اسانجا تعليمي ادارا ۽ ذات پات جو چڪر
ولايتن ۾ رهندڙ اسان جا ماڻهو پاڻ کي پاڪستاني سڏرائيندي آخر فخر ڇو محسوس ڪن جڏهن ته اسان وٽ ستن پيڙهين کان رهندڙ به پاڻ کي هن ملڪ جو حصو سمجھڻ بدران ايراني، عرب، افغاني، شيرازي، يزداني، صديقي، قريشي، غوري، غزنوي وغيره وغيره سڏرائين ٿا.... مونکي لڳندو آهي ته سنڌ ۾ فقط ڪجهه ماڻهو مير بحر، اوڏ، شيخ، ميمڻ جهڙا اصل جا رهاڪو آهن.... شيخن جهڙي ذات جا به ڪيترائي ماڻهو اهو ٻڌائڻ بدران ته هنن جا وڏا هتي جا هندو يا ٻوڌي هئا ۽ اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيا، ٻڌائيندا ته هنن جا وڏا عربستان کان آيا .... محمد بن قاسم فاتح جي لشڪر سان گڏ..... بادشاهه پير دستگير جو اولاد آهن وغيره وغيره.... سو اهي ۽ ٻيا پاڻ لاءِ ٻڌائيندا وتندا ته هو ايران ۽ عربستان جهڙن ملڪن مان آيا آهن يا وري هنن جو مغل، لوڌي، سومرن، سمن جهڙن بادشاهن ۽ حاڪمن جي ذات سان تعلق آهي. ڳالهه اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ گهڻو تڻو هر ڪو پنهنجي بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ بدران پنهنجي ذات پات، شهر ڳوٺ يا سياسي پارٽي يا فوج سان واسطو ڏيکارڻ ۾ لڳو رهي ٿو. گاڏي غلط هنڌ تي پارڪ ٿي پئي آهي مجال آهي جو ڪو پوليس وارو ان جي نوجوان مالڪ جو نالو وٺي جو ان ڪار تي ان سياسي پارٽي جو جھنڊو لڳو پيو آهي جنهن جي حڪومت آهي يا SDM يا MNA لکيو پيو آهي.... اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو پاڻ ڊپٽي ڪمشنر يا اسيمبلي جو ميمبر کڻي نيڪ ۽ قانون جو پابند هجي پر سندس پٽ يا ڀائٽي ڀاڻيجي کي ته قانون ڀڃي لئه ڏيکارڻي آهي. ڪيترا ماڻهو ٻين کي متاثر ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڳوٺ جو نالو ٻڌائيندا آهن جيئن اڳلو سمجھي ته هي چيف منسٽر يا پرائيم منسٽر جي ڳوٺ جو ماڻهو آهي هن جو خيال رکڻ کپي. ڪيترا اسان وٽ پنهنجي اعليٰ ذات جي ڌاڪ رکڻ خاطر پنهنجي نالي کان وڌيڪَ ذات کي نمايان طور لکن ٿا..... صديقي، قريشي سان گڏ پير مخدوم به لکڻ ضروري سمجھيو وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ سيد عربي لفظ آهي ۽ شاهه فارسي..... اسان وٽ ٻئي لکيا وڃن ٿا.... اڳيان سيد ته پٺيان شاهه. سعودي عرب ۽ ايران وڃ ته اتي ته ڪو به اهڙي ذات وارو نظر نٿو اچي. مڪي جا رهاڪو به پاڻ کي حاجي نٿا سڏرائين... پر اسان وٽ حج ڪرڻ بعد اسانجو ماڻهو پاڻ کي ”حاجي“ سڏائي ٿو .... خاص ڪري تور ۾ کوٽ ڪرڻ ۽ وڏي اگهه تي مال وڪرو ڪرڻ وارا دڪاندار ڏاڙهيءَ رکائڻ سان گڏ ’حاجي‘ پڻ سڏرائڻ ضروري سمجهن ٿا جيئن گراهڪ تي ايمانداريءَ جي ڌاڪ ويهي سگهي! اصل ۾ حج ته هڪ فرضي عبادت آهي ۽ رب پاڪ توهان کي جي توفيق، همت ۽ پئسو ڏنو آهي ته ان فرض جي ادائگيءَ تي ٻين تي لئه رکڻ ڇا ضروري آهي؟! ايئن ته پوءِ نماز پڙهڻ وارو به پاڻ کي ”نمازي“ سڏرائي ۽ ذڪوات ڏيڻ وارو پاڻ ”ذڪواتي“ سڏرائي.
