سفرناما

هوائيءَ جي هوائن مان

هن سفرنامي جو ليکڪ ناميارو پبلشر ۽ ليکڪ قربان منگي آهي. هو لکي ٿو:
”اوهان جي هٿن ۾ موجود هي سفر نامو ”هوائيءَ جي هوائن مان“ منهنجي آمريڪا جي ٻئين سفر جي ڪٿا آهي. آمريڪا ۾ رهي مون اتان جي سماجي لقائن کي جيئن ڏٺو انهن کي تيئن ئي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون هي سفرنامو لکندي ڪٿي به ڪنهن مبالغي يا وڌاءَ کان ڪم ناهي ورتو. اُميد ته اوهان پڙهندڙ منهنجي گذريل سفرنامن جيان هن سفرنامي کي به دل جي ويجھو جاءِ ڏيندؤ.“
  • 4.5/5.0
  • 2407
  • 684
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • قربان منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هوائيءَ جي هوائن مان

هڪ نئين سفر جو سانباهو

هي ٻيون دفعو هو جو مان آمريڪا جي سفر لاءِ سانباهو ڪري رهيو هُيس ۽ انهيءَ سفر لاءِ منهنجو دوست ۽ ماضيءَ جو پي ٽي وي جو شاندار اداڪار ايم اي راجا مون کي مسلسل اُتساهي رهيو هُيو. راجا سان فون تي منهنجي اڪثر ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئي. هِن کان اڳ راجا لاس اينجلس ۾ هڪ سيڪيورٽي ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪري رهيو هو، مگر هينئر هُو آمريڪي رياست ”هوائي“ ۾هوٽل مئنجمينٽ ۾ نوڪري ڪري رهيو هُيو. راجا مون کي چيو ته ڪجهه هفتن کان پوءِ مان لاس اينلجس موٽندس، تون به اچ ته گڏجي لاس اينجلس گُهمون. مون کي راجا جي صلاح وڻي ۽ ان وقت جو انتظار ڪرڻ لڳس ته راجا لاس اينجلس اچي ته هيڏانهن مان به سفر جي تياري ڪريان. هڪ ڏينهن اوچتو راجا جو فون اچي ويو، چيائين: ”مان 21 آڪٽوبر 2008ع تي لاس اينجلس اچي رهيو اهيان تون به اچ“ وقت تمام ٿورو هُيو صرف هڪ هفتي جو نوٽيس هيو ۽ هتي خيرپور ۾ مون کي ڪم ايترا هُيا جو هڪ ڏينهن جي وٿي ئي نه پئي مِلي ۽ ائين ڏينهن گذرندي دير ئي ڪانه ٿي 21 آڪٽوبر تي راجا لاس اينجلس پهچي به ويو.
مون به تڪڙ ۾ سڀني ڪمن ڪارين کي اُڪلائي 22 آڪٽوبر تي خيرپور کي خير باد چيو ۽ رات جو سکر ايڪسپريس ۾ سوار ٿيس. منهنجا دوست ضمير لاشاري ۽ امر اقبال خيرپور ريلوي اسٽيشن تي مون سان گڏ هُيا. 23 آڪٽوبر تي ڪراچي پهتس. ڪراچيءَ مان سفر لاءِ ڪجهه ضروري شاپنگ به ڪرڻي هئي پر مان سڀ کان پهريان پريس ڪلب ڪراچي جي سامهون واقع ”نائيس ٽريولز“ نالي ٽريول ايجنسي جي آفيس پهتس، کين پنهنجي سفر ۽ روٽس متعلق ٻُڌايم. مون کي منهنجي مختلف سفرن لاءِ مجموعي طور نَوَ فلائيٽس گُهربل هيون جڏهن ته انهيءَ وقت اَٺَ فلائيٽ ڪنفرم ٿي رهيون هيون. لنڊن کان لاس اينجلس تائين هڪ فلائيٽ ڪنفرم نه پئي ٿي. ايجنٽ صلاح ڏني ته مان سفر کي ٿورو ملتوي ڪريان پر مون کيس چيو ته ”مونکي اڄ ئي وڃڻو آهي............... جي اڄ ته نه پوءِ ڪڏهن به نه“ منهنجي انهيءَ جواب تي هُو حيران ٿي ويو آخر گهڻي ڪوشش کان پوءِ شام جو ڇهين بجي ڪراچيءَ کان وڃڻ ۽ واپس ڪراچيءَ تائين جون نَوَ ئي فلائيٽس ڪنفرم ٿي ويون. سمورو ڏينهن انهيءَ خفي ۾ گذري ويو، مان سفر لاءِ ڪائي شاپنگ به ڪري ڪونه سگهيس. رات جو يارهين بجي ڪراچيءَ کان دبئي تائين منهنجي فلائيٽ هئي، پر مون کي اٺين بجي تائين ايئرپورٽ پهچڻو هُيو. جنهن لاءِ مون وٽ وقت صرف ٻه ڪلاڪ هُيو.
هن دفعي منهنجو شڪاگو ۾ رهندڙ پنهنجي دوست فريد ڀُٽو ڏانهن وڃن جو ڪو ارادو نه هو. (آمريڪا جي گذريل سفر ۾ فريد اسان جي ڀرپور مهمان نوازي ڪئي هئي) مگر عين وقت تي مون ٽريول ايجنٽ کان پڇيو ته جيڪڏهن شڪاگو کي به پنهنجي سفر ۾ شامل رکجي ته ڪيترا پئسا وڌيڪ لڳندا؟! ايجنٽ ٻُڌايو ته صرف پنج هزار روپيه وڌيڪ لڳندا. مون کان رهيو نه ٿيو کيس چيم شڪاگو کي به سفر ۾ شامل ڪري ڇڏيو. فون ڪري فريد کي ٻُڌائي ڇڏيم ته توڏانهن به اچي رهيو آهيان. فريد سرهائيءَ مان چيو: ”ضرور، پر هتي سخت سردي آهي گرم ڪپڙن جو انتظام ڪيو اچجانءِ.“ مون کيس چيو ته ”اهو انتظام به توکي ئي ڪرڻو آهي ڇاڪاڻ ته مان ڏاڍي تڪڙ ۾ نڪري رهيو آهيان.“
ڇهين بجي بوڪنگ پڪي ڪرائي. مون ڪراچيءَ ۾ رهندڙ پنهنجي ڀائٽي اختر منگي ۽ پنهنجي نياڻي رابيل کي فون ڪيو ته توهان منهنجو سامان کڻي ايئرپورٽ پهچو مان به اتي پهچي رهيو آهيان. ايئرپورٽ پهچڻ کان پوءِ مون کي ايترو وقت به نه مليو ته شلوار قميض مٽائي پينٽ شرٽ پائي وٺان. تڪڙ ۾ ايئرپورٽ تي ئي مئڪڊونالڊ تان پيٽ پوڄا ڪئي.
مون کي ٽي بورڊنگ ڪارڊ مليا. ڪراچيءَ کان دبئي امارات ايئر لائينز، دبئي کان لنڊن امارات ايئر لائينز ۽ لنڊن کان لاس اينجلس آمريڪن ايئرلائينز جا، ٽئي بورڊنگ ڪارڊ وٺي مان اميگريشن لاءِ اچي قطار ۾ بيٺس. مُنهنجي پويان بيٺل همراهه مون کان پڇيو ته ”ڪاڏي ٿو وڃين؟“ مون کيس چيو ته ”لاس اينجلس“، انهيءَ تي هُن کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ چيائين ”لاس اينجلس ٿو وڃين سوبه شلوار قميض ۾؟“ مون کيس ٻُڌايو ته تڪڙ ۾ ڪپڙا مٽائي نه سگهيس جنهن تي هُن چيو ته آمريڪا وارا اڳيئي مسلمانن تي چڙيل آهن مٿان وري تون شلوار قميض پاتيون ٿو وڃين، بهرحال، دبئيءَ ۾ مٽائي وٺجان. مون کيس چيو ته مون پڻ ائين ئي سوچيو آهي. هِن موقعي تي خيرپور مان دوست ضمير لاشاري مسلسل مون سان فون تي رابطي ۾ هُيو ۽ مون کان حال احوال وٺي رهيو هو.
منهنجو ڪالهوڪو ڏينهن خيرپور ۾ تياريءَ جي وٺ پڪڙ ۾ گذريو هو، سڄي رات سکر ايڪسپريس ۾ سفر ڪندي ۽ اڄوڪو سڄو ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ٽڪيٽ جي ڀڄ ڊوڙ ۾. ٿڪاوٽ جي ڪري منهنجو سنڌ سنڌ چُور ٿي چُڪو هو ۽ هينئر هڪ ڊگهي سفر جو آغازٿي رهيو هو. ايئرپورٽ تي اميگريشن لاءِ هڪ ڪائونٽر هيو جنهن ڪري الاهي رش هئي. اميگريشن جي سمورن مرحلن ۾ سنڌ جي نامياري گلوڪاره شازيه خشڪ ۽ سندس مڙس ابراهيم خشڪ مون کي منهنجي پٺيان نظر آيا. هُو به دبئي ئي وڃي رهيا هئا. جهاز جي اڏام جو وقت ساڍا يارنهن هُيو پر رش جي ڪري جهاز ساڍي ٻارهين بجي روانو ٿيو ۽ پاڪستاني وقت مطابق رات جو اڍائي بجين دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿو.
دبئيءَ جي وقت مطابق ان گهڙيءَ ڏيڍ ٿي رهيو هُيو. لنڊن وڃڻ لاءِ منهنجي فلائيٽ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ باقي هيو. اسان کي خبر پئي ته گيٽ نمبر121 تي پهچڻو آهي. مان جيئن ئي گيٽ تي پهتن ته شازيه خشڪ ۽ سندس مڙس به ڀرسان اچي بيٺا. امارات ايئرلائينز وارن منهنجو پاسپورٽ فوٽو ڪاپي ڪرائڻ لاءِ روڪيو اهڙي ڪاپي ڪراچي ايئرپورٽ تي به ورتي وئي هئي. دبئي ايئرپورٽ هڪ شاندار ايئرپورٽ هُيو، پنهنجو ڪراچي ايئرپورٽ ته ان جي ڪنهن حصي ۾ به محسوس نه پئي ٿيو. گيٽ نمبر 121 تان اعلان ٿيو، پهريان بزنس ڪلاس وارن کي سڏ ٿيو ۽ بعد ۾ ٻين کي. جهاز ٻه ڪلاڪ ليٽ هُيو. دبئي جي وقت مطابق جهاز اڍائي بجي هلڻو هيو پر اهو ساڍي چئين بجي روانو ٿيو.
مان لَت ڏئي جهاز ۾ سمهي رهيو هُيس ٿڪل ته ڏاڍو هئس ان ڪري سمهندي ئي ننڊ وٺي وئي هئي ۽ اوچتو ڪنهن جي اٿارڻ تي مون کي جاڳ ٿي هئي. مون ڏٺو ته جهاز اُتي ئي بيٺو هُيو ۽ اُنهيءَ بهاني مون کي ڪلاڪ ڏيڍ ننڊ ڪرڻ جو موقعو ملي ويو هيو. اسان جي فلائيٽ جو نمبر ”007“ هيو ۽ هي جهاز گذريل جهاز کان بهتر لڳي رهيو هو. جهاز ۾ مون کي هڪ شيدياڻي ايئر هوسٽس نظر آئي. مون محسوس ڪيو ته دبئي وارا به دُنيا سان گڏ هلڻ سکي ويا آهن. ڪاري رنگ جي ايئر هوسٽس اِنهيءَ ڳالهه جو ثبوت هُيو ته ايئرلائينز انتظاميه رنگ نسل جي ڪائي متڀيد نه ٿي رکي. دبئي ننڍڙو شهر آهي مگر جڳ مڳ روشنين سان روشن ايئرپورٽ تي مون کي سڄي دنيا جي مختلف خطن جا ماڻهو نظر آيا. جهازن جو وسيع نيٽ ورڪ ۽ ايئرپورٽ تي مصنوعي کجيون ڏسي منهنجي دل باغ بهار ٿي وئي. مان کجين جي شهر خيرپور جو مُسافر ۽ هتي به کجيون ئي منهنجي آجيان ڪري رهيون هيون.
آمريڪا جي گذريل سفر وقت لنڊن ۾ اسان جي اِسٽي گيٽ وڪ ايئرپورٽ تي هئي، پر هن ڀيري هيٿرو ايئرپورٽ تي. گذريل ڀيري هيٿرو ايئرپورٽ اسان واپسيءَ ۾ تڙ تڪڙ ۾ڏٺو هو. ايئرپورٽ تي گهڻي ڀاڱي يورپين مسافر نظر اچي رهيا هئا. دبئيءَ جي وقت مطابق صبح جو پنجين بجي جهاز سفر جي شروعات ڪئي. جهاز ڇٽيهه هزار فوٽن جي اوچائي تي هيٿرو ايئرپورٽ لنڊن لاءِ روانو ٿيو. مسلسل ساڍا ست ڪلاڪ سفر جاري رهيو. مون کي سيٽ جهاز جي وچ ۾ ملي هئي. جهاز منجهند جو هڪ وڄي ويهن منٽن تي هيٿرو ايئرپورٽ پهتو.
ان وقت لنڊن جي وقت مطابق صبح جا اٺ لڳي ويهه منٽ ٿي رهيا هئا. جهاز ليٽ هئڻ سبب هيٿرو ايئرپورٽ تي اسان کي انتظار گهٽ ڪرڻو پيو. لنڊن جي وقت مطابق يارنهن لڳي پنجٽيهه منٽن تي اسان جي فلائيٽ لاس اينجلس لاءِ رواني ٿيڻي هئي ۽ انهيءَ فارغ وقت جو فائدو وٺندي مون ايئرپورٽ تي آواره گردي شروع ڪري ڏني. مون شيڊيول بورڊ پڙهيو جنهن تي لکيل هيو ته اسان جي فلائيٽ نمبر 137 جي گيٽ جو اعلان سوا ڏهين بجي ڪيو ويندو ۽ ائين مان سوا ڏهين تائين هيٿرو ايئرپورٽ تي هيڏانهن هوڏانهن گهمندو رهيس ۽ مختلف چهرا ڏسندو رهيس. ”زندگي هڪ سفر آهي ۽ اسين سَڀُ مُسافر، اسان مان هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي ماڳ تي لهي، الوداع چئي وڃڻو آهي“. ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيل جُملا منهنجي ذهن ۾ ڦري رهيا هُئا.
هيٿرو ايئرپورٽ تي مون نظر ڊوڙائي، هتي به مونکي ڪافي ڪارا نظر آيا. هتي سرڪار شيدين تي مڙئي مهربان نظر آئي، جو شيدي سڀني ادارن ۾ برابريءَ جي بنياد تي ڪم ڪندي نظر آيا. اسان وٽ لياريءَ جي ”شيدي باشاهم باشا“جا اهڙا ڀاڳ ڪٿي؟! اُهي ويچارا ته ڪسمپرسيءَ ۾ ئي وقت گذارڻ تي مجبور آهن. هيٿرو ايئرپورٽ تي سخت سيڪيورٽيءَ جي باوجود بار بار اهو اعلان ورجايو پئي ويو ته ڪوئي به اڻ ڄاتل يا لاوارث ٿيلهو ڏسو ته انتظاميه کي فوراً اطلاع ڪريو.
هيٿرو ايئرپورٽ تي اڻ ڳڻيا دوڪان نظر آيا ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ مان ڪنهن ايئرپورٽ تي نه بلڪه ڪنهن شاپنگ مال ۾ پهچي ويو هُجان. هڪ دوڪان جي ٻاهران مون کي هڪ ڄاتل سڃاتل مونوگرام نظر آيو. مونو گرام ۾هڪ فونو ۽ ڪُتي جي شبيهه اڪريل هُئي. مون جڏهن کان هوش سنڀاليو هو اِهو مونوگرام پنهنجي گهر ۾ ڏسندو پئي آيس، اهو ”هز ماسٽرس وائيس“ جو مونو گرام هُيو، انگلينڊ جي مشهور ۽ قديمي ميوزڪ ڪمپني ۽ هي پورو دوڪان پڻ ”هز ماسٽرس وائيس“ وارن جو هو. ۽ انهيءَ وقت مون کي سنڌي ٻوليءَ جي برک شاعِرَ لکمي کلاڻيءَ جو هڪ هائيڪو ياد اچي ويو. جيڪو مون ڪنهن مخزن ۾ پڙهيو هو ته:
ڪُتو ويٺو ٻڌي
هز ماسٽرس وائيس جو
فونو پيو وڄي.
بهرحال مون بورڊ تي نظر ڦيرائي، جتان خبر پئي ته اسان جي فلائيٽ آمريڪن ايئرلائينز نمبر137، گيٽ نمبر پنج وٽان هلڻي هئي، مون اوڏانهن هلڻ شروع ڪيو جيئن ئي گيٽ نمبر پنج ۾ داخل ٿيس آمريڪن ايئرلائينز جي ملازم ڪمپيوٽر ۾ ڊيٽا انٽري ڪندي مونکان پُڇيو ته ”لاس اينجلس ۾ ڪهڙي جاءِ تي ويندين؟“ مون کيس ٻُڌايو ته ”منهنجو دوست هوائي کان لاس اينجلس آيل آهي اُهوئي مون کي رِسيو ڪندو ۽ کيس ئي اِها خبر آهي ته اسان کي ڪهڙي جاءِ تي رهڻو آهي.“ منهنجي ڳالهه همراهه کي سمجهه ۾ نه آهي، چئي: لاس اينجلس ۾ پنهنجي ائڊريس ٻُڌاءِ! مان چوان اِهو اڃا طئه ناهي ٿيو ته مون کي ڪٿي رهڻو آهي ته مان توکي ڪيئن ٻُڌايان؟!! اسان جو اِهو جهيڙو اڃا جاري ئي هو ته ٻئي ڪائونٽر تي ويٺل شڪل شبيهه مان هندستاني نظر ايندڙ خاتون مون کان منهنجو مسئلو پُڇيو. مون کيس ٻُڌايو ته منهنجو دوست هوائي کان لاس اينجلس آيل آهي، اُهو مون کي رسيو ڪندو ۽ کيس ئي خبر آهي ته مان ڪٿي رهندس. مائيءَ کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي۽ هُن ائڊريس واري خاني ۾ هوائيءَ واري ائڊريس لکي.
هيٿرو ايئرپورٽ تمام وڏو ايئرپورٽ هُيو هڪ ٽرمينل کان ٻئي ٽرمينل تائين پهچندي ماڻهو ٿڪيو وڃي. شڪر ٿيو جو اسان جنهن ٽرمينل تي لٿا هئاسين اُتان ئي اسان جي ايندڙ فلائيٽ وڃڻي هئي. اسان جي فلائيٽ ٽرمينل نمبر ٽي تان وڃڻي هئي. آمريڪن ايئرلائينز آمريڪا جي بهترين ۽ مهانگي ايئر لائين آهي. مون کي اِهو فائدو پيو جو مون پنهنجي سموري سفر جي شيڊيول مطابق نَوَ ئي فلائيٽس هڪ ئي مهل بوڪ ڪرائي ڇڏيون هيون جنهن ڪري مونکي نسبتاً سستيون پيون، جيڪڏهن الڳ الڳ بوڪ ڪرايان هان ته مهانگيون پون ها. جيڪڏهن مان لاس اينجلس وڃي اتان ئي واپس ٿيان ها ته مون کي اٺياسي هزار روپيه ادا ڪرڻ پون ها. پَر مان لاس اينجلس، وري لاس اينجلس کان هوائي جي ڪونا انٽرنيشنل ايئرپورٽ، ڪُونا کان لاس اينجلس، وري لاس اينجلس کان شڪاگو جون لوڪل فلائيٽس، انٽرنيشنل ۾ اِن ڪري ڪرايون ۽ ائين اِهي ٽئي ٽڪيٽون مون کي ستٽيهه هزار روپين ۾ مليون. جڏهن ته ايم اي راجا کي ڪُونا کان لاس اينجلس ۽ لاس اينجلس کان ڪونا تائين ٻاونجاهه هزار روپيه ادا ڪرڻا پيا.
هيٿرو ايئرپورٽ دُنيا جي مختلف ايئرلائينز جي جهازن سان ڀريل هُئي. جيئن ته مون کي دريءَ واري سيٽ ملي هئي ان ڪري مان سموري دنيا جي مختلف جهاز ڪمپنين جي بيٺل جهازن جو نظارو ڪري رهيو هوس. انهن جهازن ۾ مونکي انڊيا جي ايئرلائينز جا جهاز به نظر آيا پَر پي آءِ اي جو ڪوئي جهاز ان وقت نظر نه آيو. سوا يارهين بجي اسان جو جهاز اُڏاڻو، مون هيٺ نهاريو ساوڪ سان ڀريل لنڊن شهر منهنجي اکين اڳيان هُيو. ڇا ته خوبصورت شهر آهي لنڊن. جهاز جي سفر دوران منجهند جو هِڪُ بجي مسافرن کي ڪولڊ ڊرنڪ پيش ڪئي وئي، پر مونکي بک لڳي رهي هُئي ۽ کاڌي جو انتظار هيو. آمريڪا جي هيلوڪي سفر ۾ هيءَ منهنجي ڊگهي ۾ ڊگهي فلائيٽ هئي جيڪا سوا يارنهن ڪلاڪ هلڻي هئي. وسيع ائٽلانٽڪ سمنڊ جي مٿان اسان جو جهاز 507 ميل يعني 816 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اُڏامي رهيو هيو. جهاز جي هيٺان ڪڪرن جي ڊُڪَ ڊوڙ جاري هئي جنهن ڪري سمنڊ جو صحيح نظارو نظر نه پئي آيو.
مُنهنجي ڀر واري سيٽ تي لنڊن جي اٺاويهه ساله ڇوڪري ويٺل هُئي، جنهن سان رسمي گفتگو هلي رهي هئي ڪجهه ئي دير کان پوءِ مسافرن لاءِ کاڌو آندو ويو. کاڌي ۾ گهڻي قدر مختلف قسمن جا پيزا موجود هئا جيڪي وري مون کي گهڻو نه پئي وڻيا. کائڻ دوران منهنجي ڀرواري همسفر منهنجي پسند کي ڏسندي پنهنجي حصي جون ڪجهه شيون به مون کي ڏيندي پئي وئي ۽ ائين ساڻس گفتگو جو سلسلو به جاري پئي رهيو. کاڌي کائڻ کان پوءِ ايئر هوسٽس يونيسيف لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ باسڪٽ کڻي سڀني مسافرن جي اڳيان ايندي وئي بلڪل ائين، جيئن پاڻ وٽ جُمع جي نماز کان پوءِ مسجد ۾ چندي جي لاءِ ٻَه نمازي ڪپڙو جهلي نمازين جي قطارن جي آڏو ڦرندا ويندا آهن.
اسان جو جهاز سوا يارنهن ڪلاڪن جو طويل سفر پورو ڪري لاس اينجلس جي وقت مطابق ٽين بجي لاس اينجلس ايئرپورٽ پهتو. ايئرپورٽ تي منهنجو پاڪستاني پاسپورٽ ڏسندي ئي مون کي هڪ ڪمري ۾ آندو ويو. جتي ڪائونٽر تي هڪ ميڪسيڪن نسل جو آمريڪي نوجوان ويٺل هُيو. هُن مون کان احوال ورتو. مون کيس ساڳيو ئي احوال ٻُڌايو ته مان رائيٽر آهيان ۽ هتي لاس اينجلس ۾ پنهنجي دوست وٽ آيل آهيان پر هُن به ساڳيو ئي بحث شروع ڪيو ته لاس اينجلس ۾ پنهنجي ائڊريس ٻُڌاءِ. اسان جو بحث اڃان جاري ئي هو ته آمريڪا جي اميگريشن ڊريس پاتل هڪ پاڪستاني نوجوان ڪنهن ڪم سانگي انهيءَ ڪمري ۾ داخل ٿيو. ميڪسيڪن نوجوان چيو ته هي تنهنجي مُلڪ جو آهي، هن سان تون ڳالهاءِ. پاڪستاني