شاگردن جي ڀلي لاءِ
آئون هڪ مئرين انجنيئر يعني پاڻي جي جهازن جو انجنيئر آهيان. مئرين انجنيئرنگ ۾ مڪينيڪل، اليڪٽريڪل، اليڪٽرونڪ، آٽوميشن، انسٽرومينٽيشن ۽ ريفريجريشن جهڙيون انجنيئرنگ برانچون به اچيو وڃن جو جهاز تي بئالر، ٽربائين، جنريٽر، ايئرڪنڊيشن سسٽم ۽ ڪولڊ اسٽوريج، ڊيزل انجڻيون، پمپ وغيره ٿين ٿا جن جي سڄي ”ديک ڀال“ ڪرڻ مئرين انجينئر جو ڪم آهي. ايتريقدر جو سمنڊ تي ڪنهن پرزي جي ڀڄڻ ڀرڻ تي ان کي ٺاهي جهاز کي چالو رکڻ پڻ. سو مئرين انجنيئر لاءِ نه فقط ٿيوري ضروري آهي پر پرئڪٽيڪل پڻ. ان ڪري هر مئرين انجنيئر لاءِ ويلڊنگ کان ليٿ مشين تي ڪم ڪرڻ جي ڄاڻ به ضروري آهي جو جهاز جڏهن سمنڊ تي خراب ٿئي ٿو ته اتي ڪٿان آيو ورڪشاپ؟ جهاز جي مئرين انجنيئرن کي ئي ڪجهه ڪري جهاز کي بندرگاهه تائين پهچائڻ جوڳو بنائڻو پوي ٿو.
15 سالن کن دنيا جي سمنڊن تي مختلف جهاز هلائڻ بعد مون ڪناري جي نوڪري شروع ڪئي جنهن ۾ وڏو عرصو ملائيشيا ۾ پڙهايم جتان ڀر وارن ملڪن جي ٽيڪنيڪل ادارن، ڪاليجن ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ به وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان پڙهائيندو رهيس. منهنجو گهڻو واسطو ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن جي چيني، ملئي ۽ اتي رهندڙ سائوٿ انڊين (خاص ڪري تامل، مليالم، تيلگو ۽ ڪنهڙ ڳالهائڻ وارن) سان رهيو ٿي. ٻاهرن ملڪن ۾ ليڪچر ڏيڻ دوران مونکي هميشه اها حسرت رهي ٿي ته پنهنجي ملڪ جي شاگردن کي به ڏسجي ته هو ملائيشيا، سنگاپور ۽ برونائي جهڙن ملڪن جي شاگردن جي مقابلي ۾ ڪيئن آهن. دل چوندي هئي ته هر وقت انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ يا ملئي ۾ سمجھائڻ بدران پنهنجي ملڪ جي شاگردن سان اڙدو ۽ سنڌي ۾ ڳالهائجي جنهن سان ظاهر آهي پنهنجائپ ۽ بي تڪلفيءَ جو احساس ٿئي ٿو.
وائيس چانسلر صاحب جي چوڻ تي مونکي خوشي ٿي. ڪنهن انجنيئرنگ سبجيڪٽ تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ نه تياري ڪري آيو هوس نه ايترو وقت هو پر ائين ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو شوق پورو ٿي سگهيو ٿي. شاگرد، مون سان ملڻ جي شوق جو اظهار ڪن ٿا ته انهن کان وڌيڪَ مونکي ساڻن ملڻ ۽ ڳالهائڻ جو شوق رهي ٿو. منهنجي هنن سان ڪلاڪ کن جيڪا ڳالهه ٻولهه رهي يا جيڪو ليڪچر هو ۽ هنن سان سوال جواب ٿيا يونيورسٽي طرفان ٽيپ ٿيل ان ليڪچر جا ڪجهه حصا هتي ڏئي رهيو آهيان جيڪي نه فقط ٻين انجنيئرنگ تعليمي ادارن جي شاگردن لاءِ پر ميڊيڪل، سائنس ۽ IT جي شاگردن لاءِ به ڪارآمد ٿي سگهن ٿا ـــ خاص ڪري انهن لاءِ جيڪي ٻاهر جي ملڪن ۾ نوڪري يا وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا.
• تعليم توڙي نوڪري دوران منهنجو گهڻو وقت ٻاهر ئي گذريو آهي. هينئر آئون 75 سالن جي ويجھو اچي پهتو آهيان پر وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ اڄ به منهنجو ٻاهر جي ملڪن جي تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ ٿيندو رهي ٿو. جنهن ڪري ملائيشيا ۾ ته منهنجي دل چوندي هئي ته ڪاش پنهنجي ملڪ جي نوجوانن کي خاص ڪري اهي جيڪي BE يا MBBS ڪري رهيا آهن، ڪجهه حقيقتن کان آگاهه ڪريان جيئن هنن کي اڳتي هلي نوڪري يا وڌيڪَ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي. ملائيشيا ۽ ان بعد 1984ع کان جيئن ئي برونائيءَ کي انگريزن کان خود مختياري ملي ته هنن کي تعليمي، ترقياتي ۽ ٻين ادارن ۾ پڙهيل ڳڙهيل ڌارين جي ضرورت پئي جيڪا اڄ به پوندي رهي ٿي.
• ملائيشيا، برونائي توڙي سنگاپور ۾ نوڪريءَ لاءِ انگلنڊ ۽ يورپ جي ملڪن جا گرئجوئيٽ به وڏي شوق سان اچن ٿا جو هن پاسي جي موسم سٺي آهي، ماڊرن سهولتون آهن. اخلاق آهي ـــ خاص ڪري عربن جي مقابلي ۾ ۽ پگهار پڻ سٺا آهن (خاص ڪري شروع وارن سالن ۾ ته سٺا هئا). اسانجي ملڪن: انڊيا، پاڪستان، بنگلاديش، سري لنڪا، نيپال ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا پاسي جي ملڪن کان ته ڪيترائي ماڻهو نوڪري لاءِ آيا ٿي. منهنجي خواهش هوندي هئي ته اسانجي ملڪ جا سڀ کان گهڻا چونڊجن ۽ هن پاسي نوڪري ڪن. پر آئون ڏسندو هوس ته انٽرويو ۾ اسانجو ماڻهو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ چونڊبو ٿي ۽ انهن ٿورن چونڊيل ماڻهن مان ڪي اڌ کن مس ٽن سالن جو مدو (Contract) پورو ڪندا هئا نه ته اسانجا ڪيترائي ڊاڪٽر، انجنيئر، ٽيڪنيشين سال اندر (بلڪ مهيني ٻن اندر) نوڪري ڇڏي پنهنجي ملڪ هليا ويا ٿي. انهن جي جاين تي جيڪي انڊيا جا آيا ٿي. اهي ته خوش خوش هڪ ڇا ٻه ٻه ٽي ٽي مدا، ٽن ٽن سالن جا پورا ڪيا ٿي.
مونکي ملائيشيا حڪومت طرفان سِول ايوارڊ ملڻ بعد منهنجي جڏهن ڪجهه ٻُڌي وڃڻ لڳي ته آئون ملائيشيا توڙي برونائي جي واسطيدار ادارن سان (خاص ڪري جن جا اعليٰ آفيسر منهنجا دوست ۽ واقفڪار هئا)، انهن سان پنهنجي ڏک/شڪايت جو اظهار ڪرڻ لڳس ته توهان اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي گهٽ نوڪريون ڏيو ٿا. توهان جيتوڻيڪ سخت ميرٽ جي ڳالهه ڪريو ٿا پر هتي ته جهڙا فريش گرئجوئيٽ اسان جي ملڪن جا اچن ٿا تهڙا انڊيا ۽ سري لنڪا جا، يا بنگلاديش ۽ فلپين جا.