اسان وٽ پاڻ کي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ سان منسوب ڪرڻ ضروري سمجھيو وڃي ٿو ..... ته آئون فلاڻي جو ڀائٽيو ڀاڻيجو آهيان. ڏهه سال ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ بعد ڪجهه سال پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ آيس ته اتي شروع وارن ڏينهن ۾ ڪو نه ڪو شاگرد اهاني بهاني مونکان پڇي ته سائين توهان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهيا آهيو؟.... يا فلاڻي ڳوٺ جا آهيون؟.... يا فلاڻو صاحب توهان جو دوست آهي؟ ”جي ها“ چوڻ تي پوءِ يڪدم هنن ٻڌايو ٿي ته اهو منهنجو چاچو آهي يا مامو آهي.... يا آئون به ان ڳوٺ جو آهيان.... يا سر آئون به Petarian آهيان..... پوءِ مون سوچيو ته ’ٽيچر شاگرد‘ جو ان قسم جو تعلق ڪيڏو غلط آهي.... اڳلو محنت ڪرڻ بدران ڳوٺ، ڪاليج يا مائٽي جو واسطو ڏئي فائدي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري پر جي نٿو به ڪري ۽ هو پنهنجي مڙسي سان سٺي پوزيشن کڻي ٿو ته به ٻين شاگردن جي دل ۾ ته شڪ پيدا ڪري سگهي ٿو ته کيس سڃاڻپ جي ناتي ۾ Favour ڏنو ويو آهي.
ان بعد جيئن ئي ڪئڊٽن جي نئين بئچ آئي ته پهرين شاگرد جي پڇڻ تي ته سر توهان به ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهيا آهيو... مون کيس دلشڪستو ڪرڻ ۽ ٻين کي صاف نياپو ڏيڻ لاءِ سڀني کي مخاطب ٿي چيو: ”مهرباني ڪري مون کي اهو ٻڌائڻ بدران ته: ”توهان ڪير آهيو“، اهڙي محنت سان پڙهو ۽ امتحان ۾ مٿاهين پوزيشن کڻي ڏيکاريو جو آئون توهان لاءِ پڇان ته ”هي شاگرد ڪهڙي ڪاليج مان انٽر ڪري آيو آهي يا ڪنهن جو مائٽ آهي؟“
ان کان پوءِ مون کي ڪو شاگرد ڪلاس ۾ ڊسٽرب نه ڪندو هو. بهرحال هي سڀ ڪَمَ يعني سفارشون ۽ چوڻ چاڻ اسان جي ملڪ ۾ هلن ٿا نه ته ڏهه سال ملائيشيا ۾ پڙهائڻ دوران اتي ڪنهن به شاگرد پنهنجي اعليٰ ذات يا ڪنهن سان سياسي تعلق ڳنڍي Favour حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي .... ڪيترا دفعا اهو لکي چڪو آهيان ته جيئن انڊيا وارن ”نواب پائي“ ختم ڪري ڇڏي تيئن ملائيشيا وارن ملڪ کي خود مختياري ملڻ بعد سڄي ملڪ مان ”ذات سسٽم“ ختم ڪري ڇڏيو. هاڻ هر هڪ جو نالو فقط ’فلاڻو پٽ فلاڻي‘ جو تائين محدود ٿي ويو