الطاف شيخ ڪارنر

ڪئمپس جا ڏينهڙا

هي ڪتاب سفرنامي جي انداز ۾ لکيل يونيورسٽين ۽ ڪئمپس جي ڪالمن، سفرنامن، مضمونن ۽ اتان جي استادن ۽ شاگردن سان ٿيل ڪچهرين تي مشتمل آهي، جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي. الطاف شيخ هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
”ملائيشيا جي هڪ پراڻي يونيورسٽي ”ملايا يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Ilmu Punca Kemajuan” يعني ”علم ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي“. يونيورسٽي سائنس ملائيشيا جو موٽو آهي: “Kami Memimpin” يعني ”اسان ئي اڳواڻي ڪنداسين“. ۽ ”تُن حسين عون يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Dengan Hikmah kita Meneroka” يعني عقل سان ئي حاصل ڪنداسين. “
  • 4.5/5.0
  • 4356
  • 1276
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪئمپس جا ڏينهڙا

يادون اهم ماڻهن جون

اڪثر هر ڪاليج، يونيورسٽي يا اداري جو ڪو نه ڪو Motto يعني متو، چوڻي، سلوگن ٿئي ٿو جيڪو ان اداري جي عڪاسي ڪري ٿو يا اهو ادارو ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جيئن اسانجي ”ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو“ جو موٽو عربي ۾ العلم قوة (علم طاقت آهي) آهي. بنارس يونيورسٽي جو ياد اٿم ته ان جو موٽو هو: “Be Immortal Through Knowledge” اهڙي طرح پوني ويو هوس ته اتي جي يونيورسٽي جي بلڊنگ تي ان جو موٽو ڏٺم: “He who is industrious is learned” اهڙي طرح گوا جي يونيورسٽي جو آهي: “True knowledge Liberates”. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مختلف تعليمي ادارن جا ان قسم جا مَتا (Motto) دلچسپ ٿين ٿا ۽ هر ادارو پنهنجو موٽو وڏي سوچ ويچار ڪري ٺاهي ٿو. ڪي ته اهڙا سٺا ٿين ٿا ۽ ادارا ان موجب هلي دنيا کي ڏيکارين ٿا ته اسان واقعي جيڪو نعرو هڻون ٿا اهو ڪري ڏيکاريون ٿا. جيئن 1960ع واري ڏهاڪي جو PIA جو موٽو: ”باڪمال لوگ، لاجواب پرواز“. Great People to Fly with ڪي ڏهاڪا دنيا ۾ مشهور رهيو. مونکي ياد آهي ته PIA جي هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ واقعي وڏي شان ۽ مان جي ڳالهه سمجھي وئي ٿي. پاڪستانين کان وڌيڪَ گورا چڙهندا هئا. هونءَ به 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ڪٿي هئا ايترا پاڪستاني آمريڪا ۾. نيويارڪ کان جهاز هلندو هو ته سواءِ چند سيٽن جي باقي سڀ آمريڪن ۽ يورپين سان ڀريل هونديون هيون. اسان جي ماڻهن کي PIA جو موٽو اهڙو ته وڻندو هو جو ويندي ٽرڪ ڊرائيور به پنهنجي ٽرڪ جي پٺيان هوائي جهاز ٺاهي ان مٿان لکرائي ڇڏيندا هئا ته ”باڪمال لوگ لاجواب پرواز“ يا وري بعد ۾ ايوب خان جي وفات بعد ٽرڪن پويان هن جو فوٽو ٺهرائي لکرائيندا هئا: ”....... جاني ڪي بعد تيري ياد آئي“.
بهرحال اڄ PIA توڙي ان جو اهو موٽو اسان لاءِ شرمساريءَ جو باعث آهي. اهڙي طرح پوليس جو ادارو جيڪو انگريزن قائم ڪيو ۽ ڪئناڊا، نيوزيلئنڊ، آسٽريليا توڙي نائيجيريا، سائوٿ آفريڪا ۾ هن کي عوام جي خذمت ۽ بچاءَ لاءِ قائم ڪيو ان جو اسان وٽ به ساڳيو ڪم ۽ موٽو آهي يعني: “Serve & Protect” يا “Striving to Serve” يعني ”پوليس ڪا ڪام هي عوام ڪي خذمت“ پر اسان جهڙن ملڪن ۾ زميني حقائق ڪجهه ٻيو ئي ٻڌائين ٿا. بس دعا آهي ته اسان جي ملڪ جون به حالتون بدلنديون ۽ اسان جي پوليس به ملائيشيا، سنگاپور، جپان جهڙي ٿي ويندي.
موٽو رکڻ جي معاملي ۾ ملائيشيا وارا به خوب آهن ننڍي کان ننڍي اسڪول جو به ڪو موٽو هوندو. ”اسلامڪ يونيورسٽي ملائيشيا“ جو ملئي ٻوليءَ جو موٽو آهي: “Taman Ilomu dan Budi” يعني ”علم ۽ نيڪين جو چمن“
ملائيشيا جي هڪ پراڻي يونيورسٽي ”ملايا يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Ilmu Punca Kemajuan” يعني ”علم ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي“. يونيورسٽي سائنس ملائيشيا جو موٽو آهي: “Kami Memimpin” يعني ”اسان ئي اڳواڻي ڪنداسين“. ۽ ”تُن حسين عون يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Dengan Hikmah kita Meneroka” يعني عقل سان ئي حاصل ڪنداسين.
