الطاف شيخ ڪارنر

ڪئمپس جا ڏينهڙا

هي ڪتاب سفرنامي جي انداز ۾ لکيل يونيورسٽين ۽ ڪئمپس جي ڪالمن، سفرنامن، مضمونن ۽ اتان جي استادن ۽ شاگردن سان ٿيل ڪچهرين تي مشتمل آهي، جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي. الطاف شيخ هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
”ملائيشيا جي هڪ پراڻي يونيورسٽي ”ملايا يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Ilmu Punca Kemajuan” يعني ”علم ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي“. يونيورسٽي سائنس ملائيشيا جو موٽو آهي: “Kami Memimpin” يعني ”اسان ئي اڳواڻي ڪنداسين“. ۽ ”تُن حسين عون يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Dengan Hikmah kita Meneroka” يعني عقل سان ئي حاصل ڪنداسين. “
  • 4.5/5.0
  • 4356
  • 1276
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪئمپس جا ڏينهڙا

هي گيسٽ هائوس ڪهڙي يونيورسٽي جو ٿي سگهي ٿو؟!

منهنجي رهائش جو بندوبست هن يونيورسٽي وارن به منهنجي خواهش مطابق يونيورسٽي اندر موجود گيسٽ هائوس ۾ ڪيو آهي. سنگاپور هجي يا ملائيشيا ويندي انڊيا ۾ به ممبئي يونيورسٽي ۾ ليڪچر دوران، مون اتي جي گيسٽ هائوس جي ڪمري ۾ رهڻ پسند ڪيو. ممبئي يونيورسٽي جو ڊين مونکي ان ڳالهه لاءِ زور ڀريندو رهيو ته سندن گيسٽ هائوس اهڙو ڪو سٺو ناهي. ”توهان ته ملائيشيا کان پيا اچو پر جيڪي پاڪستان کان وزٽنگ پروفيسر ايندا آهن اهي به يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ رهڻ بدران هوٽل ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن. توهان کي هوٽل جا ڪمرا سهوليت وارا لڳندا ۽ ان کان علاوه شهر ۾ هجڻ ڪري توهان ممبئي جو شهر گهمي سگهندائو.“
پر منهنجو هميشه اهو فلسفو هوندو آهي ته جِتي ليڪچر لاءِ وڃجي اتي جي ئي تعليمي اداري جي ڪئمپس ۾ رهجي جيئن ليڪچر لاءِ توهان کي گهڻو فاصلو طئه نه ڪرڻو پوي ۽ ٻيو ته ڪئمپس ۾ رهڻ ڪري مونکي شامَ جي وقت ان اداري جي آس پاس واڪ ڪندي رستي تي ملندڙ شاگردن، استادن ويندي ڪم ڪار ڪندڙ ماڻهن سان خبر چار ڪري مزو هڪ طرف اچي ٿو ته ان تعليمي اداري ۽ ملڪ جي ماحول ۽ ماڻهن جي سوچ جي الڳ خبر پوي ٿي ۽ جنهن بابت آئون پنهنجي ڪالمن ذريعي پنهنجي پڙهندڙن کي معلومات ڏئي سگهان ٿو. ممبئي يونيورسٽي جي ته ٻهاري ڏيندڙ مرهٺي عورتن سان به هڪ دفعي ويهي ڪچهري ڪئي هيم جن جو فوٽو مون واري انڊيا جي سفرنامي ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ توهان کي نظر آيو هوندو. هو هڪ ٿَلهي تي پاسن کان ٻهارا رکي چانهه به پي رهيون هيون ته ڪچهري به ڪري رهيون هيون. منهنجي هنن ڀرسان وهڻ تي پهرين هنن گھٻرايو پر پوءِ مونکي قبول ڪري ڪچهريءَ ۾ شامل ڪيو ۽ جن چرچن تان کلي رهيون هيون اهي مونکي به ٻڌايائون. مون نه رڳو Enjoy ڪيو پر دل ۾ چيم ته اسان آفيسر (يعني پڙهائڻ وارا ٽيچر) چانهه جي رسيس ۾ به منهن سڄائي وهون ٿا ۽ هڪڙيون هي آهن جيڪي گرمي توڙي سردي ۾ پورهيو ڪري ٿڪجي پوڻ جي باوجود جڏهن هڪ هنڌ گڏ ويهن ٿيون ته پنهنجا ڏک غم وساري پاڻي جهڙي ڦنگي چانهه پيئندي به خوش ٿين ٿيون ۽ ٽهڪ ڏين ٿيون!