هنن منهنجي ڳالهه کي مان ڏيندي مونکي ان چونڊ واري ڪميٽي ۾ رکيو جنهن ۾ ٽي چار سال رهيس ۽ انجنيئر، پروفيسر يا ڊاڪٽر جيڪي نوڪري لاءِ اميدوار هوندا هئا انهن کي پرکڻ جو مونکي به موقعو مليو. هتي ڪجهه Observations لکان ٿو:
• اسانجا شاگرد ــــ يا کڻي چئجي ته گرئجوئيٽ، جيڪي نوڪريءَ جا اميدوار ٿين ٿا ۽ انٽرويو ڏين ٿا انگريزيءَ ۾ تمام ڪمزور آهن. ڪيترن کي بهتر لهجي (Accent) ۾ انگريزي ڳالهائي ته نٿي ٿئي پر سمجھي به نٿا سگهن ان حقيقت کان ڪو به منهن نٿو موڙي سگهي ته انگريزي بين الاقوامي ٻولي آهي. جڏهن ننڍي کنڊ تي مغلن جو راڄ هو ۽ پارسيءَ جو مان هو ته وڏا عهدا انهن کي مليا ٿي جن کي فارسي آئي ٿي مغل توڙي مير ٽالپر مسلمانن جي درٻار ۾ هندو اعليٰ عملدار هئا جو هو فارسيءَ جا ڄاڻو هئا. هنن سمجھيو ٿي ته اهو دور ”فارسي گھوڙي چاڙهسي“ جو هو. ان جو مطلب اهو ناهي ته فارسي سکڻ ۽ ڳالهائڻ سان هنن کان پنهنجي مادري ٻولي سنڌي يا هندوستان جي لهه وچڙ ۽ هڪ ٻي سان رابطو رکڻ جي ٻولي اڙدو وسري وئي ٿي.
انٽرويو ۾ اسان جي ماڻهوءَ جو انگريزي ڳالهائڻ ۾ هٻڪڻ، سندس انٽرويو وٺندڙ ججن تي خراب اثر وجھي ٿو. چونڊ لاءِ ويٺل جج اهو ئي سوچين ٿا ته پنهنجي فيلڊ جي سبجيڪٽ جي ڄاڻ ته ٿي پوءِ جي ڳالهه هي جيڪو رابطي جي ٻولي (انگريزيءَ) ۾ ڪمزور آهي اهو عوام يا ڪمپني جي ٻين ساٿين، شاگردن، مريضن وغيره سان ڪيئن Communicate ڪري سگهندو، ڪيئن Discuss ڪري سگهندو، ڪيئن پڙهائي سگهندو ڪيئن مريض کان هسٽري وٺي ان کي علاج بابت ڄاڻ ڏئي سگهندو؟!
ان جي مقابلي ۾ انڊيا، سري لنڪا توڙي بنگلاديش جا اميدوار انگريزي ڦر ڦر (Fluent) ڳالهائين ٿا جو هو عام زندگي ۾ به هڪ ٻئي سان انگريزي ڳالهائڻ جي پرئڪٽس ڪندا رهن ٿا. مون مٿين ٽنهي ملڪن جي تعليمي ادارن ۾ ڏٺو آهي. شاگرد پاڻ ۾ خبر چار ڪرڻ مهل به انگريزي ڳالهائين ٿا. ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي شاگردن کي به ڏٺم ته رسيس ۾ هڪ ٻئي سان ۽ مون سان Fluent انگريزيءَ ۾ ٿي ڳالهايو. دل ۾ ڪرڻ جي ڳالهه ناهي اسان وٽ جيڪو عربي ٻوليءَ ۾ M.A ٿو ڪري اهو به ڪنهن عرب سان عربيءَ ۾ ڳالهائي نٿو سگهي. يعني هيءَ هڪ جنرل ڳالهه آهي. ايڪڙ ٻيڪڙ ضرور ٿي سگهي ٿو. اسان وٽ جيڪو سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهي رهيو آهي ان لاءِ ته ڄڻ انگريزي سکڻ بلڪل معاف آهي. هاڻ مڙيئي (گذريل سال) سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ڏيندي حيرت ٿي ته سنڌي ۽ اڙدو ڊپارٽمينٽ جا نوجوان شاگرد، جيڪي شايد B.A ڪري رهيا هئا ڏاڍي سٺي انگريزيءَ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. هو مونکان سوال به انگريزيءَ ۾ ڪري رهيا هئا. ڏهاڪو کن سال اڳ جپان جي اوساڪا يونيورسٽي وارن Languages جو ڊپارٽمينٽ کوليو جنهن ۾ سنڌي به پڙهائي وئي ٿي. ان جو سربراهه ته هڪ جپاني پروفيسر ئي ٿيو جيڪو ڪنهن زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم. فل ڪري ويو هو. پر هاڻ کين هڪ پروفيسر جي ضرورت هئي جيڪو سنڌي پڙهائي. انهن ڏينهن ۾ جپان ۾ اسانجي سفير (شايد عمرڪوٽ جو نور محمد جادماڻي هو)، ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته اوساڪا يونيورسٽي وارا سنڌي پڙهائڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪنهن ليڪچرر جي چونڊ ڪن ۽ هنن ٻه ڄڻا شارٽ لسٽ به ڪيا پر افسوس جو هنن مان ڪنهن جي به اهڙي سٺي انگريزي نه هئي. ظاهر آهي غير سنڌين (جپانين) کي ته انگريزي ٻوليءَ ۾ ئي ليڪچر ڏئي سنڌي سيکارڻي پوندي. نتيجي ۾ هو ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ مان هڪ ليڪچرر وٺي آيا. جنهن جي انگريزي سٺي هئي.
اها ڳالهه ٻڌائڻ مان منهنجو مطلب اهو ناهي ته ڪو آئون توهان کي سنڌي يا اڙدو ڳالهائڻ ۽ پڙهڻ کان منع ڪري رهيو آهيان. آئون هتي توهان کي انگريزيءَ جي اهميت ٻڌائي رهيو آهيان ۽ حقيقت کان آگاهه ڪري رهيو آهيان ته ٻاهرن ملڪن ۾ انگريزي ڳالهائڻ ضروري سمجھيو وڃي ٿو. ٻاهر جا ملڪ ته ڇڏيو اسان وٽ به ڏسو ته زميني حقيقت ڇا آهي؟ پٽيوالي ۽ ايئر هوسٽس يعني بئري ٿيڻ جي نوڪريءَ لاءِ به انگريزيءَ ۾ درخواست ڏيڻي پوي ٿي. جھڏي کان ٽنڊو الهيار هلندڙ بس جي ٽڪيٽ به انگريزيءَ ۾ ڇپيل ٿئي ٿي. ٺُلهه ۽ ٺارو شاهه جا رهاڪو به شاديءَ جا ڪارڊ انگريزيءَ ۾ ڇپرائين ٿا.
آئون جڏهن ڪنهن کي انگريزي سڌارڻ لاءِ چوان ٿو ته ڪيترا ان غلط فهمي ۾ پون ٿا ته آئون شايد سنڌي يا اڙدو سکڻ کان منع ڪريان ٿو. اسان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ هوندا هئاسين ته ڪاليج جو ائڊجيوٽنٽ (آرمي طرفان مقرر ٿيل انچارج) ڪئپٽن عالم جان محسود، جيڪو پوءِ ليفٽيننٽ جنرل ٿي رٽائرڊ ٿيو ۽ پنهنجي محسود قبيلي جو سردار آهي، اهو اسان کي ڪلاس روم ۾ ته ڇا راند جي ميدان تي به هڪ ٻئي سان مادري زبان ۾ ڳالهائڻ بدران، انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ تي زور ڀريندو هو جيئن اسان مان شرميلو پن نڪري ۽ انگريزي ڳالهائڻ جا عادي ٿيون. هو چوندو هو ته توهان ڳوٺان چار درجا سنڌي ۽ اڙدو جا پڙهي آيا آهيو اهو ڪافي آهي. ڪو به پنهنجي مادري زبان کي وساري نٿو سگهي. انگلنڊ يا آمريڪا ته ڇا هتي جي ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهندائو ته توهان پنهنجي پروفيسر کان سنڌي يا اڙدو ۾ نه پر انگريزي ۾ سوال جواب ڪندائو. ۽ پوءِ جڏهن توهان ٻن دوستن سان انگريزي نٿا ڳالهائي سگهو ته پوءِ ڀريل ليڪچر هال ۾ توهان پنهنجي پروفيسر کان اهي ٽيڪنيڪل ڳالهيون ڪيئن ٿا پڇي پنهنجو مونجھارو دور ڪري سگهو؟
بهرحال منهنجي توهان شاگردن کي اها ئي صلاح آهي ته انگريزيءَ تي عبور حاصل ڪيو هڪ ٻئي سان انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ جي پرئڪٽس ڪريو ۽ انگريزي اخبار پڙهو ۽ جي وقت ملانوَ ٿو ته انگريزي ناول پڙهو ۽ پنهنجي Vocabulary وڌايو. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچيءَ ۾ ٻه مهراڻ يونيورسٽي جا شاگرد مليا. هو ڏاڍا Excited لڳي رهيا هئا. هنن ٻڌايو ته هنن وٽ منهنجي ڪيترن ئي سفرنامن جي Collection آهي. منهنجي هڪ تازي ڇپيل سفرنامي بابت ٻڌايائون ته هو اڄ ڪلهه اهو پڙهي رهيا آهن.
اهو ٻڌي مون کي دل ۾ خوشي ضرور ٿي ته پڙهيل ڳـڙهيل نوجوان منهنجي لکڻين کي پسند ڪن ٿا پر اها ڳالهه مونکي سٺي نه لڳي ته ٽئي سال جا شاگرد ائين وقت وڃائين. ان ڪري مون کين سمجھايو ته توهان ڪو B.A سنڌي ادب ۾ نه پيا ڪريو جو منهنجي يا ٻين سنڌي يا اڙدو اديبن جي ڪتابن کي وقت ڏيو ٿا. ميڊيڪل يا انجنيئرنگ جهڙا سبجيڪٽ فل ٽائيم گهرن ٿا. توهان کي کپي ته پنهنجي فيلڊ سان واسطو رکندڙ درسي ۽ ٻيا ڪتاب پڙهو. وقت ملانوَ ٿو ته کڻي ڪا انگريزي اخبار يا ناول پڙهو جيئن توهانجي انگريزي سڌري سگهي. هڪ دفعو انجنيئر يا ڊاڪٽر ٿي وڃو ته پوءِ فرصت ۾ پاڻ کي تازو رکڻ لاءِ ڀلي کڻي سنڌي يا اڙدو ناول، سفرناما يا شعر و شاعري پڙهجو. مئٽرڪ ۽ انٽر تائين جيترا توهان غير درسي ڪتاب پڙهيا اهو سٺو ڪيانوَ. هاڻ ٽيڪنيڪل ڪتابن کي وقت ڏيو.
پر ڳالهه اها آهي ته اسانجي پروفيشنل ڪاليجن يا يونيورسٽي جي سائنس جا شاگرد پيا گهمن ڦرن. ملائيشيا يا جپان جهڙن ملڪن ۾ ته مونکي اتي جو B.A جو شاگرد به ائين واندو نظر نٿو اچي جو سڄو ڏينهن موبائيل فون تي ڳالهائيندو رهي يا فيس بڪ کوليو ويٺو هجي. اسان وٽ گهمڻ ڦرڻ وارا ۽ سڄو ڏينهن هوٽلن تي ويهي ڪچهري ڪرڻ وارا به ڪنهن نموني سان ڊگريون حاصل ڪريو وڃن. پر پوءِ اهي جڏهن پرئڪٽيڪل لائيف ۾ گهڙن ٿا ته ڄاڻ نه هجڻ ڪري لڙهيو وڃن.
مٿي ٻڌائي چڪو آهيان ته اسان جي شاگردن جي انگريزي سٺي نه هجڻ ڪري هو نوڪري ڏيڻ واري اداري کي متاثر ۽ مطمئن ڪرڻ ۾ ڪامياب نٿا ٿين ۽ ٻي ڳالهه جيڪا مون نوٽ ڪئي ته اسان جي ڪيترن گرئجوئيٽس کي ڪاغذ جي ڊگري ته ضرور آهي پر ان سبجيڪٽ جي گهري ڄاڻ ناهي. ميڊيڪل يا انجنيئرنگ جي اميدوار کان کڻي سندس سبجيڪٽ تي سوال ڪر ته وائڙو ٿيو وڃي .... پڙهيو هُيس پر ياد ناهي .... هڪ ڊاڪٽر صاحب ته اهو به چيو ته جتان مون ڊگري حاصل ڪئي اتي پروفيسرن جي توڙي مُردن جي کوٽ هجڻ ڪري اسان ڪافي شيون نه پڙهي سگهياسين نه ڏسي سگهياسين.
ياد رهي ته جيڪو نوڪريءَ لاءِ توهان کي ڀاڙا ۽ ويزا موڪلي گهرائي ٿو ۽ جنهن ڪم لاءِ هو توهان کي ٺيڪ ٺاڪ پگهار ڏيڻ لاءِ تيار آهي اهو توهان سان ليوڊو راند ته نه ويهي کيڏندو؟ ۽ جي توهان پنهنجي فيلڊ: ڊاڪٽري، انجنيري، ٽيچري يا ٻي کان چڱي طرح واقف نه آهيو ته پوءِ هو توهانکي نوڪري ڇو ڏئي؟ هتي ته ڏهن اميدوارن جي قطار لڳي پئي آهي ۽ پوءِ اسان جي ماڻهوءَ بدران ڪو انڊين يا سري لنڪن چونڊجيو وڃي. هي ائين آهي جيئن توهان ڀاڙو موڪلي عمرڪوٽ يا مٺيءَ مان بورچي گهرايو ۽ هو توهان وٽ پهچي چوي ته مونکان بصر نٿو ڪٽيو ٿئي، چلهه تي گهڻي دير بيهڻ سان گرمي ٿي لڳي، ماني پچائي سگهان ٿو پر اٽو ڪو ٻيو ڳوهي ڏئي ..... ته ظاهر آهي توهان اهڙي کي ڇو رکندائو جڏهن ان جي مقابلي ۾ کپري کان جيڪو نوڪري لاءِ آيو آهي اهو هر قسم جي ماني ته ٺاهيو وٺي پر ٿوري گهڻي ڊرائيوري به ڪريو وڃي.