هتي اسان ناٽنگھام يونيورسٽي جي موٽو جي ڳالهه ڪنداسين ته انگلنڊ توڙي ملائيشيا ۽ چين جي ڪئمپسن جو ساڳيو موٽو آهي: “A City is built on wisdom” ننگبو (چين ۾ جيڪا ناٽنگھام يونيورسٽي آهي ان جي ڀت تي به اهوئي موٽو لکيل آهي پر هڪ هنڌ، شايد سائنس ڊپارٽمينٽ واري بلڊنگ تي هيٺيون موٽو پڻ نظر آيو: “Seeking truth from facts and applying knowledge to the service of the nation”.
هن مضمون ۾ مون اهو ٿي ٻڌائڻ چاهيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جا ڪيترائي شاگرد انگلنڊ جي ناٽنگھام يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ هن وقت به ڏهن کان مٿي Ph.D ڪري رهيا آهن پر ڏٺو وڃي ته ناٽنگھام يونيورسٽي سان سڀ کان گهڻو چاهه ملائيشيا وارن جو آهي جن جي هن وقت به انگلنڊ ۾ ”ناٽنگھام ملائيشيا سوسائٽي“ آهي جنهن جا 500 کان مٿي ميمبر آهن. ملائيشيا جا شاگرد، خاص ڪري ملئي شاگرد وڏي عرصي کان انگلنڊ جي پارڪ ڪئمپس واري ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪندا اچن. نه فقط غريب شاگرد اسڪالرشپ تي پر امير ملئي وڏيرن، پيرن (سلطانن)، واپارين، زميندارن جا پٽ توڙي ڌيئون پنهنجي خرچ تي هن يونيورسٽي مان پوسٽ گرئجوئيشن ڪنديون اچن. دراصل اهو لکي اسان جي ۽ ملائيشين جي وڏن ماڻهن ۾ موجود فرق کي پڻ هاءِ لائيٽ ڪرڻ چاهيان ٿو. جتي فوج توڙي اعليٰ تعليم ڏي اسانجي پير، مير، وڏيري ڀوتار جو اولاد وڃڻ کان ڀڄي ٿو اتي ملائيشيا جا ماڻهو جن جي سست رويي، آرام پسندي ۽ توڪل کي اسان سنڌين جي عادتن سان کڻي ڪيڏو به ملايون پر ملئي تعليم توڙي فوج ۾ وڃڻ ۾ تمام تيز آهن جيتوڻيڪ هو قد ۾ به ڪي ڊگها نه آهن ۽ عام طرح دماغ جا به ڳرا آهن ـــ اهو به چئي سگهان ٿو جو مون هنن کي وڏو عرصو پڙهايو آهي. پر يارو! هو محنتي آهن، هنن کي علم حاصل ڪرڻ جو شوق آهي ۽ هو ڪاپي ڪرڻ جهڙين منفي ڳالهين کان پري رهن ٿا. هتي ڪجهه دلچسپ شخصيتن جو مختصر احوال ڏيان ٿو جن بابت مونکي خبر آهي ته انهن ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. ظاهر آهي ان کان اڳ هنن پنهنجي ملڪ مان به تعليم ورتي هوندي.
اسانجو ملائيشيا 1968ع کان وڃڻ شروع ٿيو. چين، جپان، ڪوريا ڏي ويندي يا موٽنڊي سنگاپور ۽ ملايئشيا جي بندرگاهن: پينانگ ۽ پورٽ ڪلانگ (ڪئالالمپور) جهاز ضرور ترسندو هو. منهنجي خيال ۾ ته 1973ع جو سال هو يا 1974ع جو، اسانجو جهاز رمضان جي آخري روزن کان عيد کان هفتو کن پوءِ تائين ڪئالالمپور ۾ يعني پورٽ ڪلانگ ۾ لنگر انداز هو. دراصل ڪئالالمپور ڪراچي يا ممبئي وانگر سمنڊ جي ڪناري تي ناهي. ان جي ويجھو وارو بندرگاهه پورٽ ڪلانگ آهي جنهن جو انگريزن جي ڏينهن ۾ توڙي اسان جي شروعاتي سالن ۾ ”پورٽ سُئيٽنهام“ نالو هو. عيد واري ڏينهن ملائيشيا ۾ وڏن ماڻهن: وزيرن، سلطانن کان بادشاهه جي گهر ۾ عوام لاءِ عام دعوت ٿئي جنهن کي هو ”اوپن هائوس“ سڏين ٿا. اسان ڪجهه جهاز جا آفيسر عيد نماز بعد ان وقت جي ملائيشيا جي بادشاهه تئانڪو عبدالحليم جي محل تي وياسين. عيد نماز بعد اسان وانگر ٻيا به ڌاريان توڙي مقامي ماڻهو، امير توڙي غريب اتا ايندا رهيا جن کي بادشاهه پاڻ ۽ سندس راڻي ”باهيا بنت تئانڪو عبدالرحمان“ آڌر ڀاءُ ڪندي رهي. امن امان وارا ڏينهن هئا. دهشتگردي ۽ بم ڦاٽڻ جهڙا فئشن اڃان شروع نه ٿيا هئا. بلڪه 1990ع تائين مون ڏٺو ته اسان بنا ڪنهن سيڪيورٽي جي گورنر، وزير اعليٰ ۽ ٻين جي آفيسن ۾ ۽ عيد وارن ڏينهن تي سندس گهرن ۾ ملڻ لاءِ ويندا رهياسين ٿي. ملائيشيا ۾ ان بعد سختيون ۽ خبرداريون ٿيون آهن.