آهي.... چاهي مرد هجي يا عورت. اسان وٽ ڇوڪرين جي شاديءَ بعد سندن نالي سان گڏ مڙسن جو نالو يا ذات ڳنڍي ويندي آهي پر ملائيشيا ۾ هر عورت شاديءَ بعد به پيءُ جي نالي سان سڏجي ٿي يعني جيڪو هن جو نالو ميونسپالٽي جي رجسٽر تي ڄمڻ وقت لکيو وڃي ٿو اهو ئي نالو ۽ ان ئي Spellings سان مئٽرڪ جي سرٽيفڪيٽ تي به رهي ٿو ته مرڻ بعد سندس قبر جي ڪتبي يا ڊيٿ سرٽيفڪيٽ تي به لکيو وڃي ٿو ته ’فلاڻي بنتي فلاڻو‘. هونءَ ان سسٽم ۾ ملڪ ۽ قوم جو فائدو رهي ٿو. خبر ئي ڪانهَ ٿي پوي ته ساڳي ڪلاس ۾ سلطانن (جيڪي واري وٽي تي ملڪ جا بادشاهه ٿين ٿا) جا ڀائٽيا ڀاڻيجا ويٺا آهن يا ڀنگين ۽ شودرن جا ٻار. ڪنهن جي ڪا خبر نٿي پوي! استاد جي نظر ۾ سڀ شاگرد برابر رهن ٿا. ملائيشيا ۾ حڪومت مڪاني ماڻهن يعني ملئي مسلمانن جي آهي ۽ هو ڳوٺن ۾ رهن ٿا ان ڪري هنن لاءِ اسان سنڌين وانگر ڪوٽا سسٽم آهي يعني هر تعليمي اداري ۾ هنن جو تعداد ڪجهه وڌيڪَ رکيو وڃي ٿو پر حق جي ڳالهه ڪبي هنن ڪڏهن به پنهنجي قوم جي شاگردن کي وڌيڪَ مارڪون ڏياري پاس ڪرائڻ جي سفارش نه ڪئي.... آئون ڊپارٽمينٽ جو هيڊ هجڻ سان گڏ ممتحن (Examiner) به ٿي رهيس پر ڪڏهن به ڪنهن ملئي شاگرد جي لاءِ سفارش نه آئي. ملاڪا رياست جو وزير اعليٰ منهنجو ذاتي دوست هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن جي ويجھن عزيزن جا ٻار منهنجا شاگرد هوندا هئا پر هن ڪڏهن اشارتن به نه چيو ته هي منهنجو ڀائيٽيو يا ڀاڻيجو پڙهائي ۾ ڪمزور آهي ان کي ڪجهه مارڪون ڏيئي پاس ڪري ڇڏ.
ان قسم جي ڳالهين جي ڪري ئي هن ملڪ ملائيشيا کي اهو فائدو رسيو ته هر شاگرد اهوئي سمجھي ٿو ته هن کي محنت ڪري پڙهڻو آهي ۽ ڪنهن جي به سفارش نه هلي سگهندي ساڳي وقت ملائيشيا جا تعليمي ادارا توڙي انهن جا سرپرست وزير ايتري سختي رکندا اچن جو اڄ هر ملڪ جا شاگرد ملائيشيا ۾ پڙهڻ لاءِ اچن ٿا. سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ ملائيشيا ۾ ڊاڪٽرن جي سخت کوٽَ هئي..... بلڪه اڄ ڏينهن تائين هو چاهين ته پنهنجي ڏڏ شاگردن کي جيڪي فيل ٿين ٿا، ڪجهه وڌيڪ مارڪون ڏياري ڊاڪٽر بنائي سگهن ٿا پر هو اهو هرگز نٿا ڪن.... هو تعليمي معيار بلند رکڻ لاءِ انهن کي فيل ڪري ڳرن پگهارن تي ڌارين کي نوڪري ڏيو ڇڏين.