سچ پڇو ته انڊيا توڙي بنگلاديش کان اهڙا به اميدوار آيا ٿي جيڪي پنهنجي ڊيوٽي انجنيري يا ڊاڪٽري ته بهتر نموني سان سرانجام ڏئي سگهيا ٿي پر هو ڪمپيوٽر جي ڪم ۾ به ماهر هوندا هئا ۽ هر ڪم ڪمپيوٽرائيزڊ ڪري سگهيا ٿي. مونکي حيرت ٿيندي هئي ته انهن ۾ ڪي اهڙا به هوندا هئا جيڪي انگريزيءَ کان علاوه مقامي ٻولي ملئي به ٿوري گهڻي سکي آيا ٿي. نتيجي ۾ مونسان گڏ ويٺل ”سليڪشن بورڊ جو پينل“ اهڙي اميدوار/انجنيئر کي چونڊيندا هئا.... ڀلي کڻي هن جو واسطو سري لنڪا سان هجي يا هندو ڌرم سان هجي.
ان ڪري توهان نوجوانن کي اها ئي نصيحت ڪندس ته مهرباني ڪري پنهنجي سبجيڪٽن تي محنت ڪريو انهن کي چڱي طرح پڙهو.... روزانو ڪلاس اٽينڊ ڪريو ۽ پنهنجن پروفيسرن جا ليڪچر غور سان ٻڌو جيئن توهان جڏهن ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿيو ته توهان وٽ ڊگريءَ سان گڏ پنهنجي فيلڊ جي چڱي طرح ڄاڻ به هجي.
اسان جي شاگرد جي دماغ ۾ اها ڳالهه ويٺل آهي ته هنن جا پڙهائڻ وارا استاد قابل نه آهن. يعني هو پنهنجي ڳالهه نٿا مڃين ته کانئن محنت نٿي پڄي، ڏوهه پنهنجن پروفيسرن تي هڻن ٿا. ڪيڏي بيوقوفيءَ جي ڳالهه آهي. تعليمي ادارو چاهي مهراڻ يونيورسٽي هجي يا سنڌ يونيورسٽي يا شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ـــ انهن جا پروفيسر ڏسو. هڪ هڪ اعليٰ تعليم يافته آهي. هر هڪ پنهنجي سبجڪيٽ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي .... ۽ Ph.D ڪرڻ ڪا چرچي جي ڳالهه ته نه آهي. اهي اسان جا Ph.D پروفيسر ئي ته آهن جيڪي ڪيترن ئي ملڪن جي اعليٰ يونيورسٽين ۾ پڙهائي رهيا آهن. منهنجي اڪثر پنهنجي ملڪ جي شاگردن سان مختلف ملڪن ۾ ملاقات ٿيندي آهي جيڪي اتي جي يونيورسٽين ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪن ٿا. گذريل صديءَ جي آخر تائين ته انهن جي گهڻائي فقط آمريڪا، انگلنڊ ۽ يورپ جي ملڪن ۾ نظر آئي ٿي پر هاڻ ته جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ، ملائيشيا ويندي چين ۾ به ڪيترائي نظر اچن ٿا. هو قابل ۽ محنتي آهن تڏهن ته ڌاريان ملڪ هنن کي پنهنجن ملڪن ۾ پڙهائڻ لاءِ منٿون ڪن ٿا.
ملائيشيا ۾ هالا جي هڪ انجنيئر ڊاڪٽر رامچند کي Ph.D ڪرڻ بعد اتي جي هڪ يونيورسٽي جو پروفيسر بعد ۾ ڊين ڪري رکيائون. ٽنڊو آدم پاسي جو هڪ انجنيئر عبدالله ساند جڏهن ”جوهور“ ملائيشيا ۾ Ph.D ڪري رهيو هو ته هن کي پڙهائي دوران ئي ڪيترين نوڪرين جي آفر ٿي! هو ايڏو هوشيار هو جو هن جنهن گهٽ وقت ۾ Ph.D ڪئي اڄ ڏينهن تائين ان يونيورسٽيءَ مان ڪو ڪري نه سگهيو آهي. ان سلسلي ۾ نواب شاهه جي مسٽر زينت جمالي، راحيلا شاهه، فِضا قريشي، اسلم ڀنڀرو ۽ نياز گهمرو جهڙن جا ڏئي سگهجن ٿا جيڪي ملائيشيا ۾ جڏهن پي ايڇ ڊي ڪري رهيا هئا ته هنن ۽ هنن جهڙن ڪيترن شاگردن جي ذهانت، ڄاڻ ۽ محنتپڻو ڏسي هننکي تعليم دوران ملائيشيا، سنگاپور ۽ آسٽريليا ۾ نوڪرين جي آفر ٿي. پر هنن موٽي اچي پنهنجي ملڪ ۾ نوڪري ڪئي. هو اڄ مختلف تعليمي ادارن ۾ توهان شاگردن کي پڙهائي رهيا آهن. هنن جي ٺلهي رهنمائي به وڏي ڳالهه آهي. پر ڇا آهي جو اڄ جو شاگرد ـــ اسانجي ملڪ جو شاگرد، ايترو محنتي نه آهي. هو بيچلر جي بنيادي ڊگري سٺي ڄاڻ ۽ علم سان حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم جا اهي چار پنج سال چلو ڪڍي پنهنجي فيلڊ جا ڪتاب پڙهڻ بدران ٽي وي جا به سڀ پروگرام ڏسڻ چاهي ٿو، فنڪشن ۽ دعوتون به اٽينڊ ڪرڻ چاهي ٿو، مائٽن ۽ دوستن سان ملڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ به هليو وڃي ٿو، فيس بڪ ۽ واٽس ائپ تي به ڪلاڪ وڃائي ٿو ته موبائيل فون تي ميسيج ۽ عشق به ڪري ٿو پوءِ هن کان پڙهائي ڇا پڄندي؟ پر اهو به چوندس ته توهان ۾ ڪجهه شاگرد آهن جيڪي انهن ڳالهين کان منهن موڙي پڙهائي ۾ جوٽيل رهن ٿا ۽ اهي ئي اڳتي هلي پي. ايڇ ڊيون به ڪن ٿا. سو منهنجي توهان شاگردن کي اها ئي صلاح آهي ته پنهنجي بنيادي تعليم B.E يا MBBS وغيره ۾ دل لڳائي پڙهو ۽ پنهنجو وقت نه وڃايو. رڳو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ امپارٽنٽ سوال رٽڻ ۽ اٽڪل بازيون نه ڪريو پر پنهنجي سبجيڪٽ جي چڱي طرح ڄاڻ حاصل ڪريو ـــ جيئن نوڪري لاءِ انٽرويو ڏيندي وقت اڳلي کي مڃرائي سگهو ته هو جي توهان کي سندس حڪومت ۾ يا پنهنجي فرم ۾ جاب ڏيندو ته هن کي پڇتاءُ نه ٿيندو. ۽ ياد رکو نوڪري ملڻ بعد توهان تڏهن صحيح طرح ڪم ڪري سگهو ٿا جڏهن توهان کي پنهنجي ڪم جي ڄاڻ هوندي ۽ پنهنجو پاڻ تي اعتماد هوندو ـــ ٺلهي ڪاڳر جي ڊگري ڪا حيثيت نٿي رکي.
ملائيشيا ۾ هوس ته 1980ع واري ڏهاڪي ۾ اسانجي هڪ سفير پنهنجو اثر رسوخ هلائي اسانجي ملڪ جي ويهارو کن ڊاڪٽرن کي ملائيشيا ۾ نوڪري ڏيارائي. هن جي دل ۾ اهو هو ته پنهنجي ملڪ ۾ نوڪريون تمام گهٽ آهن خاص ڪري تازن گرئجوئيٽن لاءِ. هتي ملائيشيا ۾ هو جي هڪ ٽن سالن جو Contract به ڪندا ته ايترو پئسو بچائي سگهندا جو پوءِ پنهنجي ڳوٺ وڃي پنهنجي ڪلينڪ کولي سگهندا.
ملائيشيا حڪومت اسانجي ڊاڪٽرن کي ٽڪيٽون موڪلي ڪوالالمپور گهرايو ۽ کين مختلف ڳوٺن جي اسپتالن ۾ رکيو ويو. مهيني اندر سڀ پڙ ڪڍي بيهي رهيا ته اسانکي واپس موڪليو اسان کان هتي جي نوڪري نه پڄندي. سبب پڇيو ويو ته سڀني اهو ئي ٻڌايو ته نوڪري سخت آهي ۽ اسان کان اڪيلي سر ڪم نٿو ٿئي ۽ ٻيو وڏو سبب اهو ته ايمرجنسي ۾ ڊليوري (ويم ڪرڻ) لاءِ به چون ٿا ۽ غلط دوا ڏيڻ تي ڪورٽ جا ڪيس ٿين ٿا. نيٺ هڪ هڪ ٿي هليو ويو. انهن جي جاءِ تي انڊيا جي سفارتخاني انڊيا جي ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج مان ساڳيا فريش گرئجوئيٽ گهرايا پر هو وڏي اعتماد سان مريض به ڏسندا رهيا ته ويم به ڪندا رهيا. ياد رهي ته ملائيشيا ۾ اڄ به عام ويم مرد ڊاڪٽر ڪن ٿا. 1988ع تائين ته سڄي ملاڪا رياست ۾ ڪا ليڊي ڊاڪٽر نه هئي ان بعد ملاڪا جي جنرل اسپتال ۾ پهرين ليڊي ڊاڪٽر پاٽ جي ڊاڪٽر نرگس قاضي آئي. هينئر ملاڪا وڃڻ تي اتي جي جنرل اسپتال ۾ جنهن ليڊي ڊاڪٽر سان ملاقات ٿي اها به سنڌ جي هئي ـــ ٽنڊو ڄام جي پروفيسر سعيد ٽالپر جي زال ڪڙي ڳنهور جي ڊاڪٽر ارم ياسمين نظاماڻي! هنن بابت آئون ملائيشيا جي سفرنامي ”مونکي موهيو ملائيشيا“ ۾ تفصيل سان لکي چڪو آهيان.
ڳالهه اها آهي ته ٻاهر ولايت ۾ توڙي اسانجي خانگي اسپتالن ۾ نوڪري سخت ٿي ٿئي ۽ اسان جو نوجوان جيڪو “No Work” ڪلچر جو عادي آهي ۽ پڙهائي به چڱي طرح نه ڪئي اٿس اهو جياليو نٿو سگهي. اهو هر وقت پنهنجي ملڪ ۾ ”سرڪاري نوڪريءَ“ جي ڳولا ۾ رهي ٿو جتي هن کي نه ڪم ڪرڻو پوي ۽ نه ڪو ڪم جو پڇيس.... بلڪه رشوت ۽ حرام جو پئسو کيسي ۾ ايندو رهي. پر هاڻ ڏينهون ڏينهن اهڙيون سرڪاري نوڪريون ختم ٿينديون وڃن ۽ رشوت خور سيڪريٽري به پيا جيلن جي هوا کائين ..... ان ڪري توهان شاگردن لاءِ بهتر آهي ته محنت ڪري چڱي طرح پڙهو ۽ ڊگري جي پَني حاصل ڪرڻ سان گڏ پنهنجي سبجيڪٽ جي چڱـي طرح ڄاڻ به حاصل ڪيو. وقت به وقت پنهنجن پروفيسرن کان رهنمائي وٺندا رهو. جو اهي به محنت ڪري ان منزل تي پهتا آهن.
• توهانکي پنهنجي پڙهائيءَ مان جي واندڪائي ملي ٿي ته ڪمپيوٽر سکو ـــ يعني ان جي پروگرامن کي سکو، ڏهن ئي آڱرين سان ٽائيپنگ جي پرئڪٽس ڪيو، وغيره. ۽ ڪجهه ٽائيم ڪڍي ڪجهه رڌ پچاءُ ضرور سکو. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ڀت رڌڻ، ٻوڙ ٺاهڻ وغيره. توهان کي ان ڳالهه تي کل ٿي اچي پر توهانکي ڏک جهڙي ڳالهه ٻڌايان ته اسان جا ڪيترا هم وطني ولايت ۾ سٺيون سٺيون نوڪريون ان ڪري ڇڏي آيا جو هنن کي ڊبل روٽي نٿي وڻي. هنن کي هر ويلي تي چپاتي يا چانور ٿي کتا .... رس وارو ٻوڙ ٿي کتو. منهنجي خيال ۾ مصالحا ٽي وي چئنل بعد اسان مردن لاءِ ٻه ٽي ڊش سکڻ ڪو ڏکيو ڪم نه هئڻ کپي.
• هڪ دفعي سنگاپور جي تنجنگ پگار علائقي ۾ هڪ نئين آيل هم وطنيءَ سان ملاقات ٿي. هو شايد ڪنهن سبجيڪٽ ۾ سنگاپور جي نئشنل يونيورسٽي مان Ph.D ڪري رهيو هو يا شايد کيس اتي ٽيچنگ لاءِ رکيو ويو هو. ڪنڌ تي ٻه قميصون رکي هيڏانهن هوڏانهن وائڙن وانگر ڪنهن دڪان جي ڳولا ۾ هو. سندس رهنمائيءَ لاءِ مون پڇيومانس.
”سائين ڪنهن درزيءَ جو دڪان ڳولي رهيو آهيان ٻنهي قميصن جا مٿيان بٽڻ ٽٽي پيا آهن. ٽاءِ ٻڌڻ لاءِ ضروري آهن.“
ملائيشيا توڙي سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ گرمي پنهنجي جاءِ تي پر سرڪاري توڙي خانگي آفيسن ۾ ڪم ڪنڊڙ هر آفيسر لاءِ ٽاءِ ٻڌڻ ضروري آهي جيئن اسان وٽ بئنڪن ۾ آهي. ملائيشيا ۾ هفتي جي هڪ ڏينهن ڇنڇر تي، جيڪو اڌ ڏينهن ٿئي ٽاءِ بنا اچبو آهي پر ان ڏينهن تي هرڪو مڪاني ڊريس يعني باتڪ جي رنگين گلن واري قميص، اوڍي ٿو. بهرحال مون هن نئين آيل انجنيئر کي چيو ته ”درزيءَ جو دڪان ته آئون کڻي ٿو توکي ٻڌايان پر هتي جو ملئي درزي به ان ڳالهه تان توتي کلندو. تون هن کان ٻيڙا هڻائڻ آيو آهين!“ ياد رهي ته سنگاپور ۾ ٽي قومون رهن ٿيون: ملئي، چيني ۽ انڊين (جن ۾ گهڻا تامل ۽ تيلگو ڳالهائڻ وارا سائوٿ انڊين آهن). انهن ٽنهي قومن ۾ ملئي ڪم جا سست آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻ اهي به تيز ٿي ويا آهن..... پڙهائيءَ ۾، پورهئي ۾، نوڪري ۾ ۽ محنت ۾ پڻ ـــ خاص ڪري ملائيشيا جي مقابلي ۾ سنگاپور جا ملئي ماڻهو. سنگاپور ۾ هر نوجوان کي ٻه سال فوج ۾ رهڻ جي قانون به کين چست ۽ ڊسپلينڊ بنائي ڇڏيو آهي.
بهرحال هتي توهان نوجوانن کي آئون اهو ئي ميسيج ڏيڻ چاهيان ٿو ته قميص ۾ ٻيڙا ٽانڪڻ، ٽيبل لئمپ جي پلگ ۾ تارون ڳنڍڻ، ڪموڊ جي سيٽ بدلائڻ يا دريءَ جي ڇنل ڄاري ڪڍي نئين هڻڻ جهڙن ڪمن لاءِ ڪنهن راڪيٽ سائنس جي ضرورت ناهي. اهڙا ڪم پنهنجو پاڻ ڪرڻ جي پاڻ ۾ قابليت پيدا ڪريو. سڌريل ملڪن ۾ ۽ اڄ جي مهانگائي واري دور ۾ ان قسم جا ڪم امير توڙي غريب پاڻ ئي ڪن ٿا ..... ان لاءِ ڪو به درزي، واڍي يا اليڪٽريشن پٺيان ٽائيم ۽ پئسو نٿو وڃائي.
هن موقعي تي توهان نوجوانن کي اها به نصيحت ڪندو هلان ته توهان مان ڪيترن کي انشاءَ الله ٻاهرين ملڪن ۾ به نوڪريون ملنديون يا وڌيڪَ پڙهڻ لاءِ موقعا ملندا پر ٻاهرين ملڪن ۾ رهڻ دوران توهان جو ڌيان پنهنجي تعليم يا نوڪريءَ ۾ هجڻ کپي. مقامي سياست، مذهب يا ڪلچر تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ کان گريز ڪجي. ڪيترا ملڪ آهن جن ۾ مختلف قومون رهن ٿيون. اهي ڀلي پاڻ ۾ بحث ڪنديون رهن پر توهان جو ڪنهن به ڌر جو پاسو کڻڻ تي ٻيون ته ٺهيو پر اها پاسو کڻڻ واري ڌر به توهان کي پسند نه ڪندي. مثال طور ملائيشيا ۾ ملئي مسلمان، انڊين هندو ۽ چيني ٻڌ رهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن هو پاڻ ۾ مذهب يا ٻوليءَ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪن ٿا. اسان جا پاڪستاني هروڀرو اهو سوچي ملئي ماڻهن جو پاسو کڻن ٿا جو اهي مسلمان آهن. پر يقين ڪريو ملئي ماڻهن کي اسان جهڙن ڌارين مسلمانن کان سندن پنهنجا انڊين تامل وڌيڪ مٺا آهن جو اهي هنن جي ملڪ جي قوميت رکن ٿا. پر اها ڳالهه ڏسان پيو ته اسانجي پاڪستانين کي ڏکيو سمجهه ۾ ٿي اچي ڇو جو اهو اسانجو ملڪ آهي جيڪو ”مسلمان“ جي ناتي هر ڌارئين کي گهرڻ ڏئي ٿو.... ڀلي اهو برمي هجي يا بنگالي ايراني هجي يا افغاني، ازبڪ هجي يا هندوستاني. ڀلي ڪو بيروزگار هجي يا ڏوهاري .... هو ڀلي پوءِ بم بلاسٽ ڪندو رهي .... دهشتگردي ڪندو وتي، هن کي شناختي ڪارڊ به مليو وڃي ته پاسپورٽ به! پر ٻين ملڪن ۾ ائين هرگز ناهي. سعودي عرب جهڙو پکيڙ ۾ وڏو ۽ امير ملڪ به اسان کي ته ڇا پنهنجي فلسطيني عرب ڀائرن کي به پاڻ وٽ نٿو رهائي. سو ان غلط فهميءَ ۾ هرگز نه رهجو ته مسلمان هجڻ ڪري ملائيشيا، انڊونيشيا، دبئي يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ توهان جا ڏوهه گناهه بخش ڪيا ويندا. ان ڪري ڌارين ملڪن ۾ فضيلت سان رهجي ۽ اتي جي ماڻهن جي بحثن کان هميشه پاسو ڪجي ۽ پاڻ ۾ برداشت جو مادو پيدا ڪجي.
هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته جنهن ملڪ ۾ توهان تعليم وٺو يا نوڪري ڪريو ان ملڪ جي ماڻهن ۾ پنهنجو پاڻ کي نمايان نه ڪريو. نه پنهنجي برتري ٿاڦيو..... ٻين لفظن ۾ Low Profile رکڻ سان توهان جو پرديس ۾ سڪون سان وقت گذرندو. ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن يا لفظ اهڙا آهن جيڪي ڌارئين ملڪن ۾ نا پسند ڪيا وڃن ٿا. اسان ڌارين جو ڪم آهي ته ان جوخيال رکون ...... هو ڇا انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
“While in Rome, Do as Romans Do”
اسان وٽ سنڌيءَ ۾ به چوڻي آهي ته: ”هڪ ٽنگي جي ملڪ ۾ وڃجي ته ٻي ٽنگ ورائي ڪلهي تي رکجي.“
هڪ دفعي ڪئالالمپور جي هڪ طارق روڊ جهڙي روڊ ”جالان بُڪتِ بِنتانگ“ (Jalan Bukit Bintang) تي ٽي هم وطني شاگرد ڏٺم. هو سٿڻ قميص ۾ هئا ۽ هڪ ٻئي جي ڳلي ۾ ٻانهن ورائي چرچا ڀوڳ ڪندا پئي ويا. اوسي پاسي جي ڪيترن ماڻهن جون هنن تي نظرون هيون. مون کانئن سندن ڳوٺن جا نالا ۽ تعليم بابت پڇيو.
هنن جي انٽر سائنس ۾ سٺي پوزيشن نه اچڻ ڪري ڄامشوري يا نواب شاهه جي انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ به داخلا نه ملڻ تي مائٽن قرض کڻي هنن کي ملائيشيا پڙهڻ لاءِ موڪليو هو. ان قسم جي شاگردن کي ائين وقت وڃائيندو ڏسي آئون کين اڪثر پڙهڻ لاءِ ۽ وقت ضايع نه ڪرڻ لاءِ نصيحت ڪندو آهيان. مون کين شلوار قميص ۾ هجڻ تي حيرت ڪئي ته هو چوڻ لڳا: ”سائين اسان جي ملڪ جي ثقافت آهي ان کي اجاگر ڪري رهيا آهيون.“
بلڪل صحيح آهي پر آئون چوندو آهيان ته هر ملڪ جي ماحول ۽ حالتن تي به نظر رکجي. 1990ع کان اڳ ملائيشيا ۾ شلوار قميص کي سکن جي ڊريس سمجھيو ويو ٿي خاص ڪري سک عورتون شلوار ۾ نظر اينديون هيون. باقي انڊين توڙي پاڪستاني ٻين يورپين يا ملئي ۽ چينين وانگر پتلونن ۾ هوندا هئا. ڪڏهن ڪو شلوار پائيندو هو ته هن تي سک ـــ يعني غير مسلم جو گمان ڪيو ويندو هو. ان ڪري ملائيشيا ۾ سالن کان رهندڙ اسان جا پنجابي ۽ پٺاڻ مسلمان ..... ويندي اسانجي سفارتخاني جا ماڻهو شهر ۾ شلوار پائڻ کان پاسو ڪندا هئا.
1990ع ۾ ڪيترا دربدر افغاني ملائيشيا ۾ آيا. هو شلوار قميص ۾ هئا.... ايتريقدر جو شلوار قميص افغانين جي سڃاڻپ ٿي وئي. هو چندو وٺندا رهيا ۽ ملائيشيا جي ماڻهن وڏي دل سان سندن مدد شروع ڪئي. ڪيترا ته موٽي ويا ٿي ڪجهه ملائيشيا جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ غير قانوني رهي ننڍو وڏو بزنيس ڪرڻ لڳا. پر آهستي آهستي.... ٻن ٽن سالن اندر ملائيشيا وارن کي اها ڄاڻ ٿي وئي ته انهن افغانين ۾ ڪيترا غير قانوني طرح رهي پيا آهن، ڪيترا چندو وٺي پنهنجي ملڪ جي غريبن جي مدد ڪرڻ بدران ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ جي جواخانن ۽ چڪلن ۾ عيش پيا ڪن....جن جا فوٽو هر ايندڙ ڏينهن اخبارن ۽ ٽي وي تي اچڻ لڳا. ان کان علاوه مسواڙ تي گهر وٺي نه صحيح وقت تي مسواڙ ڏين ٿا ۽ نه بجلي جو بل چڪتو ڪن ٿا. چورين، ڌاڙن ۽ قتل جي ڪيسن ۾ به ايترو اچڻ لڳا جو ملائيشيا جا ماڻهو کين چندا ۽ امداد ڏيڻ بدران بيزاريءَ جو اظهار ڪرڻ لڳا. سٿڻ قميص واري تي نظر پوڻ سان هتي جي ماڻهن کي هنن لاءِ نفرت ٿيڻ لڳي جو هنن هن ملڪ جو امن تباهه ڪري ڇڏيو. هر ٽئڪسي واري يا هوٽل واري ڪنهن افغاني .... يعني شلوار قميص واري کي پنهنجي ويجھو اچڻ کان روڪيو ٿي. اها ڳالهه محسوس ڪري هاڻ ڪيترا افغاني روپ بدلائي يعني پتلون ۾ ملائيشيا اچن ٿا پر اڄ به شلوار قميص پهريل معنيٰ افغاني ماڻهو .... معنيٰ خراب ماڻهو .... ٻي جي ڌرتيءَ تي ڏوهه ڪرڻ وارو. هاڻ اهڙي تناظر ۾ ڪو اسانجي ملڪ جو يا ڪوايراني يا بنگالي شلوار قميص پائي هلندو ته هن کي مقامي ماڻهو افغاني ئي سمجھندا..... خاص ڪري پاڪستاني ته پنهنجي ملڪ جو پاسپورٽ ٿو ڏيکاري ته به هن تي افغاني هجڻ جو شڪ ڪيو وڃي ٿو جو سچي ڳالهه اها آهي ته ڪيترن ڏوهاري افغانين وٽ پاڪستاني پاسپورٽ هئا ۽ اها ته اسان سڀني کي خبر آهي ته اسانجي ملڪ ۾ ڪرپشن هجڻ ڪري هر ڌارئين لاءِ اسان جي ملڪ جو پاسپورٽ يا شناختي ڪارڊ هٿ ڪرڻ ڪو مشڪل نه رهيو آهي.
بهرحال هي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ جو مطلب اهو آهي ته چوڌاري حالتن جو به جائزو وٺو ۽ ڌارئين ملڪ ۾ ڪوشش ڪري جنهن ڪم ــــ پڙهائي يا نوڪرريءَ لاءِ وڃو ٿا ان تي ئي توجهه ڏيو .... ملڪ جي ثقافت يا پرچار ڪرڻ لاءِ اسانجي سفارتخاني جا ماڻهو آهن جيڪي ان قسم جي ڳالهين .... يعني پنهنجي ملڪ جي ثقافت ۽ ڪلچر کي روشناس ڪرائڻ جهڙين ڳالهين جو پگهار وٺن ٿا.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسانجي ملڪ جو ٻاهر جي دنيا ۾ اميج سٺو نه هجڻ ڪري ۽ اسان جي ملڪ ۾ تعليم جو معيار ڪرڻ ڪري اسان جي نوجوانن لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ سٺيون نوڪريون حاصل ڪرڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. پر ان هوندي به يورپ توڙي آمريڪا ۾، عرب ملڪن توڙي ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر جي ملڪن ۾ ڏسان ٿو ته اسان جا ڪيترائي گرئجوئيٽ ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا رهن ٿا. پر افسوس تڏهن ٿيندو آهي جڏهن اسانجو نوجوان چڱي خاصي آفر ٿيل نوڪري ڇڏي ڏئي ٿو يا نوڪريءَ تي چڙهي نئين ملڪ ۾ درپيش آيل معمولي مسئلن کان پريشان ٿي هلندڙ نوڪري (Contract) کي ختم ڪري پنهنجي ملڪ موٽيو اچي ۽ پوءِ پنهنجي ملڪ ۾ اهي سک ۽ سهولتون نه ڏسي جلد پڇتائڻ به لڳي ٿو ۽ واپس موٽڻ لاءِ منٿون ڪري ٿو.
توهان کي جي ٻاهر جي ملڪن ۾ نوڪريءَ جي آفر ٿي آهي ته ان کي قبول ڪرڻ کان اڳ نوڪري ڏيڻ واري کان يا انهن وٽ ڪم ڪندڙ توهان جو ڪو واقفڪار آهي ته ان کان نوڪري يا ڪم جي نوعيت ضرور پڇو ۽ ٽائيم پڻ. جپان جهڙن ملڪن ۾ صبح جو مقرر وقت تي آفيس پهچڻ ضروري آهي پر موڪل جي وقت گهر وڃڻ ضروري ناهي. ڪم جي گهڻائيءَ ڪري شام جو دير تائين به آفيس ۾ وهڻو پوي ٿو. ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ ڇنڇر ۽ آچر موڪل ٿيڻ بدران فقط آچر جو ڏينهن موڪل ٿئي. ڇنڇر اڌ ڏينهن ٿئي باقي ڏينهن صبح جو 8 کان ساڍي چئين تائين آفيس ٿئي. سعودي عرب ۾ صبح جو 8 کان اڳين نماز تائين ڊيوٽي ٿئي ان بعد ٻه ٽي ڪلاڪ آرام ڪرڻ بعد عصر نماز کان عشا نماز تائين ڊيوٽي ٿئي ٿي. يعني توهان سڄو هفتو آفيس يا فئڪٽري بِلي رهو ٿا. توهان جا اهي خواب پورا نٿا ٿين ته شام جو دوستن وٽ وڃبو يا ڀر واري ڳوٺ ۾ رهندڙ مائٽن وٽ وڃبو. توهان جي جيڪڏهن مڪي يا مديني جي آسپاس نوڪري آهي ته ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته توهان جي جڏهن دل چاهيندي ته حج يا عمرو ڪندا رهندا يا ان لاءِ آيل پنهنجن مائٽن/دوستن سان ملڻ ويندا رهندا. اسان جا ـــ يعني پاڪستان جا (انڊيا يا سريلنڪا جهڙن ملڪن جا هرگز نه) ان پابنديءَ ڪري دل شڪستا ٿيو پون. ياد رکو ته توهان کي ڪو به پگهار تي رکي ٿو ته توهان جو فرض آهي هن جو ڪم ڪرڻ ۽ نوڪري ڏيڻ واري جو چيو مڃڻ ۽ گسائڻ کان گريز ڪرڻ. اسان ماڻهن لاءِ عام شڪايت اها ئي آهي ته هڪ ته پنهنجي ڪم جي (پوءِ اها چاهي ڊاڪٽري هجي، انجنيري يا ٽيچنگ) گهڻي ڄاڻ نٿا رکون ۽ ٻيو ننڍي ننڍي ڳالهه تي موڪلون ڪري مالڪ جي ڪاروبار کي نقصان پهچايون ٿا.
هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڌارئين ملڪ مان جڏهن توهانکي نوڪريءَ جي آفر ٿئي ٿي ته هو ٻين Terms & Conditions سان گڏ پگهار جو به ٻڌائين ٿا. قبول ڪرڻ بعد Contract تي صحيح ڪئي وڃي ٿي. پر جي توهان سمجھو ٿا ته پگهار گهٽ آهي ته نوڪري جو رضامندو ڪرڻ کان اڳ هنن کي ٻڌايو وڃي ۽ ٿي سگهي ٿو هو توهان کان پڇن ته توهان ڪيترو چاهيو ٿا. پر اهڙي حالت ۾ توهان کي پنهنجي تعليم، هنر ۽ تجربي جو ملهه ڪٿي پوءِ لکڻ کپي. مثال طور توهان ڪنهن اهڙي سبجيڪٽ جا پروفيسر، انجنيئر يا سرجن آهيو جنهن ۾ ٻيو ماڻهو ملڻ ڪو آسان ناهي ته پوءِ توهان جي خواهش جو پورائو ٿي سگهي ٿو نه ته گهڻو ڪري ٻه ٽي ماڻهو Stand By هوندا آهن. ڏسندا آهن ته ڪو پاڪستاني ان پگهار تي راضي نٿو ٿئي ته انڊيا جي اميدوار کي نوڪري جي آفر ڪندا، اهو به نه ته بنگلاديشي ۽ سري لنڪا واري کي گهرايو وڃي ٿو. ان ڪري پنهنجي مرضي جو پگهار يا ڳالهه مڃرائڻ لاءِ سوچي قدم کڻجي. ۽ هڪ دفعو شرط شروط قبول ڪرڻ بعد اتي پهچي پوءِ تبديل نٿا ٿي سگهن ۽ هڪ سال يا وڌيڪَ طيءِ ٿيل مدي جي مڪمل ٿيڻ بعد نئين Contract ۾ تبديليءَ جي ڪوشش يا آسرو ڪري سگهجي ٿو. اهو به ضروري نٿو ٿئي ته ڪويت جي ڪنهن اسپتال جي هر عام ڊاڪٽر جو يا سنگاپور جي ڪنهن فرم ۾ ڪم ڪندڙ هر انجنيئر جو ساڳيو پگهار هجي. اهو سرڪاري آفيسن ۾ ٿئي ٿو. پرائيويٽ ڪمپنين ۽ ادارن ۾ وقت ۽ حالتن مطابق هرهڪ کي الڳ الڳ پگهارن جي آفر ڏني وڃي ٿي.
منهنجي توهان کي اها ئي نصيحت آهي ته انجنيئرنگ جي بنيادي تعليم B.E. کان وٺي توهان هر چئپٽر چڱي طرح پڙهو ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ اڳتي هلي انجنيئرنگ (۽ اهڙي طرح ميڊيڪل جا شاگرد) ڪنهن اهڙي خاص برانچ ۾ ماهر ٿيو جنهن جي ايندڙ وقت ۾ گهڻي Demand (ضرورت) محسوس ڪئي ويندي هجي ته پوءِ توهان کي جتان ڪٿان نوڪريءَ لاءِ سڏ ٿيندو رهندو.
اسانجي پاڙي جي هڪ شاگرد MBBS آعا خان يونيورسٽيءَ مان ڪئي. ان بعد آرٿوپيڊڪ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ هاڻ اسلام آباد ۾ آرٿوپيڊڪ جي خاص برانچ Spinal Cord ۾ Specialization ڪري رهيو آهي. ظاهر آهي هن کي هينئر کان ڪيترن هنڌن تي نوڪريءَ جون آفرون ٿي رهيون آهن.
شروع ۾ توهان مان هڪ شاگرد پڇيو ته B.E بعد نوڪري ملي وڃي ته ڪجي يا نه؟ جواب آهي نوڪري ملي ٿي ته ڇو نه ڪجي پر مونکي ٻڌايو ته B.E وارن لاءِ نوڪريون آهن ڪٿي؟ ڪراچيءَ ۾ هڪ دوست وٽ ويس جنهن جي پٽ گذريل سال B.E ڪئي هئي. مون کيس مبارڪ ڏيندي چيو ته هاڻ تون انجنيئر ٿي وئين!
مرڪندي وراڻيائين ”انڪل اڃان ڪٿي! آئون M.E ڪري رهيو آهيان. دعا ڪريو ته ڪنهن سٺي برانچ ۾ Ph.D ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي ته ڪنهن بهتر نوڪريءَ جو آسرو ٿئي.....“
منهنجي خيال ۾ هن جي صحيح سوچ آهي ۽ هو هينئر کان ٽانءَ ۾ اچڻ بدران پنهنجو پاڻ کي هڪ غريب شاگرد تصور ڪري محنت ۾ لڳو پيو آهي.....
توهان مان ڪجهه شاگردن اهو به پڇيو هو ته B.E ڪرڻ بعد هنن کي ملائيشيا، جپان، چين يا ٻين ملڪن ۾ وڌيڪَ پڙهڻ لاءِ اسڪالرون ملي سگهن ٿيون؟ ٻاهرن ملڪن جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ آئون پنهنجي ملڪ جي شاگردن کي اسڪالر تي پڙهندو ڏسان ٿو.... اسان جي شهر ۽ ان جي پسگردائي وارن ڳوٺن جا به شاگرد توڙي شاگردياڻيون نظر اچن ٿيون پر آئون نٿو سمجھان ته ڪو MBBS يا B.E بعد اسڪالر ملي ٿي .... يعني ماسٽرس ڊگري بعد ئي اسڪالر حاصل ڪري سگهجي ٿي. مونکي جيڪي به ملن ٿا اهي Ph.D ڪندي نظر اچن ٿا جن کي پنهنجي يا پرائي حڪومت يا بين الاقوامي ادارن طرفان ماسٽرس ڪرڻ بعد اسڪالر ملي ..... جنهن جي ڳولا لاءِ هو نيٽ تي ۽ سنئون سڌو بين الاقوامي ادارن ۽ يونيورسٽين کان لڳاتار معلوم ڪندا رهيا ۽ هنن کي پنهنجي اعليٰ ڪارڪردگيءَ کان آگاهه ڪندا رهيا. دعا آهي ته توهان پوري ڌيان ۽ محنت سان تعليم جاري رکندائو ۽ جتي به نوڪري ملندانوَ ته ڪم ۽ ڄاڻ ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائي ملڪ ۽ قوم جو نالو پيدا ڪندائو.