شڪاگو ڏانهن سفر: سارَ ڪجهه ساعتن جي
شڪاگو وڃڻ لاءِ آمريڪن ايئرلائينز جي فلائيٽ نمبر 810 تيار بيٺي هُئي لاس اينجلس کان شڪاگو تائين چئن ڪلاڪن جو سفر هيو. مان بورڊنگ پاس جي چڪاس ڪرائي جهاز ۾ چڙهي پيم. جهاز ۾ ڀرسان ئي Feed Ex ۽ يونائيٽيڊ ايئرلائينز جا جهاز بيٺا هُئا جيڪي پڻ هڪ هڪ منٽ جي وقفي سان اُڏاڻا. مان پنهنجي سيٽ تي سمهي پيس. خبر تڏهن پئي جڏهن ڏهه لڳي ڏهن منٽن تي جهاز شڪاگو پهتو. اتان جي وقت مطابق صبح جا ٻارنهن ٿي رهيا هُئا. شڪاگو ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻ کان اڳ جڏهن اسان جو جهاز فضائن ۾ هُيو تڏهن سج پنهنجي آب تاب سان چمڪي رهيو هيو. پر جيئن ئي ڪڪرن کي پار ڪري جهاز ايئرپورٽ تي لٿو ته هتي لهندي ئي اسان کي جهڙالي موسم ۽ اونداهي نظر آئي. صبح هوندي به شام جو منظر نظر اچي رهيو هيو.
شڪاگو جي سرزمين تي سج جي ڪرڻن جو نانءُ نشان ئي ڪونه هُيو. مون کي گرم ڪپڙا ڪونه هُيا، شرٽ به بغير ٻانهن جي پاتل هُئي. سامان کڻي جيئن ئي ايئرپورٽ جي حدن مان نڪري کليل فضا ۾ پير رکيو ته سرديءَ جي سخت لهر اچي مون سان ٽڪرائي، مان صفا ڏڪي ويس ۽ واپس اندر موٽي آيس. شڪاگو منهنجي سفري شيڊيول ۾ شامل نه هُيو. ان ڪري مون گرم ڪپڙا ڪونه آندا هُئا، بس اوچتو پروگرام ٿي ويو هو ۽ مون فريد کي چئي ڇڏيو هو ته منهنجي لاءِ گرم ڪپڙن جو انتظام ڪجانءِ. مون ايئرپورٽ تي نصب ٿيل ٽيليفون بوٿ ذريعي سڪو وجهي، فريد کي فون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر فون نه پئي مليو. ٻاهر سخت سردي هُئي. مون پندرنهن منٽ کن انتظار ڪيو، نيٺ لاچار هڪ آمريڪيءَ کي سندس موبائيل فون ڪرڻ لاءِ عرض ڪيم،جنهن منهنجو عرض قبوليو ۽ پنهنجو موبائيل ڏنو.
مون فريد جو نمبر ملايو فريد چيو ته مان ٽرمينل جي ٻاهران ئي پهچي ويو آهيان تون ٿورو ٻاهر نڪر. مان جلديءَ ۾ موبائيل سندس مالڪ کي ڏئي، ٿورا مڃي، ٻاهر نڪتس. فريد جي گاڏي، جيڪا 2005ع ۾ مون ڏٺي هئي، سامهون بيٺل نظر آئي. گاڏيءَ مان نڪرندي ئي فريد مون کي گرم جيڪٽ ڏني. مان ساڻس مليم، فريد سان سندس گهرواري ۽ ٻارڙا به گڏ هئا. ملياسين، خوش خير عافيت ٿي فريد ٻُڌايو ته ذاڪر شاهه نالي سندس هڪ دوست، جيڪو ڪجهه عرصو اڳ ڊاڪٽر مبارڪ وٽ ڪم ڪندو هيو. ان جي گهر ۾ قضيو ٿي پيو آهي ۽ سندس گهر رستي ۾ ئي آهي، ان ڪري ان وٽان ٿي هلڻو آهي. مون چيو ٺيڪ آ ڪوئي مسئلو ناهي. فريد ۽ ڀاڀي، گاڏيءَ ۾ ذاڪر شاهه ۽ سندس فئمليءَ لاءِ کاڌو به تيار ڪري کڻي آيا هُئا. بلڪل ائين جيئن پاڻ وٽ قضيو ٿيل گهر ۾ مانيءَ جو ويلو موڪليو ويندو آهي. اسان سندن گهر آياسي کاڌو سڀني گڏجي کاڌو ۽ پوءِ فريد جي گهر روانا ٿياسون. مون کي سخت ننڊ اچي رهي هئي. ان ڪري گهر پهچي مون ٿورو آرام ڪيو.