احمد آباد (گجرات) جي يونيورسٽي ۾ به هڪ ڏينهن ڀنگياڻين جي ٽولي ۾ ويهي رهيو هوس. وائيس چانسلر ۽ پروفيسرن جي چانهه ته هرڪو ٿو پيئي پر ڳن ڀڳل مگ ۾ هنن گجراتي ڳالهائيندڙ ڀنگياڻين جي ڪوپ ۾ چانهه پيئندي سندن مونسان ڪيل هندي ۽ گجراتي مڪس خبرون واهه جون لڳيون هيون. هنن لاءِ لفظ ”ڀنگياڻيون“ مونکي لکڻ نه کپي جو ائين ته وڏو ڀنگي آئون به آهيان جو هر جهاز ۾ مون جهڙا مئرين انجنيئر جهاز جا Sewage پمپ اوورهال ڪن ٿا ۽ خراب ٿيڻ تي انهن جي رپيئر به ڪن ٿا. انهن پمپن مان جهاز جي سڀني ٽوائليٽن جو گند گذري سمنڊ ۾ وڃي ٿو.
حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول جو چڪر ڏيندي ۽ اتي جي ماسترن ۽ ماسترياڻين، شاگردن ۽ شاگردياڻين سان فوٽو ڪڍرائيندي هڪ ڪنڊ ۾ ڪلاس رومن جي صفائي ڪرڻ واريون ٻه ٻهاري ڏيڻ واريون مايون نظر آيون. اسان وٽ پاڪستان ۾ پورهيت کي ڪينجھو ڏاڍو آهي. هن کي هر وقت پنهنجي اداري ۽ آفيسرن سان شڪايتون رهن ٿيون ۽ سندن چهرن تي خوشي گهٽ رهي ٿي پر هنن کي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ ٻئي سان مرڪندي ڪچهري ڪندو ڏٺم. ٻهارا سندن ڪڇن ۾ هئا ۽ هو اسڪول طرفان مليل يونيفارم واري ائپرن ۾ شان سان بيٺيون هيون. پنهنجي دوست پبلڪ اسڪول جي پرنسپال يوسف صاحب کي چيم ته ڪچهري لاءِ ته وقت نه بچيو آهي پر توهان کي خراب نه لڳي ته آئون هنن سان گهٽ ۾ گهٽ فوٽو ڪڍرايان؟
مونکي حيرت ٿي ته نه رڳو پرنسپال وڏي دل سان هائوڪار ڪئي پر هنن صفائي ڪندڙ ماين به مون سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ دل ۾ نه ڪيو. سامهون بيٺل گرلس سيڪشن جون ماسترياڻيون کلنديون رهيون. فوٽو ڪڍرائڻ وقت مون کانئن ٻيو نه پر ايترو ضرور پڇي ورتو ته هن مهانگائي جي دؤر ۾ جڏهن آفيسر به پيا دانهون ڪن توهان کي ڇا ٿو پگهار ملي؟ ٻنهي ڄڻين منهن تي مرڪ آڻي چيو ته ”شڪر آهي!“
سنگاپور ۾ منهنجو هڪ پاڪستاني سڃاڻو ڪارخانيدار جيڪو پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ بدران انڊين ۽ بنگلاديشي پورهيتن کي وڌيڪَ ترجيح ڏئي ٿو اهو چوندو آهي ته پنهنجي پاڪستانيءَ کي کڻي ڪيترو به پگهار ڏي هن جي منهن تي نه مرڪ ايندي ۽ نه ڪم صحيح ڪندو.... ۽ هاڻ هنن ٻهاري ڏيڻ وارين عورتن جي منهن تي مرڪ ڏسي ۽ سندن سچائي سان ڪيل ڪم.... يعني چمڪندڙ ڪلاس روم ڏسي ڇا سوچيان ته هو انڊين آهن يا بنگلاديشي؟! ڪجهه به هجي هو اسلامي نقطي نظر کان صابر ۽ شاڪر هجڻ جو اظهار ڪري رهيون هيون. اسڪول جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي انچارج مئڊم سيده شگفتا کان بعد ۾ پڇيم ته اهي مايون ڪير آهن؟ هن ٻڌايو ته: ”اهي ’نان مسلم‘ آهن... هڪ هندو آهي ۽ هڪ عيسائي......“ اهو ٻڌي مونکي سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ مون سان گڏ تعليم وٺندڙ مصر جو عرب ڪئپٽن حنفي ياد اچي ويو جيڪو سئيڊن جي مقامي ماڻهن جو (جيڪي عيسائي ۽ يهودي) هئا سٺو اخلاق ڏسي چوندو هو ته ”الطاف! هنن ملڪن ۾ اچي لڳي ٿو ته مسلمان سي پنهنجي ملڪن ۾ ضرور آهن پر اسلام هتي يورپ ۾ آهي.“
بهرحال يونيورسٽين جي ڪئمپس ۾ اندر رهڻ ۾ مونکي خوشي ٿيندي آهي جو شام يا صبح ساجھر اتي جي رستن تي واڪ دوران ڪنهن شاگرد، بورچي يا بس ڊرائيور کي جھلي انٽرويو وٺي ڇڏيندو آهيان. سنگاپور ۽ سونگڪلا (ٿائلنڊ) يونيورسٽي جي پٽاني ڪئمپس ۾ ته شاگردن جي ڪمري ۾ رهڻ جو موقعو مليو جتي باٿ روم به ڪمري کان پري ڪامن هئي. ته به آئون خوش هوس. ۽ هاڻ هتي جڏهن هن گيسٽ روم جي ڪمري ۾ گهڙيو آهيان ته ڪا دير وائڙن وانگر چوڌاري ڀتين ڏي پيو ڏسان ته هي ته ڄڻ ڪنهن محل جو ڪمرو آهي جنهن ۾ گهڙڻ سان وڏو شاهي ڊرائنگ روم آهي جنهن ۾ صوفا سيٽ رکيا آهن. ان بعد ان کان وڏو بيڊ روم آهي. ان ۾ به ڊبل بيڊ کان علاوه ٽيبل ڪرسي ۽ ٻه صوفا رکيل آهن. ڪپڙن ٽنگڻ ۽ سامان رکڻ لاءِ ڪٻٽ، چوڌاري بلب ۽ ٽيوب لائيٽون.... ان کان علاوه ٽيبل لئمپ! هڪ ڪنڊ ۾ ٽي وي ته مٿي اسپلٽ جو ايئرڪنڊيشنر، ٻنهي جا رموٽ ٽيبل تي رکيل هئا. ٻئي کڻي ٻنهي شين کي چيڪ ڪيم جو سرڪاري ادارن ۾ _ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ اهي شيون ڪم ڪن ئي ڪونه. تازو سري لنڪا جي وڏي شهر ڪولمبو ۾ اهو حال ڏسي هتي پهتو آهيان..... پر سائين نه! ٽي وي به هلڻ لڳي ته ايئر ڪنڊيشنر به! باٿ روم ۾ ڪموٽ اڪثر ليڪ هوندو آهي ۽ واش بئسن جي ٻن نلڪن مان هڪ بند هوندو آهي ته ٻئي مان واري وٽي تي هوا ۽ پاڻي ايندو آهي...... ٻيو نه ته هانگ ڪانگ يونيورسٽي جي بئائز هاسٽل جي جنهن ڪمري ۾ آئون رهيو هوس ان جو اهو حال هو..... پر هتي ته نه ڪموٽ (Commode) ليڪ آهي ۽ نه نلڪن جو پاڻي بند آهي. واش بئسن توڙي وهنجڻ وارن ٻنهي نلڪن مان نه رڳو پاڻي اچي رهيو آهي پر فل پريشر سان اچي رهيو آهي.... ۽ جنهن نلڪي مٿان H لکيل آهي ان مان واقعي گرم پاڻي اچي رهيو آهي. بستر تي صاف سٿري وڇايل چادر، قيمتي بلاڪيٽ ۽ ڪرسيءَ تي رکيل ٽوال ۽ باٿ روم جي در وٽ چئمپل رکيل ڏسي دل ۾ چيم ته آئون اجايو ٽوال، چئمپل ۽ ٽائيم پيس جو بار ڍوئي آيو آهيان .... هتي ته بيڊ روم ۾ الڳ ته ڊرائنگ روم جي ڀت تي الڳ وال ڪلاڪ لڳو پيو آهي ۽ ٻئي ساڳيو ۽ صحيح ٽائيم پيا ڏيکارين.... سئيڊن جي شهر مالمو واري يونيورسٽي جي جنهن ڪمري ۾ رهيس اتي جو ٽنگيل گهڙيال سڄو سال هڪ ئي وقت ڏيکاريندو رهيو. ڪمپيوٽر جو پروفيسر چوندو هو ته وال ڪلاڪ ڪڏهن به صحيح ٽائيم نه ٻڌائيندا آهن.... اهي هر وقت منٽ ٻَه سِلو يا فاسٽ هلن ٿا. انهن کان بيٺل گهڙيال بهتر آهي.
”اهو ڀلا ڪيئن؟“ مون حيرت مان پڇيو هئومانس. ٽهڪ ڏيندي چيائين: ”آئون نٿو چوان پر ڪنهن ماڻهوءَ جڏهن ڪمپيوٽر کان سوال ڪيو ته ’هڪ گهڙيال هڪ ئي هنڌ بيٺو آهي ۽ ٻيو روزانو هڪ منٽ Slow آهي. انهن ٻنهي ۾ ڪهڙو بهتر آهي؟‘ ته ڪمپيوٽر وراڻيو ته اهو جيڪو بيٺو آهي. ڇو جو هڪ هنڌ بيٺل گهڙيال گهٽ ۾ گهٽ 24 ڪلاڪن ۾ ٻه دفعا ته صحيح وقت ٻڌائي ٿو. هڪ منٽ سلو وارو ته 1440 ڏينهن ۾ هڪ دفعو صحيح ٽائيم ٻڌائيندو“
هي ڪالم پڙهڻ وارا ضرور سوچي رهيا هوندا ته آئون ڪهڙي يونيورسٽيءَ جي گيسٽ هائوس جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان! هي ڪالم دراصل ملائيشيا جي اخبار نيو اسٽرئٽ ٽائيمس لاءِ انگريزي ۾ لکڻ جو ارادو هوم.... ان صورت ۾ ان سوال جو جواب پڙهندڙ نه ڏئي سگهن ها. پر جيئن ته هي سنڌي ۾ آهي ان ڪري شايد ڪجهه پڙهندڙ صحيح جواب ڏئي سگهن ته هي گيسٽ هائوس ”سنڌ يونيورسٽي“ جو آهي جنهن جي ڪمري جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. پرديس ۾ رهندڙ اسان جي ملڪ جا ماڻهو جن لاءِ سنڌ يونيورسٽي فقط ڀڃ ڊاهه جو نالو وڃي رهيو آهي جنهن کي ٽوڪ طور ”بند يونيورسٽي“ سڏيو وڃي ٿو ان ۾ ڪجهه شيون بهترين ۽ Operational به نظر اچن ٿيون .... نه رڳو عمارتون پر هن ڀيري هتي جي تعليمي نظام به مونکي متاثر ڪيو.... شاگردن سان ڀريل ڪلاس روم، استادن جي موجودگي، امن امان..... ڪنهن ٻڌايو ته انٽري ٽيسٽن ڪري هاڻ يونيورسٽي ۾ فقط اهي شاگرد اچن ٿا جيڪي سلجھيل ۽ ذهين آهن ۽ اهي هن اداري ۾ تعليم جي غرض سان ئي اچن ٿا.... ڪنهن چيو ته سڪيورٽي جو نظام سخت هجڻ ڪري هاڻ ڪنهن کي لوفرپائي ڪرڻ جي همت نٿي ٿئي.... بهرحال ڪيئن به هجي.... ڪنهن ريت به تعليم جو ماحول ۽ امن امان هجڻ اسان لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي.