اسانجا سنڌي هندو
مٿيون ڪتاب سنڌ جي آڳاٽن سفرنامن مان هڪ آهي جنهن جو تازو ڇاپو ته 2012ع ۾ ڇپيو آهي پر ان جو پهريون ڇاپو هڪ صدي کان به گهڻو اڳ 1900ع ۾ شڪارپور مان ان وقت جي مشهور پبلشرس ”منشي پوڪرداس ٿانور داس“ وارن ڇپرايو هو. سفر جي بهتر سهولتن هوندي اڄ به هن جبل تي توڙي گورک هل جهڙن ماڳن تي، پهچڻ ڪو سولو ڪم ناهي. ان حساب سان مرزا قليچ بيگ جي شوق ۽ همٿ کي جس هجي جو هُنَ هي سفر 1885ع ۾ هڪ دفعو به نه پر ٻه ٽي دفعا ڪيو. ان وقت پاڻ شڪارپور ضلعي جي نصير آباد تعلقي جو مختيار ڪار هئو. هن جبل جون مٿانهون حصو (جِتي قليچ بيگ پهتو) سطح سمنڊ کان 6000 فوٽ مٿي آهي. ايتري اوچائي پيرين پنڌ يا خچرن تي ڪرڻ... يعني ان زماني ۾، ڪو سولو ڪم نه هو. اسان جي گهرن جون ڇتيون 12 فوٽ کن اتاهيون ٿين ٿيون. ان حساب سان سمجھو ته ڪراچيءَ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي هڪ مٿان ٻيو گهر يا ڪمرو ٺاهجي ته جبل جي ان اتاهين حصي تي پهچڻ لاءِ هڪ ٻئي مٿان گهٽ ۾ گهٽ 500 ماڙيون ٺاهڻيون پونديون. ٻي ڳالهه ته 500 ماڙيون ڏاڪڻ ذريعي ۽ سڌو سڌو مٿي وڃڻ ته سولو ڪَمُ آهي پر جبل جي چوٽيءَ تي وڃڻ لاءِ ساڄي کاٻي، ويندي هڪ ٽڪريءَ کان ٻيءَ تائين وري اتان ٽينءَ تي وڃڻو پوي ٿو ۽ انهن ڏينهن ۾ ته ٿورو گهڻو به رستو ٺهيل نه هو.... گهڻو تَڻو پنڌُ ڪرڻو پيو ٿي. سفر جي انهن ڏاکڙن جو احوال مرزا قليچ بيگ پنهنجي هن ڪوهستاني سفرنامي ۾ لکيو آهي. هنن کي آخري منزل تائين پهچڻ ۾ ڇهه ست ڏينهن لڳي ويا ٿي. اتي ٻهراڙي جا ماڻهو رهيا ٿي جن جو گذر سفر پوک ۽ مال چارڻ تي هو. هيٺ جي زندگي ۽ موسم کان مٿي جي بلڪل مختلف هئي. ڏکين واهن ۽ واٽن ڪري نه ڪو سنڌ جو (يعني هيٺ جو) ماڻهو مٿي ويو ٿي ۽ نه جابلو ماڻهو پاڻ هيٺ لٿا ٿي. مرزا قليچ بيگ ان علائقي جو سمجھو ته حاڪم هو. هن سان گڏ ڪيترائي نوڪر چاڪر، سامان کڻڻ وارا، رڌ پچاءُ ڪرڻ وارا خذمتگار گڏ هليا ٿي..... پر ان هوندي به آئون چوندس ته کين شاباس هجي. ڇو جو اهڙن بندوبستن هجڻ جي باوجود ان زماني ۾ جڏهن نه ٽيليفون هو نه بجلي، اهڙو سفر خوف ۽ تڪليف کان خالي ٿي نٿو سگهي.
هي سفرنامو پڙهڻ بعد ڊاڪٽر ديدار (۽ مون پاڻ به هڪ ٻئي سان) جنهن ڳالهه جو اظهار ڪيو اها هئي اتي هندو واپارين جي موجودگي جن ان زماني ۾ اهڙن هنڌن تي هَٽَ پئي هلايا. ۽ ان ڳالهه مرزا صاحب کي به حيرت ۾ وجھي ڇڏيو . لکن ٿا ته: ”تاريخ 10 جون 1885ع ڏينهن اربع.... فجر جو، ڪتا ساڻ وٺي، جيڪا حد واري ٽَڪرين جي قطار آهي، ان تي چڙهڻ لڳاسين ـــ رستي تي واڻين جا ٻه هٽ آهن. پنج ڇهه واڻيا، هٽ ڪڍيو ويٺا آهن. عجب آهي ته واڻيا ماڻهو، پنهنجي فائدي جي اميد تي، ڪٿي اچي نڪتا آهن! جيڪي پوک ڪندڙ آهن، تن کي، اهي واڻيا، پئسو پنجڙ به ڏين ۽ پوک لاءِ ٻج ڏين ۽ ڪپڙو گندي به اڌارو ڏين؛ پوءِ ڇهه مهينا، جيڪي سانوڻ جا، هتي رهندا آهن، سي گذاري، حساب ڪتاب صفا ڪري هليا وڃن. انهيءَ وچ ۾، پنهنجو واپار به پيا هلائين. هتي گيهه سهانگو آهي. هڪ رپئي ۾ ٻه سير گيهه ملي سو به وٺن، ڪڻڪ جو ٻج هڪ ڪاسو ڏين پوءِ فصل لٿي، اُن جي عيوض پنج ٽويا وٺن. تمام آسودا آهن .... چوڌاري رڳو ٽڪر ئي ٽَڪر آهن .... اولهه ڏي هيٺ گاج وهي ٿي .... “ وغيره وغيره.
اسان وٽ اڄ ڪلهه سنڌ ۾ ”واڻيو“ لفظ derogatory انداز ۾ هندن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو پر مرزا قليچ بيگ جي ڏينهن ۾ توڙي اڄ به هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ جِتي هندو سنڌي رهن ٿا هو پنهنجي هندو دڪاندارن کي واڻيو ئي سڏين ٿا. هندو ڌرم يعني ويدن کي فالو ڪرڻ وارن لاءِ هاڻ ويجھڙائي کان ”هندو“ لفظ استعمال ٿيڻ لڳو آهي.... خاص ڪري انڊيا تي انگريزن جي راڄ دوران. نه ته ان کان اڳ ”هندو“ ڌرمي نه جاگرافيائي لفظ هو .... جيئن چين جو ماڻهو چيني سڏيو وڃي ٿو چاهي هو ٻوڌي هجي يا مسلمان، عيسائي هجي يا لادين .... يا عربستان جا ماڻهو عرب سڏجن ٿا تيئن هندستان جا رهاڪو ”هندو“ سڏيا ويا ٿي .... چاهي هنن جو واسطو ٻڌ ڌرم سان هجي يا ويدانيت سان، اسلام سان هجي يا جين ڌرم سان. سو هتي مرزا قليچ بيگ ”واڻيو“ لفظ ڪو هندن کي هيٺاهون ڪرڻ لاءِ نه استعمال ڪيو آهي.
بهرحال سنڌي هندو واپارين جو بزنيس تي ايترو ڪنٽرول ۽ همت ۽ دليري ڏسي اسانجي دوست ڊاڪٽر ديدار جوڻيجي کي به اچرج لڳو. تڏهن ته مون جيئن ئي مرزا قليچ جي مٿيئين ڪتاب بابت پڇيومانس ته هن يڪدم مرزا قليچ جي بيان ڪيل اِن ڳالهه جي نشاندهي ڪئي.
”يار ڪمال آهي بزنيس خاطر هندو ڪٿان ڪٿان وڃي ٿي نڪتا.... اسان سنڌي مسلمانن ته پاڪستان ٿيڻ بعد به ڀر واري شهر ۾ وڃي پڙهڻ يا نوڪري ڪرڻ کان ڪيٻايو ٿي... ڇا توهانکي اها ڳالهه پڙهي حيرت نه ٿي؟“ هن مونکان پڇيو.
”مون اها ڳالهه پڙهي ٻين لاءِ ان کي هاءِ لائيٽ ضرور ڪيو پر حيرت نه ٿي.“ مون چيو.
”ڪمال آهي! ڇو ڀلا؟“ هن اچرج مان پڇيو.
”ان ڪري جو آئون پنهنجي سنڌي هندن جي واپاري قابليت، همت ۽ دليري جي ڪمن کان تڏهن ئي واقف ٿي ويس جڏهن مون جهاز تي قدم رکيو ۽ ڏورانهن بندرگاهن ۽ ٻيٽن تي وڃڻ شروع ڪيو.“
ڪولمبو (سريلنڪا) بندرگاهه ۾، منهنجو پهرين سفر (1968ع) ۾ ئي وڃڻ ٿيو. اتي جي دڪاندارن کي سنڌي ڳالهائيندو ڏسي حيرت ٿي ته ”هي هِتي ڪڏهن آيا ۽ ڪيئن پير ڄمايائون.... اسين هالا جا ماڻهو مٽياري ۽ سڪرنڊ ۾ به نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون.“ اڄ جو سنڌي نوجوان جيڪو هاڻ سخت مجبوري ڪري نوڪري خاطر پنجاب ۽ بلوچستان کان به وڃيو نڪري اهو شايد منهنجي مٿين ڳالهه تي يقين نه ڪري پر سٺ جي ڏهي تائين به اسان جو سنڌي مسلمان ڀر واري ڳوٺ ۾ ويو ٿي ته پاڻ کي ”پرديسي“ سڏرايو ٿي. مون کي ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ منڊيون ملنديون هيون جن تي لفظ ”پرديسي“ اُڪريل هوندو هو ۽ ڪيترا اهي پائي، ملول شڪل ٺاهي پاڻ کي همدردي جو مستحق سمجھندا هئا. 1960ع ۾ پيٽارو ۾ جڏهن مئٽرڪ ڪلاس ۾ هوس ته اها منڊي مون دادو پاسي جي هڪ ڪئڊٽ کي ڏٺي هئي جيڪا هو ميهڙ مان وٺي آيو هو.
بهرحال ڪولمبو (سري لنڪا) جاگرافيائي طور تي اهڙي هنڌ تي آهي جو ڏور اوڀر جي ملڪن (چين، جپان، ڪوريا، فلپين وغيره) ڏي ويندي يا موٽندي اسان جي جهاز کي ڏينهن ٻن لاءِ ڪولمبو ۾ ترسڻو ئي پيو ٿي. ڪيترين ئي سنڌي هندو فئملين سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي. هڪ ديوڪي نالي عورت جو احوال ان وقت جي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان جيڪا گهـٽيءَ ۾ هڪ اتي جي مقامي سنهالي ٻار کي ٻئي ٻار کي ”سوئر“ چوڻ تي دڙڪو ڏئي سمجھائي ته گار نه ڏجي. مون چيومانس ته توهان هن پرائي ٻار کي ڇو پيون دڙڪا ڏيو .... هن جا مائٽ نه دل ۾ ڪن.
”دل ۾ ڪن ته ڀلي ڪن. ملڪ جي هر ٻار کي سڌريل هئڻ کپي .... ٿي سگهي ٿو سڀاڻي هو وڏو ٿي اسانجو وزير اعظم يا صدر ٿئي.“ هن وراڻيو.
آئون اڄ ڏينهن تائين هن جي يا هن قسم جي ماڻهن جي اها سوچ appreciate ٿو ڪريان. هوءَ اسان جي ماءُ جي عمر کان به وڏي هوندي جو ان وقت آئون 24 سالن جو هوس ۽ سندس ننڍو پٽ به 28 سالن جو هو. هن جي انگريزي تمام سٺي هئي ۽ چوندي هئي ته ان کي سڌارڻ ۾ سندس ڏاڏيءَ جو هٿ هو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو مسلمانن کان وڌيڪَ تعليم يافته هئا.... 1968ع تائين به حيدرآباد ضلعي جي وڏي شهر هالا ۾ به اڃان ڇوڪرين جو اسڪول نه کليو هو. اڄ تائين به اسانجي ڪنهن سنڌي مسلمان پير، مير، وڏيري، سردار يا وزير ڀوتار کي توفيق نٿي ٿئي جو کڻي همدرد، بقائي، سر سيد، حبيب، ضياء الدين، التمش جهڙي يونيورسٽي يا ڪو ڊينٽل يا ميڊيڪل ڪاليج کولي!
ديوڪيءَ ٻڌايو هو ته هوءَ سنڌ ۾ (شهر جو نالو هن وقت ياد نه اٿم) ڄائي پر پوءِ ٽن چئن سالن جي ٿي ته هيڏانهن ڪولمبو ۾ اچي رهي جِتي سندس پيءُ جو ڪافي سالن کان ڪاروبار ڄميل هو. ڏٺو وڃي ته هن جي ڄم جو سال 1920ع جي آس پاس هجي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته هن جو پيءُ ڪاروبار خاطر ان کان به اڳ .... ٿي سگهي ٿو 1910ع ڌاري پنهنجو ڳوٺ (سنڌ) ڇڏي، ان وقت جي ڪَلَ بنا ڪاٺائن ٻيڙن ۾ عربي سمنڊ جون مصيبتون سهي هتي پهتو هجي. يا خشڪي رستي گجرات، ممبئي ۽ تامل ناڊو وغيره لتاڙي پوءِ انڊيا جي آخري ڇيڙي وٽان ٻيڙين ۾ سري لنڪا پهتو هُجي.
ڪوالالمپور جي مشهور دڪان ”گلوب سلڪ سينٽر“ جو مالڪ تانسري ڪِشو ۽ ملاڪا رياست جي شهر سُنگائي اُڊانگ جي سنڌي شاپ جو مالڪ پارواڻي منهنجا هم عمر آهن. هنن ٻڌايو ته هنن جي پيئرن 1937ع ڌاري هي دڪان کوليا..... ان کان اڳ هنن جو ڪاروبار ملائيشيا جي هڪ ٻئي شهر سيگامت ۾ هو جِتي هڪ سال مها ٻوڏ اچڻ ڪري هنن کي اهو شهر ڇڏڻو پيو. يعني هو به هندستان جي ورهاڱي کان گهڻو گهڻو اڳ 1920ع ڌاري هِتي ملائيشيا ۾ آيا. ڪوٽڙي جو هرڪشن ڀوڄواڻي جيڪو اسان کان ڏهه سال وڏو آهي ۽ سنگاپور جي امير واپارين مان هڪ آهي ان ٻڌايو ته هن جو پتا 1915ع ۾ سنگاپور ۾ آيو. هرڪشن ۽ سندس ڀائرن جو اولاد ۽ انهن جو اولاد هاڻ ته سنگاپور سول سروس ۾، ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ کاتن ۾ ۽ ٻين سرڪاري نوڪرين ۾ پڻ آهي. اڄ جيڪي ڀوڄواڻي توهان کي سنگاپور ۾ ملن ٿا اهي هن فئملي جو اولاد آهن. اهڙي طرح انڊونيشيا جا ٻيٽ جاوا، بالي، سماترا وغيره ته سنڌي هندو واپارين سان ڀريا پيا آهن. اهي انهن هنڌن تي ڪيئن پهتا جڏهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اسان جا سنڌي مسلمان تعليم لاءِ مٺي ۽ عمر ڪوٽ کان اٺن ذريعي يعني خشڪي ذريعي جھوناڳڙهه ۽ ممبئي مس مس ويهين صدي جي ٻي چوٿي کان پهچڻ شروع ٿيا.
حيدرآباد جي ڀائيبندن تي سڀني کي ناز هو. جيئن شڪارپوري سنڌي هندو خشڪي.... يعني زميني رستي سمر قند، بخارا، ترڪستان، ايران ۽ ٻين ڏورانهن ڏيهن ڏي وڃي نڪرندا هئا تيئن حيدرآبادي وڻج واپار ۽ روزگار لاءِ سمنڊ جھاڳي سيام (ٿائلنڊ)، ملايا (اڄ وارو اولهه ملائيشيا)، سماترا، ڪمبوڊيا پهچي ويا ٿي.
سودي خاطر سنبهي، جيڪي ويا جاوا،
ڪري وڻج واپار، سي سگھو ٿيا ساوا،
اَڻ ميو ڌن اتان، سو جو ڪمائين،
پاڻ ته کائين، پر تن جا پويان پڻ کائين.
هانگ ڪانگ جي واپاري سيتل ۽ هري ليلا جو تفصيلي احوال پنهنجي هانگ ڪانگ واري سفرنامي ”وايون وڻجارن جون“ ۾ ڏئي چڪو آهيان. هري ليلا اڄ ڪلهه دنيا جي امير ترين ماڻهن مان آهي. سندس پتا سيٺ نارو مل جو حيدرآباد ۾ جڏهن 1890ع ۾ جنم ٿيو ته هن جي وڏن جو چين ۽ هانگ ڪانگ ۾ گهڻو اڳ کان بزنيس ڄميل هو. هڪ وقت اهڙو به آيو جو ڪمپني جو ڏيوالو نڪري ويو ۽ نارومل کي خومچي ۾ شيون رکي هانگ ڪانگ جي گهٽين ۾ وڪڻڻيون پيون. ساڳي طرح اڳتي هلي جڏهن سندس پٽ هري ليلا وڏو ٿيو ته انهن ڏينهن ٻي عالمي جنگ ۾ هانگ ڪانگ تي جپانين جو قبضو ٿيڻ تي هڪ دفعو هيءَ سنڌي هندو فئملي غريب ٿي وئي ۽ هري ليلا ۽ سندس ڀائرن کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. هي سڀ ڪجهه ان ڪري لکي رهيو آهيان ته بزنيس ۾ ڏورانهن ڏيهن ۾ رهندڙ اسانجي سنڌي هندن رڳو سٺا ڏينهن نه ڏٺا پر ڏکيا پڻ .... ۽ پوءِ ڏکين ڏينهن ۾ همت هارڻ بدران هنن وڏي دليري سان حالتن کي منهن ڏنو.
سنڌي هندن جي دليري جو سڀ کان وڏو مثال منهنجي نظرن مان ان وقت گذريو جڏهن اسانجو جهاز سامونڊي طوفانن مان جان بچائي ڪيپ وردي ٻيٽ جي بندرگاهه ۾ اچي لنگر ڪيرايو. ڪيپ وردي ٻيٽ اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آهي جنهن جي چوڌاري سوين ميلن تائين ڪا ڌرتي ناهي ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جو هي حصو خراب سمنڊ ۽ طوفاني موسمن کان مشهور آهي. هي ٻيٽ پورچوگال جي قبضي ۾ آهي جيئن ڪنهن زماني ۾ هندستان جو حصو ”گوا“ پورچوگال حڪومت هيٺ هو. سمنڊ جي اتاهين ڇولين اڳيان اسانجو لوهه جو 30 هزار ٽن وزني ماڊرن جهازن ڇوڏي مثل لڏي رهيو هو. جيسين اسان هن ٻيٽ کي ڳولي بندرگاهه ۾ اندر اچي پناهه وٺون اسان جبرالٽر کان وٺي لڳاتار ٻه ڏينهن سي سڪنيس ڪري الٽيون ڪندا رهياسين. بهرحال هن ٻيٽ تي پهچڻ تي هرڪو اهوئي سوچي ٿو ههڙي ڏکئي هنڌ تي ڪهڙا ماڻهو رهن ٿا! جهاز کي فيول جي ۽ ڪجهه مرمت جي ضرورت هئي. انهن ڳالهين جو بندوبست ڪري پوءِ شهر جي چڪر تي نڪتاسين. پهرين دڪان تي ئي دڪاندار سيٺ کي پنهنجي مئنيجرسان سنڌي ۾ ڳالهائيندو ٻڌي حيرت ٿي. ويتر ان حيرت ۾ اضافو ان وقت ٿيو جڏهن هن ٻڌايو ته هو هِتي ئي ڄائو ۽ سندس پيءُ بارسلونا (اسپين) ۾ ڄائو هو. هن دڪاندار ٻڌايو ته سندس ڏاڏو 1905ع ۾ سنڌ ڇڏي لسبن (پورچوگال) آيو هو ۽ پوءِ بارسلونا (اسپين) ۾ بزنيس سيٽ اپ ڪيو ۽ پوءِ اتان سگهو ئي هن ٻيٽ تي اچي دڪان کوليو.
هاڻ جي سوچجي ته ان زماني ۾ ڪي اهڙا مضبوط جهاز به نه هئا جن ۾ هنن سنڌ ڇڏي.... يعني ڪراچيءَ جو بندرگاهه ڇڏڻ بعد عربي سمنڊ، هندي سمنڊ ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ لتاڙي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هن ڏورانهين ٻيٽ ”ڪيپ وردي“ تي پهتا.... ڪي ته سڄو ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي ڪئريبين سمنڊ جي برمودا ٻيٽ تائين به پهچي ويا! ان ڪري ته مونکي کل ايندي آهي جڏهن اسان وٽ سنڌي مسلمان هندن لاءِ چوندا آهن ته هو ڊڄڻا آهن! ڇا ڊڄڻا ماڻهو خوفناڪ سمنڊ لتاڙي موت ۽ زندگي جو مقابلو ڪري ڪيپ وردي يا برمودا جهڙن ڏورانهن ٻيٽن تائين پهچندا آهن؟!