شام جو فريد ٻُڌايو ته رات جي ماني هڪ دوست وٽ آهي. فريد جڏهن ڪرائي جي گهر ۾ رهندو هُيو تڏهن اهو دوست سندس پاڙيسري هيو. سندس تعلق حيدرآباد جي اردو ڳالهائيندڙ فيملي سان هيو ۽ هُنن پنهنجو نئون گهر خريد ڪيوهو، جنهن جي خوشيءَ ۾ ئي هُن ڪجهه دوستن جي مان ۾ رات جي مانيءَ جو بندوبست ڪيو هو. رات جو تيار ٿي اسان نڪري وياسي. اسان جي ميزبان بزرگ ڪليم الله ٻُڌايو ته هو مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي پهرين بئچ جو گريجوئيٽ انجنيئر آهي ۽ 1968ع ۾ يونيورسٽي جي شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. جڏهن ته ساڻس گڏ ويٺل سندس نياڻو يوسف مغل ڊاڪٽر هيو جيڪو 1982ع کان هيلٿ ڪيئر جي شعبي سان واڳيل هيو. اسان ماني کائي ساڻن ڪچهري ڪري واپس گهر موٽي آياسون اڄ آچر جو ڏينهن هُيو. فريد پنهنجي ٻارن سميت مسجد آيو.هُن ٻُڌايو ته سندس ٻارَ هر آچر تي مسجد ايندا آهن، جتي کين ديني تعليم ڏني ويندي اهي. سندس چوڻ هو ته هتي رهندڙ مسلمان گهڻو ڪري ڪوشش ڪندا آهن ته سندن اولاد کي دين سان رغبت پيدا ٿئي ته جيئن هُو پنهنجي اصليت ۽ بنياد وڃائي نه ويهن. ٻارن کي مسجد ڇڏي اسان مشيگن ڍنڍ ڪناري نڪري آياسي. سردي تمام گهڻي هُئي ايتري تائين جو اسان کي گاڏي مان پير زمين تي ڌري فوٽو ڪڍرائڻ جي همت به نه ٿي. ماڻهو لانگ بوٽن ۽ لانگ ڪوٽن ۾ نظر آيا. برف باريءَ جي شروعات ٿي چُڪي هُئي. پر برف اڃان ڄمڻ شروع ڪونه ڪيو هو. اسان ٿوري دير مشيگن ڍنڍ جو نظارو وٺي گهر موٽي آياسي.
رات جو ڊاڪٽر مبارڪ ميرجت پنهنجي گهر ۾ ڪجهه دوستن جي دعوت ڪئي هُئي. هُن اِهو پروگرام منهنجي شڪاگو اچڻ جي حساب سان ٺاهيو هو. رات جو مان ۽ فريد جي فئملي ڊاڪٽر مبارڪ جي محل نما گهر ۾ پهتاسون. ڪافي مهمان هُيا جن مان ڏهه کن مرد هُيا ۽ باقي عورتون. ڊاڪٽر سان ڪچهري ٿي، شاندار مانيءَ جو انتظام هيو. هتي ئي منهنجي ملاقات اُردو جي هڪ بزرگ شاعر ڊاڪٽر صادق نقويءَ سان ٿي. هندستان جي شهر حيدرآباد سان واسطو رکندڙ هِن شاعرجا لڳ ڀڳ چوڏهن ڪتاب اردو ۽ انگريزيءَ ۾ تصنيف ٿيل هُئا. هو هڪ ئي وقت شاعر ۽ نثر نگار هُيو ۽ اردو، فارسي ۽ انگريزيءَ تي مهارت پئي رکيائين. زندگيءَ جو وڏو عرصو درس ۽ تدريس سان لاڳاپيل ڊاڪٽر نقوي شاعريءَ جي حوالي سان واقعه ڪربلا جي بيان تي به ڪافي طبع آزمائي ڪئي هُئي. هُو ڪيترائي بين الاقوامي مشاعره ۽ ليڪچر به اٽينڊ ڪري چُڪو هيو. ڊاڪٽر صاحب سان ڪافي ڪچهري ٿي هُن مون کان سنڌ جي ادب ۽ ادبي سرگرمين جي باري ۾ به پُڇيو. رات جي ماني کان پوءِ اسان گهر واپس هليا آياسي. گهر پهچندي فريد جي نياڻي ”ڪومل“ مون کي پنهنجو اسڪول لاءِ تيار ڪيل پراجيڪٽ ڏيکاريو. سندس ٺاهيل سي ڊيءَ ۾ اسلام جي پنجن بنيادي رُڪنن جي تشريح ٿيل هئي. مون کي محسوس ٿيو ته هتي آمريڪا ۾ تعليمي ادارن ۾ ڪنهن به شاگرد تي پنهنجي مذهب جي تشريح تي ڪا به پابندي ڪونه آهي. اڄ صبح جو جيئن ئي مان سجاڳ ٿيوهيس ته فريد مون کي پنهنجي گهر جا سمورا حصا تفصيل سان گهمايا هئا. گهر جي بيسمينٽ ۾ هڪ ڪمرو ۽ گيراج ٺهيل هُئي. گرائونڊ فلور تي چار بيڊروم ۽ هڪ لائونج هُيو جڏهن ته گهر جي پٺيان ويڪرو پارڪ هُيو. گهر جي ڪل ايراضي ڏهه هزار اسڪوائر فوٽ هُئي. ”آمريڪا ۾ هر ماڻهوءَ جي اها ڪوشش رهندي آهي ته سندس گهر ۾ مختصر ئي سهي پر پارڪ ضرور هُجي“ فريد ٻُڌايو هو، رات جو دير سان ”ڪومل“ جو ٺاهيل اسڪول پراجيڪٽ ڏسڻ کان پوءِ مان آرام ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪمري ۾ آرام ڪرڻ لاءِ هليو ويس.
نئين ڏينهن تي صبح جو سوير تيار ٿي مان ۽ فريد، سندس پٽ دانيال کي سندس اسڪول ڇڏڻ لاءِ آياسي. اهو سخت سرديءَ وارو صبح هيو ۽اسڪول جي مئن گيٽ تي اسڪول کان ٻاهر شاگرد بيٺا هُئا. اسڪول جو مئن گيٽ بندهُيو ۽ اسڪول جي پرنسپال هٿ ۾ واڪي ٽاڪي جهليو ٻاهر شاگردن سان بيٺي هئي، جيڪا ايندڙ شاگردن کي ويلڪم چئي رهي هئي. مان حيران ٿي ويس ته اسڪول جو مئن گيٽ بند ڇو آهي؟! حالانڪه اڃان اسڪول شروع ٿيڻ جو ٽائيم به نه ٿيو آهي. عام طرح اسان وٽ ائين ٿيندو آهي ته، اسڪول پهچڻ جو ٽائيم اوور ٿيڻ کان پوءِ ئي گيٽ بند ڪيو ويندو آهي ته جيئن ”ليٽ ڪمرس مسٽ سفر“ واري چوڻيءَ مطابق دير ايندڙ شاگرد ٻاهر بيهي سزا ڀوڳين پر هتي اُلٽو چڪر نظر آيو. فريد ٻُڌايو ته مئن گئٽ ڪلاسز شروع ٿيڻ کان صرف ڏهه منٽ اڳ کلندو آهي ۽ اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ٻارن کي هڪٻئي سان ملڻ ۽ گپ شپ ڪرڻ جو ٽائيم ئي ناهي ملندو، انهيءَ ڪري صبح جو سوير ٻارَ جيئن جيئن گيٽ تي گڏ ٿيندا ويندا آهن، هُو هڪٻئي سان ملي وٺندا آهن ۽ ايئن انهن ۾ دوستي ۽ انڊر اسٽينڊنگ پيدا ٿيندي آهي ۽ هُو هڪٻئي سان رلي ملي ويندا آهن. فريد ٻڌايو ته آمريڪا ۾ حڪومت تعليم جي شعبي ڏانهن تمام گهڻو توجه ڏيندي آهي. دانيال کي اسڪول ڇڏي اسان فريد جي آفيس آياسي. رستي ۾ روڊ جي ٻنهي پاسي وڻ بيٺل هئا جن جا پن ڇڻي چُڪا هُئا. فريد ٻُڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ تائين، اهي وڻ سرسبز هُئا ۽ ساون پنن سان ڍڪيل هئا هاڻ سرديءَ سبب اهي ڇڻي ويا آهن. هُن ٻُڌايو ته هونئن عام طرح نومبر مهيني ۾ هتي مڪمل برف باري شروع ٿي ويندي آهي پر هن سال نومبر ۾ برفباري نه ٿي، شايد قدرت اوباما تي مهربان هئي ۽ هن شڪاگو ۾ ڀرپور اليڪشن مهم هلائي. اوباما اصل ۾ شڪاگو جو ئي آهي، آمريڪا جي صدراتي چونڊ ۾ حصو وٺڻ کان اڳ هُو شڪاگو (الينو آءِ رياست) جي سيٽ تان ئي سينيٽ جو ميمبر هيو. فريد ٻُڌايو ته هتان جي ڪائونٽي جو ڪمشنر ڊاڪٽر مبارڪ ميرجت جو دوست آهي ۽ هُو ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي فئملي سميت ڊاڪٽر مبارڪ جي گهر به آيو هو ۽ اهو وري بارڪ اوباما جو ويجهو دوست آهي ۽ ايئن جيڪڏهن ڊاڪٽر مبارڪ، آمريڪي صدر بارڪ اوباما سان ملڻ چاهي ته انهيءَ ڪمشنر جي وسيلي ملي سگهي ٿو. فريد ٻُڌايو ته شڪاگو وارا انهيءَ ڳالهه تي خوش آهن ته سندن ”ڳوٺائي“ آمريڪا جو صدر ٿي ويو آهي. بلڪل ايئن جيئن پاڻ وٽ نوابشاهه واسي خوش ٿيندا آهن ته سندن ”ڳوٺائي“ پاڪستان جو صدر آهي.
آمريڪا ۾ رهندي مون محسوس ڪيو ته هتي سماجي اخلاقيات جي تمام گهڻي پاسداري ڪئي وڃي ٿي. هتي ننڍي ۾ ننڍي ڪم تي به اڳلي کي ”ٿئنڪس“ چوڻ لازم آهي. فريد ٻُڌايو ته هتي جيڪڏهن ڪنهن خاص مهمان جي مان ۾ دعوت ڪئي ويندي آهي ۽ انهيءَ جي ڪري ئي ٻين مهمانن کي به مدعو ڪيو ويندو آهي ته انهيءَ خاص مهمان تي لازم هوندو آهي ته هو دعوت واري هنڌ سڀني کان اڳ پهچي ۽ ميزبان سان گڏ بيهي سڀني مهمانن جي آجيان ڪري، هڪ هڪ مهمان جي ڀرسان وڃي ٿوري ٿوري دير لاءِ ساڻس حال احوال ڪري ۽ آخر ۾ سڀني مهمانن کي خدا حافظ چئي پوءِ پاڻ پنهنجي گهر وڃي. ڪيڏي نه خوصورت روايت آهي اها، مون سوچيو ته پاڻ وٽ انهيءَ جي بلڪل ابتڙ ٿيندو آهي. خاص مهمان جيڪو محفل جو چڱو مڙس هوندو آهي اُهو سڀني کان آخر۾ گهڻي انتطار کان پوءِ ايندو ۽ سڀني کان اڳ هليو ويندو، بهرحال، ڪالهه فريد سان گڏ مشيگن ڍنڍ وٽان لنگهندي فريد مون کي اهو چونڪ پڻ ڏيکاريو جتي اليڪشن کان پوءِ بارڪ اوباما فتح واري تقرير ڪئي هئي. مشيگن ڍنڍ جي مرمت جو ڪم جاري هيو، ڇاڪاڻ ته 2016ع ۾ شڪاگو اولمپڪ راندين ڪرائڻ جو اميدوار آهي جنهن جي تياري هاڻي کان ئي شروع هئي.
فريد ۽ مان سندس آفيس آياسي، هُو پاڻ آفيس جي ڪم ڪار کي ڏسڻ لڳو ۽ مان سندس ليپ ٽاپ کڻي انٽرنيٽ تي چيٽنگ ڪرڻ لڳس. منجهند جي وقت آفيس جي ڀرسان هڪ چائينز ريسٽورينٽ ۾ مانجهاندو ڪرڻ وياسي. فريد هونئن روزانو گهران لنچ باڪس کڻي ايندو آهي پر اڄ مون کي ٻاهر لنچ ڪرائڻ جي خيال سان هُو لنچ باڪس نه کڻي آيو هو. شامَ جو ستين بجي آفيس جي ڪم مان جان ڇڏائي اسان ڊاڪٽر مبارڪ جي هيڊ آفيس آياسي. هتي مون کي هڪ پراڻو ساٿي مير غلام عابد ٽالپر ملي ويو. جيڪو اصل ۾ ڪوٽ مير محمد (خيرپور) جو آهي ۽ اسان جي دوست مير منور ٽالپر جو ڀيڻيوو آهي. مير غلام عابد شاهه لطيف يونيورسٽي مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽرس ڪئي آهي ۽ ڊاڪٽر مبارڪ جي چوڻ تي هُو روزگار سانگي اچي آمريڪا ۾ ترسيو هو. ڊاڪٽر مبارڪ جي اها روايت رهي آهي ته هُو پنهنجي ننڍپڻ جي دوستن، مٽن مائٽن ۽ ڳوٺائين کي وقت به وقت آمريڪا گهرائي روزگار سان لائيندو رهيو آهي. منهنجو ڀائٽو الطاف منگي جيڪو اسٽيل مل ڪراچيءَ ۾ ملازم آهي اُهو پڻ ڊاڪٽر مبارڪ جو ڪلاس فيلو رهيو آهي، کيس به ڊاڪٽر مبارڪ آمريڪا اچڻ جي آفر ڪئي هُئي. سال 2005ع ۾ مان جڏهن پهريون دفعو آمريڪا آيو هئس ۽ فريد وٽ ٽڪيل هيس، ان وقت، مير غلام عابد، فريد جي گهر جي ڀرسان ئي رهندو هو پر ايترا ڏينهن منهنجي اُتي رهڻ جي باوجود هُو مون سان ملڻ نه آيو هو. اڄ اوچتو ڊاڪٽر مبارڪ جي آفيس ۾ ٽڪرجڻ تي هُو ٿورو ٿورو شڪي ٿي رهيو هو پر پوءِ به مون کي گهر اچڻ جي دعوت ڏنائين جنهن تي مون سندس مهرباني مڃي. هتي ئي منهنجي ملاقات ڊاڪٽر مبارڪ جي ڀيڻيوئي مير محمد ميرجت سان ٿي جيڪو اصل ۾ نوابشاه جو هيو ۽ هتي ڊاڪٽر مبارڪ جي ڪلينڪ ۾ ڪم ڪندو هُيو. فريد سندس مٿان ذميداري رکي ته هُو سڀاڻي مون کي آفيس مان کڻي شڪاگو جي فيلڊ ميوزم ڇڏيندو ۽ شام جو وري اتان کڻي فريد جي آفيس پهچائيندو. مير محمد اِها ذميداري قبول ڪئي، ۽ پوءِ اسان واپس گهر هليا آياسي، رات جي مانيءَ تي فريد جي ٻارڙن سان ڪچهري ٿي مون کائنن سندس اسڪول جا حال احوال ورتا.