1974ع واري عيد تي اسان جنهن بادشاهه تئانڪو عبدالحليم جي محل ۾ وياسين اهو ملائيشيا کي انگريزن کان خودمختياري ملڻ بعد پنجون بادشاهه هو. پنهنجي پڙهندڙن خاص ڪري جيڪي ملائيشيا ۾ رهن ٿا يا ملائيشيا سان واسطو رکن ٿا انهن جي ڄاڻ لاءِ اهو لکڻ ضروري ٿو سمجھان ته ملائيشيا ۾ بادشاهت جو نظام نرالو آهي جنهن کي ڪن ڳالهين ۾ بهتر به چئي سگهون ٿا. جيئن اسان وٽ چار صوبا آهن تيئن ملائيشيا ۾ تيرهن رياستون آهن جن مان چئن جو والي مرشد گورنر آهي باقي نون رياستن مان هر هڪ جو حاڪم اتي جو سلطان آهي. ڪنهن به رياست جو سلطان (راڄ ڌڻي) وفات ڪري ٿو ته ورثي مطابق سندس وڏو پٽ يا ڀاءُ يا ڀائٽيو ان رياست جو سلطان ٿئي ٿو ـــ جيئن سعودي عرب، ڪويت، جپان يا ٿائلنڊ وغيره ۾ بادشاهه جي مرڻ تي ان جو پٽ يا ڀاءُ ڀائٽيو تخت تي ويهي ٿو. سو ملائيشيا ۾ به هر رياست جو نئون سلطان ائين ٿئي ٿو پر سڄي ملڪ جي بادشاهه لاءِ نَون ئي رياستن جا سلطان گڏ ويهي پنهنجو پاڻ مان واري وٽيءَ تي هڪ چونڊين ٿا جيڪو فقط پنجن سالن لاءِ ملڪ جو بادشاهه ٿئي ٿو. 5 سال پورا ٿيڻ تي يا ان کان اڳ راهه رباني وٺڻ تي وري ٻي ڪنهن رياست جي سلطان کي ملڪ جو بادشاهه بڻايو وڃي ٿو.
انهن ڏينهن ۾ ڪيداح رياست جو مٿيون سلطان 1970ع کان 1975ع تائين بادشاهه چونڊيل هو جنهن جي گهر اسان دعوت کائڻ ويا هئاسين. هي بادشاهه 1927ع ۾ ڄائو ۽ ان وقت هن جي عمر 47 سال هئي. هو هن وقت به حيات آهي ۽ سندس عمر 90 جي لڳ ڀڳ آهي. جيڪي ملائيشيا ۾ رهن ٿا اهي توهان کي ٻڌائيندا ته سلطان عبدالحليم ته هينئر به ملائيشيا جو 2011ع کان 2016ع تائين بادشاهه هو. جي ها. اسانجي ڏينهن ۾ (1970ع کان 1975ع تائين) هو پنجون بادشاهه هو. ان بعد هر رياست (يعني نون ئي رياستن) جي هرهڪ سلطان کي بادشاهه بنجڻ جو موقعو مليو ان بعد وري جڏهن ڪيداح رياست جو وارو آيو ته هن جي جيئري هجڻ ڪري هن کي وري بادشاهه بڻايو ويو ۽ هن دفعي هن ملائيشيا جي پنڌرهين بادشاهه جي حيثيت ۾ ملڪ جون واڳون سنڀاليون. ٿائلنڊ جو بادشاهه ڀوميدل ته گذريل سال گذاري ويو ان ڪري انگلنڊ جي راڻي ايلزبيٿ بعد ۾ هي ٻئي نمبر تي دنيا جو سينئر موسٽ بادشاهه چئي سگهجي ٿو. سندس شادي سندس ڏاڏي پوٽي جي ڇوڪري سلطانا باهيا Bahiya بنت المرحوم تئانڪو عبدالرحمان سان 1956ع ۾ ٿي جڏهن هوءَ 26 سالن جي هئي. راڻي باهيا جو پيءُ نيگري سيمبيلان رياست جو سلطان هو جيڪو پوءِ ملائيشيا کي آزادي ملڻ بعد سال 1957ع ۾ ملائيشيا جو پهريون بادشاهه ٿيو جنهن جي نالي ڪئالالمپور جي وچ شهر ۾ روڊ ”جالان تئانڪو عبدالرحمان“ آهي. ڪئالالمپور جو هي پهريون روڊ آهي جيڪو پٿرن سان ٺاهيو ويو ــــ ان ڪري هن روڊ کي اڄ به پراڻي نالي ”جالان باتو“ يعني پٿرن واري روڊ سان سڏيو وڃي ٿو. هن ٻه ڪلوميٽر روڊ تي ڪيترائي مشهور پراڻا ۽ نوان دڪان نظر اچن ٿا جهڙوڪ: G.S Gill هڪ سک جو دڪان، سنڌي هندن جو ڇهه ماڙ گلوب سلڪ اسٽور ۽ چوٽرمل اسٽور، P.Lal ۽ PH Henry، جپاني اسٽور Sogo، ريسٽورنٽ بلال، روشني بازار، ڪوليسم سئنيما، انصاف ريسٽورينٽ وغيره.