نوجوان، جنهن جو نالو ”سهيل خان“ هيو مون کان حال احوال ورتو مون کيس چيو ته منهنجو دوست ”عبدل“ هوائي ۾ رهندو آهي (اصل ۾ ايم اي راجا جو اصل نالو عبدالفتاح آهي ۽ آمريڪا ۾ کيس ”عبدل“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي) اهو دوست لاس اينجلس آيل آهي هُو مونکي وٺڻ ايندو ۽ اسان ٻه ٽي ڏينهن هتي رهي پوءِ هوائي هليا وينداسي، نوجوان، راجا جو نانءُ ٻُڌي رڙ ڪئي ”ايم اي راجا؟!............... اڳ ۾ ڇو نه ٻُڌايئه، هُو ته منهنجو دوست آهي ۽ اسان هڪ ڏينهن اڳ هتي هڪ پارٽي ۾ گڏ هياسي، پَر هُن پاڪستان کان ايندڙ مهمان جو مون سان ذڪر ڇو ڪو نه ڪيو؟“ سهيل خان مون کان راجا جو نمبر وٺي ساڻس ڳالهايو ۽ کائنس لاس اينجلس ۾ اسان جي رهائش جي ائڊريس وٺي انٽر ڪرائي. منهنجي پاسپورٽ تي ٺپو هڻي مون کي فارغ ڪيو ويو. سُهيل خان چيو ته سامان چيڪ ڪرائڻ اچو ته منهنجي ڪائونٽر تي اچجو. سامان چيڪ ڪرائڻ لاءِ ٻه ڪائونٽر هُيا هڪ تي هڪ خاتُون ويٺل هُئي، جڏهن ته ٻئي تي سهيل خان، مان سهيل جي ڪائونٽر تي هليو ويس. سُهيل منهنجو پاسپورٽ ڏٺو ۽ پاسپورٽ ۾ لاس اينجلس مان واپسيءَ جي تاريخ ڏسي ڪاوڙ ۾ ويڙهجي ويو ۽ مون کي چيائين ته ”ميڪسيڪن تنهنجي واپسيءَ جي تاريخ 23 ڊسمبر انٽر ڪئي آهي جڏهن ته تنهنجي ٽڪيٽ ۾ واپسي به 23 تي ئي آهي، پر جيڪڏهن خدانخواسته تون بيمار ٿي ٿو پوين ۽ توکي هڪ ٻَه ڏينهن وڌيڪ ترسڻا پون ته پوءِ تنهنجو هتي رهڻ غير قانوني ليکبو ۽ ائين تون ڪيئن رهي سگهندين؟!“ سُهيل پنهنجي ڪائونٽر تان اُٿي وري ساڳي ميڪسيڪن نوجوان ڏانهن ويو ۽ کائنس منهنجي واپسيءَ جي تاريخ 30 ڊسمبر تائين وڌرائي آيو. سهيل منهنجو سامان چيڪ ڪرڻ کان سواءِ ئي مون کي ايئرپورٽ کان ٻاهر ڏانهن پيو ڇڏڻ آيو ۽ ايم اي راجا کي فون ڪري کيس ٻڌايائين ته اچي پنهنجي مهمان کي وٺي وڃ. راجا پندرنهن منٽن ۾ پهچي ويو. ساڻس گڏجي سندس گهر آيس، حالي احوالي ٿياسي، مان شيو ڪري، وهنجي سهنجي فريش ٿيس ۽ پوءِ اسان رات جي ماني کائڻ لاءِ هڪ پاڪستاني هوٽل ”الوطن“ ۾ آياسي. اسان ٻنهي صرف برياني کاڌي پر پوءِ به بِلُ 22 ڊالر يعني تقريباً 1850 پاڪستاني روپيه آيو. ساڳي ئي وقت ٻاهر نڪري موبائل چارج ڪرڻ لاءِ هڪ ”پلگ پوائنٽ“ ورتي ته اها 11 ڊالرن ۾ يعني 924 پاڪستان روپين ۾ ملي جيڪا پاڻ وٽ وڌ ۾ وڌ ڏهه روپين ۾ ملندي اهي. پلگ وٺي پسار ڪندا گهر آياسون، اسان جي رهائش واري علائقي جو نالو ”سٽي هيٿرون“ هيو. مان ٿڪل ته اڳ ۾ ئي هُيس سو جلدي سمهي پيس.