ڪيڏي ڏک جهڙي ڳالهه آهي
دراصل اسان کي اهو سوچڻ کپي ته هر قوم ۽ هر ملڪ ۾ هر قسم جا ماڻهو ٿين ٿا. ويندي هڪ ئي ماءُ جي ڄڻيل ٻارن ۾ به فرق ٿئي ٿو.... تڏهن ته چوڻي مشهور آهي ته ”ماءُ ڄڻيندي پٽڙا، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ“ يا ”پنجئي آڱريون برابر نٿيون ٿين.“
سو پاڪستان جي ٻين صوبن جا اهو ڇو ٿا سمجھن ته هو وڏا قابل آهن، بيوقوف رڳو پٺاڻ آهن. آئون ته اهو ئي سوچيندو آهيان ته ڪنهن به لطيفي ۾ پٺاڻ بدران سنڌي، سرائڪي، بلوچ يا شيخ سيد جو به نالو ڏئي سگهجي ٿو جو اهي ساڳيا ڪم انهن سان به منسوب ڪري سگهجن ٿا. مثال طور هن وقت هڪ sms هن ريت آيو آهي...
ماءٌ: اڄ اسڪول مان ايترو جلدي ڇوآيو آهين.
پٺاڻ: مڇر ماريم ته ٽيچر ڪلاس مان ڪڍي ڇڏيو.
ماءٌ: ائين ڇو؟
پٺاڻ: مڇر ٽيچر جي ڳل تي ويٺو هو.
هاڻ ان ساڳئي لطيفي ۾ پٺاڻ بدران سنڌي به ته ٿي سگهي ٿو. پر اسان جي پاڪستاني قوم به عجيب آهي هر هڪ پاڻ کي وڏو قابل ۽ پاڪ پوتر ٿو سمجھي باقي ٻين تي اجايا چرچا ۽ چٿرون. يا جيئن وري اسان وٽ سنڌ ۾ هر چرچو هندوءَ تي هوندو. دل تي هٿ رکو جي ان ۾ هندوءَ بدران مسلمان لکجي ته اسانجا مسلمان سخت ڪاوڙجي ويندا. پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهي ساڳيون بيوقوفيون ڇا مسلمان نٿو ڪري سگهي ڇا؟ ۽ جيڪڏهن ”مسلمان“ يا ”سنڌي“ جو لفظ اچي ٿو ته اسان کي ڪاوڙ ۽ ڏک ٿئي ٿو، ته پوءِ اهو سوچڻ کپي ته ٻيا به ته انسان آهن انهن جي دل آزاري ڇو ٿي ڪئي وڃي. ڇا اهي عيب رڳو ٻين ۾ آهن اسان ۾ نه؟ هر خيالي غلطي، بيوقوفي يا عيب پٺاڻ نالي ڪري اسان گد گد ٿيون ٿا پر ڇا اهو نٿا سوچيون ته ان ڳالهه ۾ ڪنهن به قوم جو ماڻهو موزون ثابت ٿي سگهي ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اسان کي ڪنهن قوم يا مذهب جي ماڻهوءَ جي ائين دل آزاري نه ڪرڻ کپي.... توڙي کڻي ڪو عيب ڪنهن ۾ واقعي آهي ته به عيب جوئي ڪرڻ بد اخلاقي آهي جنهن لاءِ اسان کي مذهب به منع ڪري ٿو.