ڪراچيءَ ۾ پڙهائڻ دوران منٿلي امتحان ۾ فيل ٿيل هڪ شاگرد پنهنجي سفارش ڪرائڻ لاءِ منهنجو هڪ دوست ۽ بعد ۾ ڪنهن گاديءَ جو سجاده نشين پير وٺي آيو. منهنجي انڪار ڪرڻ تي سفارش ڪرڻ وارا ڏک ڪرڻ لڳا. مون هنن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته توهان کي ان ڳالهه جو ڏک نٿو ٿئي ته هي سست ۽ ڪاهل شاگرد جيڪو پڙهائيءَ ۾ چٽ آهي سڀاڻي جهاز جو چيف انجنيئر يا ڪئپٽن ٿي جهاز کي ٻوڙي پنهنجي ۽ جهاز ۾ سوار ٻين جي زندگي تباهه ڪندو؟
هتي اهو لکندو هلان ته اهڙن تعليمي ادارن ۾ اسانجا سنڌي شاگرد گهڻا فيل ٿا ٿين. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته هو انٽر ۾ سڄو ڪتاب..... مثال طور فزڪس جو، پڙهڻ بدران ان جا چونڊ چئپٽر پڙهي انٽر ته پاس ڪري وٺن ٿا پر پوءِ مئرين انجنيئرنگ يا ٻين انجنيري يونيورسٽين ۾ هو اڳتي نٿا هلي سگهن. ڇو جو اتي جيڪي ڪجهه پڙهايو ٿو وڃي اهو انٽر کان اڳتي جو آهي. هاڻ هڪ شاگرد جيڪو انٽر ۾ پمپس، گيئرس جهڙا چئپٽر ڇڏي ايندو يعني هن کي Basic شين جي ڄاڻ نه هوندي ته ان کي ان جي advance پڙهائي ڪيئن سمجهه ۾ ايندي. اهڙين اڪيڊمين ۾ ڪو شام جو ٽيوشن به نٿو وٺي سگهي جو اتي ان ٽائيم ۾ توهان کي بوٽنگ يعني چپوئن يا سڙهن واريون ٻيڙيون هلائڻيون آهن، سئمنگ سکڻي آهي ۽ رانديون کيڏڻيون آهن .... جيڪي پڻ تعليم جو ضروري حصو آهن.
پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي ۾ جتي ملائيشيا، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن جي مئرين اڪيڊمين وانگر انٽر سائنس بعد داخلا وٺندڙ اميدوارن مان هر سال فقط ٽيهه يا چاليهه کن ٽاپ جا شاگرد کنيا وڃن ٿا .... جن ۾ اڌ انجنيئرنگ برانچ ۾ رکيا وڃن ٿا جيڪي جهازن تي نوڪري ڪري ڪري ۽ بين الاقوامي قسمن جا امتحان ڏئي َآخر ۾ جهازن جا چيف انجنيئر ٿين ٿا. اهڙي طرح اڌ شاگرد ناٽيڪل برانچ ۾ رکيا وڃن ٿا جيڪي آخر ۾ اٽڪل ڇهه ست سالن بعد جهاز جا ڪئپٽن ٿين ٿا .... انٽر بعد اڪيڊمي ۾ پهچڻ تي هر مهيني يا ٻي مهيني ٿيل پڙهائي جو امتحان ورتو وڃي ٿو ۽ ڪنهن به اسٽيج تي فيل ٿيل شاگردن کي ڪڍيو وڃي ٿو. ان ڪري جو اهو شاگرد جيڪو اهي معمولي امتحان نٿو پاس ڪري سگهي اهو اڳتي جهاز هلائڻ دوران وڌيڪَ پروموشن جا بين الاقوامي امتحان ڪيئن پاس ڪري سگهندو جيڪي بيحد سخت ٿين ٿا ۽ جن ۾ جهازن کي Insurance ڪرڻ واريون ڪمپنيون به Involve ٿين ٿيون جيڪي ٺاهي ٺوڪي پڪ ڪن ٿيون ته شاگرد ذهني توڙي جسماني طرح هوشيار، ذهين ۽ قابل آهي يا نه. ڇو جو هڪ دفعو پاس ڪرڻ بعد هن کان جهاز جو حادثو ٿيڻ تي انشورنس ڪمپنيون جهاز جي مالڪ کي ڪروڙها رپين جو نقصان ڀري ڏين ٿيون. سو ههڙين نوڪرين ۾ کڻي ڪو جهاز جي مالڪ جو پٽ يا ڀائٽيو ڀاڻيجو هجي يا انشورنس ڪمپني جي چيئرمين جو ـــ قابليت ثابت ڪرڻ بنا هن کي ڪڏهن به پاس نٿو ڪيو وڃي يعني هو جهاز هلائي نٿو سگهي.
ملائيشيا ۾ ڏهه سال کن اتي جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ بعد مون ڏهاڪو سال ڪراچي ۾ پڻ پڙهايو. اتي ڏسندو هوس ته جتي ڪنهن سال ڪو هڪ اڌ پنجاب يا خيبر پختونخواهه صوبي جو شاگرد فيل ٿي اڪيڊمي مان ڪڍيو ويو ٿي اتي سنڌ جي ڪاليجن مان انٽر ڪري آيل شاگردن مان هر سال هڪ يا ٻه ۽ هڪ ڀيري ته ٽي ڄڻا به ڪڍيا ويا. ڏاڍو افسوس ٿيندو هو ته هو ايڏا ڏڏ ڇو آهن جن کي مئٽرڪ يا فرسٽ ييئر ۽ انٽر جي پڙهيل فزڪس ۽ ڪيمسٽري به نٿي اچي. ٽرگنامينٽري جهڙو اهم سبجيڪٽ به سمجهه ۾ نٿو اچي ۽ انگريزيءَ ۾ ته بيحد ڪمزور آهن.... ايئن به نٿو چئي سگهجي ته سنڌي شاگرد ذهين نه آهن. ڪيترائي ڳوٺن جا شاگرد نه فقط پاڪستان جي ڪارگو جهازن تي پر ايران، ڪويت ۽ ملائيشيا جي آئل ٽئنڪرن ۽ ڪيميڪل جهازن تي.... جيڪي هلائڻ تمام خطرناڪ ڪم آهي، ڪاميابيءَ سان هلائي رهيا آهن.
بهرحال اڪيڊمي مان پهرين ٽرم ۾ ئي ٿڏجي وڃڻ وارن کان پڇا ڳاڇا تي معلوم ٿيو ته اهي وڏن ماڻهن جا پٽ آهن جن مئٽرڪ ۽ انٽر ڪاپي ڪري يا بورڊ وارن کي ٻُڪ ناڻي جا ڏئي اي ون گريڊ (مٿاهين ڊويزن) ته حاصل ڪئي پر هاڻ هتي اڪيڊمي ۾ سفارش يا رشوت جو سلسلو نه هجڻ ڪري هو ٿاٻڙجي پيا آهن. هڪ ٻن جي والدين سان منهنجي ملاقات ٿي ۽ مون چيو مان ته: ”مونکي ڏاڍو ڏک آهي“.
”نه سائين مڙيئي خير آهي“، هنن يڪدم وراڻيو ٿي، ”ڇوڪري کي مهراڻ يا نواب شاهه ۾ داخلا وٺرائي ٿا ڏيون يا زمينداري/بزنيس ۾ ٿا لڳرايونس.... آخر خانداني ملڪيت کي ڪير سنڀاليندو...؟“
ان تي مونکي کين explain ڪرڻو پيو ٿي ته مون کي توهان جي پٽ جو ڏک نه آهي پر ان غريب نينگر جو آهي جيڪو هوشيار هوندي هتي اچي نه سگهيو ۽ هن جو حق کسيو ويو.
اڪيڊمي جو سال شروع ٿيڻ بعد جيڪي ڪئڊٽ ان ريت نڪرندا وڃن ٿا انهن جون جايون خالي ئي رهن ٿيون ۽ مونکي افسوس ٿيندو هو ته شروع کان لائق فائق اچن ها ته اهي اڳتي هلي جهازن جا ڪئپٽن يا چيف انجنيئر ٿي پنهنجو ۽ پنهنجي صوبي ۽ ملڪ جو نالو پيدا ڪن ها. پر ڪاپي ڪلچر هڻي اسان جي ملڪ خاص ڪري سنڌ صوبي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.