منهنجي هن سان پهرين ملاقات ٿي ته هي به مون وانگر جپاني ليکڪ ”مشيما يوڪيو“ جو پرستار هو. مشيما يوڪيو جنهن ننڍي عمر ۾ هاراڪِري ڪئي (پيٽ چيري) پنهنجو انت آندو ان وقت تائين جپاني ادب ۾ مشيما يوڪيو جوئي وڏو نالو هو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته ڏهه ٻارهن سالن بعد مشيما جو هي عاشق ڇوڪرو موراڪامي ايڏو ته مشهور ٿي ويندو جو مشيما به پٺتي رهجي ويندو.

رام جواهراڻي: آخر ۾ هي انٽرويو ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن لاءِ ڪو نياپو؟
الطاف شيخ: منهنجي خيال ۾ ته اسان کي پنهنجن ٻارن ۾ ڪِتاب پڙهڻ جي عادت وجھڻ کپي. مطالعو هڪ اهڙي هابي آهي جيڪا اسان پيريءَ ۾ به enjoy ڪري سگهون ٿا. ڪِتاب اسان جا سٺا ساٿي آهن.