بهرحال منهنجي هي لکڻ جو مقصد اهو آهي ته ملئي ماڻهن کي کڻي اسان پاڻ وانگر سادو سمجھون پر هو اهڙا سادا ۽ بيوقوف نه آهن. هو محنت ۽ تعليم جي اهميت سمجھن ٿا ۽ نه فقط عام ماڻهو پر سلطانن ۽ بادشاهن جا ٻار به تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ توهان غور سان جائزو وٺندائو ته ملائيشيا ۾ وڏن ماڻهن جا ٻار عام ٻارن کان وڌيڪ محنت ڪن ٿا ۽ تعليم حاصل ڪن ٿا. اسان وٽ وڏن ماڻهن يا اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن جا ٻار سڀ سهولتون هجڻ جي باوجود ڪاپي ڪري ڊگريون ۽ سفارش تي نوڪريون حاصل ڪرڻ جا خواهشمند رهن ٿا. مون هن ڪيداح جي سلطان عبدالحليم جي ”راڻي باهيا“ جو مثال به ان ڪري ڏنو آهي جنهن جو پيءُ به بادشاهه هو. پر هن پنهنجي ”ڳوٺ سري مينانتي“ مان پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد سريمبان جي ڪانوينٽ اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي. ان بعد اعليٰ تعليم لاءِ هن کي انگلنڊ موڪليو ويو جتي هوءَ ناٽنگھام يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي ٿي رهي. جيڪي مون وانگر ملائيشيا ۾ رهيا هوندا انهن کي خبر آهي ته ملائيشيا ۾ تعليمي درسگاهن ۾ ڪيڏي سختي ۽ ڊسيپلين آهي. پيرن، ميرن، وڏيرن، وزيرن جا ٻار هجن يا غريب هارين مهاڻن جا سڀ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهن ٿا ۽ سڄي ملائيشيا جي اسڪولن جو ساڳيو معيار ۽ قاعدو قانون آهي. راڻي باهيا ڀلي کڻي بادشاهه جي ڌيءَ هئي پر هن عام ٻارن وانگر چڱي طرح تعليم حاصل ڪئي هوندي. ۽ اها به حقيقت آهي ته هڪ عام سرڪاري اسڪول ۾ وڏن ماڻهن جي ٻارن جي هجڻ ڪري ان اسڪول جو معيار وڌي ٿو. اهڙي طرح وڏا ماڻهو ساڳي پبلڪ بس ۾ سفر ڪن ٿا يا ساڳي عام اسپتال ۾ وڃن ٿا ته بسين ۽ اسپتالن جو معيار به وڌي ٿو. اسانجي ڏينهن ۾ ملڪ جي وزير اعظم مهاتير کي ڊاڪٽر دل جي آپريشن لاءِ ولايت وڃڻ جي صلاح ڏني ته پاڻ چيائين ته ”هرگز نه ويندس. آئون پنهنجي ملڪ ۾ ئي علاج ڪرائيندس“. ۽ پوءِ پنهنجي ملڪ ۾ ئي ڪرايائين. ۽ جڏهن وزير اعظم پنهنجو علاج هالا، گمبٽ، ڏوڪري جهڙي شهر جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪرائي ٿو ته ان جي وزيرن يا سرڪاري ڪامورن جي ڪهڙي مجال جو ولايت جو رخ اختيار ڪن.. اسان وٽ ته يورين يا هومو گلوبن ٽيسٽ لاءِ به اسان جا حاڪم ولايت ڀڄن ٿا. عجيب آهن اسانجا سياستدان ۽ عجيب آهي انهن جي صحت جو نظام! هو حڪومت ۾ آهن ته ڏٽا مٽا ٿيو پيا هلن پر جنهن وقت ڪرپشن ۾ سوگھا ٿيڻ وارا ٿين ٿا ته هنن جي هٿ ۾ لٺ ۽ ڪنڌ ۾ ڪالر لڳيو وڃي ۽ ولايت جي ڪنهن اسپتال جي ICU وارڊ ۾ پهچيو وڃن! اعلان ڪيو ويندو آهي ته صاحب موصوف Open Heart Surgery (دل جي آپريشن) ڪرائي آهي ۽ ٻئي ڏينهن هائيڊ پارڪ ۾ واڪ ڪندي نظر ايندا آهن.