پٺاڻن بابت اهڙا چرچا جن ۾ هنن کي نيچ يا بيوقوف ڏيکاريو وڃي ٿو پڙهي دل چوندي آهي ته موڪلڻ واري کي چوان ته ابا اهي پٺاڻ ئي آهن جيڪي گرمين توڙي سردين ۾ سخت پورهيا ٿا ڪن. ملائيشيا ۾ ته ڳوٺن جا ڳوٺ پٺاڻن جا آهن جن جا وڏا انگريزن جي فوج ۾ سپاهي هئا ۽ ٻي وڏي لڙائيءَ کان پوءِ اتي ئي ٽڪي پيا. هنن اتي به چوڪيداريون ۽ مزدوريون ڪري ٻار پاليا ۽ انهن کي پڙهايو جيڪي اڄ ملائيشيا ۾ هر فيلڊ ۾ وڏن عهدن تي آهن. 1982ع ۾ جڏهن آئون ملاڪا ۾ اچي رهيس ته انهن ڏينهن ۾ سڄي ملائيشيا جو پوليس ڪمشنر زمان خان نالي پاڪستاني پٺاڻ هو. اڄ به سڄي ’ڏور اوڀر‘ ۽ ’ڏکڻ اوڀر ايشيا‘ جي ملڪن جي مسجدن جا پيش امام پٺاڻ آهن. ٿائلنڊ جي سونگڪلا ۽ پٽاني شهرن کان ملائيشيا جي ’جوهوربارو‘ ۽ ’پينانگ‘ شهرن جي مدرسن ۾ پٺاڻ قرآن پڙهائين ٿا. آمريڪا توڙي يورپ جي ملڪن ۾ اسان جا پٺاڻ اهم ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ پروفيسر آهن .... ائين ته اسان جي پنجاب ۽ سنڌ صوبي جا به آهن پر پٺاڻ، جن کي توهان اهو ئي سمجھو ٿا جيڪو توهان لطيفن ۾ sms ڪيو ٿا ته توهان پاڻ وڏا بيوقوف آهيو. جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ هندن کي بيوقوف ۽ ڇسو سمجھي هر چرچو ان تي ٺاهيو وڃي ٿو پر توهان ٿورو دنيا جو به چڪر هڻي ڏسو ته اسان جا سنڌي مسلمان به اهم عهدن تي آهن پر هو سنڌي هندن سان مقابلو ڪري سگهندا! تعليم توڙي واپار ۾، محنت توڙي عقلمندي ۾، پئسي ڏوڪڙ توڙي وهنوار ۾، خير خيرات توڙي ثقافت ۾ هو اسان کان گهڻو گهڻو اڳيان آهن .... حقيقت اها آهي پوءِ ڀلي اسان کي ڳالهه نه وڻي. اهڙي طرح توهان چاهي ڪنهن به ملڪ ۾ هليا وڃو برما ۽ بنگلاديش کان نيويارڪ ۽ نيو اورلينس توهان کي پٺاڻ پورهيو ڪندي نظر ايندا ۽ هر ملڪ جا گهڻي ڀاڱي مڪاني ماڻهو هنن مان خوش نظر اچن ٿا. سو آئون ته اهو ئي چوندس ته هرڪو پاڻ کي ڏسي ۽ پاڻ کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪري ۽ ٻين جي فقط خوبين تي نهار ڪري _ ۽ اهي پاڻ ۾ پيدا ڪري.
مونکي ماضي جو زمانو ٿو ياد اچي جڏهن انڊيا ۾ ته بنگالين کي شعرو شاعري، ادب، گيت سنگيتم، تعليم جو symbol سمجھيو ويو ٿي. ۽ اڄ تائين سمجھيو وڃي ٿو پر اسان وٽ هروڀرو هنن لاءِ گهٽ وڌ رمارڪ ڏنا ويا ٿي. ايتريقدر جو هنن کي ’بکيو بنگالي‘ سڏيو ويو ٿي! ڪيڏي ڏک جهڙي ڳالهه آهي! آخر ان نفرت وڃي دنگ ڪيو ۽ هو اسان کان الڳ ٿي ويا. ڌار ٿيڻ مهل هنن جو سڪو (ٽَڪو) اسان جي رپئي جي اڌ برابر هو اڄ هنن جو ٽڪو اسان جي رپئي کان مٿي آهي. اڄ هنن جي هوائي سروس اسان کان بهتر آهي.... پاڻي وارا مرچنٽ نيوي جا جهاز اسان کان گهڻا آهن. هنن جو سبيل ڪپڙو.... قميصون، گنجيون، پتلونون وغيره ۽ ٻيو سامان سڄي دنيا ۾ ايڪسپورٽ ٿئي ٿو. هنن جي پاسپورٽ جو اسانجي پاسپورٽ کان وڌيڪَ قدر آهي.... هو هر فيلڊ ۾ هئا ۽ ڪيترين شين ۾ ته اسان کان به هوشيار ۽ محنتي هُئا .... سڀ کان وڌيڪَ تعليم ۾ تڏهن به ۽ اڄ به هوشيار آهن ... ۽ اڄ به هنن جي گرئجوئيٽ کي اسان کان وڌيڪَ سولائيءَ سان دنيا جي انيڪ ملڪن ۾ نوڪريون مليو وڃن.