بهرحال هتي اسان ناٽنگھام يونيورسٽي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جنهن مان راڻي باهيا پڻ تعليم حاصل ڪئي. پاڻ 73 ورهين جي ڄمار ۾ 2003ع ۾ وفات ڪيائين. هينئر جڏهن سندس مڙس سلطان عبدالحليم سن 2011ع کان 2016ع تائين بادشاهه ٿيو هو ته سندس ٻي زال حاجا حَمينا بنت حميدون راڻي صاحبه هئي. ملئي ٻوليءَ ۾ حاجياڻيءَ کي حاجا سڏجي ٿو. بادشاهه جي هيءَ زال شاهي خاندان مان نه پر هڪ ڪامنر آهي يعني عام رعيت مان آهي. هن به ملائيشيا جي ئي اسڪولن ۽ ڪاليجن مان تعليم حاصل ڪئي. هتي اهو به لکندو هلان ته بادشاهه عبدالحليم پڻ اعليٰ تعليم يافته آهي ۽ ملڪ جي مختلف ديسي اسڪولن ۽ ڪاليجن مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن اعليٰ تعليم آڪسفورڊ (انگلنڊ) جي Wadham ڪاليج مان ورتي. ياد رهي ته ملائيشيا ۾ هيءَ يونيورسٽين جي ڄار هاڻ نظر اچي ٿي نه ته 1980ع واري ڏهاڪي تائين به ملائيشيا ۾ انگريزن جي ڏينهن واريون فقط ٽي يونيورسٽيون هيون ۽ شاگردن کي مختلف سبجيڪٽن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انڊيا، پاڪستان، سنگاپور کان انگلنڊ، آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ جهڙن ملڪن ۾ وڃڻو پيو ٿي.
ملائيشيا جي ملئي سلطانن، پيرن، شهزادن، شهزادين توڙي جاگيردارن، ڪارخانيدارن، سياستدانن، وزيرن ـــ يعني هن ملڪ جي مٿئين طبقي جي اميرن جي اها ڳالهه غور طلب آهي ته هو صحيح معنيٰ ۾ تعليم علم حاصل ڪرڻ لاءِ وٺن ٿا ۽ اعليٰ تعليم لاءِ هر هڪ کي جستجو رهي ٿي. هو دنيا جي انهن يونيورسٽين مان پڙهن ٿا جتي ڊسپلين ۽ پڙهائي تي سختي آهي ۽ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته هر وڏو ماڻهو عام ماڻهوءَ وانگر پنج درجا يعني پرائمري تعليم پنهنجي مادري ٻولي ملئي ۾ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ملائيشيا جا وزير هجن يا وزير اعظم، سلطان هجن يا بادشاهه سلامت، گورنر ڪمشنر هجن يا سيڪريٽري ـــ سڀ انگريزيءَ کان علاوه پنهنجي مادري ٻولي ـــ ملئي کان واقف آهن. هو نه فقط ملئي ٻولي جي اخبار ۽ ڪتاب شوق سان پڙهن ٿا پر هنن کي پنهنجي ٻولي لاءِ پيار آهي، هنن کي هورا کورا رهي ٿي ۽ هنن جي خواهش رهي ٿي ته ملئيءَ ۾ گهڻي کان گهڻا ڪتاب ڇپجن ـــ اهو ئي سبب آهي جو ملائيشيا جو سنڌي ادبي بورڊ جهڙو ادارو ”ديوان بَهاسا پُستڪا“ جنهن جي بجيٽ اسان جي سنڌي ادبي بورڊ کان گهٽ آهي، اسٽاف گهٽ آهي، مهانگائي آهي ان هوندي به هو اسانجي ادبي بورڊ کان گهڻا ڪتاب ۽ وقت تي رسالا ڪڍندا رهن ٿا. اسان وٽ ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ممتاز ڀٽو ۽ ذوالفقار ڀٽو جهڙن کڻي ولايت جي يونيورسٽين مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي آهي پر ملائيشيا جي وزيرن، سلطانن، بادشاهن وانگر ڪٿي پڙهيا آهن پنهنجي مادري زبان سنڌي؟ مون کي ته حيرت ٿي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي سنڌي وائيس چانسلر محترما به سنڌي پڙهيل نه هئي!
ناٽنگھام يونيورسٽي مان ملائيشيا جي تعليم يافته هاڻوڪي وزير اعظم نجيب رزاق تي به ٻه چار سٽون لکڻ ضروري ٿو سمجھان. نجيب ملائيشيا جي ٻئي وزير اعظم تن حاجي عبدالرزاق جو وڏو پٽ آهي. تُن، تُئان، داتو، داتڪ، تانسري ملائِيشيا جا سرڪاري خطاب آهن جيئن اسان وٽ خانبهادر، راءِ بهادر وغيره آهن. نجيب جو مامو حُسين عون ملائيشيا جو ٽيون وزير اعظم ٿي رهيو. ان بعد مهاتير رهيو. پنجون احمد بداوي ۽ هاڻ نجيب بن عبدالرزاق ڇهون وزير اعظم آهي. نجيب پنهنجي رياست پهانگ مان پڙهڻ بعد انگلنڊ جي شهر وورڪيسٽر شائر جي سينٽ جان ڪاليج مان پڙهيو ۽ ان بعد ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان اعلا تعليم حاصل ڪيائين. نجيب جو والد حاجي عبدالرزاق جيڪو وزير اعظم ٿيڻ کان اڳ مشهور وڪيل هو ۽ سنگاپور جي رئفلس ڪاليج ۾ پڙهڻ بعد انگلنڊ جي ”لنڪن ان“ مان بئريسٽري پڙهيو ـــ سندس نالي ملائيشيا ۾ ڪيتريون عمارتون، روڊ ۽ تعليمي ادارا آهن خاص ڪري ”يونيورسٽي تن عبدالرزاق“ (UNITAR).
نجيب مون کان ڏهه سال کن ننڍو آهي ـــ منهنجيون هن سان ملاقاتون 1982ع کان ملاڪا جي مئرين اڪيڊمي ۾ شروع ٿيون جتي آئون ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جا جهازران سامونڊي نوڪري ڇڏي ڪناري جي نوڪري لاءِ آيا هئاسين. نجيب فوٽ بال جو شوقين هو ۽ اسانجي ڪمانڊنٽ جي دعوت تي هو ۽ ٻيا دوست ۽ سياستيدان اڪيڊمي ۾ ايندا رهيا ٿي. پورٽ ڊڪسن واري رستي کان اسان جي اڪيڊمي ڪئالالمپور کان اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي مس هئي. بعد ۾ نجيب راندين جو وزير به ٿيو تڏهن به کيڏڻ لاءِ ايندو رهيو ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻين ملئي ماڻهن وانگر هي به فٽ بال جو سٺو رانديگر رهيو آهي. اتي نوڪري ڪندڙ اسان ڌاريان خاص ڪري پاڪستاني ـــ ڪئپٽن ايس ايم سليم، ڪئپٽن عرفان فاروقي يا چيف انجنيئر آصف غيور هنن جي مقابلي ۾ ڪجهه نه هئاسين. مون ته پنهنجي باس (ڪمانڊنٽ) ڪئپٽن حمزي جي خوشيءَ خاطر فوٽ بال کيڏي ٿي ۽ هميشه گول ڪيپر ٿي رهڻ ۾ پنهنجي عافيت سمجھي ٿي. هڪ دفعي مون کي ياد آهي ته نجيب گول جي ويجھو پهچي اهڙي ته زور سان ڪڪ هنئي جو بال گوليءَ وانگر زوزاٽ ڪندو منهنجي کليل ٽنگن جي وچ مان نڪري گول ۾ هليو ويو. اهي راند جا آخري منٽ هئا ۽ اسانجون ٻئي ٽيمون برابر برابر پئي ويون. اچي اچي آخر ۾ گول ٿيڻ ته منهنجي ٽيم جي رانديگرن کي ڏاڍو ڏک ۽ ڪاوڙ ٿي. سڀ ان جو ڏوهه مون تي هڻڻ لڳا ته ”مسٽر الطاف! رڳو ٽنگون کڻي بند رکين ها ته به گول نه ٿئي ها“. هو ڇا چوندا آهن ته هر هڪ کي جان پياري آهي. دل ۾ آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته جيڪي وڻانوَ چئو شڪر آهي جو منهنجيون ٽنگون کليل هيون نه ته جنهن گوليءَ جي رفتار سان بال آيو پئي منهنجا گوڏا ڀڃي رکي ها. انهن ڏينهن ۾ مون وٽ ”هم چئنل“ جي مئڊم سلطانا صديقي جي ڀيڻ نورجهان ۽ سندس گهر وارو انيس شيخ ملاڪا آيل هئا. اهي پڻ هيءَ راند ڏسي رهيا هئا. بعد ۾ چانهه تي انيس به نجيب رزاق جي واهه واهه ڪئي هئي. هن کي ان وقت ڪهڙي خبر ته هي گول مٽول ٽيهن ورهين جو نوجوان اڳتي هلي ملڪ جو وزير اعظم ٿيندو. انهن ئي ڏينهن ۾ جڏهن مون کي ملائيشيا حڪومت طرفان سول ايوارڊ مليو ته هڪ ڏينهن ملاڪا آيل نجيب فوٽ بال گرائونڊ جي ڪناري تي منهنجي ڀر ۾ پٽ تي ويهي مونکي چرچي ۾ چيو ته ”ملائيشيا جي ڳالهين (سفرنامن) ۾ منهنجو به ڪو ذڪر ڪيو اٿئي؟“ مون ٽهڪ ڏئي چيو ”ڇا لکان ته نجيب خطرناڪ رانديگر آهي. ڪنهن کي گوڏا ڀڃائڻا هجن ته هن سان کيڏي“ اڄ جڏهن ناٽنگھام يونيورسٽي جي ڳالهه نڪتي آهي. ته نجيب ياد اچي ويو آهي جيڪو ڪچهري دوران پير جھنڊي جي پروفيسر روشن علي راشدي وانگر ناٽنگھام کي ڏاڍو ساريندو هو. هاڻ جڏهن اسان 74 کن سالن جا ٿي ويا آهيون ته نجيب به سٺ ٽپي چڪو آهي. هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ نهٺو ۽ اخلاق ۾ اعليٰ هو. ظاهر آهي نيڪ مائٽن جو اولاد هو. نماز روزي جو پابند هو. خانداني ملڪيت ۽ پئسو ڇا هنن وٽ گهٽ هو جو هن کي ٺڳيون ڪرڻ جي ضرورت پوي. پر يارو اڄ ملائيشيا جي وزير اعظم نجيب عبدالرزاق جي ڪرپشن جون ڳالهيون ٿيون ٻڌجن ته يقين ئي نٿو اچي ته ڇا ائين به ٿي سگهي ٿو ته نيڪ ماڻهن جو نيڪ اولاد ائين ڀٽڪي به سگهي ٿو! اهڙيون ئي منهنجون سوچون نجيب جي عمر جيڏي منهنجي پيٽارين ڪليگ ڊاڪٽر عاصم بابت آهي. جنهن تي ڪرپشن جا الزام هلي رهيا آهن مون جڏهن هن کي ننڍي هوندي ڏٺو ۽ جهڙا نيڪ هن جا وڏا آهن ڇا مٿس لڳل الزام صحيح آهن؟ ۽ جي صحيح آهن ته اهي ڪهڙا فئڪٽر آهن جيڪي هڪ نيڪ خاندان جي معصوم نينگر کي وڏو ٿيڻ تي ڀٽڪايو ٿا رکن؟ ان جي ذميوار ڇا خراب سنگت آهي؟ پئسي جي چمڪ آهي؟ هٿ ٺوڪيو ائڊوينچر آهي؟ مهاتير چوندو هو ته ”ڪو به شاگرد فيل ٿيندو ته معنيٰ توهان صحيح طرح نه پيا پڙهايو. ۽ جي ملئي رنگٽ (ڊالر) جو قدر ڪري ٿو پوي ته معنا آئون صحيح ڪم نه پيو ڪريان.“
ملئي رنگٽ جيڪو هميشه چڙهندو رهيو اهو نجيب جي وزير اعظم ٿيڻ بعد روزانو ٿاٻا کائي کائي هيڪاندو گڪو ٿي ويو آهي!
انگلنڊ جي ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيٽ ملائيشيا جون کوڙ ساريون دلچسپ شخصيتون آهن پر هتي آخر ۾ هڪ ”سلطانا زارا سليم“ جو به ذڪر ڪريان ٿو جيڪا پيراق رياست جي سلطان ”راجا ڊاڪٽر نظرين شاهه“ جي زال آهي. وارو اچڻ تي سندس مڙس جي بادشاهه ٿيڻ تي پاڻ به پنجن سالن لاءِ راڻي ٿيندي. زارا انٽر تائين ملائيشيا ۾ پڙهڻ بعد 1992ع ۾ انگلنڊ رواني ٿي جتي هن ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ B.E ڪئي. پاڻ ڪيميڪل انجنيئر آهي ۽ سلطانا هجڻ جي باوجود هوءَ گئس ائنڊ آئل ڪنسلٽنسي جي هيڊ آهي. اهو به لکندو هلان ته ناٽنگھام يونيورسٽي ۾ هن کي سندس فائينل ييئر پروجيڪٽ تي ”ٽاپ اسٽوڊنٽ“ ايوارڊ مليو هو.
زارا جي سهري سلطان اذلان شاهه به ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان 1953ع ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ 1954ع ۾ انگلش بار ۾ داخلا ورتي. بعد ۾ هن ملائيشيا ۾ اچي وڪالت ڪئي ۽ جج ٿيو. 1982ع ۾ هو فيڊرل ڪورٽ جو لارڊ پريزيڊنٽ ٿيو. 1984ع ۾ سندس چاچي جي وفات تي هو پيراق رياست جو سلطان ٿيو ۽ 1989ع ۾ پنجن سالن لاءِ ملائيشيا جو بادشاهه چونڊيو ويو. اذلان شاهه هاڪي راند جي حوالي سان اسان جي ملڪ ۾ به مشهور آهي. ملائيشيا ۾ انگريز رهيا پر هر وقت جي بارش ڪري اتي ڪرڪيٽ توڙي هاڪي ايترو مشهور نه ٿي جيتري اسان جي ملڪن انڊيا، پاڪستان، برما، سري لنڪا وغيره ۾ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي ننڍو وڏو فوٽ بال جو وڏو شوقين آهي پر اذلان شاهه کي ننڍي هوندي کان هاڪيءَ جو شوق هو. هن انگلنڊ ۾ به هاڪي کيڏي ٿي. واپس اچي هن پنهنجي رياست پيراق جي هاڪي ٽيم ٺاهي ۽ بادشاهه ٿيڻ دوران به هن جو هاڪيءَ سان شوق قائم رهيو ۽ هن هاڪيءَ کي پنهنجي ملڪ توڙي ٻاهر ترقي ڏياري. کيس فادر آف ملائيشن هاڪي سڏيو وڃي ٿو. سندس جج ٿيڻ، سلطان ٿيڻ ۽ بعد ۾ ملڪ جو بادشاهه ٿيڻ وارا ڏهاڪو سال اسان به اتي هئاسين ۽ ڏسندي ئي ڏسندي جتي ڪٿي (اسان جي ملاڪا واري مئرين اڪيڊمي ۾ به) هاڪي شروع ٿي وئي هاڪيءَ جون بين الاقوامي مئچون ڪوالالمپور ۾ ٿيڻ لڳيون ۽ آخري سالن ۾ اسانجي ملڪ جون هاڪي ٽيمون پڻ ملائيشيا ۾ نظر آيون. ملائيشيا هميشه هاڪيءَ ۾ هارائيندو رهيو پر هاڻ 25 سالن بعد ڏسان پيو ته ملائيشيا جي ٽيم نه فقط ٻين ملڪن جي ٽيمن کي ٽف ٽائيم ڏئي رهي آهي پر کٽي به رهي آهي. بهرحال هاڪيءَ جي ڪري اسان پاڪستانين کي خوشي ٿي جو فوٽ بال راند ۾ ته اسان هميشه موچڙا ٿي کاڌا ۽ گوڏا ٿي ڀڃراياسين پر هاڪيءَ ۾ اسان مقامي رانديگرن مان باهيون ٿي ڪڍيون ـــ خاص ڪري اسان ٽن پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي پروفيسرن: ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ۽ ڪئپٽن سيد محمد سليم سميت.
ڪئپٽن سليم نه فقط هاڪيءَ جو عاشق رهيو آهي پر ملئي بادشاهه اذلان شاهه جي ملائيشيا ۾ هاڪي مشهور ڪرڻ تي هن جو به عاشق ٿي پيو ۽ پٽ ڄمڻ تي ان جو نالو اذلان رکيائين. هينئر اذلان يعني ڪئپٽن سليم جو پٽ 25 سالن جو آهي. باقي ملائيشيا جو جج ۽ بادشاهه اذلان 86 ورهين جي ڄمار ۾ 2014ع ۾ ڪوالالمپور جي اسپتال ۾ گذاري ويو. يارو هو بادشاهه هو پيراق رياست جو والي وارث هو، امير ترين ماڻهو هو ـــ هو چاهي ها ته نيويارڪ، لنڊن، پئرس جي اعليٰ اسپتالن ۾ علاج لاءِ وڃي سگهيو ٿي پر هو ڪوالالمپور جي ”نئشنل هارٽ اسپتال“ ۾ علاج لاءِ داخل رهيو جتي اسان جي ڳوٺ جو هڪ نوجوان ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ پڻ هارٽ اسپيشلسٽ آهي. بهرحال بادشاهن ۾ اذلان شاهه جهڙو صورت ۾ سهڻو هو اهڙو سيرت ۾. سندس وفات بعد سندس وڏو پٽ راجا ڊاڪٽر نظرين شاهه تخت تي ويٺو. هتي اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا جي ڪن رياسيتن جا سلطان پاڻ کي ”راجا“ سڏائين ٿا. ۽ ٻي ڳالهه ته اذلان شاهه جو پٽ ڊاڪٽر نظرين به سندس زال زارا سليم ۽ پيءُ وانگر پڙهيل ڳڙهيل آهي. ڊاڪٽر نظرين پرائمري تعليم پنهنجي شهر ڪئالاڪنگسار جي ملئي ڪاليج مان حاصل ڪرڻ بعد آڪسفورڊ ۽ ان بعد هارورڊ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽوريٽ ڪئي سندس Ph.D جو سبجيڪٽ هو ”پوليٽيڪل ايڪانامي ائنڊ گورنمينٽ“
پڪ اٿم ته ملئي بادشاهن، سلطانن، سيدن، پيرن، وڏيرن ۽ وزيرن جون اهي ڳالهيون ٻڌي توهان کي به هاڻ اهو احساس ٿي ويو هوندو ته ملئي ماڻهو ڏسڻ ۾ کڻي آلا ڀولا نظر اچن ٿا پر وڏا قابل، سياڻا ۽ تعليم يافته آهن. ۽ هر هڪ کي اهو جذبو ته آهي ئي آهي ته هن جو ڳوٺ ڳوٺ سڌري ۽ ان جا ماڻهو تعليم يافته ۽ خوشحال ٿين. ان ڪري غيبات واري ملڪ ملائيشيا ۾ ڪو هڪ به غيباتي اسڪول ناهي ۽ نه وري غيباتي (Ghost) ٽيچر. ۽ ان ۾ هنن جي ترقيءَ جوراز